لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

حر تحريڪ تي هڪ نظر

شهيد صبغت الله شاهه ثاني عرف سورهيه بادشاهه ۽ سندس حر تحريڪ کان ته هر ڪوئي واقف آهي پر هن قومي هيري ۽ قومي تحريڪ جي پوري حقيقت اڃا تائين عام نه ٿي سگهي آهي. هيءَ تحريڪ سنڌ جي انگريز سامراج خلاف مڪمل آزاديءَ جي تحريڪ هئي ۽ هن تحريڪ بابت اهو چوڻ ته هيءَ تحريڪ هڪ گروهي تحريڪ هئي ۽ سورهيه بادشاهه کي سنڌ جو بادشاهه بڻائڻ لاءِ هلائي ويئي هئي يا هن تحريڪ کي ڇڙواڳ ڌاڙيلن جي تحريڪ چوڻ سراسر غلط آهي ۽ اها غلط پروپيگنڊا انگريزن پاران هلائي ويئي هئي ۽ ان لاءِ سنڌ جا سوين وڏيرا ۽ هزارين پروپيگنڊا جا ماهر ايجنٽ انگريز سرڪار پاران مقرر ڪيا ويا هئا.
راشدي خاندان پير محمد راشد (روضي ڌڻي) صاحب کان شروع ٿئي ٿو، جنهن سنڌ جي هڪ وڏي حصي ناري، ٿرپارڪر، سانگهڙ، اڇڙي ٿر، جيسلمير، ڪڇ ڀڄ، راجسٿان ۽ ڪاٺياواڙ تائين واهڻ، وستي، جهنگ، جهر، ٿر ۽ بر جهاڳي توحيد جي دعوت ڏني ۽ وڏي جماعت قائم ڪئي. پير صاحب جن جو فلسفو هو ته ”انسان آزاد آهي ۽ الله پاڪ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو غلام نه آهي ۽ انسان کي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جو شعور هئڻ کپي ته هو هن دنيا ۾ اشرف المخلوقات بڻجي آيو آهي ۽ الله پاڪ جو نائب بڻجي آيو آهي، انسان کي ڪنهن ٻي انسان جو غلام ٿيڻ لاءِ نه پيدا ڪيو ويو آهي.“ هن جماعت ٺاهڻ لاءِ پير صاحب (محمد راشد روضي ڌڻي) جهر جهنگ وڃي عوام ۾ آزاديءَ لاءِ، انسانيت لاءِ، جاني، مالي قرباني ڏيڻ جو جذبو پيدا ڪيو، جنهن جي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هيءَ جماعت جڙي ۽ هن جماعت ايثار ۽ قربانيءَ جا ڪيئي مثال قائم ڪيا ۽ سندس نالي جي نسبت سان سندس اولاد راشدي خاندان سان مشهور ٿيو. سنڌ جو هي سيد خاندان 200 سالن کان سنڌ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ سڌي طرح ويڙهه وڙهندو رهيو آهي پر سنڌي قوم کي ان کان بيخبر رکيو ويو آهي ۽ سنڌي نصابي ڪتابن ۾ اورنگزيب عالمگير ۽ ٽيپو سلطان جا قصا ته پڙهايا پيا وڃن پر حر جماعت، راشدي خاندان ۽ انهن کان اڳ جي سنڌ جي سورمن جي بهادري ۽ جرئتمنديءَ کي ڄاڻي واڻي لڪايو پيو وڃي.
راشدي خاندان جو شجرو امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو، جنهن جي پشت مان ”سيد علي مڪي شاهه“ سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ جي ”لڪي شاهه صدر“ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن صاحب کي سنڌ ۾ وڏو اولياءُ مڃيو وڃي ٿو. سيد علي مڪي شاهه جي پشت مان شاهه صدرالدين پيدا ٿيو جنهن جي نالي جي نسبت سان هن ڳوٺ جو نالو ”لڪي شاهه صدر“ مشهور ٿي ويو ۽ سندس ئي خاندان مان سيد محمد بقا شاهه ”شهيد“ هو، جنهن کي پَٽَ ڌڻي به چيو ويندو هو ۽ پوءِ سيد محمد راشد شاهه ”روضي ڌڻي“ جنهن جي اولاد راشدي سڏجڻ لڳي ۽ ٻن حصن ۾ ورهائجي ھڪ پير پاڳارو خاندان ۽ ٻيو پير جھنڊي وارا سڏجڻ لڳا.
پاڳاري خاندان جي گادي نشينن جي ترتيب هن ريت آهي:
1. سيد صبغت الله شاهه راشدي (پهريون) ”تجر ڌڻي“
2. سيد علي گوهر شاهه (پهريون) ”بنگلي ڌڻي“
3. سيد حزب الله شاهه ”تخت ڌڻي“
4. سيد علي گوهر شاهه (ٻيو) ”معفي ڌڻي“
5. سيد شاهه مردان شاهه (پهريون) ”ڪوٽ ڌڻي“
6. سيد صبغت الله شاهه (ٻيو) ”شهيد سورهيه بادشاهه“
7. سيد شاهه مردان شاهه ”ڇَٽَ ڌڻي“
7. سيد صبغت الله شاهه (ٽيون) موجوده پير پاڳارو.
حر جي معنيٰ آزاد ۽ حر تحريڪ جنهن جو بنياد سيد صبغت الله شاهه راشدي (پهريون) رکيو ۽ هن پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان اهڙا ته حُرَ تيار ڪيا جيڪي مرشد جي حڪم تي جان ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا. اهڙو جذبو اڃا تائين به حرن ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ ئي جذبي هن جماعت کي هڪ اهڙي جماعت بڻائي ڇڏيو جنهن جي بهادري، سچائي، قرباني، وفاداري ۽ اڳواڻ جي حڪم جي تعميل ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو مثال پوري برِصغير ۾ مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو. هن جماعت وارا تحريڪن دوران اهڙي ته جنگي حڪمت عمليءَ جو مظاهرو ڪندا رهيا جو انگريز فوج اعليٰ تربيت يافته هجڻ جي باوجود حرن کان هارائي ويهندي هئي.
ان وقت پوري پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي اڪثر علائقن تي سکن جي حڪومت هئي ۽ رنجيت سنگهه اتان جو بادشاهه هو، جيڪو مسلمانن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو ۽ هن جي ساٿين ۽ ٻين سکن کان مسلمان مرد توڙي عورتون ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندا رهندا هئا ۽ کين ڪوبه انصاف ڏيارڻ وارو ڪونه هو. اهڙي صورتِحال ۾ ”سيد احمد شهيد“ انهن مظلوم مسلمانن کي سکن جي ظلمن کان نجات ڏيارڻ جو فيصلو ڪري موجوده ”پختونخواهه“ واري علائقي کي پنهنجو مرڪز بڻائي هڪ تحريڪ شروع ڪئي ۽ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو. سيد احمد شهيد 24 جون 1826ع تي پيرجوڳوٺ اچي پير صبغت الله شاهه (پهرين) تجر ڌڻيءَ سان ملاقات ڪئي. پير صاحب سنڌ جي روايتي انداز ۾ سندس پرجوش آجيان ڪئي ۽ سندس هلايل تحريڪ جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو ته پنجاب جي مسلمانن کي سکن کان نجات ڏيارڻ لاء اوهان جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. پوءِ جڏهن سيد احمد شهيد سکن سان ويڙهه شروع ڪئي ته 1829ع ۾ پير صاحب ٽي سَؤ حر مجاهد پنجابي مسلمانن کي سکن کان نجات ڏيارڻ لاءِ موڪليا جيڪي سکن خلاف بالاڪوٽ ۽ اڪوڙهه جي جنگي محاذن تي دليريءَ سان وڙهندا رهيا ۽ وڙهندي وڙهندي سڀئي شهيد ٿي ويا. سندن جرئت ۽ بهادريءَ جي ڌاڪ پوري برِصغير ۾ ويهجي ويئي جنهن جا مثال ڏنا وڃن ٿا. حر مجاهدن جي بھادري وڏي شهرت ماڻي. ان پهرين تحريڪ جي سرواڻ سيد صبغت الله شاهه راشدي (پهريون) تجر ڌڻيءَ 1831ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مسند تي سيد علي گوهر شاهه (پهريون) بنگلي ڌڻي گادي نشين ٿيو جنهن جي مسند نشينيءَ ۾ حر تحريڪ ماٺي رهي.
ٻيهر حر تحريڪ 1890ع ۾ ان وقت جي پير پاڳاري سيد حزب الله شاهه ”تخت ڌڻيءَ“ جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿي جيڪا سڌي طرح انگريز حڪومت جي خلاف هئي. هن تحريڪ دوران به حر مجاهدن دليري ۽ جرئت منديءَ سان انگريزن کي للڪاريو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ همت ۽ بهادريءَ سان انگريز فوجن سان وڙهندا رهيا، ليڪن رابطي جي کوٽ هجڻ ڪري هيءَ تحريڪ ڇڙوڇڙ هئي ۽ ان جي مقابلي ۾ انگريز فوج منظم هئي، حڪومت وٽ وسيلا هئا ۽ جديد هٿيار هئا. جڏهن ته حر مجاهد پنهنجي سادن هٿيارن سان پنهنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ جذبي جي آڌار تي وڙهندا رهيا. هن تحريڪ ۾ حر تحريڪ جو ڪمانڊر حر مجاهد دريا خان نظاماڻي هو جنهن ڪيترن ئي هنڌن تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ انگريز فوج سان وڙهندي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. تحريڪ جي هن مرحلي ۾ به حر جماعت جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، جنهن ۾ ڪيئي ڪونڌر شهيد ٿي ويا جن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي، ڇو ته ان کان پوءِ به حر جماعت حالتِ جنگ ۾ رهي ۽ ليکڪ به گهٽ هئا جيڪي انگريزن جي ڀَوَ کان هنن سنڌ جي سپوتن جا انگ اکر به رڪارڊ تي نه آڻي سگهيا.
ٽيون ڀيرو حر تحريڪ ڇهين پيرپاڳاري سيد علي گوهر شاهه (ٻيو) ”معفي ڌڻي“ جي دور ۾ 96-1895ع ۾ شروع ٿي. هن تحريڪ جا سرواڻ بچو بادشاهه ۽ پير وزير هئا ۽ هنن سان ٻارهن ٻيا بهادر ساٿي به هئا جن کي ”ٻهروٽيا“ چيو ويندو هو. هيءَ تحريڪ اڳين ٻن تحريڪن کان وڌيڪ سگهاري تحريڪ هئي. بچو بادشاهه ذات جو خاصخيلي هو ۽ پيرو وزير وساڻ هو، هنن ٿرپارڪر ضلعي جي ڪجهه حصي تي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو جيڪو انگريزن لاءِ وڏو چئلينج هو.
بچو بادشاهه پنهنجي ٻارهن ساٿين سميت جيڪا تحريڪ هلائي، ان جو هيڊڪوارٽر موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ مکي ٻيلي، خاص طور تي مکي ڍنڍ کي بڻايو. هن ڍنڍ ۾ ڪيئي ٻيٽاريون هيون جن ۾ گهاٽا ٻيلا هئا جيڪي حر مجاهدن جي پناهه گاهه هئا. بچو بادشاهه پنهنجي آزاد حڪومت کي سانگهڙ سرڪار جو نالو ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو به انگريز سرڪار جي مدد ڪندو يا حر مجاهدن جي جاسوسي ڪندو ان کي قتل ڪيو ويندو. هن اعلان جنگ کانپوءِ سانگهڙ جي هن علائقي مان انگريزن جون پوليس چوڪيون خالي ٿي ويون، سندن سپاهي ٿاڻا ۽ چونڪيون ڇڏي ڀڄي ويا ۽ بچو بادشاهه خوف ۽ دهشت جي علامت بڻجي ويو پر بچو بادشاهه ۽ سندس ساٿين ڪڏهن به ڪنهن غريب سان ظلم نه ڪيو. سندن ڪارروايون هميشه انگريزن جي جاسوسن ۽ انهن وڏيرن خلاف هونديون هيون جيڪي انگريزن جا ساٿاري هوندا هئا، پر انگريزن جا ڇاڙتا ڌاڙا ۽ ڦرون ڪري حرن کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو جواز پيدا ڪندا رهندا هئا.

بچو بادشاهه جي والد جو نالو وريام خاصخيلي هو ۽ بچو بادشاهه 1860ع ۾ سانگهڙ جي علائقي مٺڙائو ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڳوٺ انگريزن جي ڪارروائي ۾ تباهه ٿي ويو ۽ اهي زمينون انگريزن پنهنجن وفادار فوجين کي انعام طور ڏنيون ۽ هن هنڌ تي هاڻي چڪ نمبر 39 جو واٽر ڪورس قائم آهي.
بچو بادشاهه انگريزن خلاف هلايل هن تحريڪ ۾ انگريزن جي وفادار ان وقت جي رياست خيرپور تي به ڪيئي حملا ڪيا، جن مان هڪ وڏي حملي ۾ واليءِ رياست مير مراد علي ٽالپر ڀڄي جان بچائي ۽ هڪ ٻي حملي ۾ مير مراد علي ٽالپر جو خاص منظور نظر ۽ انگريز جو وفادار وڏيرو ڇٽل خان ڀرڳڙي مارجي ويو. اهڙي ئي ٻي حملي ۾ انگريزن جو خاص جاسوس جوالا سنگهه به مارجي ويو. بچو بادشاهه جي اهڙين ڪاررواين جي ڪري انگريزن پنهنجي وفادارن کي بچائڻ لئه بچو بادشاهه کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پهريان سندس والد کي گرفتار ڪيو جيڪو جيل ۾ انگريزي فوج جي تشدد ۾ شهيد ٿي ويو پر بچو بادشاهه پيءُ جي شهادت کانپوءِ هيڻو ٿيڻ جي بجاءِ انگريز فوجن تي حملا وڌائي ڇڏيا ۽ انگريز فوج مکيءَ جي ٻيلي ۾ لهي بچو بادشاهه خلاف ڪارروائي ۾ ڪاميابي حاصل نه پئي ڪري سگهي. مکي ٻيلي تي جڏهن به انگريز فوج چڙهائي ڪئي ته سندن تعداد هزارن ۾ هوندو هو ۽ مقابلي ۾ چند حر مجاهد هوندا هئا، پوءِ به فوج سوين سپاهي مارائي ناڪام واپس ٿيندي هئي ته ٻي طرف بچو بادشاهه جا ٻه ٽي حر مجاهد شهيد ٿيندا هئا.
ان ڪري انگريز فوج سانگهڙ جي علائقي ۾ وڃڻ کان ڪيٻائڻ لڳي ته انگريزن وري سنڌ کان ٻاهر جي فوج حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ گهرائي بمبئي، بڙودي ۽ ٻين علائقن جا ڪمشنر ۽ ٻيا وڏا آفيسر اچي سنڌ ۾ گڏ ٿي. هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ لڳا. بچو بادشاهه تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سندس مرشد ڇهين پير پاڳاري سيد علي گوهر شاهه ٻئي معفي ڌڻيءَ کي گهرائي گرفتار ڪيو ويو ۽ پير صاحب تي زور ڀريو ويو ته هو پنهنجي مريد بچو بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي گرفتاري ڏيڻ لاءِ راضي ڪري پر پير پاڳاري مجبور هوندي به هڪ تاريخي فيصلو ڪري حر مجاهدن ڏانهن پنهنجي هڪ ملازم هٿان نياپو ڪيو ته ”آءٌ اوهان سمورن فقيرن کي آزاد ٿو ڇڏيان ته وڙهي سر ڏيو يا چاهيو ته انگريزن آڏو پيش پئو.“ مرشد جو حڪم پيرو وزير تائين پهتو ته هن جهوڙي لئي واري ماڳ تي اچي پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪيو ۽ مرشد جو فيصلو ٻڌائي هڪ ليڪو پَٽَ تي ڪڍي چيائين ته سر ڏئي سرها ٿيڻ وارا هن پاسي ٿين ۽ پيش پوڻ وارا ٻئي پاسي بيهن، ليڪن هنن سڀن ساٿين انگريزن سان ويڙهه وڙهي سنڌ تان سر گهورڻ جو وچن ڪيو ۽ پوءِ ڌار ڌار ماڳن تي انگريزن سان وڙهندي ڪي شهيد ٿيا ته ڪي گرفتار ٿي ڦاهيءَ چڙهي مرشد سان وفاداري نڀائيندي سنڌ ڌرتيءَ تان قربان ٿيا.
بچو بادشاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس خلاف ٻاهران ڪمانڊو گهرائي خاص فوجي آپريشن ڪيو ويو. هن جا ساٿي ”ٻهروٽيا“ مقابلن ۾ شهيد ٿيندا ويا ۽ سندس گهر واريءَ کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 7 مئي 1898ع تي بچو بادشاهه خيرپور رياست جي وزير سردار محمد يعقوب جي سامهون گرفتاري ڏني ۽ سندس هڪ ٻهروٽيو ساٿي عيسيٰ ڏاهري به هالا ٿاڻي تي پيش پيو ۽ پوءِ هنن ٻنهي حر مجاهد ساٿين کي اسپيشل ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي انگريز فوجي جج مسٽر هارٽ ڊيويز پاران موت جي سزا جو فيصلو ڏنو ويو ۽ ٻنهي ڄڻن کي سانگهڙ ۾ عام ماڻهن سامهون ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڄڻن جا لاش سانگهڙ کان جهول ويندڙ رستي جي وچ ۾ دفنايا ويا ته جيئن هر انسان ۽ جانور جي لتاڙ ۾ رهن ليڪن پوءِ حر مجاهدن سندن لاش اتان ڪڍي ڪنهن ٻئي هنڌ دفنايا، جنهن جي خبر پئجي نه سگهي آهي.
بچو بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل هن تحريڪ جا به خاص انگ اکر يا صحيح سن ۽ تاريخون نٿيون ملن، جنهن ڪري ليکڪن مختلف تاريخون ۽ سن لکيا آهن. بچو بادشاهه جي تحريڪ دوران ۽ سندس شهادت کانپوءِ به حر جماعت ۽ هن علائقي تي انگريز سرڪار جو ظلم ۽ ڏاڍ جاري رهيو جنهن ڪري هنن سنڌ جي سپوتن جي ڪا به يادگار نه آهي، ڇو ته سندن ڳوٺ به انگريز فوج جي ڪاررواين ۾ تباهه ٿي ويا ۽ سندن مائٽن تي به ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، تنهن هوندي به ”ٻهروٽين“ کي بھادريءَ جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو. (هاڻوڪي دور ۾ ايم پي اي فقير وريام خاصخيلي شھيد بچو بادشاھ جي اولاد مان آھي) هي ته ”ٻهروٽيا“ هئا ليڪن هنن سان ٻيا ڪيئي حر مجاهد گڏ هئا جيڪي آزاديءَ جي جنگ وڙهندي تاريخ جي اونداهين ۾ گم ٿي ويا.

سيد صبغت الله شاهه ثاني (سورهيه بادشاهه)
بچو بادشاهه جي شهادت کانپوءِ حر تحريڪ کي سختيءَ سان ڪچليو ويو ۽ اها ڪيئي سال ماٺي رهي. سيد صبغت الله شاهه ثاني (سورهيه بادشاهه) سندن ولادت 13 صفر سن 1327هه ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 12 سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد شاهه مردان شاهه جي وفات بعد 1922ع ۾ پير پاڳارو ٿيو. سندن ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندس ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد ٿي ته هيءُ ننڍڙو پير پاڳارو سندن صلاح سان اُٿندو ويهندو ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ پڻ واڌارو ٿيندو. ٻئي طرف انگريز حڪومت جي هوشيار ڪارپردازن سوچيو ته هن ننڍي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جيئن هو خانداني روايات کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي. ٽئين طرف دربار جي جهونن خدمتگارن ۽ جماعت جي ڪن وڏن خليفن کي آسرو ٿيو ته هو پير صاحب کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائيندا مگر، ننڍي هوندي کان ئي صبغت الله شاهه جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي: هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن خلاف نفرت هئي؛ هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو، انهيءَ ڪري مشورن کي محض مشورا ڪري ٿي ڄاتائين ۽ ٻين جي صلاحن کي جيئن جو تيئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرائتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو. سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خوداعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو. ٻئي ڪنهن شخص جي حالت ۾ ننڍي وهيءَ ۾ انهن وصفن جو هجڻ باعث غنيمت بنجي ها پر پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه لاءِ اهي خوبيون آزمائش جو سامان کڻي آيون. خدمتگار ۽ خليفا کڻي خاموش رهيا پر ويجهن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي ڪارپردازن جون اُميدون پوريون نه ٿيون. پير صاحب پنهنجن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن موجب هلڻ کان صاف انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري اهي ٻِئي طرف هن ننڍي پير پاڳاري جا مخالف ۽ هڪ ٻئي جا دوست بڻجي پيا. پير پاڳاري ٿيڻ بعد سيد صبغت الله شاهه هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پيرپاڳاري جناب علي گوهر شاهه ثانيءَ جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو فريم ۾ بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. چيائون ته ’اسان جا وڏا ڪهڙا نه سادا هئا: خدا تعاليٰ سندن ذاتي عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي به هي رکي ڇڏيا اٿن،‘ ائين چئي، اُهو آفرين نامو ۽ فريم لهرائي ڀڃائي ڇڏيائون.
اها ڳالهه به انگريز سرڪار تائين وڃي پهتي ۽ پوءِ هڪ سازش ٺاهي 1929ع ۾ پير صاحب کي پيرڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو. الزام لڳايو ويو ته هن هڪ نوجوان کي اغوا ڪري پنهنجي ڪوٽ ۾ رکيو ۽ غيرقانوني هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ آيا آهن. اهو ڪيس روهڙيءَ جي سول ڪورٽ ۾ هليو. پير صاحب پاران وڪيل محمد علي جناح صاحب هو، جنهن ٻن شنوائين کان پوء ورتل في واپس ڪري ڪيس وڙھڻ ڇڏي ڏنو ۽ سرڪار پير صاحب کي هيسائڻ لاءِ 8 سالن جي سزا ڏيئي هندستان جي رتناگري جيل موڪلي ڇڏيو ۽ حر مجاهدن کي سخت سزائون ڏنيون ويون. پير صاحب جي گرفتاريءَ ۽ سزا ڏيڻ ۽ حرن تي ظلم ڪرڻ ڪري نفرت وڌي ويئي.
پير صاحب کي رتناگري جيل مان مدناپور مرڪزي جيل ۾ موڪليو ويو. ان دوران پير صاحب جون بنگال جي قومپرست اڳواڻ سڀاش چندربوس ۽ ٻين آزاديءَ جي اڳواڻن سان رابطا ۽ ملاقاتون به ٿيون ۽ پير صاحب جن پاڻ انگريزن کان پنهنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ لاء گوريلا ويڙهه وڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو.
