سنگاپور ڪٿي آهي ۽ ڪيڏو وڏو آهي . . .
سمنڊ رستي سنگاپور اچڻ لاءِ ڪراچيءَ کان هڪدم ڏکڻ طرف هلائڻو پوي ٿو -بلڪه چئن طرفن (اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ) بدرانجيڪڏهن اٺ طرف دماغ ۾ رکجن (يعني اوڀر، اوڀر-اتر، اتر، اتر-اولهه، اولهه، اولهه-ڏکڻ، ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر) ته جهاز کي “ڏکڻ-اوڀر” طرف هلائڻ سان 1300 ڪلوميٽرن بعد بمبئي ايندو. (هونءَ باءِ ايئر ڪراچيءَ کان بمبئي فقط 1000 کن ڪلوميٽر آهي، پر By Sea ڪجهه وڪڙن ڪري 1300 آهي ۽ جهاز جي رفتار جيڪڏهن 32کن ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي ته 40 ڪلاڪن ۾ بمبئي پهچيو وڃجي، پر پاڻيءَ واري جهاز لاءِ ضروري ناهي ته هر وقت 40 ڪلاڪ ئي وٺي. سامونڊي لهرن، مختلف قسمن جي هوائن۽ جهازن تي چڙهيل بار جهاز کي بندرگاهه ۾ ٻه چار ڪلاڪ اڳ يا دير سان به پهچائي سگھي ٿو، چاهي کڻي انجڻ جي رفتار هر دفعي ساڳي رکو. بهرحال بمبئي بعد وڌيڪ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪولمبو اچي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ کان 1700 ڪلوميٽر پري آهي. ڪولمبوکان پوءِ، سري لنڪا جي هيٺئين اڌ کي ڦيرو ڪري پوءِ اوڀر ڏي سڌو رخ رکڻو پوي ٿو جيسين جهاز ملاڪا جي سوڙهي ڳچي سمنڊ(Malacca Strait) ۾ داخل ٿئي، جيڪو 2500 کن ڪلوميٽر پنڌ آهي. ملاڪا نار جي کاٻي پاسي ملائيشيا آهي ۽ ساڄي پاسي انڊونيشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ سماترا آهي. هيءَ نار 600 کن ڪلو ميٽر آهي، جنهن جي پوڇڙ تي (جتي اها ڏکڻ چيني سمنڊ سان وڃي ٿي ملي) سنگاپور جو ٻيٽ آهي. ڪراچي کان بمبئي تائين وارو سمنڊ “عربي سمنڊ” آهي ۽ سري لنڪا کان ملاڪا ڳچي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ جيڪو سمنڊ اُڪرجي ٿو، اهو خليجِ بنگال (Bay of Bengal)جو حصو آهي. عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال “هندي وڏي سمنڊ” (Indian Ocean)۾ اچن ٿا. هوڏانهن ڏکڻ چيني سمنڊ “پئسفڪ وڏي سمنڊ” جو حصو آهي.
بهرحال ڪراچي کان سنگاپور سمنڊ رستي پهچڻ لاءِ پاڻيءَ جي جهاز کي اٽڪل 6100 ڪلوميٽر جو سفر ڪرڻو پوي ٿو سو به جيڪڏهن وڏو جهاز آهي ته نه ته اڳئين زماني ۾ جڏهن سڙهن تي هلندڙ جهاز (Sailing Ships) هئا يا گھٽ طاقتور مشين وارا ننڍا جهاز هئا ته هنن کي اڃا به وڏو سفر ڪرڻو پيو ٿي. اهي ڪولمبو کان سڌو ملاڪا نار جو رخ نه وٺندا هئا جو اهي جهاز خليج بنگال جي کلئي ۽ خوفناڪ سمنڊ جي سَٽَ جھلي نٿي سگھيا. انهن جو Coasting تي زور هوندو هو- يعني ڪنارو ڏئي هلندا هئا. ڪنهن به وقت ڪناري کان گھڻو پري نه ٿيندا هئا. يعني ڪولمبو بعد سري لنڪا جي هيٺين حصي کي ڦرڻ بعد اوڀر ڏي ملاڪا نار سڌو رخ ڪرڻ بدران مٿي اتر ڏي هندستان جو اوڀر وارو ڪنارو ڏئي هلندا هئا ۽ پانڊيچيري، مدراس، وشاڪا پٽنام ۽ برهمپور جهڙن بندرگاهن مان ٿيندا ڪلڪتي پهچندا هئا ۽ پوءِ هيٺ ڏکڻ ڏي (بلڪه ڏکڻ اوڀر ڏي) برما جو الهندو ڪنارو وٺندا، سيام (ٿائلنڊ) پهچندا هئا ۽ پوءِ ملاڪا نار ۾ گھڙندا هئا. يعني سري لنڪا کان ملاڪا نار پهچڻ لاءِ هنن کي ڪنارو وٺي اچڻ ڪري 5000 کن ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو ٿي، جيڪو اڄ ڪلهه جي وڏن جهازن کي خليج بنگال ڪراس ڪرڻ ۾ اڌ جيترو پنڌ پوي ٿو. اڳئين زماني جي جهازن جي اها به مجبوري هئي ته انهن وٽ تيل رکڻ لاءِ وڏيون ٽانڪيون نه هيون. اڄ ڪلهه جي جهازن ۾ ٻن مهينن جي لڳاتار سفر جو تيل ته آرام سان رکي سگھجي ٿو ۽ هر جهاز تي Fresh Water Evaporator مشين لڳل آهي جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهيندي رهي ٿي. ان ڪرياڳئين زماني وانگر هنن کي ٽئي چوٿين ڏينهن تيل، پاڻي يا کاڌي جي راشن لاءِ بندرگاهه ڏي رخ نٿو ڪرڻو پوي. اڄ جي جهازن تي ڪُٺل ٻڪرين، رڍن، ڍڳين لاءِ پڻ وڏا ۽ بيحد ٿڌا ڪمرا ٺهن آهن، جن ۾ گوشت، ميوا ۽ ڀاڄيون وڏي عرصي لاءِ رکي سگھجن ٿيون.
بهرحال شروع وارن ڏينهن ۾ (جڏهن ته اڃا يورپين هن پاسي اچڻ شروع نه ڪيو هو) هندوستان ۽ عرب ملڪن کان جهازي / وڻجارا، هنن پٽن ڏي آيا ٿي (جيڪي اڄ ڪلهه ملائشيا، انڊونيشيا ملڪ سڏجن ٿا)، ته هو بنگال جو ڪنارو ڏئي آيا ٿي. بنگالي کڻي عرب يا مدراسي سوداگرن وانگر امير ۽ جهازن جا مالڪ نه هئا، پر سٺا جهازي ضرور هئا. ننڍي هوندي کان پاڻيءَ جي ويجھو ۽ طوفانن ۾ گذارڻ ڪري اڄ به هو سٺا خلاصي مڃيا وڃن ٿا ۽ تن ڏينهن ۾ به جهازن تي بنگالي گھڻا هوندا هئا، چاهي عربن جا جهاز هجن يا ايرانين جا، ۽ جيئن ته جهاز بنگال جو ڪنارو ڏئي ملاڪا نار ۾ پهچندا هئا ان ڪري ملاڪا نار جي بندرگاهن: پينانگ ملاڪا، آچيح، بينڪولين وغيره ۾ هر اهو ماڻهو جيڪو اوڀر کان ايندو هو بنگالي سڏبو هو پوءِ چاهي هو سچ مچ بنگالي (هندو يا مسلمان) هجي يا تامل، ملباري، سنڌي، ايراني. ايتري قدر جو گھڻو پوءِ جڏهن پهريون دفعو يورپ جي پهرين قوم (پورچوگالي) ملاڪا پهتي ته انهن کي به مڪاني ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا. البتسندن اڇو رنگ ڏسي کين پوتيح (اڇو) بنگالي چوڻ لڳا ۽ سندن ڳاڙهين کُهنبين (Blonde)ڏاڙهين کي هٿن سان ڇهي، حيرت کائڻ لڳا، ۽ پوءِ جيڪا ڪهاڻي ٿي اها تواريخ جو حصو آهي. پورچوگالين ههڙا سادا مڪاني ماڻهو، ههڙا سر سبز ۽ ساوا پٽ، ههڙي مزيدار موسم ۽ برساتون، ڀانت ڀانت جا مسالا ۽ هڳاءُ وارو ماحول ڏسي هو هتي جي ڌرتيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جو سٽاءُ ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ عرب ٻاهر، اٺ تنبوءَ ۾. هي سڄو علائقوپورچوگالين حوالي ٿي ويو. ان بعد ڊچ آيا، ان بعد انگريز ۽ پوءِ جپاني ۽ وري ساڳيا انگريز ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي اڌ بعد وڃي ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ آزاد ٿيا.
سنگاپور ٻيٽ ڪيڏو وڏو آهي؟ سنگاپور ٻيٽ کي وڏو به چئي سگھجي ٿو ته ننڍو به. سنگاپور جي اوس پاس وارو علائقو جيڪو ايسٽ انڊيز پڻ سڏجي ٿو، سڄو ٻيٽن سان ڀريو پيو آهي. ويندي انڊونيشيا، فلپين جهڙا ملڪ ايران،افغانستان، پاڪستان وانگر ڌرتيءَ جا يڪا چَڪَ (pieces)نه آهن پر سَوين هزارين ٻيٽن تي مشتمل آهن. پوءِ ڪي ٻيٽ ايراضيءَ ۽ آدمشماريءَ کان تمام وڏا آهن جيئن ته انڊونيشيا جا ڪجھه ٻيٽ: سماترا، جاوا (جنهن تي گاديءَ جو هنڌ جڪارتا آهي)، بورنيو، بالي وغيره وڏا ٻيٽ آهن ۽ فلپين جو به لوزان، منڊانائو، سيبو، Panay چڱا وڏا ٻيٽ آهن، باقي ٻيا هزارين ٻيٽ آهن جن مان ڪجھه تي آبادي آهي ڪجهه تي نه. ڪي ته کٽ جيڏا به ٻيٽ آهن. ڪي اهڙا ٻيٽ آهن جيڪي ڏينهن ۾ ٻه دفعا سمنڊ جي وير چڙهڻ تي ٻڏيو وڃن ۽ وير لهڻ تي نظر اچن ٿا. ڪي اهڙا ٻيٽ آهن جن تي رهندڙ عوام ڪناري تي گھٽ پر ٻيڙين تي رهي ٿو ۽ رڌ پچاءُ به ان تي ڪري ٿو. ويندي جپان به هڪ يڪو ڌرتيءَ جو ٽڪرو ناهي پر چئن وڏن ٻيٽن (هونشو، ڪيوشو، شڪاڪو ۽ هيڪدو) ۽ ٻه ڊزن کن ننڍن ٻيٽن (ساڪي شيما، اوڪينيوا، امامي اوشيما، باڪو شيما، تنيگا شيما، ساڊو شيام وغيره وغيره) تي مشتمل آهي، ۽ اهڙن ملڪن جا ڪجھه اهڙا ننڍا ننڍا ٻيٽ به آهن جن جو اڄ ڏينهن تائين فيصلو نه ٿي سگھيو آهي ته ڪهڙي ملڪ جي ملڪيت آهن. جپان جي اتر ۾ ڪجھه ٻيٽ اهڙا آهن جيڪي روس ۽ جپان ٻئي Claim ڪن ٿا. اهڙي طرح فلپين ۽ انڊونيشيا جا ننڍا ٻيٽ هڪ ٻئي سان گڏ مڊ ٿي ويا آهن. ڪيترا اهڙا ويران ۽ ننڍا ٻيٽ آهن جن کي ڪير به نٿو پڇي. انهن تي جي ڪو ماڻهو ڇيڻو آهي ته اوسي پاسي جي ملڪن کي منٿ ميڙ ڪندو رهي ٿو ته ٻيلي هن ماڊرن دور ۾ اسان کي ڪي سهولتون مهيا ڪري ڏيو اسان توهان جي ملڪ جو حصو آهيون، پر ڏورانهين ٻيٽ تي ان ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ رهندڙ حاڪمن کي ڪهڙي پرواهه. پر جي اوچتو خبر پئجيو ٿي وڃي ته ڪنهنويران ٻيٽ تي ٻارڻ جي گئس يا تيل پيو نڪري يا سون جهڙو ڌاتو آهي ته پوءِ سائين اوسي پاسي جا ملڪ ته ڇا ڏورانهان ملڪ به ان کي پنهنجي ملڪ جو حصو قرار ڏئي هڪٻئي سان مار مارا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. جيئن اڄ ڪلهه اسپراتلي ٻيٽن (Spratly Islands) تي چوڌاري موجود سڀني ملڪن: ملائشيا، فلپين، چين، انڊونيشيا، ويندي ويٽنام ۽ تائيوان کڻي Claim ڪيو آهي ته اهي ٻيٽ هنن جا آهن، جيتوڻيڪ انهن ٻيٽن مان (جيڪي پنجاهه کن ٻيٽ ٿيندا ۽ هر ٻيٽ ڳوٺ وليداد چاچڙ جي به چوٿين حصي جيڏو مس ٿيندو) ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ تي ڪو بني بشر رهي ٿو، سو به ٻيڙين تي. هن پاسي جي ملڪن جي هنن هزارين ٻيٽن لاءِ پنهنجن شاگدن کي آئون هميشه ائين چوندو آهيان ته ڪنهن شيشي جي جڳ وانگر آهن، جنهن کي جيڪڏهن مٿاهينءَ تان سيمنٽ جي فرش تي ڇڏجي ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي. پوءِ ڪي وڏا ٽڪرا وڏا ٻيٽ ته ڪي ننڍا ٽڪرا ننڍا ٻيٽ آهن. اسپراٽلي ٻيٽ ته شيشي جا ٽڪرا نه پر سنهيون ڇَيتيون سمجھڻ کپن. بهرحال جي هڪ جڳ آهي ته اهو آسانيءَ سان چئي سگھجي ٿو ته هي سڀ شيشا فلاڻي جڳ جا آهن جيڪو فلاڻي هنڌان خريد ڪيو هئوسين يا فلاڻي گفٽ ۾ ڏنو هو پر اهو سوچيو ته هڪ بدران چار جڳ ڪنهن ڪمري جي مختلف ڪنڊن ۾ مٿان کان ڇڏجن ته ان صورت ۾ شيشي جي ٽڪرن مان اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته ڪهڙو شيشو ڪهڙي جڳ جو آهي. شيشي جا وڏا ٽڪر ته کڻي سڃاڻي سگھجن (جيئن جاوا، سماترا، شوولاويسي، مالوڪو، تمور، منڊانائو ٻيٽ وغيره) جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪنڊ ۾ پيا هجن پر ننڍا شيشا ۽ ڇيتيون ته ڪمري جي وچ ۽ ٻين ڪنڊن ڏي، ٻين جڳن جي ٽڪرن سان مليو وڃن. مزي جي ڳالهه اها ته فلپين، انڊونيشيا، ملائشيا ۽ برونائي جي هڪ ٻئي سان مليل اهڙن ننڍن ٻيٽن ۾ هڪ ئي قسم جي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا قديم ملئي زبان (Melayu) سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيئن ڪراچيءَ کان اڳيان گوادر،پسني- ويندي ايران جي بندرگاهه ڇابهار ۽ بندر عباس تائين (جيڪي مڪران ڪوسٽ جا بندرگاهه سڏجن ٿا) ۽ ايران جي سامهون (يعني خليج عمان ۽ ايراني نار جي ٻئي پاسي) مسقط، دبئي، دوحا وغيره جي ڪناري جا رهاڪو ۽ مهاڻا هڪ ئي زبان مڪراني ڳالهائين ٿا جنهن جا اڌ کان وڌيڪ لفظ فارسيءَ جا آهن. سو اهڙي حالت ۾ هن پاسي جي ٻيٽن جي رهاڪن جي ويس وڳن، زبان يا رسم رواج مان اهو اندازو لڳائڻ سولو ناهي ته آيا فلاڻو يا فلاڻو ٻيٽ فلپين جو آهي يا انڊونيشا جو! وري به هاڻ ملڪن جو تعداد گھٽ ٿي پيو آهي نه ته اڳئين زماني ۾ ويندي اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾، جڏهن انگريزن سنگاپور جي هڪ ويران ۽ جھنگ سان ڀريل ٻيٽ تي 1819ع ۾ قبضو ڪيو ته ان وقت مختلف ٻيٽن جا مختلف سردار، سلطان، بادشاهه يا انهن جا نمائندا حاڪم هئا.
1819ع ۾ سنگاپور کان وڌيڪ وڏو ۽ رونق وارو ٻيٽ ريائو (Riau) هو جنهن تي ملئي حاڪم رهيو ٿي، جنهن جي هٿ هيٺ سنگاپور جو ٻيٽ پڻ هو. اهو ملئي حاڪم (سلطان) ۽ ٻيا ڪيترائي اوسي پاسي جا ڊچن جي اثر هيٺ هئا. ڊچن خوب موج مزا ٿي ڪيا ۽ انگريزن کي ويجھو به نٿي اچڻ ڏنائون. انگريزن نيٺ سڙي سڙي سنگاپور ٻيٽ تي قبضو ڪيو جنهن لاءِ انگريز سيڪريٽري سر اسٽئمفورڊ رئفلس کي Credit ڏئي سگھجي ٿو. هن اهو ٻيٽ ڪيئن ملئي حاڪمن ۽ ڊچن کان هٿ ڪيو ۽ ان کي ترقي وٺرائي، ان جو سربستو احوال هن کان اڳ وارن ڪتابن (“سنگاپور ويندي ويندي” ۽ “سنگاپور ٿو سڏ ڪري”) ۾ ڏئي چڪو آهيان. هتي رڳو مختصر طور اهو ٻڌائڻو آهي ته سنگاپور ٻيٽ (جيڪو هڪ شهر، ملڪ ۽ رياست پڻ چئي سگهجي ٿو)، ٻين پاڻ جهڙن ٻيٽ نما ملڪن (جهڙوڪ تائيوان، سري لنڪا، مئڊا گاسڪر، ڪيوبا ۽ آئيسلئنڊ وغيره) کان تمام ننڍو آهي. سنگاپور جو ٻيٽ 26 ميل (42 ڪلوميٽر) ڊگھو آهي ۽ گھڻي کان گھڻو ويڪرو 14 ميل (23 ڪلوميٽر) آهي. ڪن هنڌن تي ته- خاص ڪري چانگي، بيدوڪ وٽ ته پنجن ميلن کان به گھٽ ويڪر اٿس. مزي جي ڳالهه اها ته سنگاپور جي ان ننڍڙي ٻيٽ جي چوڌاري ٻيا به انيڪ ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن جن مان 57 ٻيٽ ته سنگاپور جي ملڪيت آهن. انهن مان ڇهه ستن تي ڪجھه بني بشر رهي ٿو. خاص ڪري سنتوسا ٻيٽ تي، جنهن کي سنگاپور جي حڪومت چڱو سهڻو ۽ گھمڻ لائق ٺاهيو آهي، باقي خالي آهن.
جڏهن انگريزن سنگاپور ٻيٽ تي (1819ع ۾) قدم رکيو ته سنگاپور جو ٻيٽ تيلوڪ آير روڊ تائين هو، جنهن تي ناگور درگاهه شريف، مسجد الابرار ۽ چينين جو مندر ٿيان هاڪ ڪينگ آهي. سمنڊ جو پاڻي ان رستي تائين هو. چيني توڙي مسلمان جهازي، خلاصي، مهاڻا ان روڊ وٽ پنهنجا جهاز ۽ ٻيڙا ٻڌي پنهنجي پنهنجي عبادت گهر ۾ رب جا شڪر بجا آڻيندا هئا. (هندن جو عبادت گھر، “سري ماريا مان” مندر، ٿورو اندر سائوٿ برج روڊ تي مسجد جامي جي ڀرسان هو.) اڳتي هلي ويهين صديءَ ۾ انگريزن جي آخري ڏينهن ۾ ۽ لي ڪئان يو (چيني وزيراعظم) جي ٽيهه سال حڪومت ۾ سنگاپور کي وڌائڻ خاطر تيلوڪ آير روڊ کان بيٺل سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري زمين حاصل (Reclaim) ڪئي وئي. هاڻ سنگاپور سيشل اسٽريٽ، مارڪيٽ اسٽريٽ، ائسسن روڊ، ابنس روڊ، شينشن وي، فلوٽن روڊ، بئٽري روڊ وغيره جيڪو ڏسو ٿا اهو سڄو سمنڊ هو. ٻين لفظن ۾ 1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ فقط 580 چورس ڪلوميٽر هئي، پر پوءِ ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڀري هاڻ 730 چورس ڪلوميٽر خشڪي بنائي وئي آهي.
سنگاپور جو ٻيٽ خط استوا (Equator) جي ويجھو آهي. اهو خط استوا کان 85 ميل کن اتر ۾ آهي. يعني حيدرآباد کان نوابشاهه جيترو پنڌ آهي جيڪو نه برابر سمجھڻ کپي. خط استوا اها خيالي ليڪ آهي جيڪا دنيا جي گولي تي پوري وچ تان لنگھي ٿي ۽ اتي سج جا ڪرڻا ٻارهوئي سڌو پون ٿا ۽ ٻارهو ئي ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. سج جا ڪرڻا سڌو پوڻ ڪري اتي سخت گرمائش ٿئي ٿي. ڪڏهن به ڪنهن جو سنگاپور، انڊونيشيا يا ملائشيا جهڙن ملڪن ۾ اچڻ ٿئي، جيڪي ملڪ خط استوا تي آهن يا خط استوا جي ويجھو آهن، ته پاڻ سان ڇٽي (Umbrella) ضرور آڻي ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڪنڌ کي بچائڻ کپي. انهيءَ ڪري هتي جا مڪاني ماڻهو پٽڪو ٻڌن ٿا جنهن جو آخري حصو ڪنڌ پٺيان لڙڪائين ٿا. اڄ ڪلهه هتي جا نوجوان ٽوپي پائين ٿا ۽ چيني همراهه مٿي تي يا ڪنڌ تي ٽوال رکي هلن ٿا. انگريزن جي حڪومت ۾ به انگريز سرڪار طرفان ڪامورن توڙي فوجين کي مٿو ۽ ڪنڌ ڍڪڻ جي سختيءَ سان تاڪيد ٿيل هئي، ۽ اسان وٽ سنڌ هند ۾ به انگريز يا يورپي اس ۾ خاڪي ٽوپلو پائي هلندا هئا جيتوڻيڪ سنڌ ته خط استوا کان چڱو پري اٽڪل 26 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي. يعني خط استوا کي جيڪڏهن زيرو ويڪرائي ڦاڪ سمجهيو وڃي ۽ اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب واري ننڍڙي ويڪرائي ڦاڪ کي 90 ڊگريون اتر ۽ 90 ڊگريون ڏکڻ سمجھيو وڃي ته ڪراچي (بلڪه ملتان بهاولپور جيڪي 30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي آهن) خط استوا کان هڪ ڀاڱي ٽي حصا ۽ اتر قطب کان ٻه ڀاڱي ٽي حصا پري ٿيا. ۽ جڏهن ملتان ۽ بهاولپور ۾ ئي سج جا ڪرڻا گرم ٿين ٿا ته سنگاپور ۾ ته تمام گھڻو هجڻ کپن، پر هر وقت مينهن ۽ جھڙ ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي ۽ گرميءَ جو احساس نٿو ٿئي ۽ هن پاسي ڌاريون ايندڙ اهو نٿو سوچي ته هن پاسي جي اُس ڪيڏو خراب آهي. جيتوڻيڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هڪدم مٿي تي رومال يا اخبار رکي هلن ٿا يا وري ڇٽي، جيئن هو Sun Stroke (ڏينهن لڳڻ) کان بچي سگھن. سڀ کان بهتر شيءِ ڇٽي (umbrella) آهي جيڪا اس توڙي مينهن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿي.
هن پاسي مينهن به تمام گھڻو ۽ هر وقت پوندو رهي ٿو ۽ اهڙي مينهن ۾ پسي ڪنهن خوبصورت ۽ ايئرڪنڊيشنڊ ڊپارٽمينٽل اسٽور يا هوٽل جي ٿڌڪار واري لابيءَ ۾گھڙڻ سان نه فقط توهان کي ٿڌ زڪام لڳي سگھي ٿو پر توهان جي جسم ۽ ڪپڙن مان ٽمندڙ پاڻي هوٽل ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور جي فرش يا وڇايل غاليچي جو به ڪارو منهن ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ جنهن کي نه خبر هوندي ان کي به پئجي ويندي ته توهان ڪٿان آيا آهيو. ان ڪري هن پاسي (ويندي ٿائلنڊ، هانگ ڪانگ، جپان) اچو ته ڪراچيءَ مان ئي هڪ عدد Folding قسم جي ڌُوپ ڇٽي وٺي نڪرو.ٻي ڳالهه ته ڪَهين واري بوٽ ۾ هن پاسي جو رخ رکڻ بدران سليپر ٽائيپ بوٽ پيرن ۾ پائي نڪرجو، ڇو جو هن پاسي جي ملڪن ۾ گھر ۾ گھڙڻ لاءِ بوٽ ٻاهر لاهڻا پون ٿا ۽ ڪهين وارا بوٽ سخت تنگ ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو پٺاڻڪو سئنڊل پائي اچو ، خاص ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي، جتي نانگن، وڇن ۽ سئو پيرين جو آزار آهي.
سنگاپور، انڊونيشيا وانگر ٻيا به ڪيترائي ملڪ خط استوا تي آهن، جهڙوڪ: سوماليا، ڪينيا، يوگنڊا، زائر، ڪانگو، گئبن، برازيل جو مٿيون حصو، ڪولمبيا ۽ اڪيڊار وغيره.
سنگاپور جو اصل نالو سنگاپورا (Singapura) آهي جيڪو سنسڪرت جو آهي جنهن جي معنيٰ شينهن جو شهر آهي. 1819ع بعد انگريز ان کي سنگاپور (Singapore) سڏڻ لڳا. پراڻن تواريخي ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي ته سترهين صديءَ ڌاري هي ٻيٽ “تيماسيڪ” نالي سان سڏيو ويو ٿي، جنهن جي معنيٰ سامونڊي شهر آهي. ان وقت ٻيڙين ۾ چند مهاڻا ۽ سامونڊي ماڻهو (اورانگ لائوت) رهيا ٿي جن جو ڏينهن رات سمنڊ تي ئي گذارو هو. ڪجھه عرصي لاءِ ڪنارن تي ايندا هئا پر گھڻو ڪري رات سمنڊ تي ئي گذاريندا هئا جو هنن کي وهم ويٺل هو ته ڪناري تي رهڻ تي هو مري ويندا. ان قسم جا وهم اڄ به هن پاسي عام آهن، خاص ڪري انهن ماڻهن ۾ جيڪي ننڍن، ڏورانهن ۽ ويران ٻيٽن تي رهن ٿا.
15 فيبروري 1942ع تي سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ آيو ۽ هنن سنگاپور جو نالو “سيونان” (معنيٰ “ڏکن جي روشني”) رکيو. سگھوئي ٻي وڏي لڙائي ختم ٿي ۽ 21 آگسٽ 1945ع تي جپانين آڻ مڃي ۽ انگريز موٽي آيا ۽ هن ٻيٽ جو ساڳيو نالو سنگاپور رکيو ويو.
ڪي پڙهندڙ شايد اهو سوچيندا هوندا ته مسلمانن جي ملڪ ملائشيا (جنهن جو سنگاپور هڪ حصو هو جڏهن ملائشيا “ملايا” هو) ۾ سنسڪرت ٻولي ڪٿان آئي جو هن ٻيٽ جو نالو سنسڪرت زبان ۾ سنگاپور (يعني “شينهن جو شهر”) رکيو ويو.
در اصل هن پاسي (جنهن کي اسان ملائشيا ۽ انڊونيشيا سڏيون ٿا) تي چين ۽ انڊيا جي تهذيب جو وڏو اثر هو جو سڀ کان گھڻا ماڻهو انهن ملڪن جا ملاڪا نار جي بندرگاهن ۾ آيا ٿي- ان ڪري چيني ۽ هندي ٻولين جو پڻ وڏو اثر هو. هتي اسلام اسان کان گھڻو پوءِ آيو تيسين هن پاسي جي ماڻهن جو مذهب هندو ڌرم هو، ۽ پوءِ پهرين ملاڪا رياست جو بادشاهه ۽ سندس رعيت مسلمان ٿي ان بعد ملايا (مغربي ملائشيا)۽ انڊونيشيا جون ٻيون رياستون، جنهن جو تفصيلي احوال “مڪلي کان ملاڪا” ۽ ملائشيا بابت لکيل ٻين ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي. هتي جون اڃا به ڪيتريون ئي رسمون رواج هندو ڌرم ۽ هندو ڪلچر سان لاڳاپيل آهن ۽ انڊونيشيا جي هڪ ٻيٽ باليءَ جو آفيشل مذهب ته اڃا هندو ڌرم آهي. ننڍي هوندي ڪاليج ۾ Quiz مقابلن ۾ اڪثر اهو سوال پڇيو ويندو هو ته هندستان کان سواءِ اهو ڪهڙو ملڪ آهي جتي جو سرڪاري طرح هندو ڌرم آهي؟ ۽ جواب هوندو هو انڊونيشيا جو “بالي” ٻيٽ. هن پاسي برونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ ڏکڻ فلپين ۾ جيڪا زبان ڳالهائي وڃي ٿي ان جو سرڪاري نالو کڻي بهاسا ملائشيا يا بهاسا انڊونيشيا هجي پر اهي ملئي زبان جو فارم آهن جنهن ۾ انيڪ سنسڪرت جا لفظ آهن، جهڙوڪ، پرڌان منتري (وزيراعظم)، گرو (ماستر)، مها (وڏو)، ڇايا (روشني) وغيره وغيره. سو هن پاسي جي هڪ ملئي ٻيٽ جو سنسڪرت ۾ نالو هجڻ تعجب واري ڳالهه نه سمجھڻ کپي.
هن مضمون جي شروع ۾ هڪ هنڌ چئن طرفن (اڀرندو، اتر، الهندو ۽ ڏکڻ) بدران اٺن طرفن جو ذڪر ڪيو اٿم. در اصل جهاز هلائڻ جي سهولت لاءِ نقشي يا هن دنيا کي ڪيترن ئي طرفن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. ويندي هڪ هڪ ڊگري هڪ هڪ طرف تصور ڪيو وڃي ته اسان جي چوڌاري 360 ڊگريون يا طرف ٿيندا ۽ ڪو چاهي ته ان ڊگري (طرف) جا به وڌيڪ حصا ڪري سگھي ٿو. پر عام طرح پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ لاءِ جيڪي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن جا نقشا (Nautical Charts) آهن، انهن تي 64 طرف ڏيکاريل هوندا آهن. مثال طور اٺن مان سورهن طرف ڪرڻ لاءِ اوڀر (E) ۽ اتر (N) جي وچ ۾ اتر اوڀر (NE) طرف ٿي ويندو ۽ NE ۽ E جي وچ ۾ NEE طرف ٿيندو ۽ NE ۽ N، جي وچ ۾NNE يعني نارٿ نارٿ ايسٽ (اتر اتر اوڀر) ٿيندو. هونءَ ته ڏٺو وڃي ته گھرن جون چار ڀتيون يا کٽ ۽ ٽيبل جا چار پاسا هجڻ ڪري اسان عام حساب ڪتاب لاءِ پنهنجي پلاٽ، گھر، ڳوٺ شهر کي چئن طرفن ۾ کڻي ورهايو آهي (يا پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ لاءِ نقشي کي 64 حصن ۾ ورهايو ويو آهي) نه ته ڏٺو وڃي ته بنيادي طرف ته فقط ٻه طرف آهن “ساڄو ۽ کاٻو” اوڀر ۽ اولهه. توهان ڪنهن ڪمري ۾ جتي بيٺا آهيو ان کي توهان جي اڳ ۽ پٺ کان سڌي ليڪ ڪڍي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ته هڪ ساڄي حصي وارو (يا کڻي چئجي ته اوڀر وارو) پاسو ٿيندو ٻيو کاٻي پاسي وارو الهندو ٿيندو. اهڙي طرح پنهنجي شهر، پنهنجي ملڪ، هن دنيا جي گولي يا سڄي ڪائنات کي ٻن طرفن ۾ ورهائي سگھجي ٿو يا ائين چئجي ته هر شيءِ جا بنيادي طرف فقط ٻه آهن ۽ قرآن جي آيت پڻ آهي ته والله المشرق والمغرب، الله جو ئي آهي اوڀر ۽ اولهه. اها آيت منهنجي هر جهاز جي ڪئبن ۾ اڪثر لڳل رهندي هئي ۽ ڪيترا (خاص ڪري اهي جن جو نيويگيشن سان واسطو نه هوندو هو) اهي پڇندا هئا ته What about North & South?. ۽ منهنجي پنهنجي خيال موجب ته ٻن بنيادي طرفن ۾ هر شيءَ اچي وڃي ٿي باقي ڪو چار طرف ڪري ٿو ته ٻيو اٺ به ڪري ٿو ته چوهٺ به. ۽ جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو ته فقط چار طرف آهن ته پوءِ اهو ڪهڙو طرف سڏبو جيڪو ٻن طرفن (مثال طور اوڀر ۽ اتر) جي پوري وچ ۾ آهي؟ ظاهر آهي اهو نه اوڀر ٿيو ۽ نه اتر. اهو هڪ نئون طرف ٿيو پوءِ ان جو نالو اسان کڻي ڀر وارا ٻه طرف (اوڀر۽ اتر) ملائي “اوڀر اتر” رکيو آهي ... يا توهان چاهيو ته ان طرف کي ڪو نئون نالو ڏئي سگھو ٿا ... ۽ نه فقط اٺ طرف ٺاهي سگھو ٿا پر ڊگرين مطابق 360 طرف يا منٽن مطابق 21600 طرف ٺاهي سگھو ٿا. هڪ ڊگريءَ ۾ 60 منٽ آهن ۽ دنيا جو گولو جي 21600 منٽن يعني گدري جي ڦارن وانگر ورهائجي ته هر ڦار جي ٻاهرئين حصي جي ويڪر يا مفاصلو هڪ ناٽيڪل ميل ٿو سڏجي، جيڪو ڪناري واري ميل (Statue Mile) کان ڪجھه وڏو ٿئي ٿو ۽ ڪلوميٽر کان ته تمام گھڻو وڏو ٿئي ٿو. اسان سمنڊ تي مفاصلو نه ڪلوميٽرن ۾ ماپيون نه ميلن ۾، پر ناٽيڪل ميلن ۾. جيڪو هڪ “منٽ” مفاصلي جيترو ٿئي ٿو يعني هڪ ڊگريءَ جو سٺهون حصو. هن مضمون ۾ مٿي، ڪراچي کان بمبئي يا ڪولمبو، ڪلڪتي تائين مفاصلو ڏنو اٿم اهو پڙهندڙن جي سهولت لاءِ ڪلوميٽرن يا ميلن ۾ آهي نه ته هئڻ ناٽيڪل ميلن ۾ کپي. اهڙي طرح پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار Knots(ناٽس) ۾ هوندي آهي. ڪنهن جهاز جي رفتار ويهه ناٽ آهي معنيٰ اهو جهاز ڪلاڪ ۾ ويهه ناٽيڪل ميل هلي ٿو جيڪا ڪناري جي مفاصلي مطابق 24 ميل في ڪلاڪ رفتار ٿي يا 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ.
سنگاپور ۾ ماڻهن ۽ جهازن جو گھڻو اچڻ 1819ع کانپوءِ ٿيو آهي جڏهن کان اهوٻيٽ سر اسٽئمفورڊ رئفلس انگريزن لاءِ حاصل ڪيو نه ته ان کان اڳ سنگاپور جو سڄو ٻيٽ گھاٽو جھنگل هو. فقط ندي (سنگاپور ندي) جي منهن وٽ ٽيهارو کن ڪکاڻا ۽ ڪچا گھر هئا جن ۾ ملئي مهاڻا رهيا ٿي يا سامونڊي خانه بدوش ٻيڙين ۾، يا وري هتان هتان ڦرون ڪري اچي لڪندڙ چور ۽ قذاق(Pirates)! سنگاپور کان گھڻو گھڻو سڌريل ۽ وڏو ٻيٽ ته ريائو هو جنهن تي ڊچ، ملئي ۽ انهن جو سلطان رهيو ٿي، جنهن جي ملڪيت سنگاپور ٻيٽ هو. پوءِ انگريزن جي اچڻ ڪري سنگاپور اوسي پاسي جي سڀني ٻيٽن کان بهتر ٿي ويو. اوسي پاسي جي ملئي ٻيٽن جي رهاڪن کان علاوه ملاڪا، پينانگ جهڙن ڏورانهن ٻيٽن، ويندي انڊيا چين کان به ماڻهو اچي نڪتا، ۽ پوءِ صديءَ جي آخر تائين سنگاپور ۾ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون ۽ مختلف مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو رهي پيا. ان ڪري سنگاپور لاءِ اهو چوڻ صحيح آهي ته “Singapore is a nation of immigrants” (سنگاپور ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن جي قوم آهي) ۽ اهو نه فقط ماڻهن جي خيال کان (Demographically) صحيح آهي پر Botanically پڻ. سنگاپور کي پارڪن جو شهر (City of Garden) سڏيو وڃي ٿو ۽ هتي جيڪي سهڻا سهڻا گل، ٻوٽا، وڻ ٽڻ ڏسو ٿا اهي هتي رهندر ماڻهن وانگر ٻاهران آيا. ويندي رٻڙ جو وڻ جنهن تي هن علائقي (ملائشيا، انڊونيشيا) کي ناز آهي جو ان هنن ملڪن جي معاشي حالت سڌاري آهي، هتي جو نه پر برازيل (ڏکڻ آمريڪا) جو آهي. بوگن ولا جيڪا وچ شهر کان هوائي اڏي تائين سنگاپوررستن کي سهڻو بڻائي ٿي، ٻاهران هتي آئي.
سنگاپور جڏهن جهنگل هو ته جانور جام هئا پر پوءِ جھنگ صاف ٿيڻ تي جانور مرندا ويا. هاڻ ته سڄو سنگاپور يورپ جي ماڊرن شهر مثل ٿي پيو آهي. چوڌاري پڪا رستا ۽ پڪيون عمارتون ۽ رات جو ٻرندڙ بتيون ڏينهن جو ڏيک ڏين ٿيون ۽ ڪو جانور نظر اچي ٿو ته ٻلي، نوريئڙي ۽ سانڊي جهڙو ڪو ننڍو يا وري ڊگھي پڇ وارو ڀولڙو (Macaque). باقي هتي جي چڙيا گهرن ۾ هر قسم جا جانور، پکي، نانگ بلائون، واڳون ۽ پوپٽ ڏسي سگھو ٿا.
سنگاپور جو آئين هر مذهب جي آزادي ڏئي ٿو. سنگاپور ۾ توهان کي هر مذهب جو ماڻهو ملندو، ٻڌ ڌرم، تائو ڌرم، اسلام، عيسائيت ۽ هندو ڌرم جا سڀ کان گھڻا ماڻهو آهن، ان بعد سک، يهودي، جين ۽ زوروسٽرن (پارسي) آهن. تائو ڌرم جا ماڻهو ڪنفيوشس، لائوشي ۽ مينيڪس جهڙن چيني عالمن جا پوئلڳ آهن. تائو ڌرم جا گھڻو ڪري چيني آهن ۽ هنن جا سنگاپور ۾ ڪيترائي مندر آهن جن ۾ مختلف ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا پاٺ هلي ٿي. مسلمانن ۾ سڀ کان گھڻيون ذاتيون ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا آهن. جھڙوڪ: ملئي، عرب، ايراني، بنگالي، انڊين، پاڪستاني وغيره. پر سڀ کان گھڻا ملئي مسلمان آهن جيڪي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن کان آيا. هن پاسي اسلام عربن ۽ انڊين واپارين آندو. هنن شروعاتي واپارين جي نيڪي ۽ سٺيون ڳالهيون ڏسي هن پاسي جا ملئي ماڻهو مسلمان ٿيا. سنگاپور جون پراڻيون مسجدون (جيڪي اڄ به قائم آهن) ڏکڻ هندستان جي مسلمان سوداگرن جون ٺهرايل آهن. هتي جا ملئي ماڻهو شافعي فرقي (School of thought) سان تعلق رکن ٿا. ٻئي نمبر تي هندستان ۽ پاڪستان سان تعلق رکندڙ حنفي آهن ۽ ڪجھه ڪجھه حنبلي، مالڪي، شيعا، آغاخاني، بوهرا ويندي بَهائي، احمدي (قادياني) به رهن ٿا. ڪيترائي چيني پڻ مسلمان آهن.
سنگاپور جي حڪومت کي مسلمانن جي مذهبي مسئلن ۽ ٻين ضرورتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ “دي مسلم رليجس ڪائونسل آف سنگاپور” آهي، جيڪا مسلمانن جي، هن ملڪ ۾ وڏي اٿارٽي سمجھي وڃي ٿي ۽ “چنڊ جي نظر اچڻ”جي فيصلي کان وٺي “فطرو مقرر ڪرڻ” هن ڪميٽيءَ جي بلي آهي. هر سال سنگاپور جي ماڻهن کي حج موڪلڻ ۽ مسجدن جو انتظام هلائڻ ۽ مسلمانن جي ٻين مسئلن لاءِ هيءَ ڪائونسل (ڪميٽي) لهه وچڙه ۾ اچي ٿي ۽ حڪومت کي صلاحون ڏئي ٿي.
عيسائين جا سنگاپور ۾ ڪيترائي گروپ آهن: ڪئٿولڪ، پروٽيسٽنٽ وغيره. پروٽيسٽنٽ جا به ڪيترائي ڀاڱا آهن جهڙوڪ: ائنگليڪن، ميٿاڊسٽ، بريدرن (Brethren) ۽ Presbyterian وغيره. عيسائين هن ٻيٽ تي ڪيترائي اسڪول کوليا ۽ تعليم تي زور ڏنو. هندو فقط انڊيا جا آهن جن مان گھڻا ڏکڻ هندستان جا آهن. ڪجھه سک پڻ رهن ٿا.
سنگاپور هڪ پارليامينٽري ريپبلڪ آهي جنهن ۾ ملڪ جو صدر رياست جو مک آهي ۽ وزيراعظم حڪومت جو مُک آهي. جيتوڻيڪ هر پارليامينٽ جو پنجن سالن جو مدو آهي پر هتي اهو رواج ٿي ويو آهي ته هر چوٿين سال، ڊسمبر جي مهيني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي ٿي. پارليامينٽ هر چوٿين سال صدر چونڊي ٿي ۽ صدر پارليامينٽ جي هڪ ميمبر کي جنهن کي پارليامينٽ جي مئجارٽيءَ جو اعتماد هجي، ان کي وزيراعظم مقرر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ ڪابينا پارليامينٽ ۾ جوابده هوندي آهي.
اليڪشن ۾ حصو وٺڻ هر سنگاپوريءَ لاءِ ضروري آهي ۽ فراڊ ۽ ٺڳيءَ کي روڪڻ لاءِ هر هڪ Ballot پني تي نمبر لڳل رهي ٿو. اڄ ڪلهه پارليامينٽ ۾ 81 سيٽون آهن. سنگاپور ۾ اٽڪل ويهارو کن سياسي جماعتون آهنپر 1959ع (شروع) کان فقط هڪ جماعت P.A.P (پيپلس ائڪشن پارٽي) اليڪشن کٽي رهي آهي ۽ ٽيهن سالن تائين هتي جو مشهور چيني وڪيل “لِي ڪئان يو” وزيراعظم رهيو. اڄ ڪلهه مسٽر “گوهه چاڪ ٽانگ” (Goh Chock Tang) وزيراعظم آهي. هو هڪ سرڪاري ڪامورو ۽ جهاز ران ڪمپنيءَ جو چيئرمن رهي چڪو آهي. مسٽر لِي ڪئان يو جو پٽ برگيڊيئر جنرل لي سين لونگ (Lee Hsien Loong)، جيڪو پنهنجي فوجي پوسٽ ڪري “بي جي” يعني برگيڊيئر جنرل به سڏجي ٿو، ڊپٽي پرائيم منسٽر آهي. BG پارليامينٽ ۾ 1984ع ۾ داخل ٿيو ۽ ڊپٽي پرائيم منسٽر ٿيڻ کان اڳ “ٽريڊ ۽ انڊسٽريءَ جو وزير” هو.