لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

دولهه دريا خان جي اوطاق

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي ويٺا هئاسون ته سائينءَ جي تمام ويجهي ۽ بااعتماد ساٿي سيد غلام شاھ مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”عنايت، ٽوڙي ڦاٽڪ واري پل کان ٿورو پري دولھ دريا خان جي جوڙايل اوطاق آھي جيڪا روڊ کان ئي نظر ايندي آھي، ان تي ٻه ٽي ڀيرا سائين جي ايم سيد اسان کي وٺي هليو هو، انهن وقتن ۾ زبون حال هئي ليڪن هاڻي ته بلڪل ڍير ٿيڻ واري آھي، اوهان هن تاريخي اوطاق کي ڏسو ۽ ڪو مضمون لکي ان کي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو ته ڏاڍو سٺو ڪم ٿيندو.“ ٻئي ڏينهن 25 آگسٽ 2019ع تي واپس ايندي آئون ۽ عبدالحڪيم ميمڻ وڃي ان زبون حال قديمي آثار تي پھچي ان جي فوٽوگرافي ڪئي، وڊيو ٺاهي ۽ ڀرسان رهندڙ ڳوٺاڻن سان به ملياسين جيڪي ذات جا کوسا هئا. انهن ۾ ھڪ شعور وند سماجي ورڪر هو، جنهن سان اوطاق بابت ڪچھري ٿي. اوطاق جا آثار ان جي شاندار ماضيءَ جي گواهي ڏيندي نظر آيا ۽ مون ان جي عروج واري دور بابت اخبارن ۾ هڪ مضمون لکيو.
دولهه دريا خان جنهن جي بهادري ۽ وطن دوستيءَ لاءِ سنڌ جي هر ساڃاهه وند کي خبر آهي، سنڌ جي سومرا دور کان پوءِ سمان دور ۾ ڄام نظام الدين عرف ”ڄام نندو“ جڏهن سنڌ جو حڪمران ٿيو ته هن سنڌ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي. مڪليءَ جي ڀرسان ساموئي آهي، سمان حڪمران جي گادي جو هنڌ هئي. ڄام نظام الدين 896هه بمطابق 1440ع ۾ حڪومت سنڀالي. هو هڪ ذهين، فرض شناس، مخلص شفيق ۽ نيڪ نام سلطان هو. هن پنهنجي حڪومت 900هه – 1494ع دوران ٺٽو شهر آباد ڪرايو ۽ ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون درسگاهون قائم ڪري ٻاهرين ملڪن کان تعليم جا ماهر گهرايا ۽ انهن جي علم کان سنڌ جي عوام کي روشناس ڪرايو ۽ تعليم عام ڪئي.
ڄام صاحب هنرمنديءَ کي ترقي ڏياري ۽ ان وقت جي حساب سان وڏا وڏا ڪارخانا قائم ڪرايا ۽ عوام کي روزگار ۽ هنرمندي حاصل ٿي. سنڌ جي واپار کي ترقي ملي. ڄام صاحب زراعت جي ترقيءَ لاءِ کوهه کوٽايا ۽ سنڌ ۾ پهريون آبپاشي نظام قائم ڪيو، جنهن ڪري سنڌ کي خوشحالي نصيب ٿي، جيڪا ان کي عربن جي دور کان اڳ حاصل هئي. ۽ پوءِ ڦرلٽ ۽ برباديءَ جي ور چڙهي وئي هئي، اها سنڌ ٻيهر ڄام نظام الدين جي دور ۾ مڪمل آزاد ۽ خوشحال وطن ٿي اڀري، جنهن ۾ مسلم ۽ غير مسلم امن ۽ شانتيءَ سان خوشحال زندگي گذارڻ لڳا. حڪومت ۾ هندو به وزارتن تي مامور هئا، جنهن ڪري قومي وحدت پروان چڙھي، علم، ادب، هنر ۽ فن جو بي مثال دور تاريخ ۾ سنڌ جو سونھري دور ليکيو وڃي ٿو.
