لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

وسڪاري جي موسم ۾ ٿر جو سير

پياري دوست حڪيم ميمڻ سان پروگرام طئي ٿيو ته هن سال (2019ع) جي وسڪاري واري موسم ۾ ٿر هلبو. پوءِ 15 آگسٽ تي ننگر پارڪر ٿر لاءِ روانا ٿياسين. ساٿ ۾ پراڻو دوست ڊاڪٽر مشتاق ابڙو ۽ سندس مائٽ ممتاز ابڙو به گڏ هئا.
اسين صبح جو ڏهين وڳي ڪراچيءَ کان نڪري ٺٽي واري قومي شاهراهه رستي مڪلي باءِ پاس کان سجاول جي ٻاهران ئي بدين شهر کان کٻي هٿ تي مٺيءَ لاءِ نڪرندڙ رستي جي موڙ تي هڪ ننڍي هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ 20 منٽ ترسياسين. چانهه ڏاڍي سٺي ملي جنهن ڪري جسم ۾ چستي اچي وئي، خاص ڪري حڪيم صاحب لاءِ، ڇو ته ڊرائيونگ حڪيم صاحب ڪري رهيو هو. گاڏي به سندس هئي. ڪچهري ڪندي سفر جي خبر ئي نه پئي، اسين مٺي اچي پهتاسين ۽ ٻاهرين پيٽرول پمپ کان گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي باءِ پاس کان ئي اسلام ڪوٽ ۽ پوءِ ننگر پارڪر کان پهرين گوڙي مندر تي پهتاسين ته هلڪي بارش شروع ٿي ويئي، جنهن جي باوجود دوستن کي مندر اندران ۽ ٻاهران گهمايو ۽ ان جي اڏاوت ۽ عبادت جي هجرن بابت به ٻڌايو ۽ فوٽو گرافي به ڪئي سون. مندر جي ٻاهران مقامي فقيرن کان ٿري راڳ به ٻڌوسين ۽ اتي مندر ۾ دادو شھر جو پراڻو دوست محمد چنو به ملي ويو جيڪو پڻ پنهنجي دوستن سان ننگرپارڪر لاءِ نڪتل هو. ٿر جي پهرين ماڳ تي ئي وسڪاري ۽ محمد چني جي اچانڪ ملاقات ۾ مزو اچي ويو.
مندر کان ٻاهر نڪري گوڙيءَ جي هن ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ پيارو دوست ڌنراج جنهن سڄي عمر ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ملازمت ڪئي ۽ پنهنجي اولاد کي به ڪراچيءَ ۾ پڙهايائين، ڪجهه وقت کان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيو پيو هيو ۽ ان اسان لاءِ انتظار پئي ڪيو، سو ان وٽ پهتاسين ته وسڪارو به تيز ٿي ويو. اسان سڀن جو ڌنراج وٽ پهچڻ تي پاڻ ڏاڍو خوش هو. سندس اوطاق ۾ جيڪا ٿر جي روايتي هڪ وڏي چؤنري واري اوطاق هئي اتي وڃي چانهه به پيتي، سندس شاعري تي به گفتگو ڪئي. هن اسان کي رات رهڻ لاءِ گهڻو زور ڀريو پر وسڪارو بند ٿيو ته کائنس موڪلائي روانا ٿياسين. ڌنراج موڪلائيندي پنهنجو شعر ٻڌايو:
سڄڻ آيا سڪ لٿي جتي ديدن ڪيا درشن
منٽ نه ٽڪيا مون وٽ سڄڻ وري سنبرن
الا آندا اوطاق تي، ھي قسمت ميڙيا قربن
رب راضي راج چئي ٿي ملاقات مھمانن
ٿورائتو تن، جن ميھوگي ۾ ملاقات ڪئي.
(ڌنراج واگھيلا)

