لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

تاريخ جو گلدستو ڪارونجھربچايو

سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ليڪن ڪارونجهر جي ڪٽائي سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سان هٿ چراند آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ نه صرف ٿر جي عوام بلڪه سنڌ جي هر شعور وند ۽ غيرتمند کي قبول نه آهي. ڪارونجهر قدرتي ۽ فطرتي طور خوبصورت ۽ تاريخ جو گلدستو آهي، جنهن ۾ هزارين سالن جي تاريخ اونچي ڳاٽ سان نروار نظر اچي ٿي. سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا جو هي اهم اهڃاڻ جنهن ۾ ڪيئي منفرد منظر ۽ دلڪش آبشار، نديون ۽ برساتي نالا آهن، تاريخي طور هن خطي جي اوائلي دور جي رهاڪن ڪڏهن به وطن پرستيءَ جو پاند نه ڇڏيو آهي. هن ڪارونجهر جي سونهن سوڀيا بچائڻ لاءِ سنڌ جي هيري امر روپلي ڪولهيءَ ۽ ڪيئي راڻن راجپوتن پنهنجي سرن جا نذرانا ڏيئي ڪارونجهر جو ڳاٽ اونچو رکيو آهي.
تاريخي طور ڪارونجھر ۽ پارڪر جو مختصر تعارف هي آھي ته ٿرپارڪر اصل ۾ ٻن الڳ الڳ لفظن ۽ علائقن ٿر ۽ پارڪر جي ميلاپ مان جڙيل آھي. ٿر نرم وارياسي سرزمين جو نالو آھي ۽ پارڪر ٿر جي ڀيٽ ۾ ڪجھ سخت وارياسي زمين ۽ ان تي اڀريل ننڍين وڏين جابلو ٽڪرين تي مشتمل علائقي جو نالو آھي جيڪو هن وقت انتظامي طور تعلقو ننگرپارڪر آھي. هن علائقي ۾ چوڙيو جبل، ووڙائو جبل ۽ کارسر جبل به وڏا جبل ليکيا وڃن ٿا ليڪن سڀن کان ڪارونجھر گهڻو وڏو جبل آھي ۽ سڀن کان منفرد ۽ خوبصورت آھي. ڪارونجھر جي دامن ۾ ننگرپارڪر شهر آباد آهي. هي جبل ٿرپارڪر جي علائقي ۾ وڏو جبل آھي، هونئن به ڪارونجهر سنڌ جي ٻين جبلن کان منفرد ۽ وڌيڪ خوبصورت آهي. وڏا وڏا گول ۽ لسا پهڻ هڪ ٻئي مٿان سٿيل نظر اچن ٿا ۽ برسات جي پوڻ سان هڪ ٻئي مٿان سٿيل پهڻ (پٿر) جي پاڙن مان سائو گاهه ڦٽي سڄي جبل کي چهچ سائو لباس ڍڪي ڇڏي ٿو، ان ڪري سندس خوبصورتي تي شاعري ڪئي وڃي ٿي. ڪارونجھر جبل جي ايراضي 20 هزار ايڪڙ آھي. هن جبل ۾ ڪيئي چوٽيون آهن جن جي قطار جي ڊيگهه 19 ڪلوميٽر آهي ۽ اوچائي سامونڊي سطح کان 305 ميٽر آهي. هن جون چوٽيون بيضوي شڪل ۾ ڦري اچن ٿيون. هنن ٽڪرين جي ٻاهرين گولائي اٽڪل 32/30 ڪلوميٽر آهي ۽ وڏي ۾ وڏي چوٽيءَ جي اوچائي هڪ هزار فوٽ آهي جنهن کي ”صاحب چڱا“ چيو وڃي ٿو، جتي ”تروٽ“ ٿلهو ٺهرايو هو. هن جبل ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت ماٿريون آهن ۽ برساتي ندين ۽ آبشارن جا خوبصورت قدرتي نظارا پسي سگهجن ٿا. هن جبل ۾ برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ڊيم به ٺاهيو ويو آهي.

* جين ڌرم جا مندر
هن جبل جي شروعات ۾ جين ڌرم جو مندر ۽ ان کان اڳتي هڪ پرچاري آسٿان آهي جنهن تي هڪ ننڍي مندر جا آثار آهن ۽ رستي واري پاسي کان ديوار جي وڏن وڏن پٿرن تي وڏيون مورتيون اُڪريل آهن ۽ ٻين سڀني پٿرن تي به خوبصورت ڊزائنيون ۽ شاهڪار چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. هنن آثارن لاءِ منگها رام اوجها پنهنجي ڪتاب ”پراڻو پارڪر“ ۾ لکي ٿو ته هي جين ڌرم وارن جو خاص ۽ وڏو مرڪز هو، جتان جين ڌرم جي نظرياتي پرچار ڪئي ويندي هئي. جبل جي اندر هندو ڌرم جا مندر، تيرٿ ۽ آسٿان آهن جن ۾ ساڙڌرو، گئومکي، انچليسور، ڀيم ڪن، جهرڻو، چندن گڍ مشهور آهن جيڪي سڀ اهم تاريخي ماڳ آھن.

* ساڙ ڌڙو
(مرگهه ڪنڊ) جنهن کي اصل ۾ ساڙ ڌڙو ڌام چيو وڃي ٿو. هي هڪ پهاڙن جي ڪنڊ ۾ اونھي ڪن وارو چشمو آهي، جنهن ۾ سال جا ٻارهن ئي مهينا پاڻي موجود رهي ٿو. هن پاڻيءَ کي هندو ڌرم موجب پويتر جل (پاڻي) سمجهيو وڃي ٿو جيئن گنگا نديءَ کي سمجهيو ويندو آهي. هتي به مري ويلن جا هڏا وڌا وڃن ٿا ته جيئن انهن کي شانتي ملي سگهي. هندو ڌرم جي ويدن ۾ به ساڙ ڌڙي جو ذڪر ٿيل آھي.

* گئو مکي
هي ماڳ به ڪارونجهر جبل ۾ تمام اهم سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ساڙڌڙي کان ڏکڻ طرف تقريبن چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن تائين صرف پنڌ ئي وڃي سگهجي ٿو. هن ماڳ تي ڳئون جي منهن جي شڪل ٺهيل نظر اچي ٿي، جنهن جي ٿڻن مان پاڻي وهندو رهي ٿو. هتي هندو ڌرم وارا درشن ۽ پوڄا پاٽ لاءِ ايندا آھن ۽ پري پري کان سياح ھي دلڪش منظر پسڻ ھتي پهچن ٿا.

* چندن گڊ
هي ننڍو قلعو آهي جيڪو ڪارونجهر جي اونچي چوٽيءَ تي راڻي چندن ٺهرايو هو. پارڪر تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته راڻو چندن ۽ سندس ساٿي روپلو ڪولهي ۽ ٻيا هتي اچي رهيا ۽ هن قلعي مان انگريزن تي ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. جنگ جي آخري مرحلي ۾ ڪرنل ايونس هن قلعي کي 1859ع جي مئي مهيني ۾ توبن سان اڏائي ڇڏيو، ليڪن قلعي جا آثار اڄ به موجود آهن.

* ڀيم ڳوڏا
چيو وڃي ٿو پانڊوئن ۽ ڪوروئن جي تاريخي جنگ دوران ڪوروئن جڏهن پانڊوئن کي 13 سال ڏيهه نيڪالي ڏني هئي ته پنج ئي پانڊو ڪجهه وقت لاءِ ڪارونجهر ۾ به اچي رهيا هئا. جن جا يادگار هتي موجود آهن، جن ۾ مکيه ڀيم گوڏا، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ ۽ ڪجهه ٻيا به نشان هتي موجود آھن.

* ڀونئرو (بهرو)
ڪارونجهر جبل ۾ هڪ ڀونئرو به مشهور آهي جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارڪر تي سوڍن جي حڪومت دوران حڪومتي خزانو هت رکيل هوندو هو. هن ڪارونجهر جبل ۾ ڪيئي ٻيا يادگار ۽ تيرٿ آهن ان کان سواءِ جبل جي چوٽين ماٿرين، ندين ۽ آبشارن جي پنهنجي هڪ وڏي خوبصورتي آهي، جيڪا پسڻ سان ذهن تروتازه ۽ پرسڪون ٿئي ٿو. ڪارونجهر جبل جي هڪ وڏي خاصيت اها آھي ته جبل مان قدرتي طور هر وقت مختلف هنڌن تان هلڪو هلڪو دونھون نڪرندو رهي ٿو جنهن جو منظر دلڪش هوندو آھي. جيڪڏهن هتي وڌيڪ تفريح گاهه ٺاهيا وڃن. روڊ رستن کي بهتر ڪيو وڃي ۽ عام ماڻھن جي لاءِ رهائش جو انتظام هجي ته هي جبل پوري ملڪ جي ماڻهن ۽ غير ملڪي سياحن جي لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. وزيراعليٰ سنڌ جو خاص معاون ويرجي ڪولهي چئي ٿو ته سنڌ حڪومت جي قانون مائيننگ ڪنسيشن آرڊر جي شق 25 موجب ڪارونجهر جون سموريون ليزون رد ڪيل آهن. 1980 ۾ وفاقي حڪومت ڪوهه نور ڪمپني کي ليز ڪئي ھئي جنھن وري سب ليز ڪري WFO کي ڏني. مارچ 2011 ۾ جڏهن غير قانوني طور تي ڪوهه نور ڪمپني چوڙيو ماتا مندر واري جبل کي ٽوڙڻ شروع ڪيو ته آئون اڪيلو ھوس، جنهن نه صرف احتجاج ڪيو، پر سپريم ڪورٽ تائين پھتاسين. 2015ع ۾ مانواري سپريم ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي حڪم ڪيو ته جبل کي ٽوڙڻ وارو ڪم فوري طور روڪيو وڃي ۽ پوءِ ان حڪم تحت ڪم رڪجي ويوهو. هاڻ وري غيرقانوني طور جبلن جي ڪٽائيءَ جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ڪيئي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون آهن جنهن کي هاڻي تقريبن ٽوڙي ۽ ڪٽي چڪا آهن.
ڪارونجهر هزارين سالن کان آباد آهي ۽ هاڻ به ان کي صدين تائين آباد رکڻو آهي، جنھن لاءِ اسان سڀن کي سوچڻو پوندو ڇو جو اڃا به وقت ويو ناهي، اسان ڪارونجھر ۽ پوري پارڪر جي حُسن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا. اچو ته سنڌ جي قدرتي حسن جي حفاظت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيون. سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران محترم ويرجي ڪولهي (خاص معاون وزيراعليٰ سنڌ)، محترم ڪرشنا ڪولهي، ارباب صاحبان، محترم سردار خان کوسو، ٿر سميت پوري سنڌ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ حڪومتي ڌر جي عهديدارن، عوامي نمائندن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجي علائقي جي وارثي ڪئي وڃي. هتي پارڪر جون ننڍيون ننڍيون ٽَڪريون راڻپور، ڏونگري، موڪڙيو، آسالڙي، مئو، چڻيندا، ڌنا گام، چوڙيو جبل جو ڪجھ حصو ۽ ڀوڏيسر جو ڪجهه حصو ٽوڙيو ويو آهي، مٿي ڏنل ننڍيون ٽَڪريون پوريون ختم ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اچي غيرقانوني طور ڪارونجهر کي ڪٽيو پيو وڃي. اوهان سڀ راڻن، راجپوتن ۽ روپلو ڪولهيءَ جي تاريخ جو تسلسل آهيو. ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچو، سڄي سنڌ اوهان سان گڏ بيهندي. اوهان جو ايوانن ۾ آواز اڃان تائين ڇو نه آيو آهي. هن غيرقانوني ۽ غيرفطري عمل خلاف اوهان جي گجگوڙ ايوانن ۾ گونجڻ کپي ها، اوهان پارڪر جا وارث ۽ والي آهيو. سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پوري سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اپيل ٿو ڪري ته ڪارونجهر جي قدرتي، فطرتي ۽ تاريخي گلدستي کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن اهم مسئلي تي سنڌ جي هر وڏي شهر ۾ سيمينار ڪرايا وڃن. سنڌ جي هن خوبصورت تاريخي گلدستي کي بچائڻ لاءِ اسان سڀن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت کي هن اهم مسئلي تي خصوصي توجهه ڏيئي سنڌ جي سونهن ۽ تاريخ کي بچائڻ لاءِ تڪڙو قدم کڻي هن غيرقانوني عمل کي فوري طور روڪرائڻ گهرجي، ورنه تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

روزاني ايڪتا 14 نومبر 2019ع