ملائشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ تُو تُو
اتراهيون ملئي رياستون- ڪيداح، پرلس، ڪيلنتان ۽ ترنگانو سيام (ٿائلنڊ) جي ڪنٽرول ۾ هيون. باقي ٻيون رياستون جوهور، پهانگ، پيراق، سلينگور ۽ نگري سيمبيلان انگريزن ۽ سيامين جي حڪومت کان آزاد هيون. بهرحال 1874ع کان 1914ع جي وچ ۾ ملئي سڀ رياستون انگريزن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويون. ان بعد Straits Settlements ۽ ملئي رياستون هڪ ئي نالي “برٽش ملايا” سان سڏجڻ لڳيون. يعني مڙني جو حاڪم هڪ ئي (برطانيا) ٿيو. اهڙي طرح برٽش ملايا جي هر رياست جو باشندو (چيني، ملئي توڙي انڊين) آزاد هو ته جتي وڻيس اتي ڌنڌو ڌاڙي ڄمائي يا گھر يا زمين خريد ڪري. هزارين جوهور رياست ۾ پوک جي ڪم لاءِ هليا ويا. ڪيترا پينانگ (جيڪو ڪنهن زماني ۾ انگريزن جي Settlements جو حصو هو)، جا ماڻهو ڪيداح وڃڻ لڳا جيڪو ڪنهن زماني ۾ سيام (ٿائلنڊ) جي ڪنٽرول ۾ هو. ملاڪا کان سلينگور ۽ پيراق ٽين جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا. سنگاپور ۾ رهندڙ چيني واپارين ملايا جي اوڀر ڪناري وارن رياستن (ترنگانو، ڪئلنتان) وغيره ۾ ڌنڌو ڄمايو. ملڪ جي هڪ ئي سرڪاري زبان (ملئي) رهي. هڪ ئي سڪو (رنگٽ) ۽ هڪ ئي قاعدو قانون ٿيو.
ملئي رياستن تي انگريزن جي ڪنٽرول کان اڳ انهن رياستن ۾ ڪا به ريلوي لائين نه هئي ۽ رستا به جھڙا تهڙا هئا. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سامان جي Transportation دريائن ۾ هلندڙ ٻيڙين رستي ٿِي ٿَي يا جھنگ مان هاٿين رستي. ڪٿي رستا هئا ته اتي ڍڳي گاڏيون هليون ٿي. 1875ع کانپوءِ انگريز سرڪار بهتر ٽرانسپورٽ ڏي ڌيان ڏنو. هن رستا ۽ ريل جا پٽا وڇائڻ لاءِ پئسو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو ٽين جي ايڪسپورٽ تي ٽئڪس لڳائي حاصل ڪيو ويو. پهرين ٽين جي کاڻين کان بندرگاهن تائين ريل جا پٽا وڇايا ويا. خاص ڪري ملايا جي مغربي ڪناري پاسي پورٽ ويلڊ کان تائپنگ تائين، پورٽ ڪلانگ کان ڪوالالمپور تائين. ان بعد سرڪار اتر کان ڏکڻ تائين 750 ڪلوميٽر ريلوي وڇائي. اتر ۾ پينانگ ٻيٽ جي سامهون بٽرورٿ شهر کان ڏکڻ ۾ جوهور بارو شهر تائين.
ملايا ۾ ٺهندڙ ڪيترو ئي مال اتر کان ڏکڻ هلندڙ ريل ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچايو وڃڻ لڳو. ڪنهن سامان کي سنگاپور موڪلڻو هوندو هو ته ريل رستي جوهور بارو شهر تائين پهچائي پوءِ ٻيڙيءَ ذريعي سنگاپور پهچايو ويو ٿي. جوهور بارو بندرگاهه ۽ سنگاپور ٻيٽ جي وچ ۾ ڪو ميل ڏيڍ سمنڊ مس آهي. بعد ۾ ان مٿان پل ٺاهي وئي جنهن مٿان ماڻهو ۽ ڍڳي گاڏيون اچڻ وڃڻ لڳيون ۽ 1932ع ڌاري ريل جا پٽا وڇائي سنگاپور تائينريل هلائي وئي. جوهور باروءَ کان گاڏي هلي، سمنڊ مٿان ٺهيل پل ٽپي سنگاپورٻيٽ جي جنهن پهرين حصي تي پهچي ٿي ان جو نالو ووڊلئنڊ آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سخت گھاٽو جھنگل هو. ان ڪري سنگاپور ٻيٽ جي ريلوي اسٽيشن گھڻو اڳيان آبادي واري علائقي ۾ ٺاهي وئي جيڪو تنجنگ پگار سڏجي ٿو.