وري اچي ننگر پارڪر واري روڊ تي چڙهياسين ۽ ڀالوا ۾ مارئي جي کوهه تان ٿيندا ننگر پهتاسين. ننگر شهر ۾ وقفي وقفي سان هلڪي بوندا باندي هلندي رهي.
ننگر پارڪر پهچڻ کان پهرين روپلو ڪولهي ريسٽ هائوس پهتاسين، جتي رهائش جو بندوبست ٿيل هو. هي ننگر پارڪر ۾ نئون ۽ خوبصورت ريسٽورنٽ ٺهيو آهي پر عيد جي موڪل تي ويل ملازم اڃا نه موٽيا هئا. ان ڪري کاڌي پيتي جو ڪو بندوبست نه هو. ٻيو ته ننگر شهر 7 ڪلوميٽر پهرين آهي، ان ڪري شهر واري ريسٽ هائوس تي رهڻ جو فيصلو ڪيو سين، اتي به بورچي ڪو نه هو ليڪن شهر ۾ هجڻ ڪري سامهون ئي هوٽل هو جنهن تان ماني کائي سمهي رهياسين. ٽائيم اڃا رات جا 9 ٿيا هئا، جنهن ڪري عبدالحڪيم ۽ آئون دير تائين جاڳڻ وارا، ننڊ نه پئي اچي ۽ ٻئي ٻاهر نڪري اچي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويٺاسين. هوٽل تي پير سائين پاڳاري جي تصوير لڳل هئي جنهن بابت مون هوٽل جي ڇوڪري کان پڇيو ته اوهان فنڪشنل ليگ جا آهيو يا پير سائين جا مريد آهيو. هن ٻڌايو ته اسين مريد آهيون. مون کانئس سندس ذات پڇي ته ٻڌايائين راڄڙ آهيون ۽ ننگر شهر ٻاهران اسان جا ڪيترائي ڳوٺ آهن. حڪيم ميمڻ کيس مون لاءِ ٻڌايو ته پير جي ڳوٺ جو آهي. پوءِ ته ڇوڪرو وڃي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي وٺي آيو ۽ مون لاءِ چيائين ته پير سائين جي ڳوٺ جو آهي. هنن ٻنهي ڀائرن اسان کي وڏي عزت ڏني. وڏي ڀاءُ اسان کان رهائش جو پڇيو ته مون ٻڌايو ته سامهون ريسٽ هائوس ۾ ترسيل آهيون. ماني لاءِ زور ڀريائين ليڪن اسان ماني پهريان ئي کاڌي هئي ۽ چانهه جا پئسا زور ڀرڻ باوجود نه ورتائين ۽ قسم ڏنائين ته صبح جو ناشتو مون وٽ ڪندؤ ته مون چيو ته جيترو وقت ننگر ۾ آهيون ته ماني اوهان وٽ کائينداسين ليڪن هڪ شرط آهي ته پئسا وٺندؤ جي نه ته پوءِ اسان ٻئي هوٽل تي هليا وينداسين. همراهه مايوس ٿي ويو چيائين ته جيڪا اوهان جي مرضي ليڪن اوهان ديدار ڪرائيندا رهو. ايتري ۾ هڪ وڏو ٽولو نوجوانن جو موٽر سائيڪلن تي اچي هوٽل تي پهتو. اسان کان ٿورو پرڀرو ٿي ويٺا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ انهن مان ٻه ڄڻا اچي اسان سان مليا ۽ مون کي چيائون ته اوهان عنايت کٽياڻ آهيو، اسين اوهان کي سڃاڻون ٿا ۽ اسين ٽنڊو ڄام کان آيا آهيون، اوهان کي ڏٺو سين ته ملڻ تي دل چيو. اسان اوهان جا مضمون پڙهيا آهن. پوءِ ڪچهري ڪندي ٻڌايائون ته هو سڀ دوست آهن ۽ هتي ايندا رهندا آهن. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان جا نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندي سنڌ جي تاريخ پڙهن ٿا ۽ تاريخي ماڳ ڏسڻ وڃن ٿا. مون کانئن پڇيو ته رهائش جو بندوبست آهي اوهان جو؟ هنن ٻڌايو ته اسان جو ارادو واپس وڃڻ جو هو پر رستي ۾ وسڪاري جي ڪري دير ٿي وئي ۽ ٿڪجي به پيا آهيون ليڪن هتي ڪا رهائش نه آهي ان ڪري واپس وينداسين. مون کين چيو ته رات آھي ۽ وسڪارو به ان ڪري ڏکيو سکيو رات هتي گذاريو ۽ مون ڪائونٽر تي وڃي هوٽل جي مالڪ سان ڳالهه ڪئي. هن خوش ٿي چيو ته حاضر سائين هوٽل جا صندل آهن رليون ۽ وهاڻا به ڪري ڏيان ٿو، ڀلي آرام ڪن ته مون سندس ٿورا مڃيا ته وراڻيائين ته سائين مون کي خوشي ٿي آهي جو اوهان ڪو ڪم چيو. ائين ٽنڊو ڄام جي مهمانن جو بندوبست ٿي ويو جيڪي تعداد ۾ 22 ڄڻا هئا.
ننگرپارڪر ۾ پهتا هئاسين ته اسان ڊگهي سفر ڪري ٿڪجي پيا هئاسين ڇو ته سفر ۾ ڪٿي به آرام نه ڪيو هيوسين ليڪن حر مجاهد راڄڙ جي هوٽل تي جيڪي ٻه ڪلاڪ ويٺاسين ته هنن ڀائرن جي ڪچهري ۽ وري ٽنڊي ڄام جي نوجوانن جي ملاقات ۽ ڪچهري ننگرپارڪر جي تاريخي شھر ۾ وسڪاري جي ھلڪي ڦوهار ماحول ۾ مستي آڻي ڇڏي هئي، جنهن اسان جا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيا ۽ هي رات هڪ يادگار رات بڻجي ويئي. پوءِ سڀن دوستن کان موڪلائي اچي ريسٽ هائوس واري ڪمري تي پهتاسين، جتي ڊاڪٽر مشتاق ابڙو ۽ ممتاز ابڙو گهري ننڊ ستا پيا هئا.

