لطيفيات

نوري، ناري ۽ عدم

هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 

Title Cover of book نوري، ناري ۽ عدم

لطيفيات ۾ مرزا قليچ بيگ جو مقام

مرزا قليچ بيگ، سنڌي نثر جو ابو، سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي اوائلي توڙي جديد صنفن (نثر توڙي نظم جي صنفن) جو باني آهي. قليچ صاحب نه صرف ترجمن، تخليقي ۽ تخيلي لکڻين جي ڪري سرفهرست آهي، بلڪ تحقيقي ميدان ۾ پڻ صفِ اول ۾ نطر اچي ٿو. سندس پوري تحقيقي ڪم مان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ٿيل تحقيق تمام اهم آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح حيات، شاهه جو رسالو مرتب ڪرڻ، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي لکڻ ۽ شاهه جي ڪلام مان ڏکين لفظن جي لغت جوڙڻ اهم آهن.

شاهه جي ڪلام جا قلمي توڙي ڇاپي نسخا قليچ کان اڳ ۾ اچي چڪا هئا، قليچ جي مرتب ڪيل رسالي جي هن وقت ۽ اڄ تائين ڪهڙي اهميت ۽ افاديت آهي، تنهن لاءِ دين محمد وفائي ‘لطف اللطيف’ ۾ لکي ٿو ته،”مرزا قليچ بيگ مرحوم سن 1913ع ۾ رسالي جو هڪ جامع نسخو جمع ڪيو. سندس ارادو هو ته مختلف نسخن ۾ جيڪي گھٽ وڌ ۽ پنهنجا پرايا شعر آهن، تن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏي. جيڪڏهن هن دنيا ۾ رسالي جا سمورا نسخا کڻي گم ٿي وڃن ته به، مرزا صاحب وارو رسالو سڀني جو ڪم ڏيئي ۽ ايندڙ زماني ۾ تحقيق ڪندڙ لاءِ در کليو رهي.”

مرزا صاحب جو اهو ارادو ۽ وفائي صاحب جو سهمت ٿيڻ ڪيتري قدر صحيح آهي ۽ اهو کليل در اڄ تائين جي محققن لاءِ ڪيتري قدر لاڀائتو ٿيو. انهيءَ سوال جو جواب ڳولهڻ ۽ قليچ صاحب پاران جوڙيل شاهه لطيف جي سوانح حيات ڪيتري قدر مستند آهي ۽ پوءِ جا محقق پنهنجي تحقيق جي آڌار تي انهن مان ڪيتري قدر مستفيد ٿيا آهن ۽ ڪيترين ۽ ڪهڙين ڳالهين ۽ نڪتن تي اتفاق نٿا ڪن. تنهن هوندي به قليچ جي تحقيق جي اڄ تائين ڇا مهانتا آهي؟ منهنجي مقالي جو مرڪزي خيال اهو آهي.

اِيَ گتِ غواصَن، جئن سمنڊ سوجھئائون،
پيهي منجھ پاتارَ ۾، ماڻڪَ ميڙئائون،
آڻي ڏنائون، هيرو لال هٿن سين.

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي سوانح عمري، ڪتابن جي تفصيل ۽ سماجي خدمتن جي احوالن جو ذڪر ڪري، مرزا صاحب جو سماجي ۽ ادبي قد ڪڇڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ، آئون سڌو سنئون پنهنجي موضوع تي ايندس. ڇاڪاڻ ته، مرزا صاحب جي شخصيت ۽ ڪم جي مختلف پلهوئن تي الڳ الڳ ڪيترائي پُرمغز ۽ جامع مقالا هن ڪانفرنس ۾ پيش ٿي رهيا آهن، سو ٻئي جي ڪم ۾ هٿ نه وجھبو.

شاهه صاحب جي دؤر کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙن، جيڪا سنڌي ادب ۾ آبياري ڪئي آهي، هڪ طرف انهن مڙني اديبن، ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن شاهه صاحب جي فن ۽ فڪر جي تارون تار ترائيءَ مان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح پنهنجي تن ۽ من جي تشنگي کي اجھائڻ بجاءِ، ڄڻ ته اڃ سان اڃ اٿياري آهي ۽ سنڌي ادب جي آسمان تي روز روشن ستارا جرڪايا آهن؛ ته ٻئي طرف تخليقي ادب جي ڪاروان سان گڏوگڏ تنقيدي ۽ تحقيقي سفر به شروع ڪيائون. سنڌي ادب جي تاريخ تي نظر وجھڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ، ادبي تنظيمن ۽ ادارن کي اهو قاعدو/ اصول طئيءِ ڪرڻ گھرجي ته، جنهن به قلمڪار شاهه لطيف جي ڪلام تي تحقيق ڪئي هئي، انهيءَ کي ئي اديب، شاعر، ليکڪ يا محقق سمجھيو وڃي. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي تخيل کي ڀلي ڪائنات تائين کڻي وڃي. ڇاڪاڻ ته، پوري انساني تاريخ جي اندر سرجندڙ فلسفي ۽ ادب کان لطيفي فڪر (جيڪو سنڌ جي خمير ۾ آهي) اڃا به اڳڀرو آهي.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، نه صرف مٿئين اصول تي پورو لهي ٿو، بلڪه لطيفيات ۾ سنگِ بنياد جي حيثيت رکي ٿو، جنهن نه صرف لطيفي فڪر سان پنهنجي تخيل کي عروج بخشيو، بلڪه انهيءَ جي فن جي پيروي ڪرڻ سان گڏوگڏ، لطيف جي ڪلام ۾ موجود ڳوڙهن نُڪتن، فن ۽ ٻولي ۽ سندس سوانح کي مستند ۽ مفصل لکي عام ڪرڻ لاءِ تحقيق جو بنياد پڻ وڌو.

