لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

قومي قافلي جو هم سفر

محترم عنايت کٽياڻ، اسان جي قومي قافلي جو سينيئر هم سفر آهي. هڪ مستقل مزاج، سٻاجهو اڳواڻ ۽ ڪارڪن جنهن پنهنجي جدوجهد ۽ مسلسل جاکوڙ وسيلي تاريخ جهڙي انتهائي اهم، بنيادي ۽ ڏکئي موضوع تي ڪم ڪري پنهنجو هڪ نرالو ۽ منفرد مقام پيدا ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جو نالو به ”سنڌ سڀيتا“ چونڊيو، جيڪو پڻ خوبصورت، شاندار ۽ وڻندڙ آهي ۽ سنڌ وطن جي هزارين سالن جي شاندار تهذيب ۽ تمدن جو ڀرپور تاثر ڏئي ٿو.
”سنڌ سڀيتا“ ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو آهي، جنهن ۾ سندس تحقيقي مضمونن، مقالن ۽ ڪالمن جو سٽاءُ ۽ موضوعن جي چونڊ نهايت ئي شاندار آهي.
ديبل بندر/ ڀنڀور، جهم ڪوٽ، وسڪاري ۾ ٿر جو سير، تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو، جهڙا اهم مضمون لکي هن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. خاص طور تي سنڌ جي عظيم سپهه سالار دولهه دريا خان جي اوطاق جي نئين سِر تعمير ۽ بحاليءَ (Renovation) ۾ سندس ذاتي جستجو ۽ جاکوڙ سچ پچ ته هڪ تاريخي ڪارنامو آهي. ان ڪم ۾ سندس اڻٿڪ جدوجهد ڏسي هڪ وڏو اُتساهه ملي ٿو. هن مضمون پڙهڻ سان سنڌ وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ وارو پورو دؤر نئين سر اکين اڳيان نروار ٿي بيهي ٿو.
بهرحال سنڌ جي سياسي قبلي ۽ مرڪز ”سن“ ڏانهن ايندي ويندي، سنڌ جي هن تاريخي ڪردار دولهه دريا خان جي اوطاق جي سلامي ڀرڻ سنڌ جي سڀني مُحب وطن قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو فرض بڻجي ٿو.
توڻي جو محترم عنايت کٽياڻ کان اڳ ۾ انهن موضوعن تي سنڌ ۾ تمام وڏن ۽ ناليوارن تاريخدانن پنهنجا تمام بهترين تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي مضمون ۽ مقالا لِکيا آهن، پر پوءِ به اسان جي هن سادي ۽ سٻاجهي ليکڪ جي نئين انداز، عوامي لهجي ۽ روانيءَ سان لکيل هن ڪتاب جي پنهنجي خصوصيت، ڪيفيت ۽ نرالپ آهي. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ وڏو سبب هي به آهي ته هن شخص فِڪر سيد جي پر ڪيف پيالي مان سُرڪي پيتي آهي.
ته ڪر ڪيئن سئي؟ جي سير نه گھڙي سهڻي،
هِت حياتي ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
چُڪي تنهن چري ڪئي، جا ڏِنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي،
هُهِين منڌ مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
(شاهه سائين)
سنڌ وطن جي وڻن ٽڻن، جيت جڻن، پکين جانورن، جبلن، پٽن، جهنگ جهرن، واهڻ وستين، ڍنڍن ڍورن، درياهه بادشاهه ۽ سنڌي سمونڊ جي ساهه کڻندڙ لهرن ۽ موجن سان ليکڪ جو ساهه ڳنڍيل آهي ۽ هي دوست سنڌ جي سڳي ۾ پويل آهي. پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان عشق ۾ عجب ٿئي ٿو؛ بلڪل سائين طالب الموليٰ جي هن سٽ وانگر:
عجب عشق آهي اسان جو الستي،
ڪڏهن بت پرستي، ڪڏهن خود پرستي.

هونئن به هي سارو سنسار سهڻو آهي. سڄو ڌرتيءَ جو گولو خوبصورت آهي. دنيا جون سڀ قومون ۽ سندن وطن ۽ مُلڪ شاندار آهن. ها، دنيا جي هن حسين ترين ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن جي رنگبرنگي گلدستي ۾ اسان جو وطن سنڌ ۽ ان جي سڀيتا جو گُل به ڏاڍو حُسناڪ ۽ خوشبودار آهي.
ڀاءُ عنايت کٽياڻ جي هن ڪتابي گلدستي کي کوليو ۽ ورق ورق تي پنهنجي وطن، پنهنجي مِٽي ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي سُرهاڻ توهان کي واسي ڇڏيندي.

آصف بالادي
27 جولاءِ 2021ع