ڄام نظام الدين جي حڪومت ۾ سندس هڪ وزير لکمير جو هڪ ملازم نوجوان ڇوڪرو هو، جنهن جي ڏاهپ ڄام صاحب کي نظر اچي وئي ۽ کيس پاڻ وٽ ملازم رکي کيس قبوليو نانءُ ڏنائين ۽ کيس تعليم ۽ تربيت ڏياري فوج ۾ موڪليائين، جتي هو ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري سپهه سالار جي عهدي تي فائز ٿيو. سندس بهادري، ايمانداري، ڏاهپ، وطن پرستي ۽ وفاداري عيوض دولهه دريا خان، نواب مبارڪ خان، نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جي لقبن سان نوازيو ويو ۽ سنڌ جي وزير اعظم جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هي دور سنڌ جو سونهري دور هو، جنهن ۾ ڄام نظام الدين سنڌ جو بادشاهه ۽ دولهه دريا خان سندس سپهه سالار ۽ وزير اعظم رهيو. هن دور ۾ عربن جي ڪالهه کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جي منظم فوج ٺهي جنهن سنڌ جي سرحدن جي ڪاميابي سان حفاظت ڪئي. هن دور ۾ بهاولپور، ملتان، سبي، مڪران ۽ ڪڇ سنڌ ملڪ جا حصا هئا. 890ھ ۔ 1485ع ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سبيءَ جي قلعي تي سندن ڪاهه ۽ فتح کي دولهه دريا خان شڪست ڏئي سندن سردار کي ماري ۽ ارغونن جي لشڪر کي ڀڄائي اهڙو سبق سيکاريو جو ڄام نظام الدين جي دور ۾ وري ڪڏهن سنڌ جي ويجهو نه آيا. ان دور ۾ ارغونن جي لشڪر جي وڏي هاڪ هوندي هئي، جتي ويندا هئا ته اتي جون فوجون جنگ کان پهريائين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏينديون هيون. انهن کي ماري ڀڄائڻ دولھ دريا خان جو وڏو ڪارنامو هو. ان جنگ کان سواءِ دولهه دريا خان جا ڪيترائي ڪارناما هئا جن جي ڪري کيس ٻه جاگيرون به انعام طور ڏنيون ويون: هڪ جاگير ڳاها جيڪا هن وقت جي ضلعي دادوءَ ۾ هئي ۽ ٻِي ڄام شوري جي تعلقي مانجهند جي علائقي ۾ هئي. هتي دولهه دريا خان پنهنجي اوطاق ٺهرائي جيڪا موجوده ديهه کاسائي ۾ گوپانگ اسٽيشن ڀرسان آهي، هن وقت هن شاندار اوطاق جا کنڊر ۽ هڪ زبون حال گنبذ جي صورت ۾ موجود آهن.
جيئن ته ڄام نظام الدين ۽ دولھ دريا خان جي وقت ۾ سنڌ جو سونھري دور هو، جنهن ۾ هنر کي ترقي ملي ۽ سنڌ ۾ مذهبي عمارتن کان سواءِ پهريون ڀيرو رهائشي عمارت سازيءَ کي به ترقي ملي ۽ هن دور ۾ ئي رهائشي جاين تي گنبذ جوڙيا ويا، ان ڪري بهادر سپهه سالار ۽ ذهين وزير اعظم جي اوطاق به هڪ شاندار طرز تعمير جو نمونو آهي، جيڪا ونگن وارن دروازن ۽ گنبذن جي اڏاوت سان سينگاريل هئي. هن ۾ اڳيان ورانڊو وچ ۾ هال ۽ اولهه پاسي کان 3 ڪوٺيون ( ڪمرا) ٺهيل هيون جن ۾ وچين ڪوٺي وڌيڪ بند ۽ محفوظ هئي جنهن ۾ دريا خان جي رهائش هوندي هئي. ڇت تي نَو (9) گنبذ ٺهيل هئا، ٽي اڳيان ورانڊي مٿان، ٽي وچين هال ۾مٿان ۽ ٽي پوئين ٽن ڪوٺين مٿان. وچين هال وارو وچون گنبذ جيڪو سڀن گنبذن جي وچ ۾ هو ۽ اهو ٻين گنبذن کان ٿورو اونچو هو ۽ هن کي اٺڪنڊو ٺاهيو ويو هو، جيڪو ٻين سڀنن ۾ نمايان هو، ٻيا سڀ گنبذ اڌ گول شڪل وارا هئا. ورانڊي ۽ هال کي هوادار رکڻ لاءِ ونگدار دروازا هئا جن مان ڪجهه اڄ به موجود آهن. هن عمارت جي سڄي تعمير پڪين سرن سان ٿيل آهي جن جي خوبصورتي