مرزا صاحب جي، لطيف سان محبت ۽ عقيدت جي باري ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب لکي ٿو ته “هيءَ هڪ حقيقت آهي ته، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي شاهه صاحب سان بيحد عقيدت ۽ محبت هئي، تنهن ڪري مرزا صاحب وڏي محنت ڪري شاهه صاحب جو رسالو تيار ڪيو.” (ٽماهي سنڌي ٻولي، قليچ نمبر، 1998ع، ص:55)

شوق صاحب جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي، پر آئون انهيءَ ڳالهه کي هيئن چوندس ته، لطيفيات هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي قلم کڻي، اهل قلم ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پڙهندڙ مان لکندڙ جي سند ٿو ڏئي. هونئن ته لطيف اهڙو سرچشمو آهي، جنهن تان سڀني تخليقڪارن، فن، ٻولي، خيال، پيشڪش وغيره مطلب ته مختلف حوالن سان، سڌو يا اڻسڌو اڃ ضروري اجھائي آهي، ۽ پنهنجي تخليقي پرواز کي پر لڳايا آهن. ساڳئي وقت اهو موضوع ڏاڍو سنجيده ۽ تحقيق طلب پڻ آهي. ڪيترن محققن ڀٽائيءَ تي تحقيق ڪري، ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر مان ونڊ وٺي، هڪ الڳ سڃاڻپ اختيار ڪئي. اهڙي طرح قليچ به لطيفي لات جي لالاڻ ۾ رنگجي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. توڙي جو مرزا قليچ بيگ جي سڃاڻپ جا ٻيا به ڪيترائي سبب ۽ حوالا آهن، پر هن مانائتي انسان، هي پاسو به مِس (Miss) نه ڪيو آهي.

مرزا صاحب جا لطيفيات جي ميدان ۾ هيٺيان شاهڪار ڪارناما آهن:

شاهه جو رسالو مرتب ڪرڻ.
شاهه صاحب جي سوانح حيات ‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح’ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکڻ.
لغات لطيفي.
لطيفي لات.
شاهه جي رسالي جي ڪنجي.
سر سهڻي جي شرح
سر سسئي جي شرح
جڏهن ته مرزا قليچ بيگ جي ويب سائيٽ تي هيٺيان ڪتاب ڄاڻايل آهن، جيڪا لسٽ محترم مرزا اعجاز بيگ تيار ڪئي آهي:

Life and Commentaries of Shah Latif Bhittai
A complete ‘Shah Jo Risalo’
Life of shah Abdual Latif Bhitai
Shah Sahib Alim
Sur-Suhuni Ji Sharah (Commentary)
Sur-Sasui Jay Sharah (Commentary)
Sur Siri Raag Ji Sharah (Commentary)
Famalair Quotations from ‘Shah Jo Risalo’
A key to ‘Shah Jo Risalo’
Notes on Some surs of Shah jo Risalo. (usindh.edu.pk/mkbc)
سڄا سارا ڏهه ڪتاب، لطيفيات جي حوالي سان ئي قليچ کي هڪ الڳ حيثيت ۽ مقام بخشڻ لاءِ ڪافي آهن، تنهن جي باوجود هن ته علم ۽ تحقيق جا واهڙ وهائي ڇڏيا ۽ پنهنجي شخصي سڃاڻپ پڻ ادب سان ئي ڳنڍي ٿو. هڪ شعر ۾ پنهنجي باري ۾ هو هيئن ٿو چوي:

پٽ آئون پنهنجي جند جو آهيان ۽ نسب منهنجو ادب،
پوءِ عجب مان مر هُجان آئون يا هُجان آئون خود عرب،
مرد سو آهي، چوي جو ههڙو ههڙو آهيان آئون،
مرد سو ناهه، چوي جو ههڙو ههڙو منهنجو ادب.

1- ڪتابن جو جائزو:

شاهه جو رسالو:

مرزا صاحب پنهنجي مرتب ٿيل رسالي جي منڍ ۾ لکي ٿو ته،”شاهه جي رسالي جا جھونا ٻه ڇاپا آهن، هڪڙو بمبئي وارو رسالو، جو 1866ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ٽرمپ صاحب وارو، جو پڻ سرڪار ساڳئي سال ۾ ڇاپايو. تنهن کان پوءِ سرڪار ڀٽ جي رسالي تان نئون ڇاپو سن 1900ع ۾ تعليم کاتي لاءِ ڇاپايو، انهن ڇاپن مان پهرين ٻن ۾ صورتخطي اڳئين وقت جي آهي، جا پڙهڻ ۾ مونجھاري جھڙي آهي، پوئين ڇاپي ۾ صورتخطي هاڻوڪي آهي ۽ گھڻو ڪري صحيح نه آهي، مگر تڏهن به منجھس گھڻيون چُڪون آهن ۽ ڪيترائي بيت ۽ وايون اصل ڇڏي ڏنل آهن.” (ص 07، شاهه جو رسالو، مرزا قليچ SLA،2007ع)

