لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

مھاڳ

تاريخ لکڻ ذميدار، ايماندار، جرئتمند، علم، عمل، شوق، لگن، ڪمٽمينٽ واري مستقل مزاج محنتي ماڻھوءَ جو ڪم آھي.
تاريخ منجمد نه ٿيندي آھي، ھي مسلسل لکبي رھبي آھي. ان جي مختلف پهلوئن تي ھر مورخ پنھنجي سوچ سمجھ ۽ تحقيق مطابق راءِ رکندو آھي. جيئن سائنس گذريل ٿيورين کي غلط ثابت ڪري نيون ٿيوريون ڏيندي رھي ٿي، اھڙي طرح تاريخ ۾ به ڪيترين پراڻين ڳالھين جي جاءِ تي نئين سائنسي تحقيق سبب نيون ٿيوريون اچن ٿيون.
تاريخ فرد کان وٺي قبيلي ۽ قوم تائين ماضي جي واقعن کي مدنظر رکي حال ۽ مستقبل ۾ جيئڻ جا سبق ۽ ڏس ڏيندي آھي، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ ڪجھ صلاحون حڪم جي حيثيت رکنديون آھن، جن تي عمل ڪرڻ ۾ بقا ۽ انڪار ۾ فنا آھي.
قومون جڏھن پنھنجي شاندار ماضيءَ کي وسارينديون آھن ته پوءِ غلاميءَ جي ھر شڪل تي راضي ٿي وينديون آھن. اھو رضا تي راضي رھڻ جو عمل غير فطري آھي، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون تاريخ وسارينديون آھن، انھن جي جاگرافي به محفوظ نه رھندي آھي. اھڙين حالتن ۾ قوم جا سمجھدار ۽ لائق فرزند پنھنجي تاريخ جا خوبصورت ڪارناما ۽ حاصلات پڙھي ۽ پڙهائي قوم کي روشن راهه ڏيکاريندا آھن.
عنايت کٽياڻ اھو اھم ڪم پنھنجي ذمي کنيو آھي. هو، سنڌ جي وساريل ماڳن کي ڳولي ھٿ ڪري ڇنڊي ڇاڻي پيش ٿو ڪري ۽ ان سان گڏ ڌرتيءَ سان محبت جو درس به ڏي ٿو. لکڻ جو انداز اھڙو ته سادو ۽ سٺو اٿس جو پڙھندڙ کي ان دور ۾ وٺي وڃي، انھن جاين ۽ ماڳن ۾ نئون ساهه ڦوڪي جيئرو ڪري ڏيکاري ٿو؛ جتي وڃي ھو نيون نيون ڳالھيون سکي خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ ماضيءَ جي عظيم ماڻھن جي ڪيل ڪمال جھڙن ڪمن ڪرڻ تي آماده ٿئي ٿو.
ھي ڪتاب سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيون) تسلسل آھي، عنايت جي ان عزم جو جنھن ۾ ھن تاريخ جي تحريڪ شروع ڪئي آھي. سندس ھن کان پھريان لکيل ڪتاب سنڌ سڀيتا (ڀاڱو پھريون) به انتهائي اھميت جو حامل آھي. ان ڪتاب ۾ ليکڪ (عنايت) بابت تعارف ۾ مون سندس خانداني پسمنظر سان گڏ ھن جي لياقتن متعلق لکيو ھو. ان ڪري هاڻي سندس لاءِ ڪجھ لکڻ بجاءِ ڪتاب بابت پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندس.
ھن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون ايڪتا اخبار ۾ ڇپجي چڪا آھن، جن کي وڏي پذيرائي ملي ۽ کيس ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ مون سميت گھڻن دوستن مٿس زور ڀريو. ھن انهن مضمونن تي وڌيڪ ريسرچ ڪري ضرور اضافن سان ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيا آھن. ھن ڪتاب ۾ ڪُل تيرھن مضمون آھن. ھر مضمون تي وڏي محنت ۽ ريسرچ ٿيل آھي. خاص ڪري پھرئين مضمون ”ديبل/ڀنڀور“ تي ڪيل تحقيق ۽ يڪجاءِ تفصيل ته اڄ تائين ڪنھن به نه ڄاڻايا آھن. ان مضمون ۾ عنايت ڪافي اھم سوال اٿاريا آھن، جيئن: 1. ديبل بندر ۽ ڀنڀور جا نالا ڪيئن پيا، ھڪ شھر آھي يا الڳ الڳ شھر آھن؟
2. ديبل بندر ھڪ ھو يا ٻن مختلف جاين تي ھو (ھڪ سمنڊ تي ٻيو درياهه تي)؟
3. ساساني دور ۾ جڏھن مڪران ۽ سنڌ الڳ ضلعا (صوبا) هئا ته ان وقت ديبل الڳ ضلعو(صوبو) ھو.