اڄ به نمايان نظر اچي ٿي. عمارت ٻاهران ڪوٽ هو، جنهن جي چئني ڪنڊن تي مورچا ٺهيل هئا جنهن مان هڪ جا ڪجهه بنياد آهن، باقي سڀ مٽجي ويو آهي. اوطاق اونچي پٿرائين درڙي تي آهي. هن دڙي تي اوطاق کان 100 قدمن جي پنڌ تي وڏي ايراضيءَ ۾ ٻين جاين جا آثار به نظر اچن ٿا جيڪي صرف پڪين سرن جي ٽوٽن ٽڪرن جا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي ٻيا گهر به ٺهيل هئا جيڪي آباد هوندا. هتي هڪ وڏو گول پٿر به پيل آهي جنهن لاءِ مقامي ماڻهو چون ٿا ته اوطاق جي ڪوٽ اندر ٺهيل هڪ چبوتري جو آهي. بهرحال هي هڪ تاريخي يادگار آهي جيڪا سن کان ڄامشوري ايندي ٽوڙي ڦاٽڪ واري پل کان پوءِ روڊ تي کاسائي اسٽاپ کان ٿورو پهريان کٻي هٿ تي گوپانگ اسٽيشن ڀرسان پٿرائين وڏي دڙي تي روڊ کان ئي نظر اچي ٿي.
دولهه دريا خان هتي اوطاق ٺهرائڻ کان سواءِ ٻين هنڌن تي مسجدون به ٺهرايون ۽ کوهه به کوٽرايا هئا. ٺٽي پرڳڻي ۾ آبپاشي نظام لاءِ ٻن وڏن واهن جي کوٽرائڻ جو ڄام نظام الدين کي مشورو به دولهه دريا خان ڏنو هو ۽ ان کان سواءِ منڇر مان هڪ واهه پڻ کوٽرايو جنهن جو نالو ”ساوه“ ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو ” ڳاها“ پرڳڻي جي ماڻهن جي مدد سان کوٽرايو ويو هو مطلب ته دولهه دريا خان بهادر سان گڏ اعليٰ پائي جو منتظم ۽ سڌارڪ ذهن رکندڙ داناءَ شخص هو، جنهن پنهنجي وطن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ غير معمولي ڪارناما سرانجام ڏنا.
تاريخي ڪتابن مان ڄاڻ ملي ٿي ته دولهه دريا خان پاران هتي اوطاق جوڙائڻ جا به ڪجهه مقصد هئا. هڪ ته سيوهڻ جي قلعي ۽ ٺٽي ننگر جي وچ تي هي اوطاق هڪ مضبوط مورچو به هئي جنهن جي اڏاوت لاءِ جيڪو هنڌ طئي ٿيو، ان دڙي جي اوڀر ۾ برساتي درياهه هو ۽ ٽن پاسن کان پري پري تائين کليل ميدان هئا جن تي نظرداري ٿيندي هئي ۽ ڪجهه پنڌ تي اوڀر ۾ سنڌو درياءَ به هو جنهن تي ويجهو هئڻ ڪري نظرداري رهندي هئي. ان دور ۾ مانجهند ۽ ڪوٽڙي جي علائقي ۾ چانگ قبلي وارا وڏي پئماني تي بدامني ۽ فساد برپا ڪندا هئا، انهن جي سرڪوبيءَ لاءِ ڄام نظام الدين جي حڪم تي دولهه دريا خان هن علائقي ۾ آيو ۽ معتبر ترين شخصيت ۽ ڄام صاحب جي ويجهي دوست سيد سخي شاهه ابراهيم (حيدر شاهه سنائي جو ڏاڏو سائين جي ايم سيد جو پڙ ڏاڏو) کي ڄام صاحب کان مدد لاءِ چورايو ۽ شاهه صاحب دريا خان جي پرڀرو مدد ڪئي. چانگن کي علائقي مان تڙي ڪڍي ڇڏيو پر هن جنگ ۾ سيد ابراهيم شاهه شهيد ٿي ويو، جنهن جي مزار خانوٺ ڀرسان آهي. اڳتي هلي دولهه دريا خان جي شاهه ابراهيم جي پوٽي سيد شاهه حيدر سنائي ۽ سيد عبدالرزاق لڪياريءَ سان دوستي ٿي وئي ۽ سيد محمد جونپوريءَ جي سازش کي روڪڻ لاءِ مخدوم بلاول ۽ شاهه حيدر سنائي جي صلاح ۽ مدد سان سندس ٻيڙا سن وٽ سنڌو درياءَ ۾ ساڙايا ۽ کيس سڌ مان تڙي ڪڍيو ويو. پوءِ دولھ دريا خان هتي هي شاندار قبائين اوطاق جوڙائي (سندس هڪ اوطاق ۽ حويلي مڪلي جي اوڀر ۾ به آهي) ۽ اڪثر هتي اچي رهندو هو ۽ هن اوطاق تي راڄن جا فيصلا، دوستن احبابن سان ڪچهريون ۽ راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون.
ڄام نظام الدين 914هه -1508ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ ڄام فيروز ننڍي عمر ۾ تخت نشين ٿيو ۽ جلد ئي عياشن ۽ ناسمجهيءَ ڪري سازِشن ۽ مسخرن جي ور چڙهي ويو جيڪي دريا خان کان برداشت نه پئي ٿيو ۽ ڄام فيروز سندس ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ان ڪري پاڻ سپهه سالاري ۽ وزير اعظم جي عهدي کان استعيفيٰ ڏئي اچي هن اوطاق تي رهيو. سندس پٽ ڄام سارنگ، علاؤالدين، محمود خان، احمد خان ۽ موٽڻ خان وڏي جاگير ”ڳاها“ تي رهندا هئا. پاڻ هن کاسائي جاگير جي اوطاق تي سنگت ساٿ ۽ سپاهه سان رهندو رهيو. جلد ئي ڄام صلاح الدين ڪڇ مان ڪاهي اچي ٺٽي تي حملو ڪيو. ڄام فيروز سندس مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ ڀڄي اچي کاسائين واري اوطاق تي دولهه دريا خان وٽ پهتو ته منھنجي مدد ڪر. دولهه دريا خان پنهنجو سپاهه ساڻ ڪري ٺٽي روانو ٿيو، پر پاڻ ڏاهپ ۽ حڪمت عمليءَ سان ڪجهه نياپو ڄام صلاح کي پهچرايائين جنهن ڪري دولهه دريا خان جي ٺٽي پهچڻ کان اڳ ئي ڄام صلاح ٺٽو ڇڏي وري ڪڇ هليو ويو ۽ دولهه دريا خان ڄام فيروز کي ٻيھر ٺٽي جي تخت تي ويهاريو ۽ سندس والده جي اصرار ڪرڻ ته ڄام فيروز اڪيلو آهي ۽ ناسمجهه آهي، تون ساڻس گڏ هج، پوءِ دريا خان ٻيهر وزير اعظم ۽ سپهه سالار جو عهدو سنڀاليو پر ڪجهه وقت کان پوءِ وري ڄام فيروز ساڳي روش اختيار ڪئي ته وري دولهه دريا خان واپس اچي کاسائي پهتو ۽ ڄام فيروز مغلن ۽ ارغونن جي ڇاڙتن جي ور چڙهي ويو، جن هن کي غافل ڏسي شاهه بيگ ارغون کي نياپو اماڻيو، جنهن پهريان بکر ۽ ٻيا علائقا فتح ڪيا ۽ ٽلٽيءَ وٽ دولھ دريا خان پٽن ۽ سپاھ سان گڏ ارغونن جي رستا روڪ ڪئي ليڪن هنن جي مقابلي ۾ ارغونن جو تمام وڏو لشڪر هو، جنهن هنن کي شڪست ڏني ۽ شاهه بيگ ارغون نيٺ 926ھ ۔ 1519ع تي اچي ٺٽي ٻاهران دنگ ڪيو. اها صورتحال دولهه دريا خان کان برداشت نه ٿي ته اچي، ساٿين سوڌو ٺٽي پهتو ۽ ڄام فيروز سان مليو پر ڄام فيروز جنگ لاءِ تيار نه ٿيو ته دولهه دريا خان پنهنجي ساٿين سوڌو وڃي، ارغونن جو مقابو ڪيو ۽ سنڌ جي آزادي ۽ ناموس لاءِ وڙهندي وڙهندي پنهنجي پٽن ۽ ساٿين سوڌو شهيد ٿي ويو پر پنهنجي جيئري ارغونن کي ٺٽي ۾ پير پائڻ نه ڏنائين. سندس مزار مڪليءَ ۾ ڄام نظام الدين جي مقبري سامهون آهي. ڄام فيروز ٺٽي مان نڪري ڀڄي ويو ۽ ٺٽي تي ارغونن قبضو ڪري ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام فيروز اچي پيش پيو ۽ ڪجهه زمين ٽڪرو وٺي ويهي رهيو ۽ سنڌ جا وري سور شروع ٿي ويا ۽ ارغونن ۽ ترخانن اهڙا ڪِيس ڪيا جو ڌرتي ڌڻين جو هميشه ساهه مٺ ۾ رهيو.
سنڌ جي تاريخي ڪردار جنهن انتهائي جُرئت ۽ بهادريءَ سان سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري آهي، ان شهيد دولهه دريا خان جي تاريخي يادگار اوطاق سن کان ڄامشورو ايندي گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان ”درياخان جي ماڙي“ طور مشھور آهي جيڪا ھاڻي جهري ڀري پوئين پساهن ۾ آھي. بهادر سنڌ جي سورمي جي هن اهم يادگار، جتي سندس آخري وقت گذريو، ان کي بچائڻ لاءِ سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران سنڌ ثقافت کاتي کان گهر ڪجي ٿي ته هن قومي ورثي جي جلد مالڪي ڪري بچايو ۽ اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، نه ته هي تاريخي يادگار بلڪل ميسارجي ويندو.
نوٽ: هي مضمون ڇپجڻ کان پوءِ اسان عملي طور هن قومي ورثي بچائڻ لاءِ ڪوشش ورتي ۽ ڪامياب ٿياسين. ياد رهي ته هن تاريخي ورثي لاءِ سيد غلام شاھ جي ڏنل تجويز تي سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران اسان 25 آگسٽ 2019ع تي وڃي، هن زبون حال قديمي آثار تي پھچي ان جي فوٽوگرافي ڪئي ۽ سنڌ ثقافت کاتي سان رابطو ڪري هن ماڳ جي رنوويشن لاءِ ڳالهيون ڪري آماده ڪيو. ڳالھين ۾ پروفيسر ناگپال صاحب به مدد ڪئي ۽ مون منظور ڪناسرو صاحب کي ڪيس پٽ اپ ڪرڻ لاءِ نيون تصويرن ۽ وڊيوز سان گڏ پراڻن تاريخي ڪتابن ۾ ڏنل هن اوطاق جون پراڻيون تصويرون، نقشا، ماپ وغيره سميت اوطاق بابت مختلف ليکڪن جو لکيل سمورو تاريخي مواد پهچايو. مواد جي حاصلات ۾ مانواري علي نواز ٻٽ به منهنجي مدد ڪئي. اسان جون گڏيل ڪوششون ڪامياب ٿيون، جنهن سبب آرڪيالاجي ڊپارٽمنٽ جي ڪوششن سان انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران سنڌ جي هڪ بھادر قومي هيرو دولھ دريا خان جي اوطاق، سنڌ جو تاريخي ورثو اصلوڪي حالت ۾ بحال ٿي رهيو آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ سان پيار ڪندڙ سڀن دوستن لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھ آھي. دولهه دريا خان جي اوطاق تي تعميري ڪم هلندڙ ھو، جنھن جو سيد غلام شاھ سان گڏجي فيبروري 2020ع ۾ ٻيهر معائنو ڪيو۽ ڏٺوسين ته ڪم نھايت نفاست ۽ محنت سان سائيٽ سپروائيزر شاهد حسين جعفري ۽ آرڪيالاجي جي ماهر اشتياق انصاري صاحب جي نگرانيءَ ۾ جاري ھو.

ان کان پوءِ 18 جون 2021ع تي جڏهن دولهه درياخان جي اوطاق تي، محبوب علي عباسي، سچل وڌو ۽ آئون گڏجي وياسين ته اُهو اوطاق وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو. جنهن لاءِ انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جا ٿورائتا آھيون ۽ هن ڪاميابي تي سڀن سنڌ دوستن کي مبارڪون ڏجن ٿيون.