لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

جهم ڪوٽ

سنڌ سونهاري پوري هيرن کاڻ آهي، ان جي هر منظر ۽ خوبصورتيءَ جي تعريف ڪرڻ فرض بڻجي وڃي ٿو. هڪ اهڙو ئي منظر ريل گاڏيءَ ذريعي ڪراچي ايندي ويندي جهمپير اسٽيشن کان گذرندي نظر ايندو هو. ڪينجهر ڪناري کجين جا ڊگها وڻ انهن جي وچ ۾ اونچائي تي پٿر جو جڙيل ڊگهي گنبذ وارو مندر ۽ پري پري تائين ڪينجهر جي نيري پاڻيءَ جو منظر ڏاڍو دلڪش لڳندو هو ۽ دل گهرندي هئي ته اُتي وڃي ان نظاري جو ڀرپور مزو وٺجي ليڪن هڪ پاسي قوم جو ڪاڍو ٻئي پاسي فڪر معاش، نه وقت مليو نه موقعو. نيٺ 24 آگسٽ 2002ع تي سنڌ جي عظيم ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ تاريخ جي ڄاڻو علي بابا سان گڏ جهمپير وڃڻ ٿيو، جتي محقق اشتياق انصاري صاحب جي هڪ ڪتاب (ڌرتي ماتا) جي مهورت جو پروگرام مانواري رسول بخش درس رکرايو هو. سندس اڳوڻي اوطاق تي پهتاسين ته محترم عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ ڪجھ دير کان پوءِ پروگرام لاءِ سڀ پنڊال تي پهتاسين. پروگرام شروع ٿيڻ ۾ دير هئي ان ڪري آريسر صاحب ڪرسين تي ويهڻ بجاءِ پنڊال کان پرڀرو ڪينجهر ڪناري کجين جي ڀرسان هڪ کٽ رکرائي، جنهن تي ويهي علي بابا ۽ مون آريسر صاحب سان ڪافي دير تائين ڪچهري ڪئي. پوءِ پروگرام شروع ٿيو جنهن ۾ تقريرن کان پوءِ سڄي رات راڳ جو پروگرام هليو جنهن ۾ ٻين فنڪارن کان پوءِ صبح تائين شفيع فقير کي ٻڌوسين، مسجد مان اذان جو آواز بلند ٿيو ۽ پوءِ وري مندر جا گهنڊ وڄندا رهيا. شفيع فقير جي آواز ۽ آلاپ ۾ سڀ مست هئا، راڳ بند ٿيڻ تي ڪو به راضي نه هو. پنڊال ڀريو پيو هو. سج اڀري آيو. صبح اٺين تائين راڳ هلندو رهيو. جھمپير ۾ ڪينجهر ڪناري هي 24 ۽ 25 آگسٽ 2002ع جي وچ واري يادگار رات هئي جا زندگي ڀر وسري نه سگهندي. سائين رسول بخش سان چانھ بسڪيٽن جي نيرن ڪري وري علي بابا سان گڏ ڪينجهر ڪناري جو سير ڪيوسين. مندر جي صحن کان ڪينجهر جي پاڻيءَ تائين ڪشادي ڏاڪڻ ٺھيل هئي جنهن تي ويھي ڪينجهر جو نظارو ڪري سگهجي پيو ۽ هيٺ لهي ٻيڙين تي چڙھي ڪينجهر جو سير به ڪري سگهجي پيو. علي بابا ٻڌايو ته هي جِهم ڪوٽ آهي جيڪو سڄو مالڪي نه هجڻ ڪري ڊھي ويو آھي جنهن تي مندر به ٺهيل آهي ۽ ان جي مک دروازي جي هڪ برج جا بنياد به ڏٺاسين. علي بابا ٻڌايو ته هن ڪوٽ ۾ رهي ڪري راجا ڏاهر جي پٽ جئسينه عرب لشڪر سان مقابلو ڪيو هو، جنهن ڪري هي ڪوٽ تاريخي طور وڏي اهميت رکندڙ آھي.
