الطاف شيخ ڪارنر

آل ابائوٽ سنگاپور

هي ڪتاب سنگاپور ويندڙ ماڻھن کي سنگاپور بابت ڪيترين ئي ڳالھين جي ڄاڻ مھيا ڪندو ۽ هن جو پڙهڻ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو.  سنگاپور بابت احوال الطاف شيخ جي ڪيترن ئي سفرنامن ۾ اچي چڪو آهي، پر ٽن ڪتابن ۾ (“آل ابائوٽ سنگاپور” ڪتاب سميت) سنگاپور جو تفصيلي احوال آهي. انهن مان پھريون ڪتاب “سنگاپور ويندي ويندي” 1985ع  ۾ ڇپيو، ان بعد “سنگاپور ٿو سڏي ڪري” ۽ هاڻ هي ٽيون ڪتاب “آل ابائوٽ سنگاپور” آهي. هي ٽئي ڪتاب هڪ ئي سيريز جو حصو بہ چئي سگهجن ٿا ته هر هڪ ڪتاب الڳ الڳ داستان بہ. 

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 35
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آل ابائوٽ سنگاپور

سنگاپور جو پوليس کاتو

سنگاپور جي پوليس کاتي جي شروعاتي ڏينهن بابت ٻه ٽي دلچسپ ڳالهيون لکڻ ضروري سمجھان ٿو. 1819ع ۾ سنگاپور جو ٻيٽ هٿ ڪرڻ سان اوسي پاسي کان ملئي، چيني، انڊين، ويندي يورپي هن ٻيٽ تي رهڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڏٺو وڃي ته مقامي ماڻهن کي يورپي قومن۾ وري به انگريز بهتر لڳا ٿي. هنن جا ڪجھه طور طريقا، قاعدا قانون ۽ حڪومت هلائڻ جو نظام ٻين يورپي قومن (ڊچن، پورچوگالين، فرينچن، جرمنين وغيره) کان بهتر هو. سو اها خبر ٻڌي ته هاڻ سنگاپور انگريزن جي هٿن ۾ آهي، ته نه فقط انهن ايشيائي ملڪن جا جن تي انگريزن جي حڪومت هئي، پر ٻين مان به ماڻهو لڏي سنگاپور اچي Settle ٿيڻ لڳا.
اڄ ڪلهه ته دنيا جي آدمشماري ايتري وڌي وئي آهي. معاشي حالتون خراب ۽ ماڻهن جون گھرجون ايڏيون وڌي ويون آهن جو جيڪو جتي آهي اتي ئي هن جي پورت نٿي ٿئي ۽ ڪو به ملڪ، ويندي بنگلاديش، انڊيا يا سوماليا ۽ جبوتي به ڪنهن ڌارئي کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٽِڪڻ نٿو ڏئي. نه ته ٻي وڏي لڙائيءَ تائين نه هئا پاسپورٽ ۽ ويزا جا چڪر ۽ نه شناختي ڪارڊ ۽ گرين ڪارڊ. جنهن کي جيڏانهن پئي وڻيو اوڏانهن پئي ويو. ۽ اڄ کان ٻه سئو کن سال اڳ ته اها حالت هئي جو سنگاپور جهڙا ٻيٽ به خالي خالي لڳا پيا هئا. ويندي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به فقط بندرگاهه وٽ (اتي کارادر ۽ ميٺادر وٽ) ڪجھه گھرڙا ۽ هٽڙا هئا ٻيو مڙيئي خير هو. سڄي ڪراچي خالي هئي. پوءِ جتي چار ماڻهو وڌيڪ وڃي رهيا ٿي، اتي رونق رهي ٿي.
سنگاپور به انگريزن جي هٿ ۾ ته اچي ويو هو، پرسندن ۽ سندن ڪمپني (ايسٽ انڊيا ڪمپني، جيڪا انگريز واپارين جي ڪمپني هئي جنهن هي رئفلس به ملازم هو ۽ هنن پنهنجي صاحبن، يعني انگريز واپارين ۽ سوداگرن جو فائدو ٿي ڏٺو) جي ان ۾ ئي بهتري هئي ته گھڻي کان گھڻا ماڻهو هن ٻيٽ تي اچي رهن جيئن واپار وڙو هلي، جهازن جي اچ وڃ ٿئي، وغيره.