* ننگر پارڪر
هي شهر ضلعي ٿرپارڪر ۾ هڪ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ننڍڙو شهر تاريخي طور تي تمام مشهور آهي هتي اوائلي دؤر کان هندو ڌرم جا مندر، آسٿان ۽ جين ڌرم جا مندر آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس مشهوري ڪارونجهر جبل جي ڪري آهي جنهن جي دامن ۾ هي شهر آباد آهي. ڪارونجهر جبل ٿر جي وارياسي علائقي ۾ وڏو جبل ليکيو وڃي ٿو. هونئن به ڪارونجهر سنڌ جي ٻين جبلن کان منفرد ۽ تمام وڌيڪ خوبصورت جبل آهي. وڏا وڏا گول ۽ لسا پهڻ هڪ ٻئي مٿان سٿيل نظر اچن ٿا ۽ برسات جي پوڻ سان هڪ ٻئي مٿان سٿيل پهڻن (پٿرن) جي پاڙن مان سائو گاهه ڦٽي پئي ٿو ته هر هڪ پهڻ نئين لباس ۾ نمايان نظر اچڻ لڳي ٿو، ان ڪري سندس خوبصورتي تي شاعري ڪئي وڃي ٿي. هن جبل ۾ ڪيئي چوٽيون آهن جن جي قطار جي ڊيگهه 19 ڪلوميٽر آهي ۽ اوچائي سامونڊي سطح کان 305 ميٽر آهي. هن جون چوٽيون بيضوي شڪل ۾ ڦري اچن ٿيون. هنن ٽڪرين جي ٻاهرين گولائي اٽڪل 32/30 ڪلوميٽر آهي ۽ وڏي ۾ وڏي چوٽيءَ جي اوچائي هڪ هزار فوٽ آهي جنهن کي ”صاحب چڱا“ چيو وڃي ٿو جتي ”تڙوٽ“ ٿلهو ٺهرايو هو. هن جبل ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت ماٿريون آهن ۽ برساتي ندين ۽ آبشارن جا خوبصورت قدرتي نظارا پسي سگهجن ٿا. هن جبل ۾ برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ڊيم به ٺاهيو ويو آهي. هن جبل جي شروعات ۾ جين ڌرم جو مندر ۽ ان کان اڳتي هڪ پرچاري آسٿان آهي. جبل جي اندر هندو ڌرم جا مندر، تيرٿ ۽ آسٿان آهن جن ۾ ساڙ ڌرو، گئو مکي، آنچليسور، ڀيم ڪن، جهرڻو، چندن گڊ مشهور آهن. جبل جي ٻاهران ننگر شهر کان پهريان ڀوڏيسر تلاءَ ۽ ٻئي پاسي ڪاسبو آهي جيڪو حسين ماڻهن ۽ مورن جي حوالي سان مشهور آهي.

