لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

ڪارونجهر ۾ تاريخي ماڳ

ننگر پارڪر شهر کان ڪارونجهر جبل تي وڃبو ته شروع ۾ جين ڌرم جو مندر ۽ جين ڌرم جي پرچار مرڪز جا آثار آهن، انهن کان اڳتي پڪو رستو هيٺاهين مٿاهين جبل جي ننڍين ٽڪرين مان ور وڪڙ کائيندو ساڙ ڌڙو مندر ٿي پهچي ٿو. هي پڪو رستو تقريبن 6 کان 7 ڪلوميٽر آهي. هن رستي جي پاسي ۾ هڪ ننڍي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هاڻي هڪ تفريح گاهه به ٺاهيو ويو آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ پڪي ڏاڪڻ پڻ ٺاهي ويئي آهي جنهن ذريعي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پهچي ڪارونجهر جبل جي گهڻي حصي تي نظر ڦيرائي خوبصورت منظر پسي سگهجن ٿا. هن تفريح گاهه کان اڳتي هلبو ته رستي جي ساڄي هٿ تي ڪار پارڪنگ ٺاهي ويئي آهي جتي گاڏيون بيهاري اڳتي ساڙ ڌڙي تائين ڪجهه پنڌ ڪرڻو پئي ٿو.

* ساڙ ڌڙو (مرگهه ڪنڊ)
جنهن کي اصل ۾ ساڙ ڌڙو ڌام چيو وڃي ٿو، هي هڪ پهاڙن جي ڪنڊ ۾ اونھي ڪن وارو چشمو آهي، جنهن ۾ سال جا ٻارهن ئي مهينا پاڻي موجود رهي ٿو. هن پاڻيءَ کي هندو ڌرم موجب پويتر جل (پاڻي) سمجهيو وڃي ٿو جيئن گنگا نديءَ کي سمجهيو ويندو آهي. هتي به مري ويلن جا هڏا وڌا وڃن ٿا ته جيئن انهن کي شانتي ملي سگهي. هندو ڌرم جي ويدن ۾ به ساڙ ڌڙي جو ذڪر ٿيل آهي. هن کي وڌائي بھتر ڪري ٺاهيو ويو آهي، جنهن ڪري ياتري هتي اچي تلاءُ ۾ اشنان ڪري پاڻ کي پاڪ پويتر ڪن ٿا. هتي هر سال مارچ مهيني ۾ شِوِ راتڙي جو ميلو ڌام ڌوم سان لڳندو آهي جنهن ۾ پري پري جا ياتري زيارت لاءِ اچن ٿا.
ھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اوائلي دور ۾ هندو ڌرم جي هڪ وڏي گياني ۽ تپسيا ڪندڙ مهاتما جنهن جو نالو پاراسر برهمڻ هو، ان کان ڪا غلطي ٿي ويئي جنهن جي معافي لاءِ کيس مها گياني رشين چيو ته 68 تيرٿن جو جل (پاڻي) کڻي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان ۾ اشنان ڪر ته تنهنجو پاپ ڌوپي ويندو؛ جنهن کان پوءِ پاراسر هن هنڌ تي 68 تيرٿن جو پاڻي گڏ ڪيو ۽ ان ۾ اشنان ڪري پويتر ٿيو هو، جنهن روايت موجب اڄ به هتي اشنان ڪري پنهنجي پاپن کي ختم ڪيو وڃي ٿو ۽ مري ويلن جي لاشن جو اگني سنسڪار ڪرڻ کانپوءِ سندن هڏين کي هتي اڇلڻ سان سندن روح کي مڪتي ۽ شانتي ملي ٿي.
ساڙ ڌڙو ڌام جنهن کي مرگهه ڪنڊ به چيو وڃي ٿو، هن جي آس پاس مختلف ديوتائن جا مندر آهن ۽ چئن خاص ٻاون جون سماڌيون پڻ موجود آهن. ساڙ ڌڙو ڌام کان ڪجهه مٿي مهاديو شِوِ جو مندر آهي ۽ ڀر ۾ ڀولوناٿ جو مندر آهي، جتي ياترين کي رهائڻ ۽ ڀڄن ڀاؤ جو به بندوبست ٿيل آهي.

