لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

پارڪر ۽ پاري ننگر

ٿرپارڪر ٻن علائقن جو جڙيل نالو آھي ٿر+ پارڪر= ٿرپارڪر. هي ٻئي مختلف قسم جون زمينون آھن ٿر جي زمين نرم ۽ وارياسي آھي، جڏهن ته پارڪر جي زمين سخت پٿريلي آھي جنهن جي وڏي حصي تي ننڍا وڏا پهاڙ آھن. هن علائقي تي پارڪر جو نالو پوڻ جو سبب هن علائقي جي ڀر ۾ رڻ ڪڇ آهي جيڪو اڳي سامونڊي کاري هو ۽ ماڻهو ان کاريءَ کي پار ڪري ايندا ويندا هئا، ان ڪري ان کي ”پار اڪر“ چوندا هئا، جيڪو اڳتي هلي پارڪر سڏجڻ لڳو.
پارڪر جي موجوده پٽن ۽ رڻ ڪڇ بابت تاريخ ٻڌائي ٿي ته اوائلي دور ۾ هي سڄو علائقو سمنڊ هو جيڪو مختلف وقتن تي زلزن ۽ زمين جي اٿل پٿل جي ڪري آيل تبديلين سبب پوئتي ڌڪجي ويو آهي.
پهرين صدي عيسويءَ ۾ به پاري ننگر تائين سمنڊ هو، ان وقت پاري ننگر وڏو شهر هو، جنهن جي آبادي چاليهه هزار کان مٿي هئي ۽ هتي وڏو بندرگاهه هو، جنهن ڪري هتان ملڪان ملڪ سامونڊي جهازن ذريعي واپار ٿيندو هو ۽ واپاري اڪثريت ۾ جين ڌرم جا اوسواڙ هئا. ان وقت ۾ هاڪڙو درياهه امرڪوٽ جي ڀرسان گذري اچي ننگر پارڪر جي ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
پاري ننگر جي بندر کان سواءِ ننگر پارڪر ڀرسان اڌيگام بندر، پڪو بندر، ڪاسبو بندر، بڙ بندر، ووڙائو بندر ۽ راهمڪي بازار ان وقت مشهور بندر هئا. ان کان پوءِ به رڻ ڪڇ وارو علائقو چوٿين صدي عيسويءَ تائين سمنڊ رهيو، جنهن کان پوءِ وڏي زلزلي ۽ ڌرتي ڌڏڻ سبب سمنڊ جي جاءِ خشڪ ٿي ويئي ۽ هي رڻ بڻجي ويو.
اڄ به ويرا واهه جي ڀرسان پاري ننگر شهر جا کنڊر ۽ آثار نظر اچن ٿا. جنهن وقت هي شهر آباد هو ان وقت هتي پنج هزار ٻه سؤ گهر جين ڌرم وارن اوسواڙن جا هئا، جن جي هتي اڪثريت هئي، انهن کانسواءِ نوَ سَؤ گهر لوهارن جا، ست سَؤ گهر راجپوتن جا، تيرهن سَؤ گهر لوهاڻن جا ۽ ٻارهن سَؤ گهر ٻين ذاتين جا هئا، جن ۾ ڍاٽي، وورا، گانڌي، گرڍيرا، تيمان، مدار، ڪل، ڪٻڙيا، لالڻ، وڏيرا، مهنتا، ويڳڙ، ڪانٽيا ۽ ٻيا هتي جا رهواسي هئا. چيو وڃي ٿو ته موهن لال ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) جا وڏا به پاري ننگر جا رهواسي هئا.
پارڪر جي علائقي ۾ اوائلي دور کان سوڍن ۽ راڻن جو راڄ هلندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ سدائين سنڌ جي حاڪميت ۾ رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مختصر وقت لاءِ گجرات جي اثر هيٺ به رهيو آهي ليڪن مقامي راڄداري هميشه پرمارن، سوڍن ۽ راڻن راجپوتن وٽ ئي رهي آهي.
پاري ننگر ۾ سندس اوج واري دور ۾ ان وقت جي هڪ ارب پتي اوسواڙ ڪاجل شاهه هڪ خوبصورت ۽ شاندار تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن کي ”ڪاجلا سر“ چيو ويندو هو ان جا به آثار موجود آهن.
