انتساب: تنوير عباسيءِ نالي
ان “ڪالهوڪي” ڏينهن کي به هن وقت پورا چاليهه سال ٿي ويا، جڏهن 1960ع ۾ آئون ميٽرڪ ۾ پهتو هوس. اسڪول (ڪئڊٽ ڪاليج) کان سياري جي موڪل ٿيڻ تي ٻه چار ڏينهن ڳوٺ رهي پوءِ پنهنجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ وٽ، هن جي ڳوٺ خيرپور ويس. منهنجي والد جي نوڪري به تن ڏينهن ۾ خير پور ۾ هئي. شوڪت جماڻيءَ بابت هڪ ڪتاب ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته هن کي ننڍي هوندي کان اهم ماڻهن سان ملڻ جو شوق هو پوءِ اهي کڻي عمر ۾ يا عهدي ۾ ڪيترو به وڏا هجن. انهن ڏينهن ۾ هن خيرپور جا ڪيترائي ماڻهو مون سان ملايا. هادي بخش لاڙڪ، نسيم کرل ۽ ڊاڪٽر تنوير پڻ انهن مان هئا. مون اڃا لکڻ شروع نه ڪيو هو پر پڙهڻ جو شوق هوم ۽ تنوير ۽ نسيم کرل جهڙن اديبن کي ڪتابن کان ٻاهر جيئرو جاڳندو ڏسي خوش ٿيو هوس.
ٻئي سال جي موڪل ۾ شوڪت مون کي خيرپور کان سکر وٺي آيو. ڊاڪٽر تنوير سان گڏ آيا هئاسين ۽ سکر سندس ڀاءُ اعجاز عباسيءَ جي گھر اچي رهياسين. سکر ۾ شيخ اياز، الطاف عباسي، رشيد ڀٽي ۽ غياث جوڻيجو سان به ملاقات ٿي ۽ هڪ ڏينهن رشيد ڀٽي سان گڏ پڪنڪ تي اروڙ پڻ هلياسين. انهن ڏينهن ۾ امر جليل جو افسانو “اروڙ جو مست” ڇپيو هو.
اڳتي هلي سامونڊي نوڪري ۾ به جڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته انهن سينئر اديبن ۽ شاعرن سان خيرپور، سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. تنوير عباسي سان هڪ ٻه دفعو انگلنڊ ۾ به ملاقات ٿي. انهن ڏينهن ۾ شوڪت ۽ تنوير مانچسٽر ۾ شوڪت جي ڀاءُ محمد علي وٽ اچي رهيا هئا جتي لعل جوڻيجو به رهندو هو. اسان جو جهاز لورپول بندرگاهه ۾ اچڻ تي شوڪت ۽ ڊاڪٽر تنوير مون وٽ جهاز تي اچي رهيا هئا ۽ موڪل واري ڏينهن آئون ۽ مون سان گڏ ان جهاز تي Sail ڪندڙ نيويگيشن آفيسر درٻيلي جو احمد حسين مخدوم پڻ مانچسٽر ۾ محمد عليءَ جي گھر هلي رهيا هئاسين. شايد انهن اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ جلڻ ۽ انهن جون ڪچهريون ٻڌڻ ڪري اسان کي به لکڻ پڙهڻ جو شوق وڌيو. شوڪت جماڻيءَ لکڻ جهڙو ائڊوينچر نه ڪيو پر اڄ تائين هر مهل ۾ پنهنجن دلپسند شاعرن: تنوير عباسي ۽ شيخ اياز جا زباني ياد ڪيل شعر ٻڌائيندو رهي ٿو ۽ آخر تائين ٻنهي ڳوٺائين (شوڪت ۽ ڊاڪٽر تنوير) جي سٺي دوستي رهي.
ملائيشيا ۾ رهڻ دوران پڻ ڊاڪٽر تنوير هميشه ياد ايندو هو جو سندس ننڍو ڀاءُ ارشاد عباسي انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي سفارتخاني ۾ (جيڪو پوءِ هاءِ ڪميشن ٿيو) پريس اٽيچي ٿي آيو هو ۽ اهو ڪو هفتو خالي نه هوندو هو جو آئون هن وٽ ڪوالالمپور نه ويندو هوس يا هو مون وٽ ملاڪا نه ايندو هو. اتي ئي ارشاد جي وڏي ڀاءُ اي. اين. جي (عبدالنبي) عباسي ۽ سندس گھر جي ٻين ڀاتين سان ملاقات ٿي، جيڪي وقت بوقت ملائيشيا گھمڻ ايندا رهيا ٿي. اي. اين. جي عباسي صاحب سنڌ حڪومت ۾ ايس. ڪي بلوچ، عبدالوهاب شيخ ۽ ايڇ ايم ڏهر بعد ايريگيشن جو سيڪريٽري ٿي رهيو. ڊاڪٽر تنوير جي فئملي سنڌ جي شروعاتي چند پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان آهي. سندن والد صاحب خانصاحب گل حسن خان عباسي آخري وقت خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر هو. سنڌ جون مشهور شخصيتون قاضي سچي ڏنو صاحب ۽ دادو جو اميد علي قريشي صاحب سندن سٺن دوستن مان هئا، جن جون ڳالهيون ملائيشيا ۾ ارشاد جي واتان ٻڌبيون هيون. ارشاد کي شعر بهڪيترن ئي شاعرن جا ياد هوندا هئا. خاص ڪري رشيد ڀٽي، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جا. هن وقت به سندس ٻڌايل تنوير جو هڪ شعر ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي:
موتيءَ جو جرڪو، ٻي ڳالهه.
اکڙين جو رتبو ٻي ڳالهه.
