شهيد هوش محمد شيدي
هوش محمد قمبراڻيءَ جو والد ايراني نار جي علائقي مان غلام بڻائي اچي ڪراچي بندر تي وڪرو ڪيو ويو هو جنهن کي مير فتح علي ٽالپر پاڻ وٽ ملازم طور رکيو. مير فتح علي خان ٽالپر جو پٽ مير صوبدار خان 1791ع ۾ پيدا ٿيو ۽ چيو وڃي ٿو ته هوش محمد سندس هم عمر دوست ۽ ساٿي هو. وڏو ٿيو ته کيس فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو جتي هن بندوق جي نشاني بازيءَ جي تربيت ورتي ۽ بهترين نشاني باز هئڻ ڪري کيس توبخاني جو انچارج مقرر ڪيو ويو. مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ سندس پڳدار پٽ مير صوبدار خان جا پنهنجن چاچن سان اختلاف ٿي پيا. هوش محمد به توبخانو ڇڏي سندس اطاليق/مشير بڻجي ويو. صوبدار خان هوش محمد جي مدد سان پنهنجو فوجي جٿو تيار ڪيو ليڪن مير مراد علي خان ساڻس جنگ ڪري کيس شڪست ڏيئي قيد ڪري وٺي اچي نظربند ڪيو ۽ هوش محمد به حڪومتي ۽ فوجي معاملن کان پاسيرو ٿي ويهي رهيو.
ٽالپر حڪمرانن جي هڪ ٻئي سان اختلافن جو فائدو وٺندي انگريزن بهاولپور جي نواب، قلات جي نواب ۽ جوڌپور جي راجا کي جابلو علائقا تحفي ۾ ڏيئي پنهنجو ڪيو ۽ اتر سنڌ ۾ مير مراد علي خان ۽ لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي به خريد ڪري پاڻ سان ملايو ته جيئن سنڌ تي ڪاهه ڪجي ته ٽالپرن کي ٻاهرين مدد به نه ملي سگهي. اندران به غداري ڪرائي وڃي. ٽالپرن جي فوج مان ڌاريا اهلڪار توبخاني جو انچارج جان هاويل ۽ ٻئي فوجي آفيسر سائمن کي به خريد ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو. (دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب: سنڌين جي فوجي مهارت صفحو 78-79)
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته خيرپورميرس جي حڪمرانن ساڻن معاهدو ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ۽ انگريز فوج جيڪا بمبئيءَ جي ڇانوڻيءَ مان چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ آئي، اها اچي سنڌ جي مرڪز حيدرآباد ٻاهران مياڻيءَ جي ميدان تي پهتي. انگريز فوج جو تعداد 2800 هو ۽ هنن وٽ 12 توبون هيون ۽ سندن مدد لاءِ ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي چانڊين جو سردار پنهنجي 10000 ويڙهاڪن جي لشڪر سميت اچي پهتو ۽ ڇانوڻي هڻي ويٺو.
حيدرآباد جو ٽالپر حڪمران مير نصير خان شهداداڻي پنهنجي لشڪر سميت 16 فيبروريءَ تي اچي مياڻيءَ جي ميدان تي پهتو جنهن جي لشڪر ۾ سپاهه جو تعداد 22000 هو ۽ هنن وٽ 15 عدد توبون هيون. 17 فيبروريءَ تي جنگ لڳي جنهن جي شروعات ۾ ئي توبخاني جو انچارج جان هاويل توبن سان انگريزن جي فوج تي گولا هلائڻ بجاءِ توبن جا منهن مٿي ڪرائي هوا ۾ فائر ڪرائيندو رهيو. سندس اها چال بازي ظاهر ٿي پئي ته هن بارودخاني کي باهه لڳرائي ڇڏي، ڇو ته هو اندروني طور انگريزن سان مليل هو، هن غداري ڪري انگريزن کي توبخاني تي قبضو ڪرايو. سنڌي فوج جا گهوڙي سوار ۽ پيادا بهادريءَ سان وڙهندا رهيا ۽ انگريزن جي بندوقن ۽ توبن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندا رهيا. اهڙي صورتحال ڏسي سنڌي فوج جو سالار مير نصير خان شهداداڻي هلندڙ جنگ مان 1100 سپاهي وٺي ميدان مان کسڪي ويو، جنهن کان پوءِ انگريز فوج بيدرديءَ سان سنڌي سپاهه کي قتل ڪيو، جيڪي سج لهڻ تائين بهادريءَ سان وڙهندا رهيا.
ٻئي ڏينهن 18 فيبروريءَ تي مير نصير خان پنجن ميرن سميت پيش پئي پنهنجون تلوارون انگريز جرنيل جي اڳيان زمين تي رکيون ۽ کيس ساٿين سميت قيد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح انگريزن چالبازي ۽ مڪاريءَ سان سنڌ جو مرڪز فتح ڪيو.
ميرپور جو ٽالپر حڪمران مير شير محمد ماڻڪاڻي پنهنجو لشڪر گڏ ڪري حيدرآباد کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي دٻي (دو آبو) وٽ اچي ڇانوڻي هڻي ويٺو. مياڻيءَ جي جنگ هارائڻ کان پوءِ جيڪي سنڌي سپاهي بچيا اهي به اتي اچي ساڻس مليا. نواب احمد خان لغاري به پنهنجي سپاهه سميت اچي پهتو. هوش محمد قمبراڻي به سنڌ جي آزادي ۽ ناموس جي بچاءَ لاءِ پنهنجي ساٿين سميت اچي مير شير محمد خان سان گڏيو. هن بهادر سپاهيءَ کي سنڌ تي انگريزن جو قبضو برداشت نه پئي ٿي سگهيو.