ٿرپارڪر ۾ تلاءَ کي سَرِ چيو وڃي ٿو. ڪارونجهر جبل جي چوڌاري ڪيئي تلاءَ آهن جن مان مکيه تلئان جا نالا هي آهن: (1) ڀوڏيسر تلاءُ، (2) نرياسر تلاءُ، (3) ڀاڻيسر تلاءُ، (4) راڻا سر، (5) آڌي گام جو تلاءُ، (6) گڍڙي چارڻ جو تلاءُ ۽ ان کان سواءِ ويرا واهه جي ڀرسان ”سنگها تلاءُ“ چوڙهئي جبل واري رستي تي بڙ تلاءُ ۽ ٻيا ڪيترائي تلاءَ آهن.
پارڪر جي راڻن جو جيڪو تفصيل ملي ٿو سو (1) راڻي آسراءَ کان شروع ٿئي ٿو (2) راڻو ڏيوراج، (3) راڻو سڙڪجي، (4) راڻو کنگهار، (5) راڻو ارڻجي، (6) راڻو ڀيمجي، (7) راڻو باکرجي، (8) راڻو گانگوجي، (9) راڻو اکوجي، (10) راڻو ماڻڪ راءِ، (11) راڻو ڏيپار ڏيو، (12) راڻو رامسنگهه، (13) راڻو وڻيور جي، (14) راڻو رائڌڻجي، (15) راڻو گجسي، (16) راڻو ڪائجي (ڪرڻ) جنهن جي انگريزن سان جنگ ٿي، (17) راڻو رتنجي، (18) راڻو همير جي، (19) راڻو رڻڇور جي، (20) راڻو اچل سنگهه، جنهن کان پوء جاگيرون ختم ٿيون ليڪن هاڻي به انهن جا پوئنير راڻا ئي سڏجن ٿا ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جي مهنداري ڪن ٿا.
پارڪر جي علائقي ۾ رهندڙ مسلمان قبيلن ۾ کوسا، سيد، سما، سومرا، چانڊيا، موندر، ٻورلي، ساند، پيلو، خاصخيلي، حجام، اُتر، کوکر، رند، راهما، نهڙيا، شورا، کاڙڪ، شيدي، ڪنڀار، منگريا، مڱڻهار، لنجا، جوڻيجا، سنگراسي، هاليپوٽا، راڄڙ، سميجا، جيسر، ڀٽي، جهنجهي، ٿيٻا، ديدار، ڏيٿا، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ، ڪيلهڻ، گجو، شيدي، لنگها وغيره شامل آهن.
هندو ذاتين ۾ شرمالهه، راجگر، سارسوت، جيڪي بيهمڻ آهن ۽ ٻيا لوهاڻا، جين، راجپوت، ريٻاري، سوٽهڙ، چارڻ، جاٽ، مالهي، سونارا، کٽي، نائي، سامي، لوهار، بجير، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، ڀنگي ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون.
ننگر پارڪر تعلقي جي هاڻوڪي آباديءَ موجب 85 سيڪڙو هندو ۽ ٻيا رهن ٿا، 15 سيڪڙو مسلمان آباد آهن.
پارڪر جي علائقي ۾ ڪنهن به دور ۾ ڪو به وڏو قلعو نه ٺهيو. ڪارونجهر جبل تي ”چندن گڍ“ راڻي چند ٺهرايو. ٿرپارڪر ۾ ننڍي قلعي کي ”گڍ“ چيو وڃي ٿو.”چندن گڍ“ جا آثار اڄ به موجود آهن. ننگر پارڪر جا راڻا ڏکئي وقت ۾ ڪارونجهر جي اونچائيءَ تي چندن گڍ ۾ پناهه وٺندا هئا. انگريزن جي پارڪر تي ڪاهه ٿي ته راڻو ڪرڻ به روپلو ڪولهي ۽ ٻين ساٿين سميت هتي اچي رهيو، جتان روپلو ۽ سندس ساٿي انگريزن تي گوريلا ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. 1859ع ۾ ڪرنل ايونس ”چندن گڍ“ کي توبن سان ڪيرايو جنهن کان پوءِ هاڻي ڪوٽ جا صرف آثار موجود آهن. ان کان سواءِ ڪڇ جي راجا راهمڪي بازار ۽ اوکا ۾ ننڍا ”گڍ“ ٺهرايا هئا جن کي ڪڇي گڍ چيو ويندو هو.
پارڪر جي علائقي تي هر حڪمران امر ڪوٽ جي قلعي مان ئي پنهنجو راڄ هلايو. ٽالپرن ٿر جي علائقي ۾ گڍ ۽ قلعا ٺاهيا، ليڪن پارڪر ۾ هنن به ڪو گڍ يا ڪوٽ نه ٺهرايو.

