لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

حيدر آباد جو ڪچو قلعو

ڪجهه ڏينهن اڳ حيدر آباد وڃڻ ٿيو ته مون هڪ دوست منور خاصخيليءَ کي چيو ته حيدر آباد جا ڪجهه تاريخي ماڳ ڏسڻ هلون. هن به خوش ٿي هائوڪار ڪئي ۽ اسين ٻئي ڪچي قلعي ڏانهن روانا ٿيا سين.
هي قلعو حيدر آباد ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ڪچو قلعو روڊ تي آهي.
سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدر آباد جو پڪو قلعو ٺهرايو ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڏکڻ ۾ پير محمد شاهه مڪيءَ جي مزار واري دڙي تي هي ڪچو قلعو ۽ پڪي قلعي جي اتر ۾ به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ميان غلام شاهه جو ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو، (ڇو ته هن ڪوٽ جي وچ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو به ٺهيل آهي) هي ٻئي ننڍا قلعا وڏي پڪي قلعي جي حفاظتي چوڪين طور ٺهرايا ويا هئا.
ڪچي قلعي جي هڪ ديوار ۾ لڳل ڪتبي مطابق 1083 هجري جنهن جو عيسوي سن 1671 چيو وڃي ٿو، ليڪن هن قلعي بابت مرزا قليچ بيگ تعمير جو سن 1772ع ٻڌائي ٿو، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومتي دور مطابق صحيح لڳي ٿو، ڇو ته هر تاريخ لکندڙ ان تي متفق آهي ته هي قلعو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ئي ٺهرايو آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي والد ميان نور محمد ڪلهوڙي 1168 هه مطابق 1754ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ ميان محمد مراد ياب تخت تي ويٺو، ليڪن جلد ئي سندس ٻين ڀائرن کيس هٽائي ميان غلام شاهه کي تخت تي ويهاريو، جنهن جو حڪومتي دور 1168 هجري مطابق 1754ع کان 1186 هه مطابق 1772ع تائين رهيو.
ڪچو قلعو ايراضيءَ ۾ ننڍو ۽ ٽڪنڊو آهي. هن قلعي جو مک دروازو آهي ۽ ٻيو پير محمد مڪيءَ جي مزار وارو ننڍو دروازو آهي، قلعو مٿاهينءَ تي آهي، ان ڪري ٻنهي دروازن کان ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، قلعي کي اڌ گول شڪل وارا 8 برج آهن، جن مان مڪي شاهه جي مزار واري ڪنڊ وارو برج ٻين برجن کان وڏو برج آهي. ڪوٽ جو مک دروازو، ديوارون ۽ برجن جا بنياد پڪين سرن جا آهن، باقي مٿي ڪچين سرن واري ديوار ۽ برج آهن، جيڪي تمام زبون حال آهن، سندن ڪنگرا ۽ پلوڙا به ڊهي ختم ٿي ويا آهن. هن وقت هن قلعي جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو ته هي تاريخي ماڳ وچ شهر ۾ هجڻ باوجود لاوارث آهي. قلعي جي مک دروازي تي پهتاسين ته ان جي آس پاس ڪٻاڙين جا دڪان ٺهي ويا آهن. مک دروازي واري ڏاڪڻ تي به ڀڳل ٽٽل گاڏين جا ڍانچا ۽ ٻيو ڪٻاڙ پيل هو. مون ۽ منور ڪافي ڪوشش ڪئي ته مک دروازي تائين پهچجي ليڪن ڪٿان به رستو نه مليو، نه وري ڪو سٺو ڦوٽو نڪري سگهيو، ڇو ته شاهي دروازي واري ويڪري شاندار ڏاڪڻ تي ديوار ٺاهي دروازو بند ڪيو ويو آهي. هن خوبصورت دروازي جو ٻاهران پورو منظر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. دڪاندارن ٻڌايو ته قلعي ۾ وڃڻ لاءِ مڪي شاهه جي مزار واري پاسي کان وڃي سگهو ٿا، مک در سرڪاري طور تي بند ڪيو ويو آهي. دروازي جي اهڙي حال تي مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ڇو ته سڄي قلعي جي ديوار ۾ هي مک دروازو ئي پورو پڪين سرن جو ٺهيل هجڻ ڪري اصل شڪل صورت ۾ موجود آهي ۽ مٿي ويندڙ ويڪري ڏاڪڻ ان کي وڌيڪ شانائتو ڪري رهي آهي، ليڪن ان ڏاڪڻ تي پيل ڪاٺ ڪٻاڙ ۽