4. سنڌ جو حصو ھو يا ھڪ شھر، بندر ۽ علائقو ھو؟
5. ابن قاسم جنھن بندر کي پھرين فتح ڪيو، اھو ديبل بندر ڀنڀور واري جاءِ تي ھو يا ڪنھن ٻِي جاءِ تي ھو؟
6. ديبل/ ڀنڀور جي عروج ۽ زوال جا ڪھڙا سبب هئا؟
اھڙا ڪيئي سوال آھن، جن جا جواب هن، سائنسي ۽ منطقي انداز سان پيش ڪيا آھن. پنھنجي موقف جي سپورٽ ۾ دنيا جي مڃيل تاريخدانن، جاگرافيدانن ۽ سياحن جا، ديبل بندر متعلق لکيل ڪتابن ۽ مضمونن مان حوالا ڏنا آھن، جن ۾، البيروني، موسيٰ خوريني، پاٽنجر ڪننگھام، رچرڊ برٽن، ڪيپٽن مئڪمرڊو، دلا روشي، رينيل ڊبليو، ھيملٽن، ھنري ڪزنس، ايليٽ، چيني سياح ڪياتان، ابن بطوطا، ڪئنٽن، بشاري مقدسي وغيره اچي وڃن ٿا. اھي معتبر حوالا مصدق ۽ وڏي اھميت وارا آھن.
اقتصادي لحاظ کان ھن بندر جي اھميت کي اجاڳر ڪندي تاريخي طرح اسباب بيان ڪيا اٿس.
سڪندر يوناني جو اميرالبحر اسڪائلس (514 - 517 ق-م) سنڌو دريا رستي پشاور کان ديبل آيو ھو. ان ئي دور ۾ يوناني سلطنت توڙي اڀرندڙ رومي سلطنت جا واپاري ناتا ننڍي کنڊ سان شروع ٿي چڪا هئا.
جيئن ته جھازن کي سمنڊ ڪناري سفر ڪرڻو ھوندو ھو، ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ ويجھي ۾ ويجھو بندر ديبل ھو. ان ڪري ھي بندر ترقي ڪري ايشيائي واپاري شين جو ھڪ اھم تجارتي گذرگاھ بڻجي پيو.
وچ ايشيا، چين ۽ سنڪيانگ جي شھر خوتن (Khotan) مان (جيڪو ان وقت چيني ريشمي ڪپڙي جو مرڪز ھو) ريشمي ڪپڙو خشڪي ۽ دريائي رستي ديبل آندو ويندو ھو. ان ڪري ان رستي کي ريشمي سڙڪ يعني سلڪ روٽ چيو ويندو ھو. چين ۽ پاڪستان کي ملائيندڙ روڊ کي به شاھراهه ريشم چوندا آھن. چائنا پاڪستان ڪاريڊور (CPEC) به ساڳيو سِلڪ روٽ آھي.
مان چين جي آٽانامس ريجن سنڪيانگ ۾ مختلف وقتن تي ويندو رھيو آھيان.
سنڪيانگ چين جي ايريا جو ڇھون حصو آھي، ھي قدرتي وسيلن سان مالامال چين جو ڇھون وڏو فري انڊسٽريل زون آھي، ھن سان نَون ملڪن جون سرحدون ملن ٿيون، جنھن ۾ منگوليا، رشيا، ڪزاڪستان، ڪرگستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان، انڊيا ۽ تبت اچي وڃن ٿا.
