ڦلو، هڪ سوال اٿاريندڙ ذهن. . .
اهڙي عظيم شاعر کي سمجهڻ ۽ انهن جي بيتن توڙي واين جون شرحون لکڻ سندس ٻولي ۽ استعارن جون معنائون جاچڻ ۾ اسانجي عالمن توڙي جو وسان ناهي گهٽايو، پر هو عظيم ۽ عميق اڃا تائين ان سطح تي ڊسڪور ناهي ٿي سگهيو؛ جنهن تي ٿيڻ گهرجي. سندس فڪري ڏسائون ايڏيون ته عميق ۽ همه گير آهن، جو انهن تي شايد اڃا ڪيئي صديون ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس شاعريءَ جي خاص خوبي اها آهي ته ‘ان کي وقت توڙي ڏاهپ جي ڪنهن خاص پئماني ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. هن هو هنر ايڏو ته يڪتا آهي، جو هر تبديلي ٿيندڙ منظر نامي سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اسان سان ٻِٽ بيٺل نظر اچي ٿو. اهو ئي هن عظيم شاعر جو ڪمال آهي، جو هن وقت جي ان فريڪئينسي کي جهپي ۽ جهٽي ورتو آهي’ جو ڪيترن هنڌن تي وقت سندس تابع محسوس ٿئي ٿو.
پَلِيان، پَلِيو نه رَهي، نِرتُون نِينهُن نبِارُ،
گِهڙان، گهورِيو جِندَڙو، اُٿَلَ مُون آپارَ،
جَنِين مَنِ مِهارَ، هَلڻُ تنِين حَق ٿِيو.
هلڻ جو حق شاھ سائين ڄاڻي ورتو آهي، ۽ سندس شاعري ڪنهن هڪ هنڌ بيهڻ بدران وقت سان گڏ هلي ٿي.
عُمرِ سَڀِ عَبَثُ، ويلَ وِڃايم، وقت وڃايَم پانهِنجا.
ويٺي لِکِيو لوڙِيان، جيڪين ڪِئڙو مَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
اَچِي اَڀاڳِيَني کي رَسِجِ، اَچِي رَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
حالُ مُنهِنجو هِهَڙو جِهَڙو، تان تُون پِرِيمَ پَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
قَلبُ جو ڪارو ٿيو، ڪاتِبَ لاهيين ڪَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
بيشڪ شاھ لطيف فرد جي هر احساس جو شاعر آهي، ۽ ان آفاقيت سبب شاھ سائين اسان جو مرڪز بلڪه مچ آهي، ۽ اهو هن پاڻ ئي چيو آهي ته، “اڄ پڻ آھڙين ميڙو آهي مچ تي.” مچ تي لڳل ميڙي ۾ اسان جو دوست ڊاڪٽر ڦلو به بيٺل آهي، ۽ هن پنهنجي علم ۽ سمجهه آهر شاھ سائين جي شاعريءَ مان نوان گوهر ڳولهي ڪڍيا آهن. هن ڪتاب ۾ موجود سندس سڀيئي آرٽيڪل ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اهم آهن. ڇاڪاڻ ته هن هر آرٽيڪل ۾ ڪو نه ڪو سوال اٿاريو آهي. سندس مقالن جي خاص ڳالهه اهي سوال آهن. جن کي هن پنهنجي ليکي حل ڪرڻ جي ته ڪوشش ڪئي آهي، پر اهي سوال اڃا وڌيڪ جوابن ۽ دليلن جا گهرجائو آهن. ڦلو جي سوال اٿارڻ وارو رويو يقيناً اسان جي ٻين عالمن کي به سوچڻ تي مجبور ڪندو. مثال هو سوال ٿو اٿاري ته،