جيئن ته مٿي لکي آيو آهيان ته انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ملايا جو هڪ حصو هو، هڪ انگ هو، جنهن جي جدا ٿيڻ جو ڪنهن سوچيو به نه هو، ۽ انهن سڀني جو حاڪم هڪ هو يعني انگريز بادشاهه. انگريز حاڪم هن پاسي KTM (ڪيريٽا آپي تناح ملايو) نالي هڪ ڪمپني ٺاهي جنهن سنگاپور ۾ به ريل جاپٽا وڇايا ۽ ريلوي اسٽيشن ٺاهي. جن جن جي اها زمين هئي انهن کي پئسا ڏئي ريل لاءِ خريد ڪئي وئي جيئن انگريزن جي ٺهيل قاعدي موجب اسان وٽ به ٿيو ٿي ۽ اڄ به ٿي رهيو آهي. سرڪار کي ڪٿي رستو ٺاهڻو هوندو آهي ته ان زمين جي مالڪ زميندار کان خريد ڪندي آهي. سو انهن ڏينهن ۾ به KTM ڪمپنيءَ، جيڪا ملايا جي ڪمپني هئي، تنهن سنگاپور ۾ زمين خريد ڪئي. KTM ائين آهي جيئن پاڻ وٽ انگريزن جي ڏينهن ۾ ۽ بعد ۾ ڪافي عرصو NWR (نارٿ ويسٽرن ريلوي) هو. KTM (ڪيريٽا آپي تناح ملايو) ملئي لفظ آهي. “ڪيريٽا آپي” معني ريل گاڏي. ملئي زبان ۾ ڪيريٽا معني ڪار ۽ آپي معنيٰ باه. “باهه جي ڪار” سا ٿي ريل گاڏي. تناح (Tanah) معنيٰ ڌرتي ۽ ملايو معنيٰ ملئي ماڻهو. يعني “ملئي ماڻهن جي ڌرتي” سا ٿي ملايا. بهر حال KTM نالي ان ڪمپنيءَ جي گاڏي اڄ به اتر ۾ بٽرورٿ شهر جي ريلوي اسٽيشن کان وٺي ڏکڻ ۾ جوهور بارو ۽ پوءِ پل ٽپي سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن تنجنگ پگار تائين هلي ٿي. اڄ سنگاپور الڳ ٿي ويو آهي پر ريل گاڏيون، سنگاپور جي تنجنگ پگاراسٽيشن تائين ريلوي ٽرئڪ وارو پٽو ۽ ريلوي اسٽيشن KTM جي ملڪيت آهي. جنهن لاءِ سنگاپور وارا انڪار به نٿا ڪريو سگھن ڇو جو سنگاپور ۾ رهندڙ ڪيترن ملئي ۽ چيني ماڻهن جون پڻ پل جي ٻئي پاسي جوهور رياست ۾ (۽ ملائشيا جي ٻين رياستن ۾) ملڪيتون آهن ۽ سڀني جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي.
سنگاپور ملايا سان مليل هو پر پوءِ انگريزن کان آزادي ملڻ بعد سنگاپور ڌار ٿي رهڻ پسندو ڪيو (۽ ملايا وارن به پنهنجي ان ۾ بهتري سمجھي) ۽ “ملايا” بورينو ٻيٽ جي ٻن رياستن صباح ۽ سراواڪ سان گڏجي پنهنجي ملڪ جو نئون نالو “ملائيشيا” رکيو. هاڻ پراڻي ملايا رياستن واري ڌرتي ويسٽ ملائيشيا سڏجي ٿي ۽ بورنيو ٻيٽ جون مٿيون ٻه رياستون (صباح ۽ سرواڪ) ايسٽ ملائيشيا يعني اوڀر ملائشيا سڏجي. جيئن ڪنهن زماني ۾ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان هو، پر انهن جي وچ ۾ ڌرتي (انڊيا) هئي پر هنن ٻن ملائيشيائن جي وچ ۾ سمنڊ (ڏکڻ چيني سمنڊ) آهي.