اڳي ڇپيل رسالن ۾ اهي ڪي اوڻايون نظر اچڻ کان پوءِ مرزا صاحب جيڪا ڳالهه محسوس ڪئي، تنهن لاءِ راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، “جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪلام پڌرو ڪجي ٿو، تڏهن ضروري آهي ته، هن جو سڄو ئي ڪلام ڏجي ۽ صحيح ڏجي.” (ص : 07، SLA،2007ع)

مرزا صاحب پنهنجي ترتيب ڪيل رسالي ۾ ڪهڙيون تبديليون ۽ سڌارا آندا ۽ ڪٿان ڪٿان مدد حاصل ڪئي تنهن لاءِ لکي ٿو ته، “مون پوئين ڇاپي، سرڪاريءَ کي قائم رکي، سڀ ڪنهن صفحي جي هيٺيان بمبئي واري رسالي جون پڙهڻيون ڏنيون آهن ۽ جيڪي بيت وغيره نه هئا، اهي به انهن هنڌن تي لکيا آهن. بيتن جو نمبر سرڪاري رسالي وارو قائم ڪيو ويو آهي، مگر جيڪي نوان بيت لکيا ويا آهن، تن جو نمبر هڪ هڪ فصل لاءِ ڌار ٻن ڏنگين ۾ ڏنو ويو آهي.” (ص: 07)

مرزا صاحب جي محنت جو ثمر انهيءَ مان به ظاهر ٿئي ٿو، ته سندس رسالي ۾ “نوان بيت مڙيئي 846 ۽ ٻيون وايون 15 آهن. جي سرڪاري رسالن ۾ نه آهن، بيت جون ڪي فالتو مصراعون يا انهن جا ڀاڱا انهن کان سواءِ آهن، جي پڻ ڏنگين ۾ ڏنل آهن، ڪي بيت ٻنهي رسالن ۾ اڳي پوءِ آهن؛ پر انهن جو ڪو به ويچار نه ڪيو ويو آهي. ٽرمپ واري رسالي جون پڙهڻيون مقابلي ۾ ڇڏي ڏنيون ويون آهن جو اهي اڪثر غلط معلوم ٿيون.” (ص : 07، SLA،2007ع)

سندس مرتب ڪيل رسالي ۾ ڪل 4163 بيت ۽ 240 وايون آهن؛ جنهن ڪري ڊاڪٽر شوق صاحب چيو آهي ته، سندس رسالي کي هڪ ‘ٻيو گنج’ چئي سگھجي ٿو.

لطيفيات جي ميدان ۾، ٿيل تحقيق جي حوالي سان محترم ڊاڪٽر الياس عشقي صاحب ‘شاهه جي رسالي جو پهريون محقق: مرزا قليچ بيگ’ جي عنوان هيٺ هڪ پُر مغز مقالو لکيو، جيڪو پهرين مهراڻ 1_1987 ۾ ڇپيو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ڪينجھر نمبر 7، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ نمبر 1999ع ۾ ڇپيو. عشقي صاحب انهيءَ مقالي ۾ ڪيترن ئي اهم نڪتن طرف اشارو ڪندي، سوال اٿاريا آهن، جن جو بنيادي ۽ اهم مقصد اهو آهي ته، لطيفيات ۾ سڀ کان پهريون محقق مرزا صاحب آهي، پر انهيءَ ڳالهه کي پوئين دؤر جي محققن الائي ڇو نه قبوليو آهي؟ خاص ڪري ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب!

ڊاڪٽر عشقي لکي ٿو ته، “عام طور سان سمجھيو ويندو آهي، ته شاهه جي رسالي جي جديد ترتيب، ان جي سرن جي سمجھاڻي، شاهه جي ڪلام جي فني اپٽار، پس منظر ۽ تشريح جو ڪم ڊاڪٽر گربخشاڻي سڀ کان پهريائين ڪيو آهي ۽ بيشڪ هن شاهه جي رسالي کي نئين سر مرتب ڪري وڏو ڪم سرانجام ڏنو آهي، جنهن ۾ سڀني سرن ۽ راڳن کان سواءِ سنڌ جي رومانوي داستانن جو بيان به ڪيل آهي. هيءُ سچ پچ تعريف جوڳو ڪم آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ان رسالي جي ڪم ۾ تعاون لاءِ پنهنجن شاگردن عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ غلام دستگير پانڌياڻيءَ جا ٿورا مڃيا آهن ۽ جيڪو ڪم هنن ڪيو آهي، ان جو اعتراف ڪيو آهي. هيءَ ان جي وڏي محقق ۽ اسڪالر هجڻ جي نشاني آهي، پر تعجب جي ڳالهه آهي، ته پنهنجي ان ڪارنامي ‘شاهه جي رسالي’ جي ترتيب جي بنيادي خيالن لاءِ، جو مرزا صاحب جي رسالي جي تجزئي جي صورت ۾ اڄ ‘احوالِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ جي نائين ۽ ڏهين بابن جي صورت ۾ موجود آهي، ٿورا مڃڻ ته وڏي ڳالهه آهي، هن صاحب اعتراف جو هڪ لفظ به نه لکيو آهي. رواجي طور رڳو ايترو لکيو آهي ته، “مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌ جي مشهور مصنف به هن ڪم کي راس ڪرڻ لاءِ منهنجي هر طرح همت افزائي ڪئي آهي ۽ شاه تي پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتابن مان مدد وٺڻ جي فراخدليءَ سان اجازت ڏني آهي. انهيءَ لاءِ آئون سندس گھڻو شڪر گذار آهيان.” (ڪينجھر (7)، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، 1999ع، ص. 9)

ڊاڪٽر عشقيءَ پنهنجي دعويٰ جي دليل طور مرزا صاحب جي تحقيق جي جائزي ۽ رٿا جو مختصر خلاصو ڏيڻ کان پوءِ هيٺيان نڪتا ڪڍيا آهن.

“ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي جي ترتيب بلڪل ساڳي آهي. مرزا صاحب جي ۽ ان جي ترتيب ۾ تمام ٿورو فرق آهي، جو هن ريت آهي. ايتري معمولي فرق سان ترتيب ۾ ڪو تفاوت نظر نٿو اچي:

مرزا صاحب، سهڻي ميهار جي قصي جون ٻه روايتون (سنڌي ۽ پنجابي) بيان ڪري ٿو ۽ گربخشاڻي، ٻين داستانن جي هيٺ آيل داستانن جون جيتريون روايتون ملي سگھيون آهن، بيان ڪري ٿو.
مرزا صاحب رسالو گڏ ڪيو، ته ان سان گڏ ڏکين لفظن جي معنيٰ به بيان ڪئي، ۽ پوءِ لغات لطيفي جدا مرتب ڪري ڇپايو. گربخشاڻي صاحب هر سر کان پوءِ ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون آهن.
مرزا صاحب فصلن متعلق راڳن جو بيان ته نه ڏنو آهي، پر راڳ جي باري ۾ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ضميمي ‘د’ هيٺ راڳن جو بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جي هر سر هيٺ پهرين راڳ بابت سمجھاڻي ڏئي ٿو.
مرزا صاحب بمبئي واري سنگي ڇاپي واري رسالي ۽ ٻين جھونن نسخن جي آڌار تي پنهنجي رسالي ۽ جائزي ۾ ڇٽيهه سر شامل ڪيا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي رڳو شاهه جي چيل سرن کي رسالي ۾ شامل ڪيو آهي، ۽ جيڪو به سر شاهه جو چيل ڪونهي، انهيءَ کي خارج ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ڊاڪٽر صاحب ڪل ٽيهه سر چونڊيا هئا، پر رسالو مڪمل نه ٿيو.
مرزا صاحب رسالي ۾ شاهه صاحب کان سواءِ ٻين ڪيترن شاعرن جي ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي ۽ رسالي سان انهن کي ڌار ڪرڻ جو خيال به ظاهر ڪيو هو، پر گربخشاڻي جيتريقدر ٿي سگھيو آهي، اهڙو ڪلام خارج ڪيو، بلڪ ڪجھ ڪلام شاه جو به انهيءَ شبهي ۾ ڪڍي ڇڏيو آهي.
مرزا صاحب ٽرمپ جي رسالي جي ننڍن سرن، آبري، ڇوٽڪي ۽ بروي ڇوٽڪي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهڙو بيان ڪرڻ سان رسالي جي ڪيترن نسخن جي ڀيٽڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، بلڪ مرزا صاحب پنهنجي رسالي جي ترتيب ۾ تعليم کاتي واري تاراچند شوقيرام ۽ ٻين رسالن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي رسالي جي پهرين جلد ۾ چار، ٻئي جلد ۾ پنج ۽ ٽئين جلد ۾ ڇهن رسالن کي ڀيٽي پنهنجو نسخو تيار ڪيو آهي. ٽنهي صاحبن پنهنجي انداز ۾ پڙهڻين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.” (ص: 13)
ٻنهي محققن سر ڪيڏارو پڻ شامل ڪيو آهي. جڏهن ته مرزا صاحب کي خبر هئي ته، سر ڪيڏارو شاهه صاحب جو چيل ناهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ بحث جي شروعات ميان محمد صالح ڀٽي هالا وارو ڪري چڪو هو، جنهن هڪ ڪتاب پڻ لکيو هو، جنهن ۾ سر ڪيڏاري جي ڪلام کي سهيڙي، مرزا صاحب کي، رايو معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. (اڄ جا ڪيترائي محقق سر ڪيڏاري کي لطيف جو سر مڃين ٿا.)

مٿئين سڄي بحث مباحثي جو نتيجو ڏيندي، ڊاڪٽر عشقي صاحب لکي ٿو ته، “ان سڄي اختلاف ۾ اصل ڳالهه شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ ان تي مرزا قليچ بيگ جي تحقيقي ڪم جي اثر بابت هئي ۽ ڪنهن اديب هڪ سٽ به ان بابت نه لکي آهي، جنهن سان خيال پيدا ٿئي ٿو ته، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن هيءُ ادبي معرڪو هليو هو، شايد اسان جا نقاد مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جو مطالعو گھٽ ڪندا هئا يا شايد انهيءَ دور ۾ مرزا صاحب ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي واري ترتيب بابت ڪنهن هڪڙي ماڻهو به انصاف جي ڳالهه نه ڪئي ۽ نه وري اصل موِضوع سان پورو انصاف ڪيو، حالانڪ هيءَ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي، ان ڪري جو گربخشاڻيءَ جي رسالي جا ٽي ڀاڱا سنه 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيا هئا ۽ ان جي مقابلي ۾ مرزا صاحب جو ڪتاب ‘احوالِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ جو پهريون ڇاپو سن 1905ع ۾ آيو هو ۽ ان کان پوءِ ٽن ايڊيشنس ۾ شايع ٿي چڪو هو، جنهن سان گربخشاڻي جھڙي اسڪالر ۽ محقق جي اڻواقف هئڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ان ڪري جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي رسالي جي پهرين جلد ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن مان فائدو وٺڻ جو پاڻ اعتراف ڪيو آهي. اهڙي حالت ۾ رسالي جي ان باڪمال مؤلف جي مرزا قليچ بيگ جي رسالي جي جائزي ۽ تدوين جي رٿا سان تجاهلِ عارفانه تي تعجب آهي. مرزا صاحب جي انهيءَ ڪتاب جو پنجون ۽ آخري ڇاپو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1972ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن کي ڏسي هر ڪو حقيقت حال کي معلوم ڪري سگھي ٿو.” (ص: 17 ۽ 18)