ان ڏينهن کان هن ڪوٽ کي وري تفصيلي ڏسڻ جو شوق ستائيندو رهيو. تاريخ جي تلاش ۾ 18 جولاءِ 2019ع تي پيارو دوست عبدالحڪيم ميمڻ ۽ آئونُ جهمپير لاءِ روانا ٿياسين. روزاني ڪلياڻ اخبار جي بيورو چيف بيرو مانواري دوست اڪبر دلواڻيءَ محبت سان چانھ جي دعوت ڏني هئي. کيس فون تي اطلاع ڪري مڪلي پريس ڪلب تي پهتاسين. اڪبر دلواڻيءَ دوستن سميت اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ اجرڪ اوڍايا. سندس لکين محبتون. پوءِ هڪ پياري دوست ۽ ان وقت ٺٽي ضلعي جي اينٽي ڪرپشن آفيسر غلام علي بوزدار سان سندس آفيس تي ملاقات ڪئي جنهن محبت سان رات رهڻ لاءِ زور ڀريو ته ڪينجهر جي ريسٽ ھائوس تي هلي ٿا ڪچھري ڪيون، پر مون معذرت ڪندي کيس ٻڌايو ته رات جهمپير ۾ رهڻ جو پروگرام آھي ۽ کانئس موڪلايو سين ته ڪجھ کائڻ پيئڻ جو سامان اسان جي گاڏي ۾ رکرايائين ته اوهان کي سفر ۾ ڪم ايندو. محبتن جا جهول ڀري اسين جهمپير لاءِ روانا ٿياسين. مانواري رسول بخش درس وٽ پهچي ساڻس ملياسون ۽ جلد ئي کيس ساڻ ڪري جهم ڪوٽ جا آثار ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين ڇو ته شام ٿي چڪي هئي ۽ سج جي روشنيءَ ۾ آثار ڏسڻا ھئا، پر اتي پهتاسين ته منظر ئي مٽيل نظر آيو. ڪوٽ جو هڪ وڏو حصو قبرستان جي والار ۾ اچي ويو آهي ۽ مختصر مندر جي بدران وڏا هال ۽ جايون ٺهي ويون آهن. 18 سال اڳ جيڪو برج جو بنياد نمايان نظر پئي آيو اُتي به هڪ قبر ٺهي ويئي آهي ۽ برج جي بنيادن جا پٿر قبرن ۾ استعمال ٿي ويا آهن. اهڙو منظر ڏسي ڏاڍو ڏکارو ٿيس. هاڻي ڪوٽ جي ديوار ۽ برج صرف دڙي ۽ قبرستان جي صورت ۾ موجود آهن. انهن دڙن جون تصويرون ورتيون ۽ ڪينجهر واري پاسي کان ڪجهه ديوار جا بنياد نظر آيا، انهن جون به تصويرون ورتيون سين ليڪن اڳ وارو منظر تمام خوبصورت هو: ڪشادي صحن تي چٽساليءَ وارن پٿرن سان تعمير ٿيل خوبصورت مندر جنهن ۾ مورتي رکيل هئي ۽ صحن کان ڪينجهر جو نظارو منهنجي تصور تي تري آيو، جنهن جي ختم ٿي وڃڻ جو تمام گهڻو افسوس ٿيو، ڇو ته جنهن منظر جي حسن جو عشق ڪيئي سالن کان اندر ۾ سمايل هو. اهو محبوب منظر نه پسڻ تي وقتي طور ڏاڍو پريشان ٿيو هئس.
* جهم ڪوٽ جي تاريخ
اڳئين دؤر ۾ ڪوٽ ۽ قلعا درياهن جي ڪناري تي ٺاهيا ويندا هئا. هي ڪوٽ راجا راءِ سھاسيءَ جي دور ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي ٺاهيو ويو هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان دؤر ۾ سنڌو درياهه ٺٽي شهر جي الهندي پاسي کان ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍ وٽان وَهندو هو ۽ هن هنڌ تي ھيٺاهينءَ ڪري جبلن جي مٿاهينءَ تان گهڻا نديون نالا ۽ وهڪرا اچي سنڌو درياهه ۾ شامل ٿيندا هئا. ڪيئي صديون گذرڻ کان پوءِ سنڌو درياهه پنهنجو وهڪرو مٽائي ويو ته ان جي جاءِ هنن ڍنڍن والاري جن ۾ ٻيا وهڪرا اچي پاڻي گڏ ڪندا هئا. جنهن ڪري هتي ڪينجهر ۽ سنهري ڍنڍ وجود ۾ اچي ويون. هاڻي به هي ڪوٽ ڪينجهر ڍنڍ جي بلڪل ڪناري تي تمام خوبصورت جڳهه تي آهي جتان ڪينجهر جو تمام خوبصورت نظارو نظر اچي ٿو.