سنگاپور جي ترقي ڪري سڄو سنگاپور باغ بهار ۽ ماڊرن ٿي پيو آهي. هاڻ اهي پراڻا جھنگل ۽ ڌٻڻ وارا علائقا ئي نه رهيا آهن. جوهور بارو جي ڀر وارو سنگاپور ٻيٽ جو حصو، جيڪو Wood Land سڏجي ٿو ۽ واقعي ووڊ لئنڊ يعني جهنگل هو هاڻ يورپ ۽ آمريڪا ٿي پيو آهي ۽ هنن پنهنجي MRT انڊر گرائونڊ ريلوي به سڄي ٻيٽ تي انگ موکيو، زيشون (Yishun) بڪت، گومباڪ، پون لي ۽ تناح ميراح تائين وڃي پهچائي آهي. سو سنگاپور وارن ملائشيا کان ايندڙ ريل گاڏيءَ کي ٻيٽ جي ٻي ڪنڊ تنجنگ پگار تائين وٺي وڃڻ بدران ٻيٽ جي منهن وٽ (ووڊ لئنڊ وٽ) ريلوي اسٽيشن ٺاهي، ملائشيا کان ايندڙ مسافرن جاپاسپورٽ اتي چيڪ ڪرڻ چاهيا ٿي، پر ملائيشيا وارا ان تي بگڙي پيا آهن. انهن کي اهو شڪ آهي ته سنگاپور وارا ووڊ لئنڊ کان تنجنگ پگار ريلوي اسٽيشن تائين جيڪا وچ شهر جي 32 هيڪٽر زمين ٿئي ٿي(۽KTM جي ملڪيت آهي) ڦٻائڻ چاهين ٿا.
۽ پوءِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ جڏهن به اهڙي Situation پيدا ٿئي ٿي ته ملائيشيا جا سياستدان هڪ ئي ليور کي استعمال ڪن ٿا- اهو آهي پاڻي. سنگاپور ٻيٽ کي پنهنجي لاءِ پاڻي بنهه ٿورو آهي. هو پاڻي ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا. ملائيشيا کان پاڻيءَ جا ٿلها پائيپ سنگاپور ٻيٽ تائين پهچن ٿا ۽ ان پاڻي جي قيمت سنگاپور منهن گھري ڏئي ٿو ۽ ملائيشيا ان مان وڏو ناڻو ڪمائي ٿو- خاص ڪري جوهور رياست، جيڪا سنگاپور جي ڀرسان آهي. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن جوهور وارا باقي ملائيشيا کي اکيون ڏيکاريندا آهن ته ان پاڻيءَ جو حوالو ڏيندا آهن ته هو باقي رياستن کان امير رياست آهي ۽ اڪيلو به رهي سگھي ٿي جو سنگاپور جهڙو امير ملڪ سندس پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن کي فقط پاڻي وڪڻي هو ڪروڙها ڊالر ڪمائي سگھن ٿا. سو ملائيشيا جا سياستدان جڏهن سنگاپور تي بگڙبا آهن، جيئن هينئر سنگاپور وارن ريلوي اسٽيشن جو مسئلو کنيو آهي، ته هڪدم پاڻيءَ جو مهڻو ڏيندا آهن ته اسين چاهيون ته توهان جو پاڻي بند ڪري سگھون ٿا ۽ پوءِ ٻڌندڙ عوام جذباتي ٿي Potong, Potong جا نعرا هڻندو آهي. پوتونگ جي معنيٰ آهي ڪٽڻ (to cut) يعني سنگاپورينجو پاڻي ڪٽيو وڃي، جيئن کين اٽي جي اگھه جي خبر پوي.