“ انسان جي غير شعوري ۽ شعوري تاريخ ‘ويندي اڄ تائين عورت جي اليمي جو دليل آهي. الله سائين قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته، انسان ‘اشرف المخلوقات’ آهي. هتي اِهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا جيڪو ٻن ٽنگن، ٻن ٻانهن ۽ هڪ مُنڊي وارو هي اُڀو گھمندڙ ڦرندڙ گوشت جو لوٿڙو، يا ڇا انسان آهي؟ يا ڇا هر اُهو وجود جيڪو پيدا ٿئي ٿو، انهيءَ کي انهيءَ لمحي کان ئي ‘انسان’ چئجي، جڏهن اُهو هن ڪائنات ۾ اک کولندي ئي رڙ ٿو ڪري. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ‘رڙ’ ڇا لاءِ، هي جستجو ڇا لاءِ، هي واڪا ۽ واويلا ڪهڙي ڪم جا؟ ۽ واقعي اهو مٽيءَ جو پنوڙو انسان آهي، ته پوءِ ‘اشرف ۽ عظيم’ ته آهي ئي پوءِ ته ڪجھ به ڪرڻ يا ڪجھ به ٿيڻ اجايو آهي، ماٺ ڪري سمهي رهجي. جڏهن طئي ٿيل آهي، ته پوءِ ‘پاڻ سڃاڻڻ’ واري ڳالهه ۽ انهي پاڻ سڃاڻڻ مان ئي ‘پرڀو سڃاڻڻ’ وارو فلسفو پڻ اجايو ۽ غير ضروري ٿو لڳي. دراصل اِها پهرين ‘رڙ’ ڪنهن شيءَ جي طلب ۽ شيءَ جي ڳولها، خالي پڻي جي پورائي جي ئي ‘رڙ’ آهي، ۽ انسان جي ڳولها جو سفر اُتان ئي شروع ٿي ٿو، ۽ پنهنجي وجود جي پورائي جي جستجو، ٻين لفظن ۾ کڻي ايئن چئجي ته، پنهنجو پاڻ کي ‘انسان’ بڻائڻ يعني پاڻ سڃاڻڻ جي جستجو اُتان ئي شروع ٿئي ٿي. مزي ڳالهه ته، جي جيستائين انهيءَ ڳولها جو عمل لاشعوري هوندو آهي، ته اُهو مڪمل طور ته مثبت ۽ هاڪاري هوندو آهي ۽ پاڻ سڃاڻڻ واري صحيح، اصلي ۽ حقيقي رستي تي هوندو آهي. هي پاڻ سڃاڻڻ اُهو هوندو آهي ‘پرڀو سڃاڻڻ’ (تڏهن ته اِهو چيو ويندو آهي ته ٻار ۾ مالڪ هوندو آهي) پر جيئن جيئن شعور جي حدن ۾ پير پائيندو آهي. تيئن تيئن هو پنهنجي اصلي ۽ حقيقي رستي تان ٿڙهندو ويندو آهي ۽ وڃي ڪنهن اوڙاهه ۾ ڪرندو آهي. ۽ انهيءَ سڄي اڍنگي سفر ۾ جيڪو منفي حرڪتون ڪندو آهي، انهيءَ جو عذاب سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان عورت مٿان ئي ڪڙڪندو آهي. هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته، اِهو ايئن ڇو ٿو ٿئي، جو انسان شعوري حدن ۾ پنهنجي هستي ڇو وڃائي ٿو ويهي رهي؟ اِن جو جواب واضح آهي ته، انسان جڏهن شعوري عمر ۾ داخل ٿيندو آهي ته، سماج جي جوڙيل قانونن، قاعدن ۽ اصولن جي دائري ۾ ئي رهڻو ٿو پوي. مثال طور ٻاراڻي وهي ۾ هو بنا ڪپڙن جي آهي ته حرڪت ناهي، پر جي شعوري عمر ۾ ايئن رهندو، ته سماجي بداخلاقي ۽ ڏوهه؛ يا ٻاراڻي وهي ۾ کيڏندو رمندو ڪنهن پاڙي واري جي گھر ۾ هليو ويو، ته اُهي اُن ٻار کي ڏسي خوش ٿيندا، پر جي شعوري عمر ۾ ڪنهن جي گھر ۾ داخل ٿيو ته انساني رت وهي ويندو. اِتي اِهو به سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا انسان آهي ئي ‘بداخلاق’، جنهن لاءِ سماج ضابطه اخلاق جوڙي پنجوڙ ۾ قابو رکي، يا وري سماج جو ئي هٿ آهي، انسان جي فطري وجود کي اهڙو بڻائي، پوءِ وري قيد ڪرڻ ۾؟ اِهو اڄ به پنهنجي جڳهه تي هڪ وڏو سوال آهي.”
