لطيفيات

نوري، ناري ۽ عدم

هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 

Title Cover of book نوري، ناري ۽ عدم

ڦُلو، شاھ سائينءَ جو عاشق

لطيف سرڪار سان محبت، عقيدت ۽ الفت هر سنڌيءَ کي حد کان وڌيڪ آهي. مختلف طريقن سان ان جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. لطيف سائينءَ جي درگاهه تي حاضري ته هرڪو ڀري ٿو، پر هر ڪنهن جو مقصد جُدا جُدا آهي. اهڙيءَ ريت شاهه جي رسالي مان به هرڪو واس وٺي ٿو. ڪو ڳائي ٿو، ڪو پڙهي ٿو ته ڪو ٻُڌي ٿو. ٻوليءَ جو محقق ۽ ماهر انهن سمورين ڳالهين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ نوان موتي ميڙي پنهنجن لکڻين وسيلي عام تائين پڄائي ٿو. ڊاڪٽر ڦُلو ميگھواڙ به اهڙن محققن منجھان هڪ آهي.
ڊاڪٽر ڦُلو اهڙن نوجوانن منجھان پڻ هڪ آهي، جن ٿوري عرصي ۾ ايڏا ڏُک ڏٺا آهن، جو هوند سسئيءَ جي جاکوڙ وانگر مثال ڏئي سگھجن. هِن کي سورن سَٽيو ته آهي، پر ان سان گڏ آويءَ ۾ پچائي ٿڌو گھڙو به بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن جتي به ڪم ڪيو آهي، اُتي اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، زيبسٽ، مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ۽ اڄڪلھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (زيبل) ۾ سندس صلاحيتن جا جوهر پَسي سگھن ٿا.
هُن شاهه لطيف تي تحقيق شاگرديءَ واري زماني کان ئي شروع ڪئي هئي. سندس ان تحقيق جو مرڪز شاھ لطيف جي ٻولي ۽ فڪر رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي مقالا شامل آهن، انهن ۾ به لطيف سائينءَ جي بيتن/ لفظن جي پڙهڻين ۽ معنائن تي به بحث ٿيل آهي. هُن ان حوالي سان مختلف عالمن سان اختلاف به ڏيکاريا آهن ته پنهنجي راءِ جو اظهار به واضح نموني ڪيو آهي. خاص ڪري شاهه صاحب جي ٿر سان لاڳاپي ۽ اُتان جي ڪتب آندل لفظن تي بحث ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ڦُلوءَ جي هڪ انفراديت اِها به آهي ته هن کي سنڌيءَ کان سواءِ ڍاٽڪي ٻولي سندس مادري ٻولي آهي. اهڙيءَ طرح انگريزي ۽ اردو به سٺو عبور حاصل آهي. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ادب ۾ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن مان پار پئي، منهنجِي نگرانيءَ ۾ اردو يونيوسٽي ءَ جي سنڌي شعبي مان “ڍاٽڪي لوڪ ادب جو سماجي_ لسانياتي ۽ ثقافتي اڀياس” جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي مقالو مڪمل ڪيو آهي. اسان جي اڪثر عالمن ڍاٽڪيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو لهجو ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ڦُلو اهو ثابت ڪيو آهي ته، ڍاٽڪي هڪ الڳ ٻولي آهي. هُن پنهنجيءَ تحقيق ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ شامل ڪيا آهن، جيڪي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ موجود آهن. سندس خيال آهي ته اهي اصل ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جا لفظ آهن. جھڙوڪ: (1) ڍيٻر (اُنَ جون وڏيون ڍيريون) (2) جھَڻ (لسي) (3) ڍاٽيئڙو (ڍاٽڪيءَ جو هڪ گيت) وغيره.
سندس مقالي جا موضوع به منفرد آهن. مثال طور: (1) نوري، ناري ۽ عدم (2) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علم، عقل، عشق ۽ عمل جي اپٽار (3) شاهه لطيف جي فڪر تي ٿري سماج جا اثر وغيره. سندس تحقيق ۾ شاھ سائينءَ جي فڪر تي گھڻو ڌيان ڏنو ويو آهي. اسان هِن سائنسي دور ۾ به شاهه صاحب کي گھڻي ڀاڱي هڪ پِيرَ جي حيثيت ۾ ڏسون ٿا. سندس فڪر تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. اسان وٽس اڪثر ڪري باس باسڻ ۽ پُٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڃون ٿا. هُن زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي گَسَ ڏسيا آهن، انهن تي هلڻ کان ڪيٻايون ٿا. هُن جدوجھد ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو همٿايو آهي. سندس ڪلام جو وڏو حصو ان هدايت ۽ مثالن تي ٻڌل آهي. اسان مان تمام گھٽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ان هدايت تي عمل ڪيو آهي، جن تمام ٿورڙن ۾ ڦلو به شامل آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڦُلوءَ پنهنجيءَ هن تحقيق ۾ لطيف سرڪار جي ان فڪر کي پکيڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. اميد آهي ته حاص ڪري نوجوان هن ڪتاب کي دلچسپيءَ سان پڙهي لاڀ پِرائيندا.
مان ڦلوءَ کي اهڙي بهترين ڪتاب لکڻ ۽ ڇپجڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي، اهڙا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکندو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڊين لينگئيجز
وفاقي اردو يونيورسٽي، عبدالحق ڪيمپس، ڪراچي