پير صاحب 25 نومبر 1936ع تي سزا ڪاٽي آزاد ٿي آيو ۽ هن حر مجاهدن کي منظم ڪري هڪ جماعت ٺاهي، جنهن کي ”فرق وارا“ ڪوٺيو ويندو هو. هنن جو نعرو هو وطن يا ڪفن، آزادي يا موت، هن جماعت جي غازين کي گوريلا ويڙھ وڙھڻ لاء تربيت به ڏياري ويئي ۽ راجپوتانا رياست جي حڪمرانن حرن جي تحريڪ لاءِ هٿيار ڏيڻ جي به مدد ڪئي. (ص 73 حر گوريلا تحريڪ)
جماعت کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو ته جماعت جي اندر ان يا ٻاهريون ڪوبه دشمن لاءِ مخبري ڪري ته اهو موت جو حقدار هوندو. اهڙا سخت فيصلا ڪري پير صاحب حر مجاهدن کي پورو پروگرام ڏيئي هدايتون ڪيون ته تحريڪ منهنجي گرفتار ٿيڻ تي رڪجي نه بلڪ پنهنجي پروگرام موجب هلندي رهي. حر مجاهد غازين انگريز فوج ۽ پوليس جي چوڪين تي حملا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ان سان گڏ مخبرن کي سيکت ڏيڻ شروع ٿي ويئي. انگريز ٻي مهاڀاري جنگ ۾ مصروف هو ۽ سنڌ ۾ حر مجاهدن جون ڪارروايون کين گهڻو پريشان ڪري رهيون هيون جنهن ڪري وڏي پئماني تي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ پير صاحب کي ڪراچيءَ ۾ 1941ع ۾ نظر بند ڪيو ويو ليڪن پير صاحب خيرپور نڪري ويو ۽ پوءِ کيس خيرپور رياست جي مدد سان گرفتار ڪري صوبي کان ٻاهر جيل موڪليو ويو ليڪن پير صاحب پنهنجي جماعت کي هدايتون ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ حر تحريڪ وڌيڪ تيزيءَ سان وڏي جذبي سان ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. مجاهدن پاران پاڻيءَ جا ڪئنال ٽوڙيا ويا، ريلوي اسٽيشن تي حملا شروع ٿي ويا، سرڪاري دلالن ۽ مخبرن کي قتل ڪرڻ سان گڏ سرڪاري مال متاع ڦرڻ ۽ تباهه ڪرڻ جون ڪارروايون زور وٺي ويون.
ٻئي طرف سرڪار عام حرن جون گرفتاريون ڪري جڙتو ڪيسن ۾ سخت سزائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون ليڪن مجاهدن به سخت گوريلا ڪارروايون شروع ڪري سرڪار کي اپاهچ ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ ريت 20 مئي 1942ع تي ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ فوجي ريل گاڏي لاهور ميل کي حيدرآباد اسٽيشن کان اڳتي پٽڙيون اکيڙي ڪيرايو ويو ۽ ڪريل ريل گاڏيءَ ۾ مسافرن ۽ فوجين کي قتل ڪيو ويو. هن حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کن زخمي ٿيا. هي حر مجاهدن جي وڏي ڪارروائي هئي جنهن کانپوءِ ٻه ڀيرا ٻين ريل گاڏين تي حملا ٿيا پر اهي ڪِرڻ کان بچي ويون. پوري سنڌ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. ويڙهاڪ حر مجاهدن جي خاص علائقن ۾ ڪرفيو لڳائي سرڪار پاران ڪارروائي ڪئي ويندي هئي ۽ مجاهدن تي هوائي حملا ڪري کين شهيد ڪيو ويندو هو. عام فقيرن (مريدن) کي گرفتار ڪري انهن جي گهرڀاتين کي هزارن جي تعداد ۾ لوڙهن ۾ قيد ڪيو ويو.
سانگهڙ ۾ پير صاحب جي گڙنگ واري بنگلي، جيڪو مجاهدن جو مرڪز هو، ان کي بارود سان اڏايو ويو. آس پاس گهرن کي باهيون ڏيئي ساڙيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي آزاديءَ جي هن تحريڪ کي وڏو نقصان پهچائي حر مجاهدن کي هيسائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي ويئي. پير صاحب جو پير جو ڳوٺ وارو پڪو ڪوٽ بارودي سرنگهن سان ڪيرايو ويو ۽ حويليءَ کي پڻ بارود سان تباهه ڪيو ويو ۽ اتي خزانو هٿ ڪرڻ لاءِ کوٽايون ڪرايون ويون ليڪن کين ڪوبه خزانو هٿ نه آيو.