انگريزن جو انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن تي رعب تاب ڏسي هر هڪ چاهيو ٿي ته سنگاپور هلي رهجي. “هر هڪ” مان منهنجو مطلب آهي ته غريب غربي ۽ بيروزگار به ته امير واپاريءَ به. امير واپاريءَ کي پنهنجي ڌنڌي هلائڻ ۽ ڪمائڻ جو آسرو هو ۽ غريب، خاص ڪري ڏکڻ چين جي صوبن جا چيني ۽ ڏکڻ هندستان جا تامل، جيڪي بيحد ڏکين حالتن ۾ هئا، انهن سنگاپور اچي روزگار ڪمائڻ چاهيو ٿي. انگريزن هر ملڪ، شهر يا هن ٻيٽ سنگاپور کي يا پينانگ، برمودا، هانگ ڪانگ ٻيٽ کي ٺاهڻ لاءِ (۽ ڪجھه پنهنجو خرچ پکو ڪڍڻ ۽ ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ) ڪمائڻ وارن امير واپارين ۽ زميندارن تي ٽئڪس ۽ ڍلون هنيون ٿي، پر هنن کي ڦري ڀينگيو نٿي ڪيو. بلڪ هنن کي سلامتي مهيا ڪئي ٿي.
ملائيشيا ۾ هڪ سنڌي هندوءَ شڪارپور مان اچي بزنيس ڄمايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽن چئن سالن ۾ هو وڏو امير ٿيويو. هن جي فئڪٽرين، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ سوين مڪاني غريب ملئي ماڻهو ڪم ۾ لڳي روزگار ڪمائڻ لڳا. حڪومت طرفان به کيس ايوارڊ ڏنو ويو جو ملائيشيا جي حڪومت، خاص ڪري وزيراعظم مهاتير محمد هر وقت انهن ماڻهن جي عزت ڪري ٿو جيڪي پورهيو، محنت ۽ عقل کان ڪم وٺي پاڻ به ڪمائين ٿا ته ٻين لاءِ به روزگار مهيا ڪن ٿا. هڪ دفعي سندس ذات جي ڪجھه “ملئي سياستدانن” چينين تي چڙ جو اظهار ڪيو ته هو هتي اچي امير ٿي ويا آهن. وڏي دولت ڪمائي اٿن. وڏي عياشيءَ ۾ رهن ٿا، وغيره وغيره. مهاتير جواب ڏنن (جيڪو ٻئي ڏينهن اخبار ۾ به ڇپيو ) ته هنن عقل ۽ محنت کان ڪم وٺي، ملڪ جي قانون هيٺ رهي ناڻو ڪمايو آهي. جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، چوري ڪري ٿو، سمگلنگ ڪري ٿو، غير قانوني ڪم ڪري ٿو ته توهان ان صورت ۾ انهن ڏوهن لاءِ کين سزا ڏئي سگھو ٿا ۽ اهو ماڻهو اسان جي سوسائٽيءَ لاءِ خراب آهي، چاهي چيني هجي، انڊين هجي يا اسان جو ملئي مسلمان هجي. باقي جنهن قانون هيٺ رهي ڌنڌو ڪري، پورهيو ڪري يا پوک ڪري ناڻو ڪمايو آهي ته اهو اسان لاءِ عزت جو حقدار آهي. جو هن جي امير ٿيڻ ڪري اسان جا ڪيترا غريب خوشحال ٿي سگھن ٿا. هن جي گھڻي ناڻي ڪمائڻ ڪري اسان جي ملڪ کي گھڻو ٽئڪس ملي ٿو ۽ ملڪ خوشحال ٿئي ٿو. اهڙي ماڻهوءَ جي عزت ۽ حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
سو اسان جي سنڌي هندو واپاري کي هتي رهي خوشي حاصل هئي. آخري ڏينهن ۾ هڪ دعوت ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ۽ مون کيس جس ڏيندي چيو ته “توهان جهڙي عقلمند، واپار جي ڄاڻ رکندڙ، سٺي نموني سان ڪاروبار هلائيندڙ ۽ محنتي ماڻهوءَ جي اسان جي ملڪ ۾ به ضرورت هئي. توهان سنڌ ڇو ڇڏي؟ اتي هجو ها ته هي فائدا سنڌ جي ڪنهن شهر ۽ اتي جي رهواسين کي رسن ها.”