اتان جو ڪلچر، زبان، رھڻ ڪهڻ جا طور طريقا، اسان سنڌ وارن سان ڪافي ملن ٿا. اڪثريت مسلمانن جي آھي. اتي جا اصل رھندڙ باشندا اشغر، ترڪ نسل جا مسلمان آھن. اشغر زبان جي الفابيٽ عربيءَ ۾ آھي. سنڪيانگ جا ٽي وڏا ۽ تاريخي شھر آھن: 1. ارمچي، 2. ڪاشگر ۽ 3. خوتن. ارمچي سنڪيانگ صوبي جي گادي جو ھنڌ آھي. خوتن ريشم جي ڪپڙي جو قديم وقت کان مرڪز آھي ۽ ڪاشگر سڀ کان وڌيڪ پراڻو شھر ۽ ماضيءَ ۾ گاديءَ جو ھنڌ به رھيو آھي. عباسي دور جي کوٽائي (892ع - 750ع) ۽ ٻين دورن ڏھين کان ٻارھين عيسوي صديءَ ۾ ڪاشيءَ جا جيڪي ٿانوَ ۽ سرون مليون آھن، اھي دراصل ڪاشگر کان آيل هئا. ڪاشگر کي اتان جا ماڻھو ڪاشي چوندا آھن. ان ڪري ھالا ۾ ٺھندڙ نيري رنگ جي گلڪاريءَ واريون سرون جنھن کي ڪاشيءَ جون سرون چوندا آھن؛ اھو ھنر اتان جو ھجڻ ڪري اڄ سوڌو ان کي ڪاشي جون سرون سڏيو ويندو آھي. اھي نشانيون ٻڌائين ٿيون ته سنڌ جا ڪيڏا وسيع واپاري ناتا هئا ۽ اڄ ڪيترو محدود ۽ بي وس ٿي پيا آھيون.
مصنف مختلف وقتن تي ٿيل کوٽائين جو تفصيل محفوظ ڪندي ٻڌايو آهي ته ڀنڀور جي پھرين کوٽائي 1929 ۾ مسٽر مجمدار صاحب ڪرائي.
ٻِي کوٽائي 1951 ۾ مسٽر الڪاڪ ڪرائي. ٽِين کوٽائي 1958 کان 1965 تائين آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر ايف اي خان سائنسي بنيادن تي ڪرائي. ان جي نتيجي ۾ مختلف وقتن جي ڇھن دورن جي ڄاڻ ملي.
پھرين تھ، ڏھين کان ٻارھين عيسوي صدِي عرب عباسين سان متعلق آھي، جنھن مان ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٿانو مليا.
ٻين تھ مان ابتدائي عباسي دور (892ع - 750ع) جون نشانيون مليون آھن، جنھن ۾ قلعي جي مرمت ٿي آھي ۽ چمڪندڙ ڪاشيءَ جون شيون مليون آھن. عباسين جي ٻنھي دورن جا وڏي تعداد ۾ سڪا مليا آھن.
ٽيون تھ اموي دور(750ع - 711ع) جو آھي. جنهن مان شامي طرز جي قلعي جي ڀت ۽ مسجد ۾ لکيل ڪوفي رسم الخط وارا ڪتبا مليا آھن.
چوٿين تھ مان ھندو ۽ ٻڌ ڌرم جا آثار مليا آھن، جن ۾ وڏي تعداد ۾ مندر ۽ شولنگ شامل آھن.
پنجون تھ ساساني دور (پنجين صدي عيسوي) جو آھي؛ جڏھن ساسانين مڪران کان ديبل تائين سنڌ جو حصو فتح ڪيو ھو.
ڇھون تھ سٿين پارسين جو دور آھي، جنھن مان ٺڪر جا يوناني ٿانون جھڙا ٿانو مليا آھن. ٽيڪسلا مان به اھڙا ٿانوَ مليا آھن.
ان طرح ڊاڪٽر ايف اي خان سائنسي بنيادن تي ثابت ڪيو آھي ته ڀنڀور ئي اصل ۾ ديبل بندر آھي، جنھن کي ابن قاسم فتح ڪيو ھو.
ديبل/ڀنڀور ھڪ وڏو انڊسٽريل شھر هو. ان جي ثبوت لاءِ تازو اٽليءَ جي آرڪيالاجسٽ مسٽر سائمون ڀنڀور جي کوٽائيءَ دوران ھاٿي جي ڏندن (عاج) جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو ھٿ ڪيو آھي. ھتي جي ڪارخانن ۾ ھاٿيءَ جي ڏندن مان مختلف شيون ٺاھيون وينديون ھيون.
ديبل جي تباھي تيرھين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. ان جا ٽي سبب چيا وڃن ٿا:
1. درياهه جي وھڪري جو مَٽجڻ.