شاهه سائينءَ جي رسالي جي ترتيب جي حوالي سان حال حيات محققن کي قليچ صاحب جي پورهئي جو اعتراف ۽ ترديد ڪندي، ڊاڪٽر عشقيءَ جي دعويٰ سان سهمت ٿيندي، راءِ درج ڪرائڻ گھرجي، ته جيئن قليچ جي پورهئي سان انصاف ٿي سگھي.

احوالِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
اسان مٿي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪري آيا آهيون ته، شاهه لطيف جي سوانح حيات لکڻ جي حوالي سان مرزا صاحب پهريون عالم آهي، جنهن شاه صاحب جي تفصيلي سوانح حيات ‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ جي نالي سان لکي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ جي چوٿين ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڪتاب جي اهميت تي لکي ٿو ته، “حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات بابت جن اديبن ۽ عالمن آڳاٽي وقت کان وٺي قلم کنيو تن جو ذڪر ڪجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته انهي سلسلي ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو لڳائي سگھجي.

شاهه صاحب جي سوانح حيات بابت مختصر تذڪرا ۽ اشارا سڀ کان پهريان سندس همعصر اديب ۽ مؤرخ مير عالم شير قانح ٺٽوي پنهنجن تصنيفن تحفة الڪرام، مقالات الشعراء ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ قلمبند ڪيا، جيڪي پوين سوانح نگارن لاءِ مکيه ماخذ بنيا.
‘قانح’ کان پوءِ انگريز عالم رچرڊ برٽن سن 1830ع _ 1850ع واري عرصي ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت معيار سالڪان طريقت جي حوالي سان هڪ مختصر تذڪرو لکيو، جو سن 1851ع ۾ سندس تصنيف ‘سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون’ ۾ شايع ٿيو.
جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر (56_ 1851ع) ۽ 59_ 1857ع) هو، تڏهن هن صاحب سنڌي، ٻولي ۽ ادب خصوصاً حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽ سوانح بابت، وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو. سندس نياڻي، جنهن سنڌ بابت هڪ ڪتاب لکڻ ٿي چاهيو. تنهن لاءِ حضرت شاهه صاحب جي حيات بابت روايتون گڏ ڪري سنڌي ۾ هڪ مختصر سوانح حيات مرتب ڪئي. ان جو انگريزي ترجمو پوءِ سرڪاري مترجم، ڊبليو سائودي ( SOUTYEY) 2 نومبر 1870ع ڌاري ڪيو جو شايع ٿيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪيو. ان جي مطالعي مان معلوم ٿيندو، ته هي تذڪرو اڪثر غير معتبر علمي روايتن تي ٻڌل آهي.
سربارٽل جي دؤر کان پوءِ وارن سورهن سالن کن جي عرصي ۾ جرمن عالم ارنيسٽ ٽرمپ، حضرت شاه صاحب جي سوانح بابت معلومات جمع ڪيا، جي مختصر طور ‘سُر سورٺ’ بابت سندس مقالي ۾ شاهه جي رسالي (1866ع) جي مهاڳن ۾ شايع ٿيا.
ديوان ڏيارام گدو مل ‘سگما’ عرف جيجي سان سنڌ بابت انگريزيءَ ۾ هڪ مختصر ڪتابڙو لکيو، جنهن ۾ جملي صفحن مان چاليهن صحفن ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح لکيائين. هن صاحب سربارٽل فريئر جي نياڻيءَ لاءِ لکايل سوانح جو ذڪر ڪندي، ان کي غير معتبر ڄاڻايو ۽ پاڻ معلومات جي بناءِ تي سوانح مرتب ڪئي. باوجود هڪ چڱي ابتدائي ڪوشش جي، ان ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون رهجي ويون، جن تي پوءِ ليلارام وطڻ مل بجا طور تنقيد ڪئي.” (ڊاڪٽر بلوچ، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مهاڳ) 1972ع، ص 1_3.)
شاهه صاحب جي سوانح حيات جي حوالي سان مٿي ڄاڻايل اوائلي ڪوشش کان پوءِ جيڪي محققانه ۽ مفصّل ڪوششون ٿيون، انهن مان سڀ کان پهرين ڪوشش مير عبدالحسين خان ‘سانگي’ صاحب جي آهي، جنهن ڪيتري وقت کان انهيءَ سلسلي ۾ مواد پئي سهيڙيو، انهن ئي ڏينهن ۾ مرزا صاحب پڻ انهي پورهئي ۾ رڌل هو، جنهن مواد ڪٺي ڪري سانگي صاحب کان به اڳ ۾ پهرين انگريزيءَ ۾ ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ شاهه صاحب جي سوانح حيات لکي ۽ ڇپرائي، انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ‘سانگي’ صاحب جي بيان مان ملي ٿي ته،”هن کان ڳچ سال اڳ درگاهه شريف جا پيرسن فقير ۽ درويش جيڪي جسماني سالڪ ۽ روحاني عارف هئا، جن کي حضرت شاهه صاحب جا ڪرامت ڀريا داستان ياد هئا، انهن سان ملاقاتي ٿيس ۽ انهن کان اهي داستان به ٻڌم، پر جواني ديواني جي دؤر ۾ ڪا ڪل ڪانه ٿي پوي، پر ان جي باوجود حضرت شاهه صاحب بابت ڪو نڪتو مليو ٿي، ته لکندو ويندو هوس. آخر اهو اڃا اڻپورو رسالو هو، جو مير گل حسن خان بهادر وٽ پهتو ۽ اتان اهو برڪت ڀريو رسالو مطالعي واسطي مير امير علي خان کنيو. ڳچ وقت کان پوءِ مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ کي حضرت شاهه صاحب بابت رسالي ٺاهڻ جو شوق ٿيو. اهو ٻڌي راقم کي تمام گھڻي خوشي ٿي. جيڪي به محقق خبرون مون وٽ گڏ ٿيل هيون، سي مرزا صاحب کي پهچايم. مرزا صاحب انهن مان چونڊ ڪري ۽ ٿوري تي اڪتفا ڪئي ۽ چيدا نسخا، هڪڙو انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻيو سنڌي زبان ۾، تيار ڪيو.” (مير عبدالحسين سانگي، لطائف لطيفي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد 1986ع، ص: 01)