هن ڏکويل لهجي ۾ چيو ته “ڪو به ماڻهو پنهنجو وطن آسانيءَ سان نٿو ڇڏي. هر هڪ چاهي ٿو ته پاڻ ۽ سندس وطن سکيو رهي پر سنڌ جو سڌرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اتي جو وڏيرو، سياستدان ۽ ڪامورو جيسين نه سڌرندو تيسين نه سنڌ سڌرندي نه اتي جو غريب عوام سکيو رهندو.”
“ڇو ڀلا ... ؟” مون سبب پڇيو.
“ان ڪري جو اتي جو لٺ سردار (وڏيرو، سياستدان، ڀوتار يا ڪامورو وغيره)ٻئي کي چڙهندو ڏسي نٿو سگھي. ڪو به ٿورو وڌي ٿو ته ان کي ايڏو ڦريو وڃي ٿو، هن جي راهه ۾ اهڙا ته ڪنڊا وڌا وڃن ٿا جو هو بيحال ٿيو وڃي. نتيجي ۾ هن جي دل کٽي ٿيو وڃي.”
لِي ڪُئان يُو (سنگاپور جو سينئر منسٽر ۽ اڳوڻو پرائم منسٽر) به اهو ئي چوندو رهي ٿو ته ملڪ جي ترقي چاهيو ٿا ۽ اهو چاهيو ٿا ته پنهنجو توڙي ڌاريو ماڻهو پئسو لڳائي، فئڪٽري ڪارخانو هڻي يا ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري ته پهرين هن لاءِ امن امان مهيا ڪريو ۽ هن ماڻهوءَ جي as tax payer عزت ڪريو. هو هڪ اهڙي سونا بيضا لاهڻ واري ڪڪڙ آهي جنهن کي توهان ڪهي ختم ڪرڻ بدران هن جي بيضن (يعني ٽئڪس) تي ئي خوش رهو.
اهو ئي طور طريقو انگريزن جو رهيو آهي. تڏهن به ۽ اڄ به. تڏهن ته آفريڪا توڙي ايشيا جا ماڻهو انگلنڊ ۾ رهڻ جا خواب ڏسن ٿا جتي هنن کي واپار، مذهب، سماجي زندگي جي وڌيڪ آزادي ۽ انصاف جي اميد رهي ٿي.
سنگاپور ۾ ماڻهن جي اچڻ ۽ واپار وڌڻ ڪري چوري چڪاري، ڦرلٽ ويندي خونريزي ۽ ٻيا ڏوهه پڻ ٿيڻ لڳا. رئفلس کي انهن ڏوهن جي ڄاڻ هئي ۽ هن ميجر فارقوهر (جيڪو سنگاپور جو پهريون ريزيدنٽ مقرر ٿيو هو) کي پوليس فورس ٺاهڻ لاءِ چيو. فارقوهر پنهنجي ناٺي برنارڊ کي چيف پوليس آفيسر ٺاهيو. هيءَ 1820ع جي ڳالهه آهي. برنارڊ ان ڪم تي ڪو گھڻو ڌيان ڏئي نه سگھيو جو هن کي ٻيون به جوابداريون سونپيل هيون جهڙوڪ مئجسٽريٽ ۽ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ جو عهدو به هن جي حوالي هو. ان کان سواءِ پوليس کاتي ۾ تمام ٿورا ماڻهو هئا. پاڻ کان سواءِ هڪ جيلر هو جنهن جيل کي ڏٺو ٿي هڪ يورپين سارجنٽ هو ۽ فقط اٺ ايشين پوليس وارا هئا. ٽن چئن هزار ماڻهن کي سنڀالڻ لاءِ اهي تمام ٿورا پوليس وارا هئا. پوليس وارن کي ڪو يونيفارم نه هو ۽ پيرين اگھاڙا هليا ٿي. (هونءَ پيرين اگھاڙو هلڻ، هن پاسي، جتي گھڻا مينهن وسن ٿا، ڪا عجيب ڳالهه نٿي سمجھي وڃي. 1980ع تائين سري لنڪا ۾ ڪيترين ئي آفيسن جا ڪلارڪ ۽ پٽيوالا يونيفارم ۾ پر پيرين اگھاڙا نظر آيا ٿي. ساڳي طرح ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اڄ به ڪيترا امير تامل واپاري اَڇن اُجرن ڪپڙن ۾، اکين ۾ سرمو، مٿي تي لپ تيل جي، ڪنن ۾ عطر جو ٻُڙو پر سندن پير جُتيءَ بنا نظر اچن ٿا. (هيءَ 1970ع جي شروعاتي سالن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان).
پوليس فورس ڪيترن سالن تائين گھٽ ئي رهيو ۽ نه ڏوهن ۾ گھٽتائي آئي ۽ نه ڏوهاري جھلجي ٿي سگھيا. ڪي ڪي ڏوهه ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ به ٿيڻ لڳا. رات جا ڏوهه گھٽائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته رات جي وقت سنگاپور جون گھٽيون روشن ڪيون وڃن. سو 1824ع ۾ پهريون دفعو سنگاپور ۾ اسٽريٽ لئمپ لڳايا ويا جن جي هڪ پاسي شيشو هو باقي ٽن پاسن کان ٽين جون چادريون لڳايون ويون. روزانو شام جو تيل وارو ڏاڪڻ کڻي ايندو هو ۽ شمعدان ۾ تيل وجھي ٻاري ويندو هو. پر انهن ڳالهين ڪرڻ جي باوجود ڏوهن ۾ ڪو فرق نه آيو. چينين جي ڳجھين سوسائٽين جا ميمبر سون جي تعداد ۾ اچي ڦر ڪري هليا وياٿي. رات جي ڊيوٽي ڪرڻ وارا پوليس وارا ڪجھه به نٿي ڪري سگھيا، جو هو ڦورن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ هئا.
آخر واپارين جي بي چينيءَ کي ڌيان ۾ رکي سن 1843ع ۾ ٿامس ڊنمئن کي پوليس جو فل انچارج بڻايو ويو. ڊنمئن ان ڪم لاءِ صحيح ماڻهو هو. هن کي مڪاني زبان ملئي به آئي ٿي. مختلف ڪميونٽين جي ماڻهن جي اڳواڻن سان هن جي دوستي به هئي ۽ هو سڄو ڏينهن افيس ۾ وهڻ بدران شهر جو واءُ سواءُ لهندو رهيو ٿي. هن پوليس جي سپاهين ۽ عملدارن کي تعليم ڏياري. پگھار وڌرايا ۽ ڊيوٽيءَ جو وقت گھٽرائي مقرر ڪيو ته هن وقت کان هن وقت تائين فلاڻي پولييس واري جي ڊيوٽي رهندي. هن هر هڪ کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ بدران فقط انهن کي پوليس ۾ آندو جن جي اخلاق ۽ ڪردار جي پڪ ٿي ٿي ته سٺا آهن. ان کان سواءِ ڊنمئن پنهنجي پوليس فورس کي پوليس جا ڪم ڪرڻ لاءِ بهترين ٽريننگ ڏياري. ڊنمئن 28 سال نوڪري ڪرڻ بعد 1871ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
اوڻيهين صديءَ جي آخري ڏينهن ۾ پوليس فورس کي سڌارڻ لاءِ ڪجھه ٻيا قدم به کنيا ويا. سپاهين کي سٺي چال چلت (Good Conduct) الائونس پڻ ڏنو ويو. پوليس وارن کي بهتر ٽريننگ ڏيڻ لاءِ پوليس ٽريننگ اسڪول کوليو ويو. ساڳئي وقت گڏيل هندستان کان سک پوليس وارن جو وڏو تعداد سنگاپور گھرايو ويو. سک پوليس وارا سنگاپور جو امن امان سڌارڻ ۾ تمام سٺا ثابت ٿيا. سنگاپور جي گھٽين جو رات جو پهرو ڏيڻ لاءِ سِکن کي لڳايو ويو. قدآور ۽ ڏاڙهين سان هجڻ ڪري هر هڪ هنن کان ڊنو ٿي. نه فقط قد بت ۾ پر بهادري ۽ سگهه ۾ پڻ هو سڀ کان اڳرا هئا. ڪجھه سِکَ پوليس وارن کي ملايا جي بهانگ رياست ڏي پڻ موڪليو ويو جتي انگريزن جي مڪاني وڏيرن سان ويڙهه هلي رهي هئي.
1880ع ڌاري سنگاپور جي پوليس فورس ۾47 يورپي ۽ 549 ملئي۽ هندستاني هئا. هندستانين ۾ سئو کن ته سِکَ هئا ٻيا پٺاڻ ۽ پنجابي ۽ ڪجھه باقي ڏکڻ هندستان جا هئا. پهريون دفعو ڪجھه چينين کي به سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو. هونءَ هن پاسي جي ملڪن (سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا وغيره) ۾ فوج، پوليس ۽ چوڪيداريءَ ۾ سکن، پٺاڻن ۽ پنجابين (هندو توڙي مسلمان) جو وڏو Contribution رهيو آهي. 1970ع تائين ته سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا جي تقريباً هر وڏي هوٽل ۽ بئنڪ اڳيان سک يا پٺاڻ چوڪيدار نظر آيو ٿي جن بابت مختلف شروعاتي سفرنامن ۾ لکندو رهيو آهيان. تعليم عام هجڻ ۽ سجاڳيءَ ڪري اڄ ڪلهه انهن جو اولاد پڙهي مختلف سرڪاري نوڪرين ۽ واپار وڙي ۾ لڳي ويو آهي، پر اڄ به هنن جو دلپسند کاتو پوليس ۽ فوج آهي، جنهن ۾ هو وڏن عهدن تي پهچي چڪا آهن. ڪيترائي سک ڪرنل ۽ برگيڊيئر رئنڪ تي آهن ۽ هڪ پٺاڻ (زمان خان نالي) ملائيشيا پوليس جو وڏو آفيسر (آءِ. جي. پوليس برابر) رهي چڪو آهي.
بهرحال انگريزن کي سڄي اوڻيهين صدي پوليس قائم ڪندي گھڻي ڪاميابي نصيب نه ٿي پر تنهن هوندي به ڪوشش قائم رکندا رهيا ۽ عوام کي هر وقت اهو احساس رهيو ٿي ته کين انصاف ملندو ۽ ڪو آهي جو سندن حفاظت جو خيال رکي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي ورهاڱي بعد ۽ انگريزن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ هندستان توڙي پاڪستان جي ماڻهن کي هر وقت اهو چوڻ جو موقعو ملي ويو ٿي ته “حڪومت ڀلي انگريز هلائي” يا انگريزن جي حڪومت ۾ هڪ عام پوليس واري به وڏي طاقت رکي ٿي”. يا انگريزن جي انصاف بابت (جيڪو جهڙو به هو) چيو وڃي ٿو ته “انگريزن جي حڪومت ۾ ٻڪري ۽ شينهن هڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيتو ٿي ...” وغيره.
ان قسم جا جملا هن پاسي (گھٽ ۾ گھٽ سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾) توهان کي ٻڌڻ ۾ نه ايندا. تواريخ خاطر اهو ضرور چوندا ته پوليس، پوسٽ کاتو، ريلوي، جُوڊيشري جهڙا ادارا انگريزن قائم ڪيا پر اهو هرگز نه چوندا ته “انهن جي وڃڻ بعد ملڪ ۾ انصاف نه رهيو آهي. ملڪ ۾ قاعدو قانون نه رهيو آهي. ملڪ ۾ چورن ڌاڙيلن جو راڄ آهي” وغيره وغيره. هرگز نه. ان ڪري جو هن پاسي جي حڪومتن انگريزن جي وڃڻ بعد، انهن ادارن کي اڃا به وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪيو، جنهن جي انگريز به اڄ تعريف ڪن ٿا. سنگاپور ۽ ملائيشيا پاسي ننڍي کان ننڍو ڏوهه ڪندي به ماڻهو ڊڄن ٿا، ڇو جو هر هڪ کي خبر آهي ته ڀلي کڻي ڪو غريب غربو هجي يا وڏو امير تونگر ۽ ڪامورو آفيسر، قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان هن کي ڪڏهن به معافي نه ملندي. اهو ئي حال هتي جي تعليم کاتي ۽ ٻين ادارن جو آهي. ۽ اهو ئي سبب هنن ملڪن جي ترقيءَ جو آهي.