الطاف شيخ ڪارنر

آل ابائوٽ سنگاپور

هي ڪتاب سنگاپور ويندڙ ماڻھن کي سنگاپور بابت ڪيترين ئي ڳالھين جي ڄاڻ مھيا ڪندو ۽ هن جو پڙهڻ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو.  سنگاپور بابت احوال الطاف شيخ جي ڪيترن ئي سفرنامن ۾ اچي چڪو آهي، پر ٽن ڪتابن ۾ (“آل ابائوٽ سنگاپور” ڪتاب سميت) سنگاپور جو تفصيلي احوال آهي. انهن مان پھريون ڪتاب “سنگاپور ويندي ويندي” 1985ع  ۾ ڇپيو، ان بعد “سنگاپور ٿو سڏي ڪري” ۽ هاڻ هي ٽيون ڪتاب “آل ابائوٽ سنگاپور” آهي. هي ٽئي ڪتاب هڪ ئي سيريز جو حصو بہ چئي سگهجن ٿا ته هر هڪ ڪتاب الڳ الڳ داستان بہ. 

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 35
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آل ابائوٽ سنگاپور

پورهئي ۽ محنت جو اجورو

1819ع ۾ جڏهن سنگاپور انگريزن حوالي ٿيو ته سڄو ٻيٽ گھاٽو جھنگ هو. سنگاپور نديءَ جي منهن وٽ ڪجھه ملئي مهاڻن جا گھر هئا ٻيو سڀ خير. سنگاپور جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ اوسي پاسي ۾ هئا جن مان ڪن تي سنگاپور کان به وڌيڪ ماڻهو رهيا ٿي پر انگريزن کي پير ڄمائڻ لاءِ هي ئي ٻيٽ مليو ۽ هنن هن ٻيٽ کي واپار جي منڊي، ماڊرن ۽ ڪار آمد بندرگاهه ٺاهيو ٿي. هنن چاهيو ٿي ته هن ٻيٽ تي نه فقط اوسي پاسي جي ٻيٽن جا پر انڊيا، عربستان، چين ويندي يورپ کان امير توڙي غريب امن امان سان اچي رهن. امير پنهنجو پئسو لڳائي واپار وڙو ڪن ۽ غريب پورهيو / مزوري ڪري خوشحال ٿين، ۽ ان سان گڏ سنگاپور پڻ وڌي ويجھي ۽ سهڻو ٿئي ۽ انگريزن جي ناموس ٿئي. ملڪ (انگلنڊ) ۾ ويهي انگريز چون ته جادو ڀري ڏور اوڀر ۾ هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي جنهن تي انگريزن جو قبضو آهي.
انگريز سرڪار پهرين ته اتي رهندڙ سئو سوا ملئي ماڻهن سان گڏو گڏ اوسي پاسي جي ٻيٽن کان ٻيا ملئي ۽ چيني گھرائي هنن کان جهنگ ڪٽرائڻ شروع ڪيو ۽ ان کان سواءِ في نگ جي حساب سان ڪوئا ۽ سئو پيريون مارائڻ شروع ڪيائون جيڪي سڀکان وڏيون مصيبتون هيون. نانگ بلائون، وڇون ۽ ٻيا زهريلا جيت به هئا. جھنگلي سوئرن ۽ واڳن جهڙا جانور به هئا، پر سڀ کان وڏي مصيبت سئو پيريون ۽ ڪوئا هئا جن کان ٻليون به ڊنيون ٿي.
ٿوري گھڻي صفائي بعد رهائش جي پلاننگ ڪئي وئي. ملئي، انڊين، چينين، يورپين ۽ عربن کي رهائش لاءِ مختلف زمينن جا حصا ڏنا ويا جيئن هر ڪو پنهنجن سان خوش رهي. گھر ٺهڻ ڪري ڪيترائي چيني، جيڪي پهرين چين کان پينانگ، ملاڪا، پاليمبانگ ۽ جاوا ۽ سماترا ٻيٽن تي اچي چڪا هئا لڏي سنگاپور اچڻ لڳا. آهستي آهستي جيئن ئي سنگاپور مشهور ٿيڻ لڳو ته ڪيترائي پاڻيءَ جا جهاز اچڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ نه هيون جهازن تي ڊيرڪون (سامان لاهڻ چاڙهڻ جون مشينون) ۽ نه ڪناري تي ڪرينون، جهاز تي سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ لاءِ سوين ڪولين (مزورن) ڪم ڪيو ٿي. وري بندرگاهه کان هٿ گاڏين يا ڍڳي گاڏين ۾ سامان کي ڍوئي گدامن تائين رکڻ لاءِ به سوين مزور (Coolie) جنبي ويندا هئا. شروع جي ڏينهن ۾ اهم جاب مزوري (ڪولي ٿي ڪم ڪرڻ) هوندو هو. چين، جتي تمام گھڻي غربت هئي، اتان سنگاپور اچي ڪولي ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهو ائين اچڻ لڳا جيئن ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان هندستان کانماڻهو دبئي ۽ سعودي عرب وڃڻ لڳا هئا.
غريب چيني روزگار ڪمائڻ لاءِ ٻيڙين ۽ سڙهن وارن جهازن ذريعي ڏکڻ چين کان سنگاپور ۾ ڪُولي ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. غريبن وٽ سفر جو ڀاڙو به نه هوندو هو. پوءِ هو ان ڀاڙي جي بدلي ۾ ڇهه مهينا يا سال کن جهاز جي سيٺ وٽ يا ڪنهن ٻئي سيٺ وٽ ڪم ڪندا هئا جيڪو هنن جو ڀاڙو ڀريندو هو. هو مزور ٿي ڪم ڪندا هئا ۽ پهريون سال کين فقط کائڻ لاءِ ملندو هو ان بعد کين مزوري ڏني ويندي هئي. جنهن مان هو ڪجھه حصو بچائي پنهنجي غريب مائٽن کي موڪليندا هئا، ٻيو پاڻ تي خرچ ڪندا هئا. ڪي ته عقلمنديءَ کان ڪم وٺي ان مان به ڪجھه بچائيندا ويندا هئا ۽ پوءِ ڪجھه سالن بعد گاڏيءَ تي شيون رکي وڪڻندا هئا. ان بعد ننڍو دڪان ۽ پوءِ وڏو دڪان ٺاهي ويندا هئا. ڪي ته محنت، عقل ۽ ڀاڳ ڪري تمام وڏا وڏا سيٺ به ٿيا. هڪ ٻه اهڙا سيٺ ڌيان ۾ اٿم جن مان ڪنهن هڪ جو تفصيلي احوال يا انٽرويو ڏيڻ تي دل چئي رهي آهي ته هو ڪيئن هوٽلن ۽ بئنڪن جا وڃي مالڪ ٿيا. اڳتي هلي لکڻ جي گنجائش ۽ وقت مليو ته ضرور لکندس. اهي ماڻهو اڃا جيئرا آهن، توهان سنگاپور اچي هنن شخصيتن سان ملي سبق حاصل ڪري سگھو ٿا.
ڪي ويچارا غريب ۽ اڻ پڙهيل چيني پنهنجي سادي طبيعت ۽ سستيءَ ڪري سڄي عمر غريب رهيا. ڪي وري خراب صحبت ۾ ڦاسي سڀ ڪجھه وڃائي ويٺا، ويندي پنهنجي صحت به. گھر جي جدائي ۾، اڪيلائي ۽ ڊپريشن ۾، هنن نشي جو سهارو ورتو يا جوا ۽ ٻين گندين ڳالهين ۾ پئسو برباد ڪيو. اهڙي ئي هڪ رڪشا واري جي ڪهاڻي، ڪجھه دير اڳ هتي جي هڪ درسي ڪتاب ۾ پڙهي اٿم.
اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاري ۽ ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ سنگاپور ۾ اٽڪل ويهه هزار کن اهڙا چيني رهيا ٿي جن پنهنجو روزگار رڪشا ڇڪي ڪمايو ٿي. انهن ۾ هڪ وِي توه گُو (Wee Toh Gu) نالي نوجوان پڻ هو.
(چيني نالي ۾ اڳيان ذات لکي وڃي ٿي ان بعد نالي جا گھڻو ڪري ٻه لفظ ٿين ٿا. هتي “وي” همراهه جي ذات آهي ۽ “توه گُو” نالو.)
چين ۾ رهندڙ ماءُ پيءُ کي توه گو اڪيلو پٽ هو. سندس سڄو ڪٽنب بيحد مسڪين هو. توه گُو پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو. غريب ماءُ ۽ توه گُو جي وڏي ڀيڻ اوڙي پاڙي جا ڪپڙا ڌوئي پيٽ گذر لاءِ چار پيسا ڪمايا ٿي. چين ڇڏڻ کان اڳ توه گُو پنهنجي ماءُ سان وعدو ڪيو ته سنگاپور پهچڻ تي هن کي جيئن ئي ڪا مزوري پورهيو ملندو ته هو کين ٿورا گھڻا پئسا موڪليندو رهندو.
توه گو جڏهن سنگاپور پهتو ته هن کي ٻيڙيءَ جي مالڪ ڀاڙي نه ڏيڻ بدلي ۾ خريد ڪيو. هن کان ڪاغذ پٽ صحيح ڪرايا ويا ته هن کي ٻيڙيءَ جي مالڪ وٽ هڪ سال لاءِ بنا پگھار جي ڪم ڪرڻو پوندو. ان بعد هن کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ مزدور (Coolie) ڪري رکيو ويو ۽ هن جو ڪم وڏن جهازن تان سامان لاهي ٻيڙيءَ ۾ رکڻ ۽ پوءِ ٻيڙيءَ جي اندر اچڻ تي Boat Quay روڊ تي، ٻيڙيءَ مان سامان لاهي مالڪ جي گدامن ۾ رکڻ هو.
توه گُو جي ڪسرتي جسم ۽ بار ڍوئڻ ڪري هن جو نالو “تئاگو” رکيو ويو، تئا ملئي زبان ۾ وڏي کي چئجي ٿو ۽ گو ڍڳي کي، يعني “وڏو ڍڳو”. هتي هڪ ڳالهه لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته سنگاپور اصل ۾ ملئي ماڻهن جو ٻيٽ هو ان ڪري سنگاپور ۾ ملئي زبان عام طرح هلي ٿي. ويندي انگريز گورنر سر اسٽئمفورڊ رئفل کي، جنهن اچي هن ٻيٽ کي ملئي سلطان کان حاصل ڪيو، سٺي ملئي زبان آئي ٿي. آهستي آهستي ڌارين ٻيٽن ۽ ملڪن کان ملئي، چيني، انڊين، بوگي، جاواني، عرب اچڻ لڳا. انهن ۾ جيتوڻيڪ گهڻائي چينين جي هئي پر اهي چيني به پنهنجو پاڻ ۾ ۽ ٻين سان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا هئا ڇو جو آيل چيني چين جي هڪ صوبي مان نه پر مختلف صوبن مان آيا هئا جن مختلف چيني زبانون: هڪا، ٽيوچو، ڪئنٽونيز، منڊارين، فيوچو وغيره ڳالهايائون ٿيجيڪي سنڌي، اڙدو، سرائيڪي پنجابي وانگر هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ زبانون نه آهن، پر ائين آهن جيئن پشتو، تامل، بنگالي وغيره. يعني هڪ کي ٻي زبان بنهه سمجھه ۾ نه اچي. سو هڪڙي صوبي جا چيني ٻئي صوبي جي چينين سان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا هئا. اڄ به ملائشيا توڙي سنگاپور ۾ چيني هڪ ٻئي سان ملئي زبان ۾ ڳالهائين ٿا. بلڪ هاڻ تعليم يافته ٿيڻ ڪري انگريزي استعمال ڪن ٿا. سو اهڙي طرح مٿئين چيني ڇوڪري توه گو جو چيڙائڻ جو نالو تئاگو جيتوڻيڪ چينين رکيو پر ملئي زبان ۾ رکيو. اهڙي طرح ٻين به ڪيترين ئي ڳالهين ۾ سنگاپور ۾ ملئي زبان استعمال ٿئي ٿي. ويندي سنگاپور جو قومي ترانو ملئي زبان ۾ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنگاپور جو ٻيٽ جيڪو اصل ملئي ماڻهن جو هو ۽ هو چاهين ها ته تمام وڏي ترقي ڪري وڃن ها پر پنهنجي سادگي ۽ روايتي سستيءَ ڪري ان ئي مسڪينيءَ واري حالت ۾ رهيا ۽ هوڏانهن ڏورانهين ڏيهه چين کان جيڪي چُچ غريب آيا، جن پهريون سال ته بنا پگھار جي ڪم ڪيو، اهي محنت ۽ هوشياري ڪري امير، پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏا ماڻهو ٿي ويا. اهو ائين آهي جيئن سهراب ڳوٺ، ملير، ماڙيپور پاسي جيڪي اتي جا اصل باشندا سنڌي يا بلوچ آهن اهي ڪو گھڻو وڌيا يا ترقي نه ڪئي اٿن پر پٺاڻ ۽ افغاني جيڪي پري پري کان ڪهي آيا ۽ اچڻ مهل کين ڪجھه به نه هو، اڄ هو امير ۽ طاقت وارا آهن. ڪيترا ته مڪاني ماڻهن جي زبان سنڌي يا بلوچي به ڳالهائين ٿا.
بهرحال توه گُو يا تئاگو چيني ڇوڪري جي ڳالهه پئي هلي، جنهن جو هڪ ٻيو چيني ڇوڪرو چن سينگ (Chin Seng) نالي دوست ٿي ويو جنهن رڪشا ڇڪي ٿي. شروع جي ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ عام سواري رڪشا هوندي هئي جنهن کي چيني ڇڪيندا هئا. ان بعد سائيڪل رڪشا ٿي. هڪ ڏينهن هن چيني رڪشا هلائيندڙ چن سينگ پنهنجي مزور (ڪولي) دوست تئاگو کي چيو :“معاهدي مطابق جڏهن تنهنجي مزوريءَ جو سال پورو ٿئي ته ان بعد وڌيڪ مزور ٿي ٻيڙيءَ ۾ ڪم نه ڪجانءِ. منهنجي صلاح وٺين ته آزاديءَ بعد رڪشا ڇڪڻ وارو ٿجانءِ. ڏس نه ڪولي ٿي ٻيڙيءَ تي ڪم ڪرڻ سان توکي وڌ ۾ وڌ اڌ يا منو ڊالر ملي سگھي ٿو پر رڪشا ڇڪڻ ۾ توکي ڏينهن ۾ هڪ کان ٻن ڊالرن تائين ڪمائي ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن ٻيڙيءَ تي ڪولي (مزور) ٿي ڪم ڪندين ته سڄي عمر ڪولي ئي ٿي ڪم ڪندي پر رڪشا ڇڪڻ وارو ٿيڻ ۾ تون چاهين ته پئسا بچائي به سگھين ٿو ۽ هڪ ڏينهن رڪشا جو مالڪ به ٿي سگھين ٿو ۽ پوءِ هڪ دفعو رڪشا تنهنجي پنهنجي ٿي ويندي ته توکي ڪمائيءَ جو حصو رڪشا جي مالڪ کي ڏيڻو نه پوندو.
توه گُو پنهنجي دوست جي نصيحت هينئين سان هنڊائي ۽ جڏهن هن جو سال جو مدو پورو ٿيو ته ٻيڙيءَ تي مزوري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ ساگو لين تي رهندڙ هڪ رڪشا مالڪ کان ڏهاڙي جي مسواڙ تي رڪشا ورتي ۽ رڪشا ڇڪيندڙ ٿي سنگاپور جي گھٽين ۾ رڪشا ڇڪڻ شروع ڪئي.
توه گو بيحد محنتي ۽ مضبوط جسم وارو هو. هن صبح کان وٺي رات تائين رڪشا هلائي ٿي. انهن ڏينهن ۾ يورپي توڙي عرب، جهازن جا ملاح توڙي مڪانيواپاري رڪشائن ۾ ئي چڙهيا ٿي. ڪنهن وٽ به پنهنجي ڪار نه هئي. بلڪ ڪار اڃا ايجاد ئي نه ٿي هئي. ڪار ايجاد ٿيڻ بعد سنگاپور ۾ پهرين ڪار 1896ع ۾آئي هئي جنهن جو مالڪ هڪ يورپي هو جنهن جو سنگاپور ۾ اخبارن جو واپار هو. بهرحال اسان وارو يار توه گو هڪ هڪ سينٽ بچائيندو رهيو. هو اهڙي طرح ٽي چار سال سخت پورهيو ۽ ڪنجوسي ڪرڻ بعد ئي رڪشا خريد ڪري سگھيو ٿي. هو بچت ڪرڻ سان گڏ ڪجھه پئسا پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ ڏي به چين موڪليندو رهيو.
ٻن سالن اندر هن ايترو بچائي ورتو جو رڪشا جي اڌ قيمت ادا ڪري سگھي. پر پوءِ هو اوچتو بيمار ٿي پيو. هن کي سخت پيٽ جو سور، مٿي جو سور ۽ اُلٽيون اچي ٿيون. هن جي هڪ دوست، جيڪو آفيم ڇڪيندو هو هن کي صلاح ڏني ته سور مان نجات حاصل ڪرڻي اٿئي ته آفيم واپراءِ.
توه گو هن جي صلاح تي عمل ڪندي آفيم ڇڪيو ۽ هن کي في الحال فرحت اچي وئي، پر پوءِ کيس وري اچي سور ٿيو ۽ هن کي سور پچائڻ خاطر ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا آفيم ڇڪڻو پيو، ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي هن جي بيماري بنا دوا کائڻ جي ختم ٿي وئي. توه گو هاڻ جيتوڻيڪ چاق چڱو ڀلو ٿي ويو پر هن آفيم ڇڪڻ جي پچر نه ڇڏي ڇو ته هن کي آفيم ڇڪڻ سان وڏو سرور حاصل ٿيو ٿي. هڪ ڏينهن هو هڪ عورت پئسينجر کي رڪشا ۾ وهاري وڃي رهيو هو ته هن جو لنگھه هڪ آفيم جي دڪان وٽان ٿيو. آفيم جي دڪان وٽان لنگهندي هن کي آفيم ڇڪڻ جي سخت ٻاڙ محسوس ٿي. هو دڪان اڳيان مسافر سوڌي رڪشا بيهاري دڪان اندر گھڙيو، دڪان ۾ ٻين کي آفيم ڇڪيندو ڏسي پاڻ به بالم ٿي ويهي رهيو ۽ آفيم ڇڪڻ جو مزو وٺڻ لڳو. کانئس اهو به وسري ويو ته ٻاهر هڪ عورت کي انتظار ۾ ويهاري آيو آهيان.
توه گُو هر روز آفيم پٺيان ويوگھڻي کان گھڻو پئسو ضايع ڪندو ۽ ان سان گڏ سندس وقت به برباد ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هن جي ڪمائي به وئي ڏينهون ڏينهن گھٽبي- بلڪ هاڻ هي بچايل پئسن مان نوٽ ڪڍي آفيم وٺڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويو جو هن جي سڄي بچت ختم ٿي وئي ۽ پٺيان چين ۾ رهندڙ پنهنجي ماءُ کي ته هن ڪڏهن کان پئسا موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا.
۽ ان سون تي سهاڳ اهو ته هي وري بيمار ٿي پيو. هن دفعي هن جا ڦڦڙ خراب ٿي پيا ۽ سڄو ڏينهن کنگھڻ لڳو. آرام نه ملڻ ۽ سخت پورهئي جي ڪري هن جي حالت ويتر خراب ٿي پئي، هن جي پراڻي ۽ سٺي دوست چن سينگ کي حقيقت جي خبر پئي ته هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو. هو کيس دوا لاءِ تان ٽاڪ سينگ (Tan Tock Seng) اسپتال وٺي هليو. اسپتال ۾ هن کي ٻه دفعا رهڻو پيو. ڊاڪٽرن ۽ نرسن اهي ڏينهن هن کان آفيم پري رکيو. بيماري جي علاج بعد هن کي سنگاپور جي Anti Opium Clinic ۾ رکيو ويو جيئن هن مان آفيم ڇڪڻ جي عادت هميشه لاءِ نڪري وڃي، اتي جي هڪ ڊاڪٽر توه گو جو نه فقط علاج ڪيو پر هن کي اهو به سمجھايو :
“توه گو، آفيم جي لعنت نڪرڻ بعد تون پنهنجو پاڻ کي آفيم کان هميشه پري رکجانءِ. آفيم ڇڪڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي. پنهنجي غريب ۽ پوڙهي ماءُ جو سوچ جيڪا چين ۾ تنهنجي پئسي جي انتظار ۾ آهي. هوءَ هرگز نه چاهيندي ته هن جو پٽ صحت ۽ پئسي کان محروم ٿي وڃي ۽ پنهنجي نئين رڪشا جو به سوچ جيڪا تون خريد ڪرڻ چاهين ٿو. آفيم ڇڪڻ جي اڏن تي وڃڻ تي توکي ڪو فائدو نه رسندو. آفيم ڇڪڻ سان تون آفيم وڪڻندڙ کي امير ۽ پنهنجو پاڻ کي غريب بڻائيندين. آفيم پٺيان پئسو وڃائڻ بدران اهوپئسو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ سٺو کاڌو وٺي کائيندين ته نه رڳو سٺي صحت رهندءِ پر طاقتور به ٿي پوندين.”
توه گو پنهنجي ڊاڪٽر جي نصيحت جيءَ سان جڙي ڇڏي ۽ آفيم ڇڪڻ کان هميشه لاءِ توبهه ڪئي. جيئن ئي توه گو صحتمند ۽ سگھارو ٿيو ته هو گھڻي کان گھڻو ڪمائڻ لڳو. ٽي سال محنت ڪري رڪشا ڇڪڻ مان هن ايترو ڪمايو جو هن نئين نڪور رڪشا خريد ڪئي ۽ مسواڙ جي رڪشا مان سندس جان ڇٽي وئي. اهڙي طرح ٽي سال کن وڌيڪ پورهيو ڪري هن هڪ ٻي رڪشا ورتي جيڪا هن مسواڙ تي ڏئي وڌيڪ پئسو حاصل ڪيو. اهڙي طرح هن ٽين ۽ چوٿين رڪشا ورتي.
توه گو جڏهن 52 سالن جو ٿيو ته هن کي ڪيتريون ئي رڪشائون هيون ۽ هن جون رڪشائون مسواڙ تي ڏيڻ جو وڏو ڪاروبار هو. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي به چين مان گھرائي ورتو هو ۽ پنهنجي ئي صوبي جي رهاڪن مان شادي پڻ ڪيائين. جيتوڻيڪ دير سان شادي ڪيائين ۽ 60 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن هن وفات ڪئي ته سندس ٻار اڃا ننڍا هئا پر سندس عقلمند زال، مڙس جو نه فقط ڪاروبار خيال سان هلايو پر ٻارن کي پڙهائي وڏو ماڻهو پڻ بڻايو.
اهڙي طرح توهان ڏٺو ته هڪ رڪشا ڇڪڻ واري پنهنجي زندگي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتي ۽ هيءَ ڪهاڻي سنگاپور ۾لڏي آيل ٻين چينين جي زندگيءَ جي پڻ عڪاسي ڪري ٿي. پوءِ ڪيترا ويچارا نشي پتي ۾ تباهه به ٿي ويا ڪيترن محنت ڪري پنهنجي زندگي ٺاهي ورتي. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، چين کان جيڪي به چيني لڏي سنگاپور (يا ملايا ۽ انڊونيشيا) آيا، سي سخت غريب هئا. هنن پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگي ٺاهي. مٿين ڪهاڻيءَ مان توهان کي آئيڊيا ٿي وئي هوندي ته هن پاسي جيڪي چيني ڏسو ٿا، جيڪي اڄ ڪلهه ٺاٺ جي زندگي گذارين ٿا، تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ پئسي وارا نظر اچن ٿا. انهن جي ڏاڏن پڙڏاڏن هنن پَٽَن تي تمام ڏکي زندگي گذاري. هنن انهن ڏينهن ۾ هتي جي گرمين ۽ مينهن ۾ ڏينهن رات پورهيا ڪري، پنهنجي اولاد لاءِ هي مقام حاصل ڪيو. سنگاپور جو لڳاتار ٽيهن سالن تائين رهندڙ وزيراعظم ۽ هاڻ سينئر وزير “لي ڪئان يو” جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا به غريب هئا. پوءِ هنن هتي اچي محنت مزوري ڪئي ۽ سندن اولاد محنت ڪري پڙهائي ڪئي ۽ هو انگريزن سان مقابلو ڪرڻ ۾ به گوءِ کڻي ويا. لِي ڪئان يو ۽ سندس زال انگلنڊ جي يونيورسٽين مان پوزيشنون کنيون ۽ لي ته ڊبل گولڊ ميڊلسٽ آهي. اڄ جي ماڊرن سنگاپور کي اهو درجو ڏيارڻ ۾، هر ڪو مڃي ٿو ته لِيءَ جو هٿ آهي. لي اڄ پوڙهو ٿي چڪو آهي. هن سنگاپور کي ٺاهڻ جو جيڪو سپنو ڏٺو هو اڄ اهو ساڀيان ماڻي چڪو آهي پر هو خوش ٿيڻ بدران فڪر مند آهي. پنهنجي ملڪ جي نئين ٽهيءَ جي هن کي وڏي پريشاني آهي. هو بار بار پنهنجي قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪري رهيو آهي ته “دوستو! پنهنجي اولاد کي سست ڪاهل ٿيڻ کان بچائجو. سنگاپور ڪجھه به نه آهي ۽ نه هن ۾ ڪجھه آهي. نه سون نه پيٽرول. نه پوک لاءِ ڌرتي نه دٻيل ڌاتوءَ جا جبل. ويندي پيئڻ جو پاڻي به پاڙيسري ملڪ ملائيشيا کان ٿا خريد ڪيون. جيڪي ڪجھه اڄ سنگاپور آهي اهو اسان جي پورهئي ۽ محنت جو اجورو آهي. ان محنت کان ونءُ نه وڃجو. پنهنجي اولاد کي ان محنت جي رغبت ڏجو. اڄ جي ٻارن، جن ڄمڻ سان نرم بسترا، ٿڌا ڪمرا، چاڪليٽ ۽ ڪولائون ڏٺيون آهن اهي لاڏلا ۽ نازڪ طبيعت نه ٿي وڃن. ڇو جو جنهن وقت هنن جو پورهئي، محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ناتو ٽٽي ويندو اسان تباهه ٿي وينداسين. اسان جو ملڪ ختم ٿي ويندو.”