درگاھ جي مسجد، مقبرو ۽ ڪوٽ جو اڳيون حصو ڇڏي ڪري باقي هر هنڌ تباهي ڪئي ويئي ۽ پوءِ پير صاحب کي هندستان کان جهاز ذريعي حيدرآباد آندو ويو، جتي جيل اندر مارشل لا ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ پردي پويان هٿرادو شاهديون ڏياريون ويون ۽ پير صاحب کي معافي نامي لاءِ چيو ويو، جنهن کان پير صاحب سڌو جواب ڏيندي چيو ته ”وطن جي آزاديءَ جا عاشق معافي نامن تي دستخط نه ڪندا آهن، مون ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو.“
پوءِ کيس 20 مارچ 1943ع تي مارشل لا ڪورٽ پاران سزاءِ موت ٻڌائي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ جو سورهيه بادشاهه هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو. سندس دفن ٿيڻ واري جاءِ کي راز ۾ رکيو ويو ته جيئن سندس جماعت کي هن جي مزار تي گڏ ٿيڻ جو موقعو نه ملي جنهن جي اڄ تائين ڪابه ثابتيءَ واري خبر پئجي نه سگهي آهي. حر مجاهدن سورهيه بادشاھ جي شھادت کي قبول نه ڪيو ۽ چوندا رهيا ته اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن جي هيءَ چال آھي، سورهيه بادشاھ زندھ آھي، اسان انگريزن کان سنڌ آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙھندا رهنداسين ۽ هنن پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون.
پير صاحب جي ٻنهي فرزندن کي جيڪي اڳيئي نظربند هئا، انهيءَ حيثيت ۾ تعليم لاءِ برطانيا موڪليو ويو جيڪي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتي جي حڪومت جي گهر تي واپس آندا ويا. گادي بحال ٿي، حر مجاهدن تي ڪيس هلائي ختم ڪيا ويا.
اصل ۾ ٻِي مھاڀاري جنگ سان گڏ حر تحريڪ پوري برصغير ۾ انگريزن خلاف سڀن کان وڏي گوريلا جنگ هئي جنهن انگريزن کي هن خطي ۾ گهڻو ڪمزور ڪيو ۽ هنن پوري برصغير مان هٿ پٽي پاڻ کي آجو ڪيو. هندستان ۽ پاڪستان جي انگريزن کان آزاديءَ ۾ حر تحريڪ جو مک ڪردار ۽ وڏي قرباني آھي.
انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان ۽ هندستان جي 1965ع يا 1971ع وارين جنگين ۾ حر مجاهدن هندستان پاران ٿيل حملن ۾ سنڌ جي سرحدن جي بهادريءَ سان حفاظت ڪندا رهيا آھن.
تاريخ شاهد آھي ته 1965ع واري جنگ ۾ ڀارتي فوج سنڌ جي ٿر واري سرحد کان وڏو حملو ڪري گهڻو اندر عمر ڪوٽ تائين اچي پهتي هئي، ته پير سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ جي حڪم تي حر مجاهدن هندستاني فوجن سان سخت مقابلو ڪري نه صرف پنهنجي وطن جي حدن مان تڙي ڪڍيو بلڪه سرحدن کي پار ڪري وڃي هندستان جي شھرن ۽ قلعن کي فتح ڪيو ۽ انهن تي پنهنجو قبضو قائم رکيو جيستائين ٺاهه ٿيو.
هن جنگ ۾ ڪيئي حر مجاهدن پنهنجي سورهيائيءَ جو ثبوت ڏيندي شھادت ماڻي، جن جي بھادريءَ جا داستان ۽ شھادتن جا نشان ۽ يادگار ٿر ۾ موجود آھن ۽ عمر ڪوٽ قلعي ۾ به هنڱورا معرڪه نالي شاندار يادگار ٺھيل آھي.
سنڌ جي هنن سورمن حر مجاهدن جي بهادري ۽ قربانين جا تمام گهڻا واقعا آھن جيڪي عوام کان اوجهل آھن، جن کي سرڪاري طور تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ گهرجن ۽ وطن جي جنگ وڙھندڙ سورهين ۽ شھيدن جا سبق نصاب جي ڪتابن ۾ ڇپرائي نئين نسل کي پڙھايا وڃن ته اسان جو نسل ۽ عوام پنهنجي حقيقي هيرن ۽ سورهين کان واقف ٿي سگهي.

(روزاني ايڪتا، 27 جون 2019ع)

مددي ڪتاب
1. ”حر گوريلا تحريڪ“
2. ”پاڪستانجي آزاديءَ ۾ سنڌ جو حصو“، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
3. ”تاريخ لبِ سنڌ“، ڊاڪٽر نبي بخش خان
4. ”سنڌ جا عوامي ڪردار“، دادا سنڌي