محترم سانگي صاحب ۽ مرزا صاحب جي لکيل بنيادي ۽ مفصل شاهه جي سوانح حيات کان پوءِ اڄ تائين ڪيترن ئي محققن تحقيق ڪئي آهي، تنهن جي باوجود اڄ تائين سندس سوانح جا ڪيترائي پاسا سواليه نشان بڻيل آهن، جھڙوڪ:

شاهه صاحب جي ولادت جي تاريخ ۽ جاءِ.
شاهه صاحب جو سير و سفر.
شاهه صاحب جي تعليم ۽ مسلڪ وغيره.
مٿين ۽ اهڙن ٻين سوالن جي جواب طور مرزا صاحب ۽ پوءِ جي محققن وٽ ڪجھ اشارا ۽ شاهديون ملن ٿيون، پر انهن کي ڪيترن ئي محققن صحيح نه مڃيو آهي. صحيح جواب ڳولهڻ لاءِ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي.

3.لطيفي لات:

جيڪي شاعر ڌرتيءَ جي پيدائش هوندا آهن ۽ سماج جي هر اسرار تي اک هوندي اٿن، انهن جي ٻوليءَ ۽ فڪر به سماج مان ئي جڙندو آهي ۽ انهيءَ ڏاهپ کي اهڙي ته خوبصورت فن ۾ پيش ڪندا آهن، جو انهن جون، ڪيتريون ئي سٽون عام ڳالهه ٻولهه ۾ رائج ٿي وينديون آهن. اها خوبي اسان جي شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به تمام گھڻي آهي، جيڪا سماج جي فردن قبول ڪئي.

مرزا صاحب جڏهن شاهه لطيف جي شاعريءَ جون ڪيتريون ئي مصراعون عام گفتگو ۾ ڳالهائيندي ٻڌيون، ته انهن سڀني کي نوٽ ڪري، هڪ اڳ لکيل ڪتاب ‘لطيفي لات’ جي نالي سان 1912ع ۾ گڏ ڪيون. جنهن ۾ سڀني سرن مان ٽي سئو مصراعون آهن: جيڪي هن ڪتاب ۾ آيل آهن، هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته سڀ پهاڪا ۽ اصطلاح سُر وار ڏنل آهن، ته ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ حاشيي ۾ ڏنل آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته، “جڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ ڪو مشهور شاعر يا عالم ٿي گذريو آهي، تڏهن انهيءَ جي ڪلام جو نه رڳو انهي ملڪ يا قوم تي اثر ٿو ٿئي، پر انهيءَ جي ٻولي تي به اثر ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جا بيشمار شعر يا گفتا ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ گفتگو ۾ توڙي لکپڙهه ۾ اهي پهاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. جھڙيءَ طرح انگريزيءَ ۾ شڪسپيئر قديم ۽ مکيه شاعر آهي. اسان جي سنڌ ملڪ لاءِ اهڙو هڪڙو ئي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. انهيءَ جو ڪلام نه رڳو ساري سنڌ ۾ ڏاڍي سوز سان پڙهبو ۽ ڳائبو آهي، پر انهي جا چڱا چڱا بيت يا بيتن جا ڀاڱا مثالن ۽ پهاڪن وانگي ڪم ايندا آهن. چڱا بيت ته بيشمار آهن. انهن جي انتخاب لاءِ ڪتاب گھرجي، مگر جي مصراعون اڪثر پهاڪن يا چوڻين وانگي ڪم ۾ اچن ٿيون، سي سُر وار گڏ ڪري مون هتي ڏنيون آهن؛ اهي قريب ٽي سئو آهن. اهي نه رڳو ضرب المثل آهن، پر انهن ۾ بعضي اهڙا عميق نڪتا ۽ عجيب اشارا آندل آهن، يا نصيحتون ڏنل آهن، يا سچ سمجھايل آهن، جي سونن اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن.