2. ٻاھرين حملا آورن جي يلغار، جنھن ۾ ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪري شھر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.
3. ڌرتيءَ جو ڌٻڻ.
ديبل بندر جي تباھ ٿيڻ کانپوءِ ”لاھري بندر“ اوج ورتو. ابن بطوطه 1334ع ۾ سنڌ آيو ته ھن لاھري بندر جي اوج جو ذڪر ڪيو آھي. ان مان ظاھر آھي ته ديبل بندر اٽڪل ڇھ سؤ سال سنڌ ۾ مکيه بندر رھيو.
اھي سڀ ڳالھيون ٻڌائين ٿيون ته ھي ھڪ وڏي قديم شھر جا آثار آھن، جيڪو ديبل ئي ٿي سگھي ٿو، ڇو ته قديم تاريخن ۾ ديبل جو ذڪر بار بار اچي ٿو، ليڪن ڀنڀور جو نالو سومرا دور جي آخري ڏينھن ۾ ملي ٿو، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ديبل عربن جي آخري دور ۾ تباهه ٿيو، جيڪو ٻيھر وڏي عرصي کانپوءِ وري آباد ٿيو، جنھن کي ڀنڀور سڏيو ويو.
ڀنڀور جي کوٽائيءَ دوران قلعي جي اندران ۽ ٻاھران ھر دور جون نشانيون مليون آھن، جيڪي ھن کي اوائلي ديبل بندر ثابت ڪن ٿيون. انھن سڀني سميت ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ظاھر ٿيل ديبل ھڪ سائنسي حقيقت آھي، جنھن کي اجايا شڪ شبھا غلط ثابت نٿا ڪري سگھن. بهرحال هي هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي مضمون آھي، جنهن ۾ ديبل جي تاريخ تي واضح موقف اختيار ڪيو ويو آھي.
ڀنڀور شھر جي سڃاڻپ واري پيار ڪھاڻي ”سسئي پنھون“ جو تاريخي حوالن سان دلپزير ذڪر ڪيل آھي. ھن، تفصيل سان سسئيءَ جي قصي جو ذڪر ڪندي آخر ۾ ٻڌايو آھي ته ٻنھي جون قبرون وندر ۾ پٻ جبل جي ويجھو آھن ۽ ڀٽائي صاحب انھن لافاني ڪردارن کي پنھنجي آفاقي شاعري ذريعي امر بڻائي ڇڏيو آھي. عنايت ھن محبت جي ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي عظمت ۽ استقامت سان پنھنجي ڳالھ تي بيھڻ، مقصد جي حاصلات لاءِ ھر قسم جون سور ۽ سختيون سھڻ، اڪيلي سر، بي سر و سامان، بغير وسيلن جي، اڻ سونھي خطرناڪ رستي تي فقط جذبي ۽ ھمت سان منزل ڏانھن روان دوان ٿيڻ جا بي مثال سبق ڏنا آھن. عنايت ديبل/ ڀنڀور جي تاريخي مضمون ۾ ھي قصو آڻي خشڪ مضمون کي معطر ڪري ڇڏيو آھي.
* ٻئي مضمون ”جھم ڪوٽ“ ۾ اھم ۽ نئين معلومات فراھم ڪئي اٿس. ھن ڪوٽ/قلعي جي بناوٽ جو ھنڌ نھايت خوبصورت ۽ دفاعي لحاظ کان اھم جاءِ تي آھي، جيڪو راجا راءِ سھاسي ٺهرايو. ان (ھن ڪوٽ کي ”ھيم ڪوٽ“ به لکيو ويو آھي.) ان وقت درياھ ٺٽي جي اولھ کان وھندو ھو؛ جتي ڪوٽ آھي اتي پھاڙن کان لاھي هئي، ان ڪري ھن جاءِ کي جھم چيو ويندو ھو. جھم ھجڻ ڪري مختلف ندين، نالن ۽ چشمن جي پاڻيءَ جا وھڪرا ھت اچي ڇوڙ ڪندا هئا، جنھن ڪري ھت ڍنڍ ٺھي وئي هئي. درياهه جڏھن رخ موڙيو ته پوءِ ٻه ڍنڍون ڪينجھر ۽ سنھري ٺھيون. ھي ڪوٽ ڪينجھر ڪناري آھي. عنايت ٻه دفعا جھم ڪوٽ ويو آھي. ھڪ دفعو سنڌ جي يگاني اديب علي بابا سان گڏ، جتي اشتياق انصاريءَ جي ڪتاب جي مھورت ٿي. آريسر صاحب ۽ رسول بخش درس سان رات جو شفيع فقير جو راڳ ٻڌو(جنھن جو ذڪر دلگداز انداز سان ڪيو اٿس). پھرين دفعي علي بابا سان گڏ جنھن مندر، شو لنگ ۽ قلعي جا بچيل آثار ڏٺا هئا، سي ٻئي دفعي ڏسڻ لاءِ ارڙھن سالن کانپوءِ 2019ع ۾ جڏھن عبدالحڪيم ميمڻ سان گڏ جھم ڪوٽ پهتو ته اھي ناپيد هئا.