هونءَ سنگاپور وارا ملائشيا کان ڀاڄيون ۽ ميوا به وٺن ٿا پر ملائيشيا وارا کين ان جو مهڻو نٿا ڏين ڇو جو سنگاپور وارن ان جو نعم البدل (Altemative) ڳولي ورتو آهي. هو ملائيشيا کان به بهتر ميوو ۽ ڀاڄيون ڏورانهن ملڪن کان روزانو هوائي جهاز رستي گھرايو وٺن. ان ڪري ملائيشيا وارا ان ڳالهه کي آڏو به نٿا ڪن جو ميوي ۽ ڀاڄين وڪڻڻ مان ملائيشيا وارن جي وڏي ڪمائي آهي ۽ جوهور بارو ۽ سنگاپور ائين آهن جيئن حيدرآباد، ڪوٽڙي، يا مورو ۽ دادو. سنگاپور جي ميوا ۽ ڀاڄيون نه وٺندو ته ملائيشيا، خاص ڪري جوهور رياست جا باغائي ۽ زميندار رلي ويندا. ٻيو ڪهڙو ويجھو ملڪ آهي جيڪو کانئن خريد ڪندو؟ انڊونيشيا، ٿائلينڊ، فلپين، چين وغيره خود پنهنجي ميوي ۽ ڀاڄي وڪڻڻ جي چڪرن ۾ آهن. سو هڪ شيءِ پاڻي اهڙي آهي جنهن جو دڙڪو ملائيشيا وارا سنگاپور وارن کي ڏئي سگھن ٿا.
ڪجھه عرصو اڳ، منهنجي ملائيشيا ۾ هجڻ دوران، هڪ دفعي خبر پئي ته سنگاپور وارا اسرائيل جي وزيراعظم کي دعوت ڏئي گھرائي رهيا آهن. اهو ٻڌي ملائيشيا جي عوام (جنهن جي اڌ کان وڌيڪ آدمشماري مسلمان آهي)، سنگاپور تي سخت ناراض ٿي. سڀني جي چڙ انهن ڏينهن جي سنگاپوري وزيراعظم لي ڪئان يو تي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسٽر لي جوش ڪرڻ بدران هوشمنديءَ سان هر ڳالهه جو جواب ڏيندو رهيو ته هر هڪ جا پنهنجا پنهنجا ذاتي تعلقات ۽ دوست آهن. اسان جو ملائيشيا به دوست آهي ته اسرائيل به. اسان سمجھون ٿا ته ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ هنن کي اسرائيل سان نفرت آهي پر اسان تي زور ڇو آندو پيو وڃي ته اسرائيل سان دوستي نه ڪريون. ڇا رڳو ان ڪري جو اسان جو ملڪ سنگاپور ننڍو آهي. ڇا ان ڪري جو اسان ڪمزور آهيون. اسان جو ملڪ سنگاپور ته وري به گھڻ قومو ۽ گھڻ مذهبو ملڪ آهي، جتي مسلمانن سان گڏ ٻين مذهبن جا ماڻهو به آهن. بلڪه مسلمان ته 20 سيڪڙو به نه آهن. مصر جهڙن ملڪن کي ڇو نٿو جھليو وڃي جيڪي مسلمان آهن ۽ اسرائيل سان دوستي رکيو پيا هلن. ياسر عرفات کي ڇو نٿو چيو وڃي جيڪو هر وقت هنن سان دوستي رکڻ جيڪري رهيو آهي.
ملائيشيا ۾ اسان جي اداري ۾ ڪم ڪندڙهڪ چيني ڪئپٽن سان ڳالهه ڪيم ته سنگاپور وارا اهو غلط ڪري رهيا آهن ته هڪدم وراڻيائين: “توهان مسلمان به عجيب آهيو. عربن بيوقوفيءَ ۾ اچي اسرائيل کان جنگ هارائي ۽ فلسطين يهودين حوالي ڪري ڇڏيو. هينئر به ياسر عرفات چوي ٿو ته يهودي اسان کي پنهنجي ڌرتي واپس ڪن ته هو اسان کي سڀ کان ويجھا آهن ۽ رشتي ۾ ڪزن ٿين. توهان يهودين کي گاريون ڏيو ٿا پر اڄ به ڳني جو رس پي پنهنجي ملڪ جي غريب کي روزگار مهيا ڪرڻ بدران انهن يهودين جون ڪولائون ۽ پيپسيون پي هنن کي وڌيڪ امير ڪريو ٿا. غريب فلسطين کي اسرائيل دربدر ڪيو آهي ته اڄ به آمريڪا، انگلنڊ ۽ يورپ جا ملڪ (جن تي يهودين جو وڏو اثر آهي)، کين پاڻ وٽ ٽڪائين ٿا، پر پاڙي جا امير مسلمان ملڪ: سعودي عرب، ڪويت، جارڊن وغيره امير هوندي ڪنهن هڪ به فلسطيني کي پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ نٿا ڏين...”
مون ان چيني ڪئپٽن جي تقرير ٻڌڻ ڇڏي ملائيشيا جي انگريزي اخبار Strait Times پڙهڻ شروع ڪئي جنهن ۾ ڏنل تصويرن ۾ ڏيکاريل هو ته ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ عوام سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يو جا پتلا ساڙي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو.
اڄ هي مضمون لکڻ وقت سوچي رهيو آهيان ته سنگاپور ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ملائيشيا وارن جا اهي مهڻا ٻڌي سنگاپور حڪومت نيٺ هڪ ڏينهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ جو Desalination Plant هڻندي. سنگاپور کي پوءِ مفت ۾ پاڻي ملي ويندو ۽ ملائيشيا جي سندس اڻ مئي پاڻيءَ مان ٿيندڙ زبردست ڪمائي بيهي ويندي.
سنگاپور جي هن هوٽل جو بئرو، جنهن مان هي مضمون لکي رهيو آهيان، چانهه جو ڪوپ کڻي آيو آهي. پاڻ سنگاپور جو شهري آهي پر ملئي آهي. چانهه جو ڍڪ ڀري کانئس پڇان ٿو:
“Abdul! Yang mana labih baik- Singapore atau Malaysia?”
“عبدل! توکي ملائيشيا وڌيڪ سٺو لڳي ٿو يا سنگاپور؟”
“سنگاپور!” هو جواب ڏئي ٿو.
“ڪيناپا؟” (ڇو ڀلا؟)
“ان ڪري جو سنگاپور منهنجو ملڪ آهي. هتي مون کي وڌيڪ آزادي آهي. هتي آئون وڌيڪ ڪمايان ٿو. اسان جي حڪومت جيڪا جيتوڻيڪ چيني آهي، عوام جي هر ماڻهوءَ جي ڀلي جو سوچي ٿي- چاهي هو چيني هجي، ملئي هجي يا ڪنهن ٻي قوم يا مذهب جو. اسان جي ملڪ سنگاپور ۾ ڪنهن جو به حق نٿو کسيو وڃي. هر ڳالهه ميرٽ تي ٿئي ٿي. هر ڳالهه Logical ۽ عقل کان ڪم ٺي سوچي سمجھي وڃي ٿي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو. ملائيشيا به سٺو ملڪ آهي پر سنگاپور کي ننڍو سمجهي آئون ان کي گھٽ نٿو سمجھان. هن جي سڄي دنيا ۾ وڏي ساک آهي. ڇا توهان کي سنگاپور جي ڊالر (ناڻي) مان ئي نٿي Idea ٿئي ته اهو ڪيڏو مضبوط آهي...”
سنگاپور ۾ رهڻ دوران توهان ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن بابت ٻڌندائو، خاص ڪري جوهور باروءَ بابت. هوٽل جو مئنيجر، ٽئڪسي وارو، ٽوئرزم اداري وارا توهان کي جوهور باروءَ جي گھمڻ لاءِ ته خاص طور چوندا. مٿين مضمون ۾ به جوهور ۽ جوهور باروءَ جو ذڪر آيو آهي. ڪيترا ان ۾ ڀلبا آهن ته “جوهور“ ۽ “جوهور باروءَ” ۾ ڇا فرق آهي يا آيا هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن.
ملائيشيا مختلف حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر حصو رياست سڏجي ٿو جيئن پاڪستان جا مختلف صوبا آهن، سنڌ، پنجاب وغيره. ملائيشيا جي سواءِ چئن رياستن جي، باقي نون رياستن مان هر هڪ جو وڏو/سردار سلطان آهي، جيڪو ڄڻ ته ان رياست جو والي آهي. انهن نون رياستن جي سلطانن مان واري وٽي تي هڪ رياست جو سلطان پنجن سالن لاءِ سڄي ملڪ جو بادشاهه (King) ٿئي ٿو. مدو پورو ٿيڻ تي هڪ وڏي تاج ۽ تخت جو مالڪ (بادشاهه) پنهنجي رياست ۾ پنهنجي ڳوٺ، زندگي جا باقي ڏينهن جنهن چپڙيءَ سان وڃيو گولف کيڏي (يا ميوزڪ ٻڌي يا نماز روزي يا شڪار کيڏڻ ۾ وڃيو زندگي بسر ڪري) اهو دنيا کي حيرت ۾ وجھندڙ آهي. يعني دنيا جي تواريخ ته اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ ڪو هڪ دفعو بادشاهه ٿيو آهي ته وري نه لٿو آهي يا بادشاهت حاصل ڪرڻ لاءِ پٽ پيءُ کي به ماري ڇڏيو آهي.
بهرحال ملائيشيا مختلف رياستن تي مشتمل آهي. آخري رياست (جنهن کانپوءِ سنگاپور جو ٻيٽ آهي) جو نالو جوهو Johor آهي. جوهور رياست ۽ سنگاپور جي وچ ۾ سمنڊ جي پٽي آهي جيئن ڪياماڙي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ بلڪه منهوڙو ته ڪياماڙيءَ کان وري به چڱو پري آهي پر سنگاپور ٻيٽ ته جوهور رياست سان مليو پيو آهي. سو “جوهور” رياست جو نالو آهي. هر رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جيئن سنڌ جو ڪراچي، پنجاب جو لاهور آهي تيئن جوهور رياست جو Capital (گاديءَ جو شهر) جوهورباروءَ نالي شهر آهي. رياست ۽ گادي جي شهر جي نالن ۾ هڪجهڙائي هجڻ ڪري ٽوئرسٽن ۽ ڌارين کي البت مونجھارو ٿئي ٿو. “جوهور” رياست جو Capital “جوهور بارو” بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهي جيئن سنڌ جو ڪيپيٽل ڪراچي آهي. جوهور بارو شهر ۽ سنگاپور ٻيٽ جي وچ ۾ ميل ڏيڍ جو سمنڊ مس آهي ان ڪري سنگاپور کي جوهور رياست جي شهر جوهور باروءَ سان پل ذريعي ڳنڍيو ويو آهي. ان پل مٿان بسون ۽ ريل گاڏيون هلنديون رهن ٿيون ۽ ان پل کي هتي عام طرح “ڪاز وي” (Cause Way) سڏين ٿا.
پاڻي بچائڻ جي مهم شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ايتري هجي جيتري سنگاپور ۾ آهي. دنيا جا ملڪ پنهنجن ملٽري ادارن کي پئسو گھٽ خرچ ڪرڻ لاءِ تلقين ڪن ٿا پر سنگاپور حڪومت پنهنجي فوج کي هميشه پاڻي گھٽ استعمال ڪرڻ لاءِ چوي ٿي. هڪ حد کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪرڻ تي هنن کان ٻيڻا پئسا ورتا وڃن ٿا. نتيجي ۾ سنگاپور فوج جا ڪئمپ ڪمانڊنٽ گذريل سال به پاڻي بچائڻ جي چڪر ۾ هئا. سڀ کان پهرين ته هنن فوجين کان ليڪيج بند ڪرائي. ڇو جو پاڻي ضايع ٿيڻ جو اهم ڪارڻ ليڪيج آهي. نل صحيح طرح بند نه ٿيڻ تي چاهي کڻي ان مان ٽيپو ٽيپو پاڻي پيو وهي ته به گھڻو آهي. ويتر جي ڪموڊ ليڪ آهي ته ان مان ته تمام گھڻو پاڻي ضايع ٿئي ٿو. 24 ڪلاڪن ۾ گھر جي اڌ ٽاڪي خالي ٿي وڃي. اهڙي طرح ڪَٽ لڳل پائپ آهن جيڪي گھٽين مان يا زمين هيٺان لنگھن ٿا. اسان وٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ پاڻي ضايع ٿيڻ جو وڏو سبب ليڪيج آهي.
سنگاپور جا فوجي ٿورو گھڻو مينهن جو پاڻي پڻ گڏ ڪري پورائو ڪن ٿا. هونءَ ته هن پاسي اسان وانگر جبلن تي برف ڳرڻ ڪري پاڻيءَ جون نديون نٿيون وهن. هن پاسي ته مينهن وسڻ سان ئي نديون وهن ٿيون ۽ مينهن جو ئي پاڻي استعمال لاءِ گڏ ڪري سگھجي ٿو ۽ مينهن هتي واقعي مينهن جهڙائي وسن ٿا. سنگاپور ۾ به مينهن ڏاڍو وسي ٿو پر مسئلو رڳو اهو آهي ته مينهن جو پاڻي ڪٿي گڏ ڪجي. سنگاپور جي سڄي ڌرتي شهر، گھر گھٽيون، باغ بندرگاهه، شاپنگ سينٽر ۽ هوٽلون ٿي ويو آهي ۽ پاڻي گڏ ڪرڻ جا جيڪي شروع جا ٺهيل تالاب (Reservoirs) آهن، اهي اڄ جي ضرورت مطابق بيحد ننڍا آهن.
سنگاپور جي 1950ع ڌاري ڏهه لک آدمشماري هئي ۽ اڄ اها ٽيڻي يعني ٽيهه لک کن وڃي ٿي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ پاڻيءَ جي کپت ست دفعا وڌي وئي آهي. سنگاپور جو “انڊسٽري ۽ ٽريڊ” جو وزير مسٽر يئو چيئو ٽانگ (Yeo Cheow Tong) قانون ٺاهڻ وارن کي اهي ئي منٿون ڪري رهيو آهي ته ٻيلي پاڻيءَ جي قيمتن کي وڌايو جيئن عوام ان جو گهٽ استعمال ڪري. (شايد سئيڊن ناروي جهڙن ملڪن وانگر جن ڪوڪا ڪولا جهڙن شربتن ۽ ٽيلفون جا اگھه وڌائي ڇڏيا آهن جنهن ڪري اتي جي ماڻهن ڪولائون پيئڻ ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ساڳي طرح مڪاني فون ڪندي به ماڻهو ڊڄن ٿا. ماڻهن جي صحت ۽ وقت بچائڻ جو هنن اهو سٺو طريقو ڪڍيو آهي.)