سمنڊ جي اوناهي ڀي سچ،
شاعر جو سينو ٻي ڳالهه.
پاريهر جي ڳٽ ڳٽ ۾،
تو بن جو ڌڌڪو ٻي ڳالهه.
جيڪوسوچيندو چوندو،
شاعر ڪيئن چوندو ٻي ڳالهه.
روح لئه جسم به آ پڃرو،
پڃري تي پڃرو ٻي ڳالهه.
روئو رت جا داغ ڏسي،
آهي رت ڪنهنجو ٻي ڳالهه.
سون سچو ڀي جرڪي ٿو،
مرڪڻ ماڻهوءَ جو ٻي ڳالهه.
چاندي سون چڱيون چيزون،
پر دل جو رايو ٻي ڳالهه.
آس ڏني آٿت تنوير،
درد ڏنو دڙڪو ٻي ڳالهه. . .
تنوير جو اصل نالو نور نبي عباسي آهي. پاڻ ستين ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ صوڀي ديري خيرپور ضلعي ۾ ڄائو. پاڻ پرائمي تعليم ساڌو هيرانند اڪيڊمي ڪراچي ۽ سيڪنڊري تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَمان پرائي. ڊاڪٽري جي ڊگري ايم بي بي ايس سن 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (LMC) گمان حاصل ڪئي. پاڻ سرڪاري نوڪري ڪرڻ بدران سڄي ڄمار (چاليهه سال کن) پنهنجي ڪلينڪ هلائي. سندس زال قمر پڻ ڊاڪٽر آهي. کيس ٻه پٽ پارس ۽ سرمد ۽ ٻه ڌيئرون ربي ۽ ڊاڪٽر مارئي آهن.
تنوير کي ننڍي هوندي کان لکڻ، پڙهڻ ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق هو. سندس 18 کن ڪتاب آهن جن مان پهريون “رڳو ٿيون رباب” جيڪو سندس شعرن جو مجموعو ان وقت سن 1958ع ۾ ڇپيو جڏهن پاڻ اڃا ميڊيڪل جي چوٿين سال جو شاگرد هو. سندس ٻيو مجموعو “شعر” 1970ع ۾ ڇپيو جنهن کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران سال جي بهترين شعري ڪتاب جو انعام مليو.
1974ع کان پوءِ وارن ڏينهن ۾، تنوير جا “شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس” (ٻه جلد)، “چئي تنوير”، “سچ تريءَ هيٺان” ، “هيءَ ڌرتي”،“ جي ماريا نه موت” ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا ڇپيا. پاڻ جپاني طرز جي شاعري “هائڪو” تي ڪافي لکيو آهي. سندس ان شاعري بابت مون جپاني ادب تي لکيل ڪتاب “جپان رس” ۽ “ڳالهيون تنهن جپان جون” ۾ تنوير جي هائڪو شاعريءَ بابت لکيو آهي. سندس هڪ خوبصورت هائڪو آهي:
هي ٽشو پيپر
سرهو اڄ ڀي جنهن سان تو
اگھيو ڪالهه پگھر
تنوير جو هڪ ٻه ٻيو هائڪو هن ريت آهي:
ڏنئي ڪالهه چمي
اڄ به منهنجي ڳل تي
ان جي آهي نمي.
اندر آئي پاڻ
۽ مون کان ئي ٿي پڇي
ڇا جي آ سرهاڻ.
تنوير جو هڪ خوبصورت سفر نامو “ڏوري ڏوري ڏيهه” پڻ ڇپيو آهي. تنوير جي لکڻين جو پنهنجو انداز آهي، بقول نثار کوکر جي:
Tanveer Abbasi was simple, secular and sophisticated in thought and narration. He wrote on impulse and not on outer compulsion.
تنوير چئن سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهيو. پاڻ سياسي ماڻهو نه هو پر سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏيارڻ لاءِ هڪ لک صحيحون جمع ڪيائين. هيءُ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ لاءِ هڪ لفظ ڳالهائڻ به ڏوهه سمجهيو ويو ٿي. پاڻ 1979ع ۾ سکر ۽ خيرپور جي جيلن ۾ پڻ رهيو.
ڊاڪٽر تنوير، شاهه لطيف، سچل سرمست تي تمام گھڻو لکيو آهي پاڻ ٻن سالن لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو آنرري ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر تنوير جو شمار ملڪ جي بهترين جديد شاعرن ۽ روشن خيال دانشورن ۾ ٿئي ٿو. تنوير 25 نومبر 1999ع تي پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. بقول ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي “تنوير عباسي اميدن ۽ آسن جو شاعر هو.” هن نوجوانن ۾ ادب لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. ادب جي سماجي ڪارج ۽ روشن خياليءَ کي عام ڪيو ۽ روايتي فرسوده ادبي تاڃي پيٽي کي ٽوڙيو. تنوير جي شعر ۾ فطرت جو رنگ، رواني ۽ غنائيت موجود آهي. هن جي ٻولي نج سولي، سرل ۽ مٺي آهي. سندس اهو ميٺاج سنڌي ادب ۾ ائين جذب ٿي ويو آهي، جيئن ريگستان جي واريءَ ۾ پاڻي. ڊاڪٽر تنوير جي لاڏاڻي وارو ڏينهن، 25 نومبر، سنڌي ادب ۾ وڇوڙي ۽ ورلاپ جو ڏينهن آهي:
اکيون آليون پاند پسي ويو
ڌرتيءَ کان تنوير رسي ويو
ڪيڏو آهي پيار ڏئي ويو
ويندي_ جيئي سنڌ چئي ويو.
الطاف شيخ
ڪراچي
سال 2000ع