سنگاپور کي رڪشا ڇڪيندڙن به ٺاهيو
بهرحال اهو نه فقط اسين (پاڪستاني) چاهيون ٿا پر هر ملڪ چاهي ٿو. سري لنڪا، ماريشس، انڊونيشيا، بنگلاديش جهڙا غريب ملڪ ته چاهين ٿا پر اهي ملڪ به چاهين ٿا جيڪي اڳهين خوشحال آهن- جيئن ته آمريڪا USA، سئٽزرلئنڊ، فرانس، جرمنيءَ جهڙا به. پر امير واپاري ۽ پئسي وارا پنهنجو ناڻو اتي لڳائين ٿا جتي امن امان آهي. ملڪ ۾ لا ۽ آرڊر جي حالت بهتر آهي. سياسي حالتون Stable آهن. ائين نه ته وقت کان اڳ ئي ملڪ جو حاڪم تبديل ٿي وڃي. هر حاڪم گذريل حاڪم جي عوام يا ڌارين سان ڪيل واعدن ۽ Commitments تي پاڻي ڦيري ڇڏي. ۽ اهو به ڏسن ٿا ته ملڪ ۾ امن امان آهي يا نه. ڪا چوري چڪاري ٿئيٿي ته ان جو تدارڪ ڪيو وڃي ٿو يا پوليس به چورن سان شامل آهي. ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي فئڪٽرين ۾ ايندڙ ڪچو مال ۽ ٺهي نڪرندڙ تيار شده مال ته چوري ٿيو وڃي پر فئڪٽرين جي مشينري پرزن جي به چوري ٿيو وڃي. يمن، نائيجيريا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ ته فئڪٽرين جا مالڪ به چوري (اغوا) ٿيو وڃن. هاڻ اتي ڪهڙو ڌاريو ماڻهو پنهنجو پئسو هڪ طرف ۽ جان ٻئي طرف وڃائيندو.
ملڪ ۾ امن امان بعد هرڪو سهولتن کي ڏسي ٿو. رستا پڪا آهن يا نه، ٽيليفون، بجلي، پاڻي ۽ رهائش جو ڪهڙو بندوبست آهي. کاڌو پيتو سستو ۽ هائجنڪ آهي يا نه. ۽ پوءِ مئن پاور به ضروري شيءِ آهي. مزور پورهيت ۽ ايماندار آهن يا سست، ٽوٽي ۽ گسائيندڙ آهن. عرب ملڪن ۾، ويندي سعودي عرب ۾، اتي جا عرب ڪارخانيدار پاڪستان جي مسلمانن کان وڌيڪ انڊيا جا هندو Prefer ڪن ٿا- مٿئين سبب ڪري. پاڪستاني انڊين وانگر چئيوان نه آهن، عيد برات ۽ اگھائي سگھائي تي ته موڪل ڪن ٿا، پر ڪنهن ڀائٽي ڀاڻيجي جو مڱڻو يا طهر ٿيندوته ان جي به موڪل ڪندا. ڪو ڳوٺان دوست يا مائٽ اچي ويو ته ان کي گھمائڻ لاءِ ڪم تان گسائيندا.
Unskilled مزورن کان سواءِ پڙهيل ڳڙهيل ڪاريگر پڻ وڏي نعمت آهي. يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اسان جي ان هنرمند جو قدر ٿئي ٿو جنهن ڊگريءَ سان گڏ اهو هنر به اچي ٿو. ڊاڪٽر ۽ انجنيئر هجڻ جي ڊگري سان گڏ کيس ڊاڪٽري يا انجنيئري به اچي ٿي يا نه؟ ملائيشيا جي هڪ اسپتال ۾ اسان جي ملڪ جي هڪ ڊاڪٽر کي پنهنجي ڌنڌي ۾ هوشيار نه ڏسي کيس نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو. پنهنجي قابليت جتائڻ لاءِ هو ٻڌائڻ لڳو ته هو MBBS سان گڏ ايڪنامڪس ۾ MA به آهي (جيڪا پڻ هن MBBS وارن ڏينهن ۾ ڪئي هئي.) منهنجي خيال ۾ اهو ٻڌائڻ سان اسپتال جي مالڪ کي ويتر دل جو دورو پيو هوندو ته ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جهڙا سبجيڪٽ اهڙا آهن جن جي پڙهڻ دوران صحيح قسم جي شاگرد کي مٿي کنهڻ جي به فرصت نٿي ملي، اتي ههڙا جادوگر ايم اي به ڪيو وٺن! صاف ظاهر آهي ته گھڻن ڪمن واري چاقوءَ (Jack Knief) جي نه قئنچي صحيح طرح ڪم ڪندي آهي نه ڇُري. نه Nail Cutter نه باٽل اوپنر. وڌ ۾ وڌ ڏند کوٽڻي يا ڪن کوٽڻي کڻي ڪم ڪندي هجي. هڪ ئي وقت MBBS، ايم اي ۽ ڪلارڪي ڪرڻ وارو ڳالهين ۾ ڳهير ضرور هوندو، نموني باز ۽ اٽڪل باز ضرور هوندو، ٻين کي بيوقوف بڻائڻ وارو ۽ ٺڳ ضرور هوندو پر نه سٺي ڊاڪٽري کان واقف هوندو نه ايڪانامڪس کان ۽ نه ايمانداريءَ سان نوڪري سرانجام ڏيڻ کان.
اهي ماڻهو جن کي ڪنهن به سبجيڪٽ جي ڊگريءَ سان گڏ ان جو ضحيح طرح علم ۽ هنر آهي ته هنن کي اڄ جي دور ۾ به مانُ ملي ٿو. آمريڪا جون ڪمپيوٽر ۽ آٽوميشن جون وڏيون ڪمپنيون ڪمپيوٽر جي ڪمن لاءِ انڊيا جا گريجوئيٽ کڻن ٿيون ۽ هاڻ ته انهن ڪمپنين پنهنجيون برانچ آفيسون ۽ فئڪٽريون انڊيا جي شهرن ۾ ئي لڳايون آهن ۽ اتي جي تعليم يافته ۽ هنرمندن کي اتي رهي ڪم ڪرڻ جو تمام سٺو پگهار، آمريڪا جي معيار وارو ڏين ٿيون.
انگريزن جي هڪ ڳالهه تعريف جوڳي اها آهي ته هو جتي به رهيا اتي امن امان ۽ قاعدي قانون جي تمام گھڻي سختي ڪئي. بنگال، پنجاب، سنڌ، توڙي پينانگ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جتي جتي رهيا اتي شهرين جي سڪون لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائون. عام پوليس واري جي پويان سڄو پوليس کاتو بلڪ حڪومت جي طاقت رهي ٿي. پينانگ (ملايا) ۾ به انگريز آيا ته پهرين مڪاني ماڻهن جي چوريءَ جي عادت ڪڍيائون. وڏا وڏا ڌاڙيل ۽ ويڙهاڪ سوگھا ڪيا ويا. اهو ئي ڪم هنن سنگاپور ۾ ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور اوسي پاسي جي ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن کان وڌيڪ سڪون وارو ٿي ويو. ماڻهو سک جي ننڊ سمهڻ لڳا. چينين جون ههڙيون ڳجھيون ۽ طاقتور سوسائٽيون هيون، تن کي به نيٺ پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيائون. امن ۽ سڪون جي ڪري هرڪو سنگاپور ۾ رهڻ لڳو. امير کي پڪ هئي ته ڌنڌي کي وڌائڻ سان وڌيڪ ڪمائيندس، غريب کي خبر هئي ته هو پورهيو ڪري اجورو حاصل ڪندو۽ خوشحال ٿي ويندو. ان ڪري هر هڪ سنگاپور جو رخ ڪيو ٿي.
1819ع ۾ جنهن صورت ۾ سنگاپور جو ٻيٽ انگريزن کي مليو، اهو هڪ گھاٽو جھنگ هو جنهن ۾ نانگ بلائن، وڇوئن، سئو پيرين جهڙا زهريلا جيت جڻيا، مليريائي مڇر ۽ مرن ۽ مانگر مڇن جهڙا خوفناڪ جانور هئا. پينانگ، ملاڪا يا ريائو جهڙا بندرگاهه ۽ ٻيٽ سنگاپور جي مقابلي ۾ نه فقط آباد هئا پر گھڻو Developed هئا. انگريزن چاهيو ٿي ته اتان لنگھندڙ جهاز سنگاپور ايندا ويندا رهن. ان سان سنگاپور مشهور ٿيندو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ڪري واپار وڙو سٺو هلندو. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي انگريزن ٻيٽ جو اهو حصو جيڪو سمنڊ کي ويجھو هو ۽ جتي سنگاپور نديءَ جو منهن هو، صاف ڪرايو. جهنگ ڪٽرايا، جيت جڻيا، خاص ڪري سئو پيريون، ڪوئا، ڀَٽون (وڇون) مارايا ۽ هر قسم جي ماڻهن لاءِ رهائش لاءِ سر زمين مقرر ڪئي. چينين لاءِ الڳ، انڊين لاءِ الڳ ته ملئي ماڻهن لاءِ الڳ. پنهنجي پاڻ (يعني انگريزن) ۽ يورپين جي رهائش لاءِ الڳ پلاٽ رکيا. ملڪ ۾ هڪ ئي قاعدو قانون رکيو ويو جنهن لاءِ پوليس هئي. ڪڏهن ڪڏهن هنگاما وڌيا ٿي ته جنگي جهازن تان انگريز ۽ انڊين فوجي، خاص ڪري گورکا، پنجابي، سک ۽ پٺاڻ گهرايا ويا ٿي. اڃا به جي وڌيڪ ضرورت پئي ٿي ته پاڙي وارن ٻيٽن تي رهندڙ سلطانن کان ويڙهاڪ ملئي ماڻهن جا جٿا گھرائي هر صورت ۾ حالتن کي ڪنٽرول ۾ آندو ويو ٿي. انگريز حڪومت هميشه اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته ڪو به ماڻهو قانون کان مٿي ناهي. معمولي ڏوهاريءَ کي به ڪوشش ڪري جھليو ويو ٿي ۽ قانون مطابق سزا ڏياري وئي ٿي، جيئن ٻين لاءِ سبق حاصل ٿئي. نتيجي ۾ سنگاپور جي ايڏي هاڪ ٿي جو ماڻهو اوسي پاسي جي ٻيٽن کان لڏي سنگاپور ۾ اچي رهڻ لڳا. جهاز اچڻ لڳا. تن ڏينهن ۾ Sailing Ships هئا يعني هوا جي زور تي جهاز هلندا هئا. جهازن تي ڪاٺ جا کوها هئا جن تي ٽڪنڊي نموني جا ڪپڙن جا سڙهه هئا، جن کي هوا لڳڻ تي جهاز اڳيان چُريو ٿي. انهن جهازن جي مرمت لاءِ ڪيترا واڍا ۽ سڙهه سبڻ لاءِ درزي قسم جا ڪاريگر سنگاپور ۾ رهڻ لڳا. ڪوڪي ڪليءَ کان وٺي رسيون، ڏيا وغيره، جن جي جهازن کي ضرورت پئي ٿي، انهن جا دڪان کلي ويا. هر جهازيءَ سنگاپور اچڻ چاهيو ٿي جو اتي جهاز جي ضرورت لاءِ هر شيءِ ملي وئي ٿي. هر قسم جا ڪارگير ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ مزور (Coolie) ملي ويا ٿي.
سڙهه تي هلندڙ جهازن وارن ڏينهن ۾ ظاهر آهي ته نه هئي مشينري ۽ نه اليڪٽرسٽي. سو ڊيرڪون يا ڪرينون، جيڪي اڄ جي جهازن تان سامان لاهين چاڙهين ٿيون، اڃا ايجاد نه ٿيون هيون. جهاز تي سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ جو ڪم مزورن، جن کي قُلي (Coolie) سڏيو ويو ٿي، ڪيو ٿي. جهاز ايندو هو ته سوين قُلي قطارن ۾ ٿي بيهندا هئا ۽ هر هڪ مٿي تي دٻو يا هَڙَ رکي جهاز کان ٻاهر ايندو هو. يا بندرگاهه جي جيٽي (ڌڪي) کان وٺي جهاز جي هئچ (گودام) تائين قُلين جي قطار بيهندي هئي. پوءِ سامان جي هڙ، ڳٺڙي، کوکو يا بنڊل هڪ ٻئي کي پاس ڪندا ويندا هئا. مدراس ڪلڪتي، ڪولمبو، ڪراچي کان يورپ جي بندرگاهن تائين ساڳيو حال هو يعني مزورن ئي سامان لاٿو چاڙهيو ٿي. جنهن بندرگاهه ۾ گھڻا مزور (قُلي) هوندا هئا اهو بهتر سمجھيو ويندو هو جو سامان جو اُڪلاءُ جھٽ پٽ ٿيندو هو. يعني اڄ چاليهه هزار ٽن وزن به هڪ ڏينهن ۾ لهيو وڃي پر تن ڏينهن ۾ قلين ذريعي پنج هزار ٽن سامان لاهڻ ۾ به مهينو کن ته آرام سان لڳي ويندو هو. ۽ هر دفعي سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ ٻن ٽن غريب مزورن جو پير ترڪڻ، ڏينهن لڳڻ، جهازن جي گدامن جي گندي ڌپ ۽ ٻوسٽ ۾ موت ضرور ٿيندو هو ۽ اوترائي زخمي ٿيندا هئا.
گهڻي ڀاڱي غريب غربو خوش هو جو سنگاپور پهچڻ سان هن کي روزگار مليويو ٿي - خاص ڪر قليءَ جو. سنگاپور ايندڙ، گھڻو ڪري چين جي ڏاکڻي علائقي جا چيني، غريب ۽ اڻ پڙهيل هئا. کين ڪو به ڪم نٿي آيو سواءِ سامان ڍوئڻ جي. ان ڪري اوڻيهين صديءَ ۾ چين کان جيڪو سنگاپور ڏي ڀڳو ٿي ان جي زبان تي اهو ئي جاب هو ته هلي ٿو قلي ٿيان. قليءَ کان سواءِ ٻئي نمبر تي يا ان جي ئي مقابلي جو ٻيو جاب رڪشا ڇڪڻ هو. اهو به قلي يا رڪشا قلي سڏيو ويو ٿي. موٽر، لاري يا موٽر سائيڪل اڃا ايجاد نه ٿي هئي. گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هيون پر سنگاپور ۾ سڀ کان بهترين سواري رڪشا هئي، خاص ڪري اوڻيهين صديءَ جي آخري چوٿي ۾ ۽ ويهين صديءَ جي پهرين چوٿي ۾. ان بعد سِکَن جي اچڻ تي هنن کير لاءِ ڍڳيون پاليون ۽ بار ڍوئڻ لاءِ ڍڳي گاڏيون هلايون.
رڪشا 1869ع ۾ جپانين ايجاد ڪئي. رڪشا لفظ به جپاني زبان جو آهي، جيڪو اصل ۾ سڄو نالو “جِن رڪشا” (JINRIKSHA) آهي يعني ماڻهن جي طاقت تي هلندڙ گاڏي. پورن ڏهن سالن بعد اها گاڏي (رڪشا) سنگاپور پهتي ۽ ويهن سالن بعد، سن 1900 ۾ هتي جي رڪارڊ موجب سنگاپور ۾ 19414 اهڙيو رڪشائون هيون ۽ سڀ کان وڏو تعداد 1924ع ۾ 28786 هو. جتي ٽيهارو هزار کن رڪشا قلي هجن ۽ اهڙا ٽيهارو هزار کن سامان ڍوئڻ وارا قلي (مزور) ته اهو شهر ته ڄڻ قلين (Coolies) جو ئي ٿيو ۽ واقعي سنگاپور کي انهن ڏينهن ۾ Coolie Town چيو ويندو هو. هنن قلين بابت، خاص ڪري رڪشا ڇڪڻ وارن بابت هڪ انگريز ليکڪ “جيمس فرانسز وارن” جو ڪتاب RICKSHAW COOLIE: (People’s History of Singapore: 1880-1940) ڏهه سال کن اڳ هانگ ڪانگ ۾ پڙهيو هوم جتي جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس اهو ڪتاب ڇپرايو هو. ان ڪتاب جي ليکڪ Warrenسنگاپور جي رڪشا ڇڪيندڙن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي ته هو ڪهڙين ڏکين حالتن ۾ غلامن جهڙي زندگي بسر ڪندا هئا، ۽ سنگاپور جي ترقيءَ ۾ هنن جو پڻ وڏو هٿ آهي، جن اتي جي عوام لاءِ هڪ سستي ۽ آرامدهه سواري مهيا ڪئي ٿي. هي غريب رڪشا ڇڪيندڙ گھڻو ڪري چيني هئا، جيڪي بک ۽ بيروزگاري ڪري پنهنجو وطن ڇڏي سنگاپور روزگار جي ڳولا ۾ ايندا هئا ۽ جن ڪڇن ۾ رڪشا جا ڏنڊا سوگھا ڪري، ويٺل مسافر کي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين پهچائڻ لاءِ پٿرائن رستن تي خط استوائي نٽهه اس ۾، پنهنجن خوابن جي پورائي لاءِ ڊوڙايو ٿي. هنن لاءِ گھر ۽ ڳوٺ جي ياد هڪ طرف هئي ته پراڻي ديس ۾ تڪليفون ۽ بيماريون الڳ هيون. مليريا، دست، ڪالرا، دل جو ڌڙڪو، بادفرنگ ۽ ٽي بي جهڙيون بيماريون اهم قاتل بيماريون هيون جن انهن غريب مزورن (قلين) جو نپوڙي ساهه ٿي ڪڍيو. بهرحال اڄ جو ماڊرن سنگاپوري جيتوڻيڪ ان وقت جي هن اهم ڪردار کي وساري چڪو آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپان کان وڌيڪ سنگاپور کي رڪشا ۽ ان جي ڇڪيندڙن ٺاهيو. شايد ان ڪري سنگاپور حڪومت رڪشا جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ سنگاپور جي هوائي اڏي تي هڪ عدد خوبصورت رڪشا نمائش طور رکي آهي. خبر ناهي اڄ ڪلهه آهي يا نه پر چانگيءَ وارو اهو هوائي اڏو ٺهيو هو ته اها اتي موجود هئي ۽ هر مهمان کي سنگاپور جو هوائي اڏو گھمائڻ يا اتان خدا حافظ ڪرڻ وقت هن کي ان رڪشا ۾ وهاري فوٽو ضرور ڪڍندو هوس. آخري فوٽو 1990ع جو ڪڍيل آهي.
هتي اها ڳالهه به دلچسپ رهندي ته سنگاپور ۾ 1938ع ۾ رڪشائن جي وڏي هڙتال ٿي هئي جيڪا چاليهه ڏينهن هلي. رڪشائون جيترو جلد مشهور ٿيون اوترو ئي سندن سگھو سگھو زوال آيو. سائيڪل، موٽر سائيڪل ۽ ڪار وغيره جي ايجادن بعد رڪشا يعني “جِن رڪشا” گھٽبي وئي، خاص ڪري ٻي وڏي لڙائيءَ بعد.
بهرحال اسان سنگاپور جي ترقي ۽ مشهور ٿيڻ جي اهم نقطن تي غور ڪري رهيا هئاسين ته انگريزن ڊچن ۽ ٻين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي قبضي هيٺ آيل هن ٻيٽ سنگاپور کي ڪيئن ماڻهن لاءِ دلپسند بڻايو ۽ واپار جي منڊي ٺاهيو. هنن امن امان سان گڏ واپارين توڙي عام ماڻهن لاءِ سهولتون مهيا ڪيون. سواري لاءِ رڪشائون ۽ تن ڏينهن جي سڙهن وارن جهازن تان سامان لاهڻ لاءِ مزور (Coolies) ۽ ٻيڙين جي کوهن، سڙهن، چپن وغيره جي مرمت جو سامان ۽ ڪاريگر ايترا هئا جو ڪنهن جو ڪم رڪيو نٿي.
۽ پوءِ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ٿي ته ريل گاڏيءَ سان گڏ جهاز به ٻاڦ تي هلڻ لڳا. ڇا جا سڙهه ۽ چپون، ڇا جي هوا ۽ ان جي رخ جو انتظار! جنهن وقت وڻي لنگر کڻي روانو ٿي وڃجي. ٻاڦ لاءِ پاڻيءَ کي بئالر ۾ ڪاڙهيو ويو ٿي ۽ باهه لاءِ ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي. ٻاڦ تي هلندڙ جهازن Steam Ships کي ڪوئلي جي سخت ضرورت پئي ٿي. سنگاپور وارن ڪَلَ تي هلندڙ جهازن جي اها ضرورت محسوس ڪري هڪدم ڪوئلي جو بندوبست ڪيو. سنگاپور نديءَ جي ڪناري تي ڪيترائي گودام ٺهي ويا جتي سنگاپور جا چيني ۽ انڊين واپاري ٻاهرين ملڪن کان ڪوئلو گھرائي ضرورت مند جهازن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيو. گھڻي ڀاڱي ڪوئلو نيوڪئسل (برطانيا) کان ايندو هو. سنگاپور ڪوئلي جو ڊپو ٿيڻ ڪري هتان لنگھندڙ هر اسٽيم شپ سنگاپور ڪال ڪندو هو. جهاز جو مالڪ توڙي جهازي سنگاپور ايندي خوش ٿيو ٿي جو سنگاپور مان نه فقط سندس جهاز لاءِ سستو ڪوئلو ۽ پاڻي ملي ويو ٿي پر سندس ضرورت جي شاپنگ به ٿي وئي ٿي. سنگاپور وارن هر اها شيءِ جنهن لاءِ محسوس ٿي ڪيائون ته جهازن ۽ جهازين جو کپُ(Demand) آهي، اها مهيا (Supply) ڪئي ٿي. وچ ۾ ڪميشن عوام جي کيسي ۾ وئي ٿي ته ٽئڪس سرڪاري ٽريزريءَ ۾. اهڙي طرح سنگاپور جي سر زمين ۽ عوام ويو ترقي ڪندو. ٻاڦ تي هلندڙ جهازن بعد پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ جهاز تيار ٿيا. هوائي جهاز نڪتا. واپارين کان سواءِ ٽوئرسٽ اچڻ لڳا. سنگاپور وارا هر ضرورت جي شيءِ سنگاپور ۾ ايندڙن لاءِ پيدا ڪندا ويا. اڄ به سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتان هر شيءِ ملي سگھي ٿي ڀلي کڻي اها شيءِ جپان جي ٺهيل هجي يا آمريڪا جي. اڳئين زماني وانگر اڄ به جهازن جا مالڪ پنهنجا جهاز خوش ٿي سنگاپور موڪلين ٿا. هنن کي خبر آهي ته سنگاپور اهو بندرگاهه آهي جتان جهاز لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪارگو مليو وڃي ۽ جهاز جي مالڪ کي وڏو فائدو نه ته جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه پئسو نڪريو وڃي.