سنگاپور ۾ پاڻيءَ جو وڏو مسئلو آهي. هنن کي ان لاءِ پاڙيسري ملڪ ملائيشيا تي آسرو رکڻو پوي ٿو. سنگاپور وارا پنهنجي پاڻيءَ کان سواءِ روزانو ڏيڍ بلين ليٽر پاڻي ملائيشيا جو استعمال ڪن ٿا. اهو پاڻي جوهور رياست مان پمپن ذريعي سنگاپور موڪليو وڃي ٿو. سنگاپور وارن جا ملائيشيا سان پاڻيءَ جي سلسلي ۾ ٻه معاهدا ٿيل آهن. پهرين معاهدي موجب ملائيشيا 2011ع تائين سنگاپور کي روزانو 400 ملين لٽر پاڻي ڏيندو ۽ ٻئي معاهدي مطابق ملائيشيا 2060 تائين، سنگاپور کي روزانو 1.1 بلين لٽر پاڻي سپلاءِ ڪندو. سنگاپور 1993ع ۾ جوهور رياست جي لنگيو (Linggiu) نديءَ تي ٺهندڙ ڊئم تي 300 کن ملين سنگاپور ڊالر Invest ڪيا هئا ان ڪري ملائيشيا مٿين سنن (سالن) تائين نه فقط سنگاپور کي پاڻي مهيا ڪندي پر گھٽ قيمت تي پڻ. سنگاپور جو وزيراعظم مسٽر گوهه چاڪ ٽونگ به بار بار عوام کي ياد ڏياري رهيو آهي ته اجھو ته پهريون معاهدو ختم ٿيو ۽ ملائيشيا ۾ ڪارخانا ۽ شهرن جي آبادي ايڏي وڌي رهي آهي جو ڏهه ٻارهن سالن بعد هنن جي پنهنجي پاڻيءَ جي ضرورت به وڌي ويندي ۽ پوءِ هنن اسان سان هن معاهدي بعد وڌيڪ سالن جو معاهدو نه ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ جيڪڏهن ملائيشيا اسان کي پاڻي ڏنو به ته نئين معاهدي ۾ هو پاڻيءَ جو اگھه ڪهڙو رکندو؟
پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنگاپور وارا هڪ ته اسڪولن ۾ پاڻي بند ڪري ٻارن کي باردين ۾ پاڻي ڀري استعمال ڪرڻ جي عادت ۽ احساس ڏياري رهيا آهن ته نلڪن مان پاڻي نه اچڻ تي ڪيڏي تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري گھٽ پاڻي استعمال ڪريو. سنگاپور حڪومت انگ اکر گڏ ڪيا آهن ته سنگاپور ۾ روزاني کپت جو پنجون حصو ٽئاليٽن ۾ فليش سسٽم ۾ ختم ٿئي ٿو. ان ڪري هاڻي نين عمارتن جي باٿ رومن ۾ جيڪي فليشنگ جون نيون ٽانڪيون (Cisterns) لڳي رهيون آهن انهن جي Capacity ساڍن ٽن کان ساڍا چار لٽر آهي. هونءَ عام سسٽرن ۾ 9 لٽر پاڻي ڀرجي ٿو سو هر دفعي Flush ڪرڻ سان 9 لٽر پاڻي ضايع ٿيو وڃي.
سنگاپور حڪومت سنگاپور جي انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي ڪا اهڙي ايجاد ڪرڻ تي انعام جي آڇ ڪئي، جنهن سان پاڻيءَ جو بچاءُ ٿي سگھي. پهريون نمبر ايندڙ، هڪ اهڙو Device ٺاهي پيش ڪيو، جنهن ذريعي هٿ منهن ڌوئڻ يا وهنجڻ جو پاڻي Recycle ٿي ٽئاليٽ جي فليشنگ لاءِ استعمال ٿي سگھي ٿو. سنگاپور ۾ اهڙي طرح هر روز ايترو پاڻي بچي سگھي ٿو جنهن سان اولمپڪ سئمنگ پول جهڙا ڏهه پول پاڻيءَ سان ڀري سگھجن ٿا.
هونءَ عرب ملڪن وانگر سنگاپور کي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي بڻائڻ لاءِ Desalination پلانٽ هڻڻ جو پڻ ارادو آهي پر اهوپاڻي ملائيشيا مان خريد ڪيل پاڻيءَ کان اٺوڻو مهانگو پوندو.
پاڻيءَ لاءِ سنگاپور وارا پنهنجن ڏاکڻن پاڙيسرين يعني انڊونيشيا وارن کي به چيو آهي جيڪي سندن بنتان ٻيٽ تان روزانو هڪ بلين لٽر پاڻي موڪلڻ جو سوچي رهيا آهن پر اهو پاڻي به پري کان اچڻ ڪري ملائيشيا کان خريد ڪيل پاڻيءَ کان پنجوڻ تي مهانگو پوندو.
بهرحال فيالحال ته سنگاپور حڪومت “پاڻي بچائڻ” جا فقط نعرا پوسٽرن ۽ ٽي ويءَ ذريعي عوام تائين پهچائي رهي آهي.