جهم ڪوٽ جو نقشو اشتياق انصاري صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جلد ٻيو جي صفحي 318 تي ڏنو آهي ۽ هن ڪوٽ بابت لکيو اٿائون ته: ”هن ڪوٽ جي اڏاوت ٽڪريءَ جي بيهڪ مطابق تقريبن چورس آهي. ڪوٽ جون ديوارون بنيادن مطابق سڌيون ۽ 8 فوٽ ويڪريون آهن ۽ چئني ڪنڊن تي برج آهن جن کان سواءِ 2 برج مک دروازي جا هئا ۽ هڪ برج قدرتي چشمن وٽان ديوار جي وڪڙ ۾ ڏنو ويو هو.“
موجوده وقت ۾ مٿي ڄاڻايل آثارن مان هاڻي ڪجهه به ثابت نه بچيو آهي. 20 سال اڳ مک دروازي واري هڪ برج جا بنياد جيڪي مون کي علي بابا ڏيکاريا هئا، هاڻي اهي به مٽجي ويا آهن. هن ڪوٽ کي ليکڪن هيم ڪوٽ به لکيو آهي، عربن جي ڪاھ جو احوال ڏيندي رحيمداد خان مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ۾ صفحي 218 تي لکي ٿو ته: ”هيم ڪوٽ رياست جو حاڪم جيو ولد درياھ ھو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ جهم ڪوٽ ھو“ اصل ۾ جابلو علائقي ۾ هن جاءِ تي هيٺاهين هئي جنهن کي جهم سڏيو ويندو هو ۽ ڪيئي نديون نالا هتي اچي درياهه ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ۽ هتي قدرتي چشما هئا. هڪ چشمي جي مٿان پٿرن مان پاڻي آبشار ٿي وهندو هو جنهن جي هيٺان ”شِوَ“ جو هڪ پٿر به رکيل هو جنهن ڪري اتي ياتري پوڄا پاٽ لاءِ ايندا هئا. تاريخي طور چيو وڃي ٿو ته “شِوَ” جي پوڄا هندو ڌرم جي اچڻ کان به اڳيئي ٿيندي هئي. پوءِ راءِ سهاسيءَ جي دور ۾ هتي ڪوٽ اڏيو ويو ته ان تي جهم جو ڪوٽ ئي نالو پئجي ويو. هتي شِوَ جو مندر به ٺاهيو ويو. پراڻو مندر تمام خوبصورت هو جيڪو مون اڳ ڏٺو هو. هڪ ننڍو ڪمرو هو جنهن ۾ ”شِوَ“ مھراج جي مورتي ۽ ”شِوَ لنگ“ رکيل هئا ۽ مٿي اونچو گنبذ هو، جنهن تي سڄي چٽسالي پٿر سان ٿيل هئي ۽ ھن کان سواءِ ٻاهر ڪنهن به پاسي کان ڪا ديوار نه هئي، جنهن ڪري ڪينجهر جو خوبصورت نظارو ۽ ڪناري تي کجين جا وڏا وڻ ڏاڍا دلڪش لڳندا هئا، جيڪو نظارو هاڻي پسي نٿو سگهجي.
محمد بن قاسم ديبل بندر فتح ڪرڻ کان پوءِ جهم ڪوٽ فتح ڪري رني ڪوٽ پهتو، جتي رني ڪوٽ جي ٻڌن سندس آجيان ڪئي ۽ ڪوٽ اندر وٺي اچي رهايائونس، جنهن کان پوءِ سيوستان (سيوهڻ) فتح ڪري اتي رهيل هو ته پويان راجا ڏاهر جي پٽ جئسينه اچي جهم ڪوٽ تي ويٺو ۽ هن قلعي تان عرب فوجين کي ماري ۽ ڀڄائي ڪڍيائين. اها خبر ٻڌي محمد بن قاسم حسين شاهه جي سالاريءَ ۾ ڪجهه عرب لشڪر جهم ڪوٽ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو جن سان جئسينه مقابلو ڪيو. حسين شاهه ۽ سندس ساٿي مارجي ويا، جيڪي اتي ئي پوريل آهن. ان کان پوءِ محمد بن قاسم پاڻ وڏو لشڪر وٺي اچي جهم ڪوٽ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ جئسينه درياهه ٽپي راوڙ جي قلعي طرف هليو ويو ۽ محمد بن قاسم فتح حاصل ڪري هتي ڪيمپ ڪري ويٺو رهيو ۽ حجاج جي چوڻ تي هتان ئي سنڌو درياهه کي پار ڪرڻ جي تياري ڪيائين. هتان درياهه جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ به هو جنهن ڪري ٻن مرحلن ۾ درياهه پار ڪرڻ سولو هو، پوءِ هتي محمد بن قاسم ٻيڙيون گڏ ڪري انهن کي هڪٻئي سان ٻڌرايو ۽ وڏي حڪمت عمليءَ سان انهن ٻيڙين جي پل کي درياھ جي وهڪري مطابق ڇڏيو ويو ته وڃي ٻئي ڪناري تائين پهتيون ۽ پوءِ هن ٻيڙين جي پل رستي سنڌو درياهه کي پار ڪري عرب لشڪر راوڙ طرف روانو ٿيو. (تحفته الڪرام ۾ صفحو 454 تي مير علي شير قانع لکيو آھي ته حجاج جي تاڪيد تي محمد بن قاسم جهم جي سرزمين پهچي درياھ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون هٿ ڪيون ۽ انهن کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀري مضبوط ميخن ۽ رسن سان ڳنڍيائون)
هتي ڪافي وقت رهڻ، کارڪون کائڻ ۽ سندن ٻج اڇلائڻ ڪري هتي کجيون ڦٽي پيون جيڪي پوءِ وڏي نخلستان جو ڏيک ڏينديون هيون. حسين شاهه شهيد جي مزار ٺهڻ کان پوءِ جهم سان پير جڙي ويو ۽ هن جو نالو جهمپير ٿي ويو. هاڻي به حسين شاهه جي وڏي مزار آهي ۽ پوري علائقي مان عقيدتمند هتي اچن ٿا.
ٻئي پاسي مندر جنهن کي پڻ گهڻو وڌايو ويو آهي ۽ ڪينجهر جو ڪنارو ڍڪجي ويو آهي سواءِ قدرتي چشمن واريءَ جاءِ جي، جتان ڪوٽ جي بنيادن کي ڏسي سگهجي ٿو. چشمن جي هڪ پاسي ڪوٽ جي اصل ديوار آهي جنهن کي ڏسي سندس اڏاوت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، پهريان هن پاسي کان مندر کان هيٺ ڪينجهر جي پاڻيءَ تائين وڏيون ويڪريون ڏاڪڻيون هونديون هيون جنهن تان پاڻيءَ ۾ وڃي سگهبو هو يا ڏاڪڻين تي ويهي ڪينجهر جو نظارو ڪبو هو جيڪو نه ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي. هي هڪ تاريخي ڪوٽ ۽ ڪينجهر جو خوبصورت منظر آهي جنهن جي اصليت کي نروار ڪري هن کي تفريح لاءِ کوليو وڃي ۽ هن جي اهميت ۽ تاريخ تي تحقيق ڪرائي وڃي ته سنڌ حڪومت جو قوم تي احسان ٿيندو. ڪو ننڍو ئي ميوزيم ٺهرايو وڃي جنهن ۾ هن ڪوٽ مان مختلف وقتن تي مليل ڪجهه سامان جيڪو قبرن جي کوٽائيءَ دوران نڪرندو رهي ٿو ان کي محفوظ ڪيو وڃي. اڄ به هتي صفائي ڪرائي ۽ ڪوٽ جي کوٽائي ڪرائي وڃي ته هن ڪوٽ جا بنياد ۽ برج نمايان ٿي سگهن ٿا ۽ هتي تمام سٺو تفريح گاهه ٺھي سگهي ٿو. جهمپير نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي جي سنگم تي آھي ۽ هاڻي هنن ٻنھي شاهراهن کي هڪ نئين شاهراهه ٺاهي ملايو ويو آھي جيڪا جهمپير کي ڇهندي گذري ٿي، جنهن ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سولائيءَ سان سياح اچي سگهن جيڪي هن تاريخي ماڳ ۽ دلڪش منظرن مان لطف حاصل ڪري سگهن ٿا.