هن ننڍڙي ٽُڪري ۾ توڙي جو هن سوال اٿاري، انهن جا جواب ڏنا آهن. پر آخر ۾ پاڻ ئي چوي ٿو ته اڄ به اهو سوال موجود آهي. اڳتي هلي هو وري ٻيا سوال اٿاري ٿو.
“عشق ڇا آهي؟ اِهو به هڪ وڏو سوال آهي، شاهه عبداللطيف جي فڪر ۾ عشق فنا ٿيڻ جو نالو آهي، پاڻ وڃائڻ آهي، ڇا اِهو فنا ٿيڻ يا پاڻ وڃائڻ پويان ڪٿي، ڪا سوچ سمجھ يا عقل جو ڪردار آهي يا بي عقلي ۽ بي سمجھي ۾ عشق ڪبو آهي يا ٿيندو آهي؟ يا ڇا بي سمجھي يا بي عقلي فنا ٿيڻ جو نالو آهي؟ منهنجي خيال ۾ اصل سمجھ ئي اِها آهي، اصل عقل ئي اِها آهي، جنهن جي آڌار تي عاشق عشق جي عميق ۾ گھڙي ٿو ۽ سچ ۽ حق ۾ فنا ٿي ٿو وڃي، اهڙي عظيم cause لاءِ خود کي فنا ڪري ڇڏڻ، بي عقلي ته نه چئبي، اصل عقل ته اِها هوندي. پر ڳهيلي لوڪ جي نظر ۾ برابر اِها بي سمجھي چئبي. اسان بي سمجھ ماڻهن جي سوچ کي بنياد بڻائي، انهن عظيم ماڻهن جي عمل کي يعني عشق کي فنا ٿيڻ کي بي سمجھي يا بي عقلي ڪيئن چئون، ڇو انهن ماڻهن کي بي عقل ۽ بي سمجھ چئون جيڪي مادي مفادن ۽ فائدن جي انگن جا هوشيار آهن.”
ڊاڪٽر ڦلو جي سوال اٿارڻ جو طريقو ڏاڍو وڻندڙ آهي. هو معصومانه انداز ۾ سوال اٿاري ٿو ۽ عالمانه انداز ۾ انهن جا جواب تلاش ڪري ٿو. توڙي جو ڪٿي ڪٿي سندس اٿاريل سوال جواب ملڻ جي باوجود اڻنبريل ئي رهجي ٿو وڃي، پر پوء به هو بهترين حوالا ضرور پيش ڪري وڃي ٿو. يعني هو سوال جي جواب جا ڏس پتا ضرور ڏئي وڃي ٿو.
پاڻ پرجهڻ واري سوال کي هو ڏسو ڪيڏي معصوميت مان اٿاري ٿو،
“علم خود آگاهي به آهي، ته پرينءَ جو پُرجھڻ به، پاڻ ارپڻ جو احساس به ۽ محبوب کي ماڻڻ جي واٽ به. هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ ڪي ڪي وجود اهڙا آهن. جن کي خود آگاهي، پاڻ ارپڻ جي احساس، مثبت واٽ تي هلڻ کان سواءِ ئي ڄمندي يا ڄمڻ کان اڳ ئي عظمت ڪيئن ملي؟ جڏهن ته عظمت جي منزل ته بهتر رستي جي چونڊ سان جڙي ٿي.”