هي ڪتاب پڻ لطيفيات ۾ تحقيق جي حوالي سان شروعاتي ۽ انوکو آهي، جنهن جي مدد سان اسين نه صرف لطيف جي شاعري سمجھي سگھون ٿا، بلڪه پنهنجي ٻوليءَ جي فراخدليءَ ۽ وسعت جي پڻ خبر پئي ٿي. انهيءَ ڪتاب جو مطالعو ڪري ۽ مصراعن سان، اسين پنهنجي روزمره جي گفتو کي پڻ شيرين ۽ اثرائتو ڪري سگھون ٿا.

ڪتاب مان ڪجھ سٽون/ پهاڪا هيٺ ڏجن ٿا.

پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن.
نا اميدي نيج، ته اوڏي ٿين اميد کي.
هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پريان.
ڪنهن کي ڏيان ڏوه، مون سين امر ايئن ڪيو.
4- شاهه جي رسالي جي ڪنجي:

“هي ڪتاب، شاهه جي رسالي جي ڄڻ انڊيڪس آهي، هن ڪتاب ۾ مختلف لفظ ڏنل آهن، هر هڪ لفظ اڳيان ڄاڻايل آهي ته، اهو ڪٿي ڪٿي ڪتب آيو آهي. شاهه سائينءَ جي رسالي کي سمجھڻ، گھربل لفظ جا بيت ڳولهڻ واسطي هيءُ ڪتاب مددگار ثابت ٿئي ٿو. افسوس ههڙو اهم ڪتاب اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي، اميد ته ڪنهن خوشنصيب اداري پاران هيءُ ڪتاب جلد ڇپجي پڌرو ٿيندو.” (شوق، سنڌي ٻولي 1977ع، ص: 59 ۽ 60).

5- لغات لطيفي:

مرزا صاحب، لطيف جي ڪلام کي عام و خاص جي رسائيءَ تائين پهچائڻ لاءِ، مختلف ڪوششون ڪيون، جن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، انهن سڀني مان اهم ڪوشش سندس (شاهه لطيف جي) ڪلام ۾ موجود ڏکين لفظن جي لغت آهي، جيڪا 1913ع ۾ ‘لغات لطيفي’ جي نالي سان ڇپائي. ان ڪتاب بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “مرزا صاحب پهريون عالم آهي، جنهن شاهه سائينءَ جي رسالي جي هر هڪ شعر جي ڏکين لفظن جي معنيٰ لکي”. (بلوچ، ص: 28)

ڪاڪو ڀيرو مل، مرزا صاحب جي لغت مان استفادو حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي لکي ٿو ته، “1905ع ۾ معلوم ٿيم ته، مرزا قليچ بيگ صاحب، رسالي جون معنائون لکي تيار ڪيون آهن، هن صاحب منهنجي چوڻ تي پاڻ واريون معنائون ڇاپخاني ۾ موڪلڻ کان اڳ ۾ مهرباني ڪري مون ڏي ڏياري موڪليون.” (ڀيرو مل، ص: 5)

شاهه جي رسالي جي لغت جي حوالي سان هي ڪتاب بنيادي ۽ اهم آهي. پر لطيف جي ٻوليءَ جي معنيٰ کي عام ڪرڻ لاءِ جيڪي به لفظ ۽ وضاحتون مرزا صاحب کان رهجي ويون آهن، تن تي پوءِ جي ڪيترن ئي محققن نور نچويو آهي، انهن مان ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهون خان شيخ، الهداد جنجھي ۽ نئين ٽهي مان محترم ج. ع منگھاڻي جا نالا اهم آهن.

مقالي جي ڊيگھ، جو خيال رکندي مرزا صاحب جي جوڙيل لغت مان (سُر مارئي مان) صرف هڪ اکر ‘ک’ جي ڪجھ لفظن ۽ معنائن جو جائزو مثال طور پيش ڪريان ٿو. مرزا صاحب لفظ ‘کائُر’ جي معنيٰ لکي آهي: ‘مڪان جو نالو’. اهو مڪان جو نالو ناهي، هي هڪ علائقي جو (جاگرافيائي) نالو آهي. ٻي ڳالهه ته، مرزا صاحب اهو واضح نه ڪيو آهي، ته اهو مڪان (يا علائقو) آهي ڪٿي!؟ کائُر/ کاهُڙ، ٿر جو هڪ حصو آهي. ٿر جاگرافيائي طور تي مختلف حصن جھڙوڪ ڍٽ، پائر، سامروٽي وغيره ۾ ورهايل آهي. کائُر/ کاهُڙ پڻ ائين ئي ٿر جو هڪ حصو آهي.

ٻيو لفظ ‘کڻ’ _ ‘کوڻ’ جنهن جي مرزا صاحب معنيٰ لکي آهي: پاسو، طرف (قليچ، لغات لطيفي، ص: 334) جڏهن ته ‘کُڻ/ کُوڻ’، ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن معنيٰ آهي، ‘ڪُنڊ’.

ڍاٽڪيءَ ۾ استعمال: ڪُوٽڙ کوڻان مين ڀيڙو ڪري مان رک، پرهو ناکي آ.

(ترجمو: گند ڪُنڊن ۾ گڏ ڪري نه رک، پري اڇلي اچ.)

ڇاڪاڻ ته ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ ڍٽ جي ماڻهن جو Concept يا هر طرف لاءِ هڪ ڪنڊ جو آهي، ۽ زمين کي چئن ڪنڊن جي اندر سمجھن ٿا (اهڙو خيال اڄ به انهيءَ علائقي جا ماڻهو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻپڙهيل رکن ٿا جيڪي زمين کي گول بجاءِ ٿالهيءَ وانگر سمجھن ٿا)، شاهه لطيف جو اهو ڪمال آهي، جو هو اهڙن Concepts کان به واقف هو، جنهن جي خبر عام طور تي صرف اتان جي ماڻهن کي ئي آهي. ۽ هو اهو عام طور ڳالهائين:

ڪَهي کُوڻ گيو. (معنيٰ ڪهڙي ڪنڊ/ طرف ويو.)