* پاري ننگر

ننگر پارڪر ويندي رستي تي پهريان ويرا واھ آھي جيڪو پڻ پراڻو شھر آھي ليڪن هن جي ڀرسان ھڪ قديمي شھر ”پاري ننگر“ جا کنڊر موجود آھن. هي شھر پنھنجي دؤر جو ھڪ وڏو سکيو ستابو ۽ مشھور شھر ھو. ڪيئي صديون اڳ اتي جھاز رانيءَ لائق پاڻي موجود ھو ۽ پاري ننگر ھڪ بندر ھو. پاري ننگر جي تباھي ان حقيقت ڏانھن منسوب ڪئي ويندي آھي، ته هڪ زلزلي ۾ زمين سمنڊ کي ڌڪي پوئتي ھٽائي ڇڏيو، ڪڇ ھڪ رڻ بڻجي ويو ۽ پاري ننگر جو مشھور معروف بندر برباد ٿي ويو. پاري ننگر جو بندر پھرين عيسوي صديءَ ۾ قائم ٿيو ۽ پوءِ وڌندو ويجھندو رھيو.
ڪن روايتن موجب سندس آدمشماري 40,000 ھئي. پوئين دؤر ۾ مٿس پرمار سوڍن جي حڪمراني رھي. ان کان پوءِ، دھليءَ جي ڪنھن شھنشاهه ھن خوبصورت شھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ھي واقعو 1226ع جو چيو وڃي ٿو. پاري ننگر جي کنڊرن ۾ جين ڌرم سان لاڳاپيل پنج ڇھ وڏا مندر آھن، انھن مان گھڻا سنگ مرمر سان تعمير ٿيل آھن. وڏي وقت گذرڻ باوجود به انهن جا ڪجھ حصا باقي بچيل آھن جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي شاھدي ڏين ٿا. مندرن تي موجود اڪريل تصويرون يا خوبصورت بت ۽ ٻيون ڪي اھڙيون لاڳاپيل شيون تمام خوبصورت آھن. پاري ننگر جي خوشحال ماضيءَ جون ڪيتريون ئي شاھديون موجود آھن. سمنڊ پوئتي ڌڪجڻ ڪري پاري ننگر جا واپاري ۽ شاهوڪار ڀوڏيسر پھتا ۽ اتان کان پوءِ ڪجهه عرصو ڄام ننگر ۾ رھيا ۽ اتان کان وري مانڊو پھتا. لڏپلاڻ جو سبب معاشي ترقي ٻڌايو وڃي ٿو. ٻيو سبب اھو به ٿي سگهي ٿو ته ڪڇ وارو سمنڊ سڪي پوئتي ھٽي ويو ۽ بندر ۽ بازاريون ڦٽي ويران ٿي ويا، ان ڪري سندن لڏپلاڻ جاري رهي ۽ پوءِ سمنڊ آھستي آھستي پوئتي ھٽندو ويو ته ھو به ان سان گڏ اڳتي وڌندا ويا ۽ اچي ڪڇ جي سامونڊي ڪناري وٽ مانڊو پھتا.
ويرا واھ جي ڀرسان هن ڦٽل شهر جا نشان موجود آهن، جيڪي اٽڪل ٽي ڪلوميٽر ڊيگهي ۽ هڪ ڪلوميٽر ويڪري ميدان تي ڦھليل آھن، جتي اڃا تائين، پراڻن مندرن ۽ جاين جون پيڙهيون موجود آهن. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق آهي ته هي شهر 512 قبل مسيح آباد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ لک گهر هئا. اهو شهر 1200ع ڌاري مسلمان حاڪمن سان مقابلن ۽ لڙاين جي ڪري ناس ٿي ويو. هن شهر جي ڀرسان سمنڊ هو. حقيقت اها آهي ته هن شهر جو زوال ان دور ۾ شروع ٿيو جڏهن سمنڊ پوئتي هٽڻ شروع ڪيو. ”پاري ننگر“ کان ٽن يا چئن ميلن جي پنڌ تي ”ڏوتڙ“ نالي هڪ وسندڙ بندر هو. ان بندر لاءِ هتان جا وڏڙا سينه به سينه ڳالهيون ڪندا اچن ٿا ته هن بندر تي جهازن کي جهلڻ لاءِ وڏا لوها زنجير ۽ ڪڙا پيل هوندا هئا. پنڊت نهرو پنهنجي جڳ مشهور تاريخ ۾ لکي ٿو ته: ”پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾، گجرات جي لڳ ڀڳ ڪن ڪنارن وارن بندرن کي سمنڊ ڇڏي ويو، جنهن ڪري ڪيترا هندو واپاري، واپار جي سانگي لڏي جاوا ۽ بالي ٻيٽن ۾ وڃي آباد ٿيا.“ (جي هن وقت انڊونيشيا ۾ آهن). اهو به چيو وڃي ٿو ته گانڌيءَ جا وڏا به اصل هتي جا رهواسي هئا.
افسوس اهو آهي ته اڄ تائين، ههڙي تاريخي شهر جي کوٽائيءَ ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو ويو آهي، بلڪ انگريزن جي دور ۾ هن ڦٽل شهر مان سنگمرمر جون ڪي چيزون ڪراچي جي عجائبخاني ۾ رکايون ويون هيون. مسٽر ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ پڻ هن ڦٽل شهر جو ذڪر ڪيو آهي. اها به روايت آهي ته هن شهر جا ڪيترائي عجائبات بمبئيءَ جي ميوزيم ۾ موجود آهن.

روزاني ايڪتا 03 اڪٽوبر 2019ع

حوالا.
1- ڪتاب ۔ پراڻو پارڪر (ليکڪ ۔ منگھارام اوجها)
2- ڪتاب - تاريخ ريگستان (ليکڪ ۔ رائچند هريجن)