ننگر شهر اصل ۾ پارڪر جو مرڪزي شهر آهي. هن علائقي تي پارڪر جو نالو پوڻ جو سبب هن علائقي جي ڀر ۾ رڻ ڪڇ آهي جيڪو اڳي سامونڊي کاري هو ۽ ماڻهو ان کاري کي پار ڪري ايندا ويندا هئا، ان ڪري ان کي ”پار اڪر“ چوندا هئا جيڪو اڳتي هلي پارڪر سڏجڻ لڳو. ننگر شھر سڀ کان پهرين سوڍي آسراءَ اچي آباد ڪيو. تعلقي ننگر پارڪر جي هن وقت آبادي هڪ لک ويهه هزار آهي جنهن ۾ ٽيهه هزار مسلمان ۽ نوي هزار ٻين ڌرمن وارا آهن ۽ ويجهي وقت ۾ هتي جي ڪجهه شيڊول ڪاسٽ وارن عيسائيت به اختيار ڪئي آهي.
صبح جو تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين ۽ سڌو راڄڙن جي هوٽل تي پهتاسين جن اسان جو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. ناشتي کان پوءِ ننگر شهر کان ڪارونجهر جبل تي وياسين. رستي ۾ جين ڌرم جو شهر وارو مندر ۽ ان کان اڳتي جين ڌرم جي پرچارڪ مرڪز آھي، هي ٻئي اهم تاريخي ماڳ ڏسڻ به ضروري آھن.

* جين ڌرم جو مندر

موجوده وقت ۾ ننگر پارڪر شهر جي بازار مان ڪارونجهر جبل تي وڃڻ جو رستو آهي جنهن تي ويندي بازار جي پڄاڻيءَ تي جين ڌرم جو هڪ پراڻو خوبصورت مندر آهي. هي مندر پٿر جي نقش نگاريءَ جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. سڄي مندر جي سڄي اڏاوت پٿر جي آهي جنهن تي خوبصورت مورتيون اڪريل آھن ۽ ٻيو به خوبصورت نقش نگاري جو ڪم ٿيل آهي. هن مندر جو مک دروازو تمام خوبصورت ٺھيل آھي. ننڍي ورانڊي مان هال ۾ داخل ٿجي ٿو، جنهن جي ڇت تي گول گنبذ آھي. هال مان آخري چورس ڪمري جو در آھي جنهن ۾ اڳ بت رکيل هوندو هو هن ڪمري جي مٿان ڊگهو چوٽيارو گنبذ آھي جنهن جي چئني پاسن تي به مورتيون، شينهن ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جا ننڍا ننڍا مجسما ٺهيل آهن. جنهن ڪري هي ڊگهي چوٽيءَ وارو گنبذ تمام خوبصورت نظر اچي ٿو ۽ پٿر تي نقش نگاريءَ جي ڪاريگريءَ جو هڪ نادر نمونو آهي.