چيو وڃي ٿو ته ابن قاسم جڏھن سنڌ جا ڪيئي ڪوٽ قلعا فتح ڪندو سيوستان (سيوھڻ) اچي ٿاڪ ڪيو ته، پٺيان راجا ڏاھر جي پٽ جئسين جھم ڪوٽ ۾ اچي ويٺو. ابن قاسم فوراً پنھنجي سپھ سالار حسين شاھ کي چڙاھي ڪري موڪليو. حسين شاھ جنگ ۾ جئسين ھٿان شڪست کائي مارجي ويو. ان کان پوءِ ابن قاسم پاڻ اچي چڙهائي ڪئي، پر جئسين درياهه ٽپي راوڙ جي قلعي تي وڃي ويٺو. ابن قاسم ھت ڪيمپ ھڻي ويٺو، تان جو حجاج جي حڪم تي ٻيڙين رستي ھتان درياهه ڪراس ڪيو.
جيئن ته حسين شاهه جي قبر جھم ڪوٽ وٽ آھي، ان ڪري ھن کي جھمپير چيو ويندو آھي.
بھرحال ھن تي سائنسي تاريخي تحقيق جي ضرورت آھي. هن، مضمون ۾ ڪينجهر جي قدرتي ڪناري جي حسناڪين جي منظرڪشي خوبصورت لفظن ۾ پيش ڪندي قومي تحريڪ جي اڳواڻن، شھيدن ۽ همعصر دوستن جون يادگيريون قلمبند ڪري هن مضمون ۾ ماضي ۽ حال جي تاريخ کي ڳنڍي ڇڏيو آھي. جهم تي گهاريل راتين ۾ سندس ملاقاتن ۽ ڪچھرين جا بيان پڻ اهم ۽ خاص ڪيفيتن جا مظھر آھن، جنهن ڪري هي مضمون انتهائي دلچسپ ٿي پيو آھي. جهم پير (جهپير) جو نالو ڪيئن وجود ۾ آيو؟قديمي دور جو شِو مندر ۽ علائقي جا تفصيل به بيان ٿيل آھن.
* ٽيون مضمون ”حيدر آباد جو ڪچو قلعو“ بابت آهي، هيءُ قلعو شھر جي وچ ۾ هئڻ جي باوجود ڌرتي ڌڻين کان وسريل ھو. هن تاريخي ماڳ جي لاوارثي ۽ زبون حاليءَ تي عنايت احتجاج ڪندي ان جي اھميت کي اجاڳر ڪري پيش ڪيو آھي.

* چوٿون مضمون ”نئو ڪوٽ“ بابت آهي.
ان مضمونن مان مون فقط ستين مضمون ”نئون ڪوٽ“ جو مختصر ذڪر ڪيو آھي.
ھن قلعي متعلق عنايت جو لکيل مضمون ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنھن ماھر آرڪيالاجسٽ وڏي مھارت سان رپورٽ تيار ڪئي آھي، جو جنھن طرح سان ھن ڀتين، مورچن، بارود خانن، توپن رکڻ جي برجن، سپاھين جي رھڻ جي جاين، ميرن ۽ اميرن جي رھڻ جي محلن، حفاظتي دمدمن ۽ ٻين دفاعي لحاظ کان اھم ترين جاين جو پيمائش سان گڏ ذڪر ڪيو آهي، اھو ڪنھن عام ليکڪ جو ڪم نه آھي.
مختصر ۽ جامع تاريخ ڏني اٿس.
مير ڪرم علي خان ٽالپر 1812ع ۾ حڪومت سنڀالي .
1813 ۾ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ جو قلعو فتح ڪري سنڌ جو حصو بڻايو.
1814 ۾ نئون ڪوٽ/ قلعو ٺھرايو.
پھريون قلعو مير فتح علي خان 1785ع ۾ مٺيءَ ۾ ٺھرايو ۽ ان جو نالو فتح ڳڙھ رکيو.
1795 ۾ اسلام ڳڙهه جو قلعو ٺھرايو (اسلام ڪوٽ).
1800 ۾ چيلھار، سينگار ۽ کڏي ۾ قلعا ٺھرايا.
نئون ڪوٽ جو قلعو ٿر جي ٻين قلعن کان وڏو ۽ مضبوط آھي ۽ ھڪ بھترين قلعي جون سڀ سھولتون ۽ ضرورتون پوريون ٿيل اٿس.
نئون ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏجيءَ جا قلعا سنڌ جا تعمير ٿيل آخري قلعا آھن. لڳي ٿو ان کانپوءِ دنيا ۾ قلعن ٺاھڻ جي ضرورت نه رھي.

* پنجون مضمون ”شھيد ھوش محمد شيدي“ سنڌ جي بھادر جنرل تي لکيل آھي، جنهن ۾ تفصيلي بيان ڪيل آھي ته ڪيئن سازش ڪري سنڌ جي لشڪر کي شڪست ڏياري وئي. ان جو ذڪر عنايت منفرد انداز سان پيش ڪيو آھي. جيئن سنڌ تي حملي کان پھريان انگريزن نواب آف بھاولپور، خان آف قلات ۽ جوڌپور جي راجا سان دوستان تعلقات رکيا.
خيرپور جي مير مراد علي خان، لاڙ مان مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار خان کي پاڻ سان ملايو. فوج ۾ ڌارين اھلڪارن جنھن ۾ توبخاني جي انچارج ”جان ھاويل“ ۽ فوجي آفيسر ”سائمن“ کي به پاڻ سان ملايو ته جيئن اندران ٻاھران ماحول سندن فائدي ۾ ھجي ۽ هڪ وڏي سازش ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو. هن مضمون ۾ سنڌ جي سپاھ جا تفصيل ذاتيون ۽ قبيلا به لکيل آھن.

* ڇهون مضمون ”حر تحريڪ تي ھڪ نظر“ سياسي ۽ تاريخي حوالي سان انتهائي اھم آھي. ھن مضمون ۾ حر تحريڪ جي ٺھڻ جي مقصد، سبب، نتيجي، مذھبي ۽ سياسي پھلوئن تي پرمغز تحقيق ڪيل آھي.
حر تحريڪ ڪھڙي مذھبي فلسفي جي تڪميل لاء جوڙي وئي، ان متعلق بھتر ڄاڻ ملي ٿي.
حر تحريڪ متعلق ائين ته گهڻو ڪجھ لکيو ويو آھي، پر اڃا سوڌو ڪافي سوالن جا جواب اڻ پورا ۽ منجھيل آھن.
مان ليکڪ جي اجازت سان ڪتاب ۾ لکيل ڳالھين کان سواءِ به ڪجھ ڳالھيون ڄاڻايون آھن، جنھن مطابق، حر تحريڪ سيد محمد راشد شاهه جي، مذھبي فلاسافي جي تڪميل جو اھم حصو هئي، جنھنجو بنياد جھاد في سبيل اللہ تي ھو. ھو مريدن کان جھاد لاءِ بيعت وٺندا هئا ته.،
1. ھي جھاد ھر قسم جي سماجي، اخلاقي ۽ معاشرتي براين، نا انصافين، ظلم ۽ زيادتين خلاف ڪيو ويندو.
2. ھي جھاد اللہ تعاليٰ جي وحدانيت ۽ حاڪميت تسليم ڪرڻ کانپوءِ، ٻئي ڪنھن به قوت آڏو سر جهڪائڻ جي خلاف ھوندو.
3. مخفي ۽ ظاھري، اندرين ۽ ٻاھرين دشمن جي خلاف پوري ڪوشش ۽ قوت سان جھاد ڪبو.
4. ھر قسم جي جاني، مالي قرباني ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھڻو پوندو.