انبا رام ديوراجاڻي جون لکيل سٽون ياد اچي ويون ته:

اسان جي ماڳن مڪانن جون
اڃان ڪهاڻيون لڪل آھن
تاريخ دان هئا درٻاري
اصل حقيقتون لڪل آھن،
ڪالهوڪيون محل ماڙيون
اڄ بڻيون کنڊراتيون
انهن راڄن ڀاڳن جا راڻا
۽ راڄ راڻيون لڪل آھن.

ساروڻيون سنگت جون
ڪينجهر ڪناري مندر تي گهمندي سج لٿو ۽ رات ٿي ويئي ته اسان به سائين رسول بخش درس سان گڏجي سندس نئين اوطاق تي آياسين. منهنجو ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“، روچي رام صاحب جو ڪتاب ”نئين سياسي سوچ“ ۽ هڪ اجرڪ مون درس صاحب لاءِ سوکڙي طور آندا هئا جيڪي کيس پيش ڪيا. اوطاق جي آڳر تي ڪرسيون پيل هيون. هي اوطاق نئين هاءِ وي جي ويجهو آھي اوطاق جي سامهون روڊ تائين اڃا ڪائي اڏاوت نه ٿي هئي جنهن ڪري شاهي روڊ ۽ پريان ڪينجهر جو قدرتي ڪنارو ۽ مٿان وري ستارن ڀريو وشال آسمان جنهن تي چوڏينھنءَ جو چنڊ نمودار ٿي آيو ته هي سڀ خوبصورت منظر پسندي من ۾ ھزارين يادن اچي ديرو ڄمايو. اسان ٽيئي سنڌ جا سنجيده عاشق، اسان جي ڪچھريءَ جي هر موضوع ۾ قومي تحريڪ جا مختلف دور ۽ مختلف ساٿين سان گڏ ڪيل عملي جدوجهد ۽ ان ۾ وفائن ۽ جفائن جا قصا، وڇڙي ويل ساٿين جون يادگيريون هيون. اسان ٽنھي ۾ سينئر درس صاحب هو، ان ڪري حڪيم ۽ آئون گهڻو ان کي ٻڌي رهيا هئاسين ۽ وچ ڪچھريءَ ۾ سائين جا فرزند ماني کڻي آيا ته مانيءَ کائڻ جو وقفو ڪيوسين. وري ساڳيا قصا رات دير تائين هلندا رهيا. جن دوستن سان درس صاحب جو رابطو نه رهيو هو، انهن ۾ رسول بخش ٿيٻو ۽ ٻين دوستن سان فون ڪري گڏيل حال احوال ڪيوسين. هن قومي ڪچھريءَ ۾ سائين جي ايم سيد سان ملاقاتن ۾ مليل آدرش ورجايا سون ۽ شھيد بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر صاحب، شھيد شفيع محمد ڪرناڻي، شھيد سرائي قربان کهاوڙ ۽ ٻين قومي شھيدن جون ساروڻيون ساريوسين.