* جين ڌرم جو پرچارڪ مرڪز

هن مندر کان مٿي جبل تي هلبو ته ٿوري ئي مفاصلي تي نديءَ کي پار ڪرڻ کان پهريان کٻي هٿ تي ڪجهه اونچائيءَ تي جين ڌرم جي هڪ ٻئي مندر ۽ آسٿان جا آثار نظر اچن ٿا، روڊ جي ويجهو آھن جتي پنڌ وڃي سگهجي ٿو. هتي به پٿر جي اُڪر جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. هتي هڪ وڏو پٿر جو ٿلهو آهي جنهن تي هڪ ننڍي مندر جا آثار آهن ۽ رستي واري پاسي کان ديوار جي وڏن وڏن پٿرن تي وڏيون مورتيون اُڪريل آهن ۽ ٻين سڀني پٿرن تي به خوبصورت ڊزائنيون ۽ شاهڪار چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. هنن آثارن لاءِ منگها رام اوجها پنهنجي ڪتاب ”پراڻو پارڪر“ ۾ لکي ٿو ته هي جين ڌرم وارن جو خاص ۽ وڏو مرڪز هو، جتان جين ڌرم جي نظرياتي پرچار ڪئي ويندي هئي ۽ اتي جيڪي وڏن پٿرن تي وڏيون مورتيون اڪريل آهن، اهي جين ڌرم جي نيتائن جون آهن جن مان ڪجهه اڄ به موجود آهن. جين ڌرم جا ڪل چوويهه (24) ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن جن جا نالا ۽ ترتيب هيءَ آهي:
(1) رشپ ناٿ، (2) اجيت ناٿ، (3) ساميو، (4) اڀيندن، (5) سُمتي، (6) پدم پريا، (7) سپرشو، (8) چندر پرڀا، (9) پشپ دلت، (10) سيتل، (11) شري انشاناٿ، (12) واسو پوئجيه، (13) وِمل، (14) اننت، (15) ڌرم، (16) شانتي، (17) ڪنٿو، (18) ارا، (19) مَلي، (20) مُني سورت، (21) نِمي، (22) نيمي، (23) پارسو ناٿ، (24) وڌمان جيڪو مهاوير جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن جين ڌرم هن پوري علائقي ۾ ڦهلايو ۽ سندس ديهانت عيسوي سن کان 536 سال اڳ ٿيو ۽ هن جي دور ۾ ئي گوتم ٻُڌ پنهنجي ٻُڌ ڌرم جو بنياد وجهي پرچار شروع ڪئي. پارڪر جو علائقو جين ڌرم جو مرڪز هو ۽ جين ڌرم وارا ٻين کان وڌيڪ مالدار هئا جنهن ڪري انهن جا مندر مضبوط ۽ خوبصورت ٺھيل آھن. هي پرچار جو مک مرڪز بهترين هنڌ تي تمام خوبصورت تاريخي يادگار آھي، جنهن جي پويان ڪارونجهر جي هڪ خوبصورت اونچي ٽڪري ڪر کنيون بيٺي آھي ۽ هڪ پاسي کان پھاڙيءَ جي دامن ۾ برساتي ننديءَ جو خوبصورت منظر آهي. هتي هر طرف کان مختلف ۽ حسين نظارا نظر اچن ٿا.
اڄ به هلڪي بوندن واري رم جهم جاري هئي، جنهن ڪري ٿر جي وسڪاري جو پورو لطف ملي رهيو هو. ٻه وسڪارا اڳ ئي ٿي چڪا هئا جنهن ڪري ڀٽن ۽ ڪارونجهر تي ساوڪ هئي جنهن مان ڪارونجهر جا خوبصورت پهڻ جهاتيون پائيندي خوبصورت لڳي رهيا هئا. اسان 6 ڪلوميٽر گاڏيءَ تي سفر ڪندي ڪارونجهر تراين ۽ مٿاهن جبلن جي وچان ٺهيل پڪي روڊ سان وڃي نَئين ٺهيل تفريحي مرڪز تي پهتاسين، جنهن جي ڀر ۾ وڏي ڪار پارڪنگ ٺهيل آهي. اتي ڪار بيهاري هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ٺهيل هڪ ننڍو پليٽ فارم آهي، جنهن تي پهچڻ لاءِ ڪشادي ۽ پڪي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جنهن تي سئو کان وڌيڪ ڏاڪا آهن. اسان انهن ڏانهن رخ ڪيوسين ته ممتاز ابڙي چيو ته آئونُ هيٺ ئي بيهندس اوهان ٿي اچو. مشتاق به ساڻس اتي گڏ بيٺو رهيو. حڪيم ۽ آئون ڏاڪڻ رستي مٿي وياسين جتي ڪارونجهر جي واديءَ جو چؤطرف خوبصورت نظارو پسي ڏاڪڻ تي چڙهڻ وارو ٿڪ ئي لهي ويو. هن هنڌ تان ڪاروجهر جبل جي وڏي حصي کي ڏسي سگهجي ٿو. ڪجهه دير ويٺا رهياسين ۽ پوءِ هيٺ لهي اچي ٻنهي دوستن سان گڏجي ساڙڌڙي مندر روانا ٿياسين، جيڪو هن تفريحي ماڳ کان ڏيڍ ڪلوميٽر اڳتي آهي ۽ اوڏانهن پنڌ ئي وڃي سگهجي ٿو، ڪار يا موٽرسائيڪل لاءِ رستو نه آهي.
بوندا باندي جاري هئي ۽ ڪارونجهر جي چوٽين ۽ وادين جا نظارا ڪندي اسان ساڙ ڌڙي تي پهتاسين.