کُوڻ جي حقيقتاً معنيٰ ڪنڊ آهي، پر کُوڻ جو اهڙو استعمال جنهن ۾ طرف يا پاسي جي معنيٰ جو Sense اچي، سو ڪاوڙ، بيزاري يا چڙ جي اظهار لاءِ ڪبو به آهي. مطلب ته اصطلاحي معنيٰ پاسو يا طرف ٿي سگھي ٿي.

انهيءَ کان علاوه مرزا صاحب ڪيترن ئي لفظن جي معنيٰ رهائي ڇڏي آهي. مثال طور: سُر مارئيءَ ۾ هڪ لفظ آهي. ‘کينئن / کينءَ’. اهو پڻ ڍاٽڪيءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ‘خوش’، انهيءَ لفظ کي مقامي رهاڪو کينڪار ۾ هيئن استعمال ڪن ٿا.

سائين! پرسن، چاڪ ڏاڻي، هوڪاران مين، کينءَ کير، سجا سارا، رُڙها ڀلا، راجي کُسي.

(ترجمو: سائين! راضي، ٺيڪ ٺاڪ، مستين ۾، خوش خير، سڄا سارا، چڱا ڀلا، راضي ۽ خوشيءَ ۾.)

ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي لغت جي حوالي سان منهنجو رايو آهي ته، ڇاڪاڻ ته ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جي سڀني لهجن ۽ پاڙيسري ٻولين کي استعمال ڪيو آهي، تنهن لاءِ سنڌ جي سڀني لهجن جي ماهرن، خاص ڪري ڳوٺاڻن ماڻهن ۽ پاڙيسري ٻولين جي ماهرن جي گڏيل محنت ۽ تحقيق سان ئي، اها لغت مستند ۽ مڪمل ٿي سگھي ٿي.

اهڙيون انفرادي طور ڪوششون ٿيون آهن، محترم ج. ع منگھاڻي ڪوهستاني، جي حوالي سان لغت لکي آهي. محترم سعديه مهر، شاهه جي شاعريءَ ۾ انفرادي لهجي جي استعمال جي حوالي سان ڪم ڪيو آهي ۽ ڦلو ميگھواڙ (مون) شاهه جي شاعريءَ ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو آهي.

اهڙي طرح ڪنهن اداري کي اهو ڪم پراجيڪٽ جي صورت ۾ هلائڻ گھرجي ۽ مختلف علائقن جي ماهرن جي ڪاميٽي جوڙي، انهن جي ڪم جي تقابلي اڀياس کان پوءِ هڪ مستند لغت تيار ڪجي. (اهو ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي کي ڪرڻ گھرجي.)

مرزا قليچ بيگ صاحب جا لطيفيات جي موضوع تي لکيل باقي ڪتاب شايع ٿيل ناهن. جنهن جي ڪري مطالعي هيٺ اچي نه سگھيا آهن. اميد آهي ته، مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي انهي قيمتي سرمايي کي هٿ ڪري شايع ڪندي.

مرزا صاحب جا ڪتاب توڙي جو اوائلي آهن، پر اڄ جي تحقيق سان (توڙي جو علم ۽ تحقيق جا انداز ۽ ضرورتون بدلجي ويون آهن) برابري رکن ٿا، Scientific آهن، باقي ڪابه شيءِ پنهنجي وجود ۾ مڪمل ۽ آخري ناهي، خاص ڪري علمي ۽ ادبي خزانو. تنهنڪري مرزا صاحب جي تحقيق ۾ به ڪيترائي گوشا اڃا به تحقيق طلب آهن، جيڪي اڄ به هن نسل ۽ ايندڙ نسلن طرف رهيا آهن ۽ تحقيق جي دعوت ڏيئي رهيا آهن. اڄ جي نوجوان کي پنهنجو فرض نڀائڻ گھرجي، مستقبل جي منزل لاءِ.

مددي ڪتاب ۽ حوالا:
ٽماهي ‘سنڌي ٻولي’، خاص نمبر مرزا قليچ بيگ، ‘لطيفيات’ ۾ مرزا قليچ بيگ جو حصو (مقالو)، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ 1997ع.
Usindh.edu.pk/mkbc
‘شاهه جو رسالو’، مرزا قليچ بيگ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2007ع.
‘ڪينجھر (7)’، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ نمبر، ‘شاهه جي رسالي جو پهريون محقق: مرزا قليچ بيگ’ (مقالو) ڊاڪٽر الياس عشقي، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1999ع.
‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي’، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاه/ حيدرآباد سنڌ، 1987ع.
‘لطائف لطيفي’، مير عبدالحسين سانگي، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، سنڌ 1986ع.
‘لغات لطيفي’ مرزا قليچ بيگ، گلشن پبليڪيشن، ايڇ. سي. بي 1816 ممتاز ڪالوني، قاضي عبدالقيوم روڊ، حيدرآباد سنڌ، 1994ع.
‘لغات لطيفي’، شمس العماء مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، 1994ع.
‘سنڌي ٻوليءَ جو خبر نامو’، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر 1994ع.
‘غريب اللغاب’، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، 1907ع.
‘لغات لطيفي’، مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد.