سنگاپور جون نَوَ پليون
هونءِ دنيا جون جيڪي پراڻيون آباديون آهن اهي ندين جي ڪناري تي آهن، ڇو جو انسان لاءِ پيئڻ جو پاڻي ضروري آهي، جيڪو هنن کي ندين، دريائن مان مليو ٿي. پر هن پاسي: سنگاپور، ملائيشيا،انڊونيشيا پاسي ندين جي ڪناري تي رهڻ جو سبب پيئڻ لاءِ پاڻي نه پر سفر ڪرڻ هو. هن پاسي ٻارهوئي ايڏا مينهن وسن ٿا جو ڪو کڻي ڪٿي به هجي اڃ نٿو مري سگھي. ساڳي وقت ڀلي زمين ۽ سخت مينهن ڪري هن پاسي جا ايڏا گھاٽا جھنگ آهن جو ڪن ڪن هنڌن تي جانورن جي چرپر به ڏکي ٿيو پوي. نه رڳو وڻ وڻ سان مليل پر گاهه ايڏو گھاٽو ۽ ڊگهو جو ماڻهو لڪي وڃي. هنن گهاٽن وڻن جون مٿيون ٽاريون هڪٻئي سان ملي اهڙي ڇت ٺاهين ٿيون جو آسمان نظر نٿو اچي. اڄ صدين بعد جڏهن هيڏي ماڊرنائيزيشن ۽ Urbanization اچي چڪي آهي ته به ملائيشيا جا ڪيترا حصا اهڙا آهن جتي ڏينهن جو به اونداهه رهي ٿي ۽ گھاٽن جھنگلن مان لنگھندي ڪار جون بتيون ٻاري هلڻو پوي ٿو. سو شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن نه جھنگ صاف ڪيا ويا هئا ۽ نه رستا هئا نه گاڏيون ته انهن ڏينهن ۾ مسافريءَ جو ذريعو فقط نديون ۽ ٻيڙيون هيون. ان ڪري هر هڪ نديءَ جي ڪناري تي رهڻ چاهيو ٿي جيئن هن جي چرپر سولي ٿئي. سنگاپور ۾ به هر هڪ نديءَ جي ڪناري تي رهڻ لڳو. پهرين نديءَ جي منهن وٽ، جتي ندي اچي سمنڊ سان ملي ٿي، ان بعد اندر وڌندا ويا ۽ ساڳئي وقت ندي جا ڪنارا صاف ڪندا ويا.
اڄ به سنگاپور جون خوبصورت ۽ وڏيون عمارتون سنگاپور نديءَ جي ڪناري تي آهن. سنگاپور ندي شاعرن، آرٽسٽن ۽ عاشقن لاءِ Inspiration رهي آهي. دنيا جي ندين وانگر سنگاپور جي “سنگاپور ندي” جي به پنهنجي هڪ پرسنلٽي آهي جيتوڻيڪ اها نيل، سنڌو يا ٻين ندين وانگر ڪا آفت جيڏي ندي ناهي. اها فقط يارنهن ڪلوميٽر ڊگهي آهي، يعني ڄامشوري کان حيدرآباد تائين مس ٿيندي. ڪراچي جو ايم اي جناح روڊ به ان کان ٻيڻو ٿيندو پر بهرحال هن نديءَ جي پنهنجي تواريخ آهي جيڪا ايڏي پراڻي آهي جيڏو هي ٻيٽ. ۽ توهان ڀلي کڻي هڪ ڏينهن لاءِ سنگاپور اچو، اهو ٿي نٿو سگھي ته هن نديءَ وٽان نه لنگھو- هن نديءَ تي ٺهيل پلين تان ٻه چار دفعا نه ٽپو.
سنگاپور جي هيءَ ندي جنهن جو نالو پڻ “سنگاپور ندي” آهي جيتوڻيڪ سمنڊ جي منهن کان وٺي ڪا سنڌو ندي يا جھلم، چناب راويءَ جهڙي ويڪري ته ڇا پر سنڌو نديءَ جي ڪئنالن جهڙي به نه آهي. بس جيڪا ڪجھه آهي اها ڪم سينگ روڊ تائين ٽي ميل آهي، باقي ٽي ميل کن ڪچي آباديءَ مان وهندڙ نالي Drain وانگر آهي، جنهن جي وچ تي پٿر رکي ٽپي سگھجي ٿو. بهرحال سمنڊ جي منهن وارن ٽن ميلن واري حصي تي هن نديءَ مٿان نَوَ پليون ٺهيل آهن جن تان ٽپي هڪ پاسي کان ٻئي ڏي وڃي سگھجي ٿو ۽ وچ شهر واري سڄي رونق هن ٽُڪري تي آهي. سنگاپور جا ڪيترائي پراڻا ۽ مشهور روڊ ۽ گھٽيون نديءَ جي هن حصي ڀرسان آهن، جهڙوڪ: فلرٽن روڊ، پارليامينٽ لين، ايلزبيٿ واڪ، هاءِ اسٽريٽ، هِل اسٽريٽ، بئٽري روڊ، ايلن بورو روڊ، سرڪيولر روڊ، ڪئنٽن اسٽريٽ، مئگزين روڊ، سائگان روڊ، هانگ ڪانگ اسٽريٽ، ڪارپينٽر اسٽريٽ وغيره وغيره.
سنگاپور نديءَ مٿان جيڪي نَوَ پليون ٺهيل آهن اهي ڪي ڄامشوري، ڪوٽڙي يا “دادو موري” جهڙيون پليون نه آهن. ظاهر آهي جهڙي “ٿلهي متاري” ندي هوندي اهڙيون ئي مٿانس پليون ٺهي سگهنديون. ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ ٽپڻ لاءِ جيڪي پليون ٺهيل آهن اهي به وڏيون ۽ مٿاهيون آهن پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن پلين مٿان سڄو ڏينهن ماڻهن ۽ موٽرن جي اچ وڃ ۽ رونق لڳي رهي ٿي. دڪاندار، خريدار، رنگين هوائي ٽائيپ شرٽن ۾ ٽوئرسٽ ته هتي جي بئنڪن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ٽائي پهريل سمارٽ نوجوان ۽ چيني ڇوڪريون، ملئي ڊريس (باجو ڪورونگ) پهريل ملئي مسلمان ڇوڪريون ۽ ساڙهيءَ ۾ ملبوس هتي جون ڪارسريون تامل ڇوڪريون، عرب، افغاني، يورپين، جپاني، ماڻهن جو هر وقت هجوم نظر ايندو. سنگاپور نديءَ مٿان ٺهيل هنن پلين جو پنهنجو پنهنجو نالو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي تواريخ آهي. انهن پلين مٿان لنگھندي آئون ته ڪڏهن ماضيءَ ۾ هليو ويندو آهيان ته هي پليون ڪڏهن ٺهيون، ڪهڙن ماڻهن جي نالي آهن ۽ انهن ماڻهن جي ڇا ڄاڻ آهي.
نديءَ جي منهن وٽان جيڪڏهن شروع ٿجي، يعني مرلائن (اڌ شينهن اڌ مڇي) واري مجسمي يا ايلزبيٿ واڪ وٽان پهرين پل “ائنڊرسن برج” آهي، جنهن مٿان کاٻي پاسي کان فلرٽن روڊ لنگھيو ساڄي پاسي ڪناٽ ڊرائيور ۽ هاءِ اسٽريٽ سان وڃيو ملي. ائنڊرسن برج 1910 ۾ ٺهي ۽ انگريز آفيسر سر جان ائنڊرسن نالي آهي جيڪو 1904ع کان وٺي 1911ع تائين واري عرصي ۾ گورنر ۽Federated Malay States جو هاءِ ڪمشنر هو.
• “ڪئوناگهه (Cavenagh) برج” جيڪا ايمپريس پليس ۽ فلرٽن اسڪائر کي ڳنڍي ٿي هن نديءَ مٿان پراڻي ۾ پراڻي پل آهي. هيءَ پل 1869ع ۾ ٺهي جنهن کان اڳ هيءَ ندي ٻيڙين ذريعي ٽپي وئي ٿي. پوءِ جڏهن مٿين پل ائنڊرسن برج ٺهي ته هيءَ پل فقط ماڻهن جي ٽپڻ لاءِ رکي وئي. ڍڳين، مينهن، گھوڙن ۽ ٻئي چوپائي مال ۽ بار جي گاڏين لاءِ ائنڊرسن پل رکي وئي. توهان جيڪڏهن جنرل پوسٽ آفيس وٽ بيٺا آهيو ته هيءَ پل تمام ويجھي اٿانوَ. هيءَ پل انڊيا جي گورنر آرفور ڪيوناگھه نالي آهي جنهن جي هٿ ۾، سن 1859ع کان 1867ع تائين سنگاپور جي ائڊمنسٽريشن هئي. هي انڊيا جو آخري گورنر هو جنهن سنگاپور جو نظام هلايو. ان بعد سنگاپور لاءِ انگلينڊ طرفان الڳ گورنر مقرر ٿيندو هو.
• ايلگن (Elgin) برج: سائوٿ ۽ نارٿ برج روڊن کي ڳنڍي ٿي جيڪا انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ايلگن نالي آهي. هيءَ پل 1822ع ڪاٺ جي تختن مان ٺاهي وئي، ان بعد 1844ع ۾ Draw Bridge ٺاهي وئي ۽ پوءِ 1863ع ۾ لوهه جي ٺاهي وئي.
• ڪولمئن (Coleman) برج: هيءَ پل هل اسٽريٽ ۽ نيو برج روڊ کي ڳنڍي ٿي ۽ سنگاپور جي پهرين آرڪيٽيڪٽ مسٽر جي. ڊي. ڪولمئن نالي آهي. جارج ڊرم گولڊ ڪولمئن (J.D. Colman) پبلڪ ورڪس جو سپرنٽينڊنٽ هو. سندس قبر فورٽ ڪئننگ وري قبرستان ۾ آهي. آرمينين چرچ، پارليامينٽ هائوس ۽ ٻيون ڪيتريون سنگاپور جون عمارتون ڪولمئن جون ٺهرايل آهن. هيءَ پل 1840ع ۾ ٺهي، ان بعد 1865ع ۽ 1886ع ۾ موجوده حالت واري شڪل ۾ آندي وئي.
• ريڊ (Read) برج: هيءَ پل بوٽ ڪُئي (Boat Quay) ۽ نارٿ برج ڪئي کي ڳنڍي ٿي. هيءَ پل 1889ع ۾ ٺهي ۽ هتي جي مشهور بزنيس مئن مسٽر ڊبليو هينري ريڊ نالي آهي. هن پل کي هتي جا ڪي ماڻهو “ملاڪا برج” ۽ رنگ ڪري “گرين برج” به سڏين ٿا.
• اورڊن (Ord) برج: هيءَ تمام ننڍڙي پل آهي جيڪا سن 1886ع ۾ ٺهي. ان کي ٽاڊي (Toddy) برج به سڏين. هن پل جي هڪ پاسي مشهور هوٽل “نيو اوتاني” آهي ته ٻئي پاسي چينين جو مندر چانگ سو ٽيمپل آهي. فئر اسٽريٽ ۽ مئگزين روڊ هن پل جي بلڪل ويجھو آهن.
• ڪليمنچو (Clemenceau) برج: هيءَ پل 1920ع ۾ ٺهي ۽ ڪليمنچو ايوينيو سان مليل آهي. هيءَ پل جارج ڪليمنچو نالي آهي جيڪو سنگاپور جي دوري تي آيل پهريون فرينچ پرائم منسٽر هو.
• پلائو سائگان فٽ برج: اها پل پلائو سائگان روڊ ۽ مربائو روڊ کي ڳنڍي ٿي. هيءَ پل 1890ع ۾ ٺهي. هن پل وٽ ڪاسائين جا ايترا ته دڪان هئا جو ڪنهن زماني ۾ هن پل کي “بُچر(Butcher) برج” به سڏيندا هئا.
• ۽ نائين پل جيڪا ٻين جي مقابلي ۾ هن دور ۾ ٺهي “ڪم سينگ برج” آهي جيڪا 1950ع ۾ ٺهي راس ٿي جيڪا ڪم سينگ روڊ سان ڳنڍيل آهي. ڪم سينگ (Kim Seng) سنگاپور جو مشهور واپاري هو.
ڪم سينگ پل کان پوءِ سنگاپور ندي ڪوئي جي پڇ وانگر ايتري سنهي ٿيو وڃي جو واٽر ڪورس به ان کان متارو ٿئي.