مير شير محمد جي وڌندڙ طاقت ڏسندي انگريز 5000 فوج وٺي اچي دٻي وٽ پهتا. مير شير محمد وٽ 25000 سپاهي موجود هو. 24 مارچ 1843ع تي جنگ لڳي جيڪا 3 کان 4 ڪلاڪ جاري رهي. هن جنگ ۾ هوش محمد توبخاني جو سالار هو ۽ هن وڏي بهادري ۽ حڪمت عمليءَ سان جنگ وڙهي. انگريزن جو سنڌي توبخاني تي گهڻو توجھ هو، ڇو ته هوش محمد سندن گهڻو نقصان ڪري رهيو هو. نيٺ انگريزن ڇتي گولا باري ڪري هوش محمد جي بارودخاني کي باهه لڳائي ڇڏي. سنڌي فوج دوبدو تمام بهادريءَ سان وڙهي رهي هئي. بارود خاني سڙي وڃڻ کان پوءِ به هوش محمد وڙهندو رهيو ۽ مير شير محمد کي ٻِي جنگ جي تياريءَ لاءِ ميدان مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ويو ۽ پوءِ سنڌي فوج جي سڌي طرح سالاري هوش محمد ڪئي. سنڌي سپاهه بهادريءَ ۽ بيخوفيءَ سان سنڌ وطن لاءِ ويڙهه ڪئي ۽ هوش محمد به آخر ۾ تلوار سنڀالي ڇو ته سندس بارود سڙي تباهه ٿي ويو هو ۽ انگريزن جون توبون سنڌي سپاهين کي ناس ڪري رهيون هيون. هوش محمد ”مر ويسون مر ويسون سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا هڻندي هڻندي نيٺ هڪ آئرش سپاهيءَ هٿان شهيد ٿيو، جنهن کان پوءِ جنگ ختم ٿي ويئي ۽ سنڌ انگريزن جي غلاميءَ ۾ اچي ويئي. ٻنهي جنگين ۾ سنڌ جي هارائڻ جو سبب اندروني مخالفتون، گڏيل حڪمت عمليءَ جي اڻهوند، پنهنجن ۽ خاص ڪري ڌارين فوجي آفيسرن جي غداري هو، باقي طاقت ۽ بهادريءَ ۾ سنڌي گهٽ ڪونه هئا.
ٻنهي جنگين ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ جيڪي ذاتيون ۽ قيبلا هئا، انهن ۾ ٽالپرن مان شهداڻي، ماڻڪاڻي، خاناڻي، شھواڻي ۽ ٻين ذاتين مان نظاماڻي، لغاري، جوکيا، کٽياڻ، پتافي، جمالي، بوزدار، مري، چانگ، لاشاري، ڪپري ۽ شيدي شامل هئا. (صفحو 74. سنڌين جي فوجي مهارت دادا سنڌي)
مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنڌي شهيدن جو تعداد 2000 انگريز فوجي مارجي ويل جو تعداد صرف 39 هو، دٻي جي جنگ ۾ سنڌي شهيدن جو تعداد 5000 هو.
شهيد هوش محمد جي پونئيرن ۾ سندس پٽ داد ڪريم، پوٽو بچل ۽ ٻيا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ آباد آهن. (ڪتاب قديم سنڌ، ليکڪ مرزا قليج بيگ)
شهيد هوش محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿين ۽ پرستارن لاش کڻائي اچي مياڻيءَ جي ميدان ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ٻاهران دفنايو ۽ قبر مٿان هڪ ڪچو ڪمرو به ٺهرايو، جتي هاڻي سنڌ ثقافتي کاتي پاران خوبصورت مقبرو ٺهرايو ويو آهي جنهن لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه صاحب خاص اُپاءَ ورتا؛ کيس جس هجي ته هن سنڌ جي بهادر سالار هوش محمد شيديءَ (قمبراڻي) جو شانائتو مقبرو جوڙايو، جتي سنڌ جا عاشق هن بهادر سالار کي سلام پيش ڪندا رهندا آهن.
ڪيئي سال اڳ آئون شھيد هوشو شيديءَ جي مزار تي ويو هوس ته سندس مزار مٿان هڪ ڪچو چورس ڪمرو اڏيل هو، جنهن وچ تي شھيد جي مزار ۽ هڪ پاسي تي هڪ ٻِي ننڍي قبر به هئي جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته هن ڳوٺ جي وڏيري جي آھي، هن وصيت ڪئي هئي ته کيس شھيد جي ڀرسان دفنايو وڃي. هاڻ ويجهڙ ۾ پياري دوست منور خاصخيلي سان گڏ حيدرآباد جو ڪچو قلعو گهمڻ کان پوءِ ميرپورخاص واري ھاءِ وي تي اچي ٽول پلازا کان کاٻي هٿ تي هڪ لنڪ روڊ تان هلندي سڌو مياڻيءَ جي تاريخي قبرستان جنهن ۾ مياڻيءَ جي جنگ ۾ شھيد ٿيل سنڌ جي سرويچن سان گڏ انگريز سپاهين جون به اجتماعي قبرون آھن، جن تي انگريزن پاران هڪ پٿر جو پڪو يادگار ٺھيل آھي، جنهن تي دفن ٿيل انگريز سپاهين جا نالا به لکيل آھن، (جن تي اسان واپسيءَ ۾ آياسين) هن قبرستان کان ٿورو اڳتي شھيد هوشو شيدي جي مزار آھي جنهن تي حاضري ڀري سون.
(روزاني ايڪتا - 13 جون 2019ع)
مددي ڪتاب
1. ڪتاب: ”سنڌين جي فوجي مهارت“، ليکڪ: دادا سنڌي
2. ڪتاب: ”قديم سنڌ“، ليکڪ: مرزا قليج بيگ.