جيئن ته انگريزن طاقت جي زور تي قبضو ڪيو ھو، ان ڪري انھن جي خلاف جھاد ڪرڻ فرض ۾ شامل ھو.
سيد محمد راشد شاهه 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي، کيس ٻه پٽ هئا: سيد صبغت اللہ شاهه (اول) ۽ سيد محمد ياسين شاهه.
سيد صبغت اللہ شاهه کي صاحب دستار هئڻ ڪري پڳ ملي ۽ سيد محمد ياسين شاهه کي صاحبِ علم هئڻ ڪري جھنڊو مليو.
ان ڪري پڳ واري سبب صبغت الله شاهه کي پاڳارو ۽ ياسين شاھ کي جھنڊي وارو چيو ويو.
”پير پاڳاري“ جو ٽائيٽل پير صبغت الله کان شروع ٿيو. پير صبغت الله پنھنجي والد جي اجازت سان 1916ع ۾ مريدن جي جماعت کي منظم ڪري جھاد لاءِ تيار ڪيو، خاص ڪري انگريزن جي خلاف. ان ڪري حر تحريڪ جو باني صبغت الله شاهه اول عرف تجر ڌڻي آھي.
عنايت کٽياڻ پاڻ پير ڳوٺ جو آھي ۽ تمام لائق فائق آھي. کيس ڄاڻ آھي ته دنيا جو ھر ڪم ضرور ڪنھن نه ڪنھن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آھي ۽ اھي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون آھن. مان سمجھان ٿو ھن جون مرادون ۽ مقصد واضح آھن ته سنڌ جي وساريل ماضيءَ کي جدت سان پيش ڪرڻو آھي. اميد ٿي ڪجي ته پاڻ پير ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جي ماڻھن کان وڏن جون سينا به سينا سانڍيل ڳالھيون ھٿ ڪري ۽ پير ڳوٺ لائبريري ۾ رکيل نادر نسخن ۽ ٻي قيمتي مواد کي ڏسي حر تحريڪ تي مزيد تحقيق ڪندا.
* ستون مضمون دولھ ”دريا خان جي اوطاق“ متعلق آهي. هن تي مان پڻ ھڪ مضمون لکي چڪو آھيان. ھي انتهائي اھم ماڳ آھي. عنايت هن جي تاريخي اهميت تي تفصيلي لکيو آھي ۽ ھن تاريخي اوطاق جي سار سنڀال حقيقت ۾ عنايت ۽ اسان جي پياري دوست حڪيم ميمڻ لڌي؛ ۽ پوءِ عنايت ڀرپور ڪوششون وٺي ثقافت کاتي وارن کي ان جي مرمت واري ڪم جي ڪم لاءِ راضي ڪيو ۽ کين اوطاق بابت تاريخي مواد ۽ اڏاوت جي ماپ سميت نقشا به مھيا ڪري ڏنا ۽ ڪم جي نگھداشت لاء به ويندو رهيو آھي، ان لاءِ کيس مبارڪون ڏجن ٿيون. سندس هي جاکوڙ انتھائي ساراهه جوڳي آھي.
ڪتاب ۾ شامل ٻيا ليک
”وسڪاري ۾ ٿر جو سير“،
”ڪارونجهر ۾ تاريخي ماڳ“،
”ڪاسبو ۽ ڀوڏيسر تلاء“،
”پارڪر ۽ پاري ننگر“،
”مٺي ۾ منفرد مندر“ ۽
”تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو“ ٿر تي لکيل بھترين مضمون آھن جن تي مھاڳ جي طوالت ۽ وقت گھٽ هئڻ سبب، جو عنايت کي به ڪجهه جلدي آھي؛ ڪنهن ٻئي موقعي تي تفصيل سان لکڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪيو آھي. هنن مضمونن ۾ ٿر جي مختلف موسمن ۾ خوبصورتي، سماجي، سياسي، معاشي، مذھبي، ڪلچرل ۽ تاريخ جو بھترين اڀياس ٿيل آھي. ان سان گڏ پڙھندي مارئي جي ملير جي سڳنڌ به متواتر ايندي رھي ٿي. هنن مضمونن ۾ پارڪر جي مختلف ماڳن مڪانن، هتي جي قدرتي نظارن، جين ڌرم ۽ هندن جي تيرٿن ۽ آستانن جو ذڪر آھي. عنايت جو سفرنامي وارو انداز بيان جنهن ۾ سنگت جي گڏ هجڻ، دوستن