* گئو مُکي
هي ماڳ به ڪارونجهر جبل ۾ تمام اهم سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ساڙ ڌڙي کان ڏکڻ طرف تقريبن چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن تائين صرف پنڌ ئي وڃي سگهجي ٿو. هن ماڳ تي ڳئون جي مُنهن شڪل ٺهي پئي آهي، جنهن جي وات مان پاڻي وهندو رهي ٿو. هتي به هندو ڌرم وارا درشن ۽ پوڄا پاٽ لاءِ ويندا آهن ۽ ٻيا عام ماڻهو هتي هي منظر پسڻ لاءِ پهچن ٿا.

* چندن گڍ
هي هڪ ننڍو قلعو هو جيڪو ڪارونجهر جي هڪ اونچي چوٽيءَ تي راڻي چندن ٺهرايو هو. پارڪر تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته راڻو چندن ۽ سندس ساٿي روپلو ڪولهي ۽ ٻيا هتي اچي رهيا ۽ هن قلعي مان انگريزن خلاف ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. جنگ جي آخري مرحلي ۾ ڪرنل ايونس هن قلعي کي 1859ع جي مئي مهيني ۾ توبن سان اڏائي ڇڏيو ليڪن قلعي جا آثار اڄ به موجود آهن.

* ڀيم گوڏا
هندو ڌرم ۾ چيو وڃي ٿو پانڊوئن ۽ ڪوروئن جي تاريخي جنگ دوران ڪوروئن جڏهن پانڊوئن کي 13 سال ڏيهه نيڪالي ڏني هئي ته پنج ئي پانڊو ڪجهه وقت لاءِ ڪارونجهر ۾ به اچي رهيا هئا، جن جا يادگار هتي موجود آهن، جن ۾ مکيه ڀيم گوڏا، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ ۽ ڪجهه ٻيا به نشان هتي موجود آهن. ڀيم گوڏا گئو مکيءَ کان به مٿي آهي. هي به هڪ چشمي وارو ڪن آهي، جتي هر وقت پاڻي موجود رهي ٿو. هن لاءِ روايت آهي ته هتي پاڻي نه ملڻ ڪري پانڊو جي ڀاءُ ڀيم لت هنئي هئي ته پاڻي نڪري پيو، تنهن ڪري هن کي ڀيم ڪن به چوندا آهن.

* ڀونئرو (بهرو)
ڪارونجهر جبل ۾ هڪ ڀونئرو به مشهور آهي جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارڪر تي سوڍن جي حڪومت دوران حڪومتي خزانو ۽ بارود هن ڀونئري ۾ لڪايو ويندو هو ۽ هن ڀونئري لاءِ چيو وڃي ٿو ته گوڙي مندر واري ڀونئري سان مليل هو جيڪو زيرِ زمين سرنگهه رستي محفوظ چرپر لاءِ ڪم ايندو هو. انگريزن جڏهن پارڪر تي قبضو ڪيو ته خزاني جي تلاش ۾ هن ڀونئري جي کوٽائي ڪرائي ويئي ليڪن ڪو خزانو نه ملڻ ڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيائون.
ڪارونجهر جبل ۾ ڪيئي ٻيا يادگار ۽ تيرٿ آهن، ان کان سواءِ جبل جي چوٽين، ماٿرين، ندين ۽ ابشارن جي پنهنجي هڪ وڏي خوبصورتي آهي، جيڪا پسڻ سان ذهن تروتازه ۽ پرسڪون ٿئي ٿو. ڪارونجهر جبل جي هڪ وڏي خاصيت اها آھي ته جبل مان قدرتي طور هر وقت مختلف هنڌن تان هلڪو هلڪو دونھون نڪرندو رهي ٿو جنهن جو منظر دلڪش هوندو آھي. اگر هتي وڌيڪ تفرح گاھ ٺاهيا وڃن، روڊ رستن کي بهتر ڪيو وڃي ۽ عام ماڻھن جي لاءِ رهائش جو انتظام هجي ته هي جبل پوري ملڪ جي ماڻهن ۽ غير ملڪي سياحن جي لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو.


روزاني ايڪتا 13 سپٽمبر 2019ع

حوالا.
1- ڪتاب ۔ پراڻو پارڪر (ليکڪ ۔ منگھارام اوجها)
2- ڪتاب - تاريخ ريگستان (ليکڪ ۔ رائچند هريجن)