موجوده دور ۾ فڪري استقامت سان جدوجھد ۾ ھلندڙ سينئر سياسي دوستن سيد غلام شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، نورالدين جمالي ۽ ٻين دوستن سميت ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي جي شھيدن ۽ اسيرن نظير تنيو، سليمان جتوئي، سڪندر ميراڻي ۽ ٻِي موجوده قومي قيادت ۽ ڪارڪنن جون قربانيون ۽ انهن جا حال احوال اورياسين، مطلب ته ڪينجهر ڪناري 18 سال اڳ واري رات جيان 18 ۽ 19 جولاءِ 2019ع جي وچ واري هن چانڊوڪي رات جنهن ۾ چوڏينهنءَ جو چنڊ آسمان تي پوري جوڀن سان جلوه گر هو ۽ وشال ڪينجهر جي پاڻيءَ تي چنڊ جو عڪس ۽ لهرن جي ترورن ڏاڍو رومانس وارو ماحول ٺاهي ڇڏيو هو. پيارن جون يادگيريون ورجائيندي منهنجون نظرون بار بار چنڊ طرف کڄي پئي ويون ڇو ته چوڏينهن جي چنڊ ۾ مون کي سدائين سنڌ جو نقشو نظر ايندو آھي. ان رات چنڊ اندر سنڌ جو نقشو ۽ نقشي اندر محبوبن جا چمڪندڙ چھرا به واري واري سان نظر ٿي آيا ۽ محسوس پي ٿيو ته چنڊ اسان جي ڪچھري ۾ شامل آھي ۽ اسان جون سڀ ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هجي ۽ چئي رهيو هجي ته اهي سڀ منهنجا به پرين پيارا آھن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي عاشقن جو آئون به شاهد آھيان ۽ رهندس ته هنن ڌرتيءَ ماتا جي ٿڃ ملاهئي آھي. ڪينجهر ڪناري جي هي ڪچھري به منھنجي دل تي نه مٽجندڙ نقش چٽي ڇڏيا.
رات رقصان هئي بادلن پئي چميو
عڪس تنهنجو پرين هو پاڻي مٿان
لھر لوڏي رکيا احساس پيار جا
ڇير ڇمڪي وڳي راڳ ڇڙجي ويا
تو مٿان مون مٿان تارن پئي گهور ڪئي
هاءِ صدقي ٿيا منظرن جي ڪيئي مٿان
سج جي لالڙي ۽ چنڊ جو اولڙو
ٻئي مرڪي پيا ، تو جيان مون جيان.
رات جي پوئين پهر ننڊ ڪئي سون ۽ صبح جو ناشتو ڪري سائين رسول بخش کان موڪلائي ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿياسين. موڪلائڻ وقت درس صاحب مون کي ۽ حڪيم صاحب کي اجرڪ پارايا ۽ مون کي پنهنجا لکيل چار ڪتاب عنايت ڪيائون. سندس محبتن جا جھول ڀري روانا ٿياسون ته حڪيم صاحب ڊرائيونگ ڪندي چيو ته سائين آئون ڪينجهر جي تفريحي مرڪز تي به نه ويو آھيان، رستو ٻڌائجو ته ٿيندا هلون. مون کيس رستو ٻڌايو ۽ ڪينجهر ڪناري جي هن جديد تفريح گاھ تي ڪجھ گهمي ڦري ۽ ڪناري واري رسٽورينٽ تي چانھ پيتي سون، ليڪن منهنجي دل اداس هئي جنهن کي حڪيم صاحب محسوس ڪندي پڇا ڪئي ته مون چيو: حڪيم سائين جِهم ڪوٽ جي آثارن جي ڏسڻ جو وڏو شوق هو، انهن جو مٽجي وڃڻ وڏو افسوسناڪ آھي، جنهن ڪري آئون اداس آھيان. هن به اداس ٿيندي چيو سائين ڇا ٿو ڪري سگهجي. مون وراڻيو ته رستي ۾ ڀنڀور آھي اتي هلون ٿا ۽ ديبل جا آثار هلي ڏسون ٿا ۽ پوءِ سڌو ڀنڀور اچي پهتاسين، جتي به حڪيم صاحب پھريون ڀيرو آيو هو، انڪري مون کيس پهريائين ميوزيم ۾ ديبل جو نقشو ۽ ماڊل ڏيکاريا ۽ کيس ڪجھ آثارن بابت ٻڌايو ۽ پوءِ قلعي جي آثارن تي سخت گرميءَ باوجود ڪافي وقت گهمندا رهياسين ۽ حڪيم صاحب کي مختلف آثارن بابت ٻڌائيندو رهيس ۽ ايئن جهم ڪوٽ واري اداسي ۽ پياس جو ڪجھ پورائو ڪيو سون.
روزاني ايڪتا 25 - جولاء 2019ع

حوالا
1-جنت السنڌ - رحيمداد خان مولائي شيدائي
2- تحفته الڪرام - مير علي شير قانع
3- سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۔ اشتياق انصاري
4- نيري پاڻي جي ڪينجهر ڍنڍ ۔ رسول بخش درس