هو توڙي جو هن ننڍڙي سوال ۾ “ڄمندي ڄام” واري استعاري کي رد ته نٿو ڪري، پر ان جي پويان لڪل حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ سوال ضرور اڀاري ٿو.
اهو سچ آهي ته علم خاص طور فلسفي ۾ سوال جي اهميت جواب کان وڌيڪ هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته سوال هميشه هڪ سوچيندڙ ذهن اٿاري سگهي ٿو. ۽ سوال اٿارڻ عقل ۽ علم جي نشاني آهي. اڻڄاڻائي جي ڄاڻ جو احساس ئي سوال اٿاري سگهي ٿو. ۽ اڻڄاڻائيءَ جي ڄاڻ دنيا جي وڏي ڄاڻ آهي. ان لاءِ اسان جي سامهون سقراط جو مشهور مثال موجود آهي.
ڦلو ڪيترائي سوال اٿاري، انهن جا جواب، شاھ سائينءَ جي شاعريءَ مان ڳولهي ٿو. جن جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا.
“اسان سُر رامڪليءَ ۾ موجود فلسفي جو اڀياس ڪنداسين ته،هن سر ۾ لطيف حق ۽ حقيقت جي تلاش ڪندڙن جو بيان ڪيو آهي، جي دنيا ۽ جھان جا سڀ آسانگا پلي، پوري عشق ۽ ارادي سان پنهنجي جان ۽ جسم کي بکن ۽ ڏکن جو عادي ڪري، تن کي تپسيا ڏئي، من ماري، خوديءَ کي کائي، اٺئي پهر پنهنجي ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ گم رهن ٿا. هو جز آهن ۽ ڪل سان هڪ ٿي وڃڻ چاهين ٿا، هو قطرو آهن ۽ سمنڊ ۾ سمائڻ گھرن ٿا.”
سُر رامڪليءَ ۾ جوڳي ايئن ڇو ٿا ڪن؟ اسان مٿي، جيڪو مادي ۽ روح بابت بحث ڪيو آهي. انهيءَ بحث ۾ شاهه لطيف ڪٿي بيٺو آهي، شاهه لطيف جي نظر ۾ حق ڇا آهي وغيره. انهي سوالن جوابن تائين پهچڻ لاءِ مٿئين بحث کي سامهون رکندي، شاهه صاحب جي هيٺين بيت کي پُرجھنداسين ته، ڳالهه جي اُکيل ڪجھ اگھيري ٿيندي:
“جوڳيئڙا جھان ۾، نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُنِ ري.”
يا سندس هي جملا ڏسو، “مادي وجود هڪ ويس آهي، ويس جي حيثيت ناهي، اصل ۾ وجود آهي، جڏهن ويس هٽندو ته اصل ظاهر ٿيندو. ۽ سامي اُهو ئي چئبو جيڪو پاڻ وڃائي اڳتي وڌندو.
“سامي چائين، سک طلبين، هوندن جئن مَ هو
توکي ويس وڃائيو، ويس وڃايو تو
سامي آهي سو، جنہ پاڻ وڃائي پورئو.”(25)
پر هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته، ويس پاڻ ناهي، جنهن جي وڃائي ڇڏڻ جي ڳالهه ته لطيف سائين اڳ ئي ڪئي، ته پوءِ انهيءَ کان سواءِ ‘پاڻ’ ڇا آهي؟ ڇا اُهو روحاني وجود ‘پاڻ’ آهي، جيڪڏهن ها. ته پوءِ ان کي وڃائي، پوءِ، اُن کان سواءِ ڪيئن ٿو رڙهي اُهو وجود. هن سوال جو جواب هن بيت ۾ اچي ٿو:
“سامي چائين، سک طلبين، واريين نه ويراڳُ،
لاڳاپا لطيف چئي، ڇڏي جوڳي جاڳ،
جئن تون ڀُڻين سنرو، ايءُ آديسي اڀاڳ،
لاهوتيئڪو لاڳ، مري جيءُ ته ماڻيين.”
توڙي جو ڦلو وڏي تحقيق ڪئي آهي، ۽ فلسفياڻن، نفسياتي، فڪري ۽ جمالياتي نوعيت جا سوال اٿاري، هو انهن جا جواب ڪڏهن تاريخ مان، ڪڏهن منطق مان، ڪڏهن ادب مان ته ڪڏهن وري نفسيات مان خاص طور لطيف جي حوالن سان ڏيندو آيو آهي، پر هو ڪابه وڏي حام هڻندي نظر نٿو اچي. بلڪه هو اها ڳالهه مڃي ٿو ته اسان اٿاريل سوالن جا اطمينان جوڳا جواب ناهيون ڏئي سگهيا.
ڦلو، شاهه لطيف جو بيت ڏيندي لکي ٿو ته،
“ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
انهن جي عبداللطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آگھ ان جي.”
انهن بزرگن جي مِٽي مان ڪيئن ٿي وٺي؟ ڪوڙين انهن جي آڳھ تي ڇو اچي سلامي ڀرين ٿا؟ ڇا انهن کي ساري رات جاڳڻ سان اِهو مقام مليو يا انهن جي عظمت جو انگ آگي ازل کان ئي لِکي ڇڏيو هو؟ انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولهڻ لاءِ اسان کي پنهنجي من کي منور ڪري، دماغ جو کڙڪيون کولي، علم ۽ انهن عظيم ماڻهن کي بحيثيت عالم سمجھڻو پوندو، جنهن ڪم ۾ هيل تائين اسان ناڪام ويا آهيون.”
سقراط چيو هو، “محبت، روح جي اها اشتها آهي، جنهن کي اندر جي سونهن جي ڳولا آهي. محبت ڪرڻ وارو رڳو پيار ئي نه ٿو ڪري. پر محبت جي تخليق به ڪري ٿو. فاني بدن کي لافاني بڻائي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ محبت ٻيهر جنم وٺڻ جو ڪارڻ آهي. پيار ڪندڙ رڳو اولاد ئي نه ٿا پيدا ڪن پر پنهنجا جانشين به پيدا ڪن ٿا، جيڪي دائمي سونهن جي ڳولا ۾ سندن واهر ڪن ٿا ۽ محبت جي سلسلي کي بقا بخشڻ لاءِ سندن ڀاڱي ڀائيوار ٿي عقل، نيڪي، عزت، همٿ، انصاف، يقين ۽ صداقت جي شاهراهه جا راهي بڻجي ‘حق’ تائين پهچن ٿا.”
اسان جو دوست ڦلو به يقيناً ڪنهن اهڙي ڏاهپ جو تسلسل آهي، جنهن جي رهڻ لاءِ نيڪ لمحي جي چونڊ ڪئي وئي هوندي. علم، ادب توڙي تحقيق ڏانهن سندس سنجيدو رويو يقيناً کيس هڪ ڏينهن وڏو محقق ڪندو. اسان هن جي تحقيقي طريقي ۽ سوال اٿارڻ واري انداز مان گهڻا پُراميد آهيون.
هاري! حَقُّ رکيجِ، سانڀاران ساهَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ خطِرا، تَنِ کي تَرڪُ ڏيجِ،
اندَرُ آئِينُو ڪري، پَرَ ۾ سو پَسيج،
اِنهينءَ راهه رَميج، تَه مُشاهِدو ماڻِين.(شاھ)
ڊاڪٽر شير مهراڻي
سنڌي شعبو
ڪراچي يونيورسٽي