سان ملاقاتن، مختلف محفلن ۽ ڪچھرين جا خوبصورت لفظن ۾ بيان ٿيل آھن ۽ هنن مضمونن ۾ تاريخي ڄاڻ به تمام بهترين انداز ۾ ڀرپور ڏنل آھي، جيئن جين ڌرم جا مندر ۽ پرچارڪ آستان ۽ جين ڌرم جي نيتائن جا نالا ۽ تفصيل، هندو ڌرم جي قديمي تيرٿن، ماڳن ۽ مندرن، ساڙڌڙو ڌام، گئومکي، ڀيم ڪُن، جهرڻو، ٻائن جو ٻيسڻو ۽ چندن گڊ وغيره جي تاريخي ڄاڻ سان گڏ ڪارونجهر جا حسين نظارا ۽ جبل جي چوڌاري موجود وسندين جو سفرنامو خوبصورت لفظن ۾ بيان ٿيل آھي ۽ انهن جي تاريخي ڄاڻ به ڏني اٿائين، جن ۾ خاص طور ننگرپارڪر شھر ۽ ٻيون وسنديون ڀوڏيسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو وغيره اچي وڃن ٿا، ان کان علاوه پاڻيءَ جي تلائن، قديمي اجڙيل بندر ۽ بستين ۽ ٿرپارڪر جي رهواسين جي زاتين ۽ راڄ، مختلف دورن جي حاڪمن ۽ راڻن جا تفصيل لکيا اٿائين جن کان عام و خاص واقف ئي نه آھي. عنايت انهن سڀن جي ڄاڻ ڏئي انهن جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو ته جيئن انهن سڀن تاريخي ماڳن مڪانن جي اهميت کي ھر پڙھندڙ سمجهي سگهي ۽ انهن جي بچاءُ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن. خاص طور تي آخري مضمون ”تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو“ ان وقت لکيو ۽ اخبارن ۾ ڇپيو ويو آھي جنهن وقت ڪارونجهر کي وڏي مشينري ذريعي ڪٽيو پيو وڃي، جنهن کي بچائڻ لاءِ ھي مضمون لکڻ هڪ وڏو احتجاج هو، جيڪو سنڌ سان سندس وفاداري ۽ سچائي ثابت ڪري ٿو. وطن جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ ثابت قدم ٿي بيھڻ بھادر قومي ڪارڪن جي نشاني آھي.
عنايت هڪ سينئر قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي جاکوڙ جاري رکي آھي، ڪنهن وقت به قومي فرض کان غافل نه آھي ۽ ھر وقت قوم کي به سجاڳيءَ لاءِ جاڳرتا ڏيندو رهي ٿو ته جيئن تاريخي ماڳن مڪانن ۽ قومي وسيلن جي مالڪي ۽ بچاءَ ڪري سگهجي. دعاڳو آھيون ته سنڌ جي تاريخي ورثي کي روشناس ڪرائڻ لاءِ سندس هيءَ جاکوڙ سڦلتا ماڻي، سندس خواب ساڀيا ٿين ۽ عنايت جو هي تحقيقي سفر جاري رهي ۽ ڪاميابين جون منزلون سر ڪري.
آخر ۾ خواجه احمد زمان لواريءَ جو قومن جي تنزل ۽ تباھي جي سببن تي عالمانه آفاقي راءِ پڙهندڙن آڏو رکان ٿو:
”قومون تڏھن تباهه ٿينديون آھن، جڏھن منجھانئن انساني محبت گم ٿي ويندي آهي ۽ پئسي جي پوڄا ڪرڻ لڳنديون آھن. ماڻھو ماڻھوءَ کان نفرت ڪندا آھن. ھڪ ٻي سان بطور انسان جي محبت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن ۽ پئسي پٺيان ائين ڪاھي پوندا آھن، گويا پئسو سندن معبود آھي. شرڪ جو اھو بدترين قسم آھي ۽ شرڪ الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀ کان وڏو گناهه آھي. بادشاھ بغاوت کي ۽ الله تعاليٰ شرڪ کي ناپسند ڪندو آھي .“

سيد غلام شاهه
چيئرمين
آئيڊيالاجيڪل فورم سنڌ يونائٽيڊ پارٽي
ڪراچي 18 اپريل 2021