سُڃو جي ساڻيهه، ته به وَنِهيان ئِي وِترو
گھوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦُلين ڇَانئيو.
اڄ کان ڪارنهن (يارنهن) کن سال پهرين هڪ سانوري سيپڪڙي، چمڪندڙ اکين واري ڇوڪري يونيورسٽي کلڻ واري پهرين ڏينهن جي تعارفي ڪلاس ۾ پنهنجي سڃاڻپ بُرجُست انداز ۾ مارئيءَ جي ملڪ ملير سان ڪرائي، ته گڏ ويٺل مون سميت منهنجي سڀني استادن جو سمورو ڌيان به ڏانهس ڇڪجي ويو.
پنهنجو تعارف پورو ڪري سڀني استادن کي نمسڪار ڪندي، نماڻائيءَ سان هيٺ لهي وڃي، پنهنجي جاءِ تي ايئن ويٺو، ڄڻ وڳ کان وڇڙي آيو هجي. شاگردن جي تعارف کان پوءِ استادن به پنهنجائپ واري انداز ۾ آيل شاگردن سان پنهنجا ويچار ونڊيا، ته ڄڻ ٿانيڪو ٿي ويهي رهيو. چند ئي ڏينهن ۾ سڀني استادن جي اکين جو تارو ۽ پنهنجي هم ڪلاسين جو ڄڻ سرواڻ ٿي پيو. سندس صلاحيتون نکري نروار ٿيون. سوال ڪرڻ جي ته کيس ڄڻ سُتي پيل هئي ۽ جواب به کيس تاڃي پيٽي پَٽُ ٿيل کپندو هو،سڀني استادن جي ڀانئڻ ڪري اهڙو ته بُود ۾ اچي ويو، جو نُود ٿي منهنجي ۽ سندس استادن سان اڇاترائي ڪري ويٺو. اها ڪُوَڙائِي سندس وَڙَ کي به بي پاڙي ول جيان ويڙهي ويئي، پر کيس جڏهن ضمير جي ڌونداڙ آئي، ته نمرتائيءَ سان وڃي انهن استادن جا چَرن چميائين، منهنجو ساڻس شاگرديءَ سان گڏ دوستيءَ وارو ناتو به آهي. شروع شروع ۾ جڏهن انڌ جي گھوڙي تي چڙهيو، ته مون فقط کيس ايترو چيو ته هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکار. منهنجي ڳالهه هڪ ڪَن مان ڪڍي ڇڏيائين، پوءِ راجا پورس جي فوج وانگي پاڻ به ان هاٿيءَ هٿان لتاڙجي ويو. هاڻي ڀلي پيو سڄي عمر پٺا سيڪي، پر اهي ڦٽ ڇُٽڻ وارا ناهن.
سندس هي ڪتاب ڏسي مون کي حقيقت ۾ ڏاڍي خوشي ٿي آهي، جنهن جو مهاڳ منهنجي مانائتي استاد پروفيسر ناگپال صاحب لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪِن سوالن جا ڪي جواب سندر صاحب عدم جي اوڙاهه ۾ اڇلايا آهن، اميد ته ان اونهائيءَ مان اهي جواب آڻيندو به پاڻ...
دعاگو
رخمان گل پالاري
سنڌي ڊپارنمينٽ،
ڪراچي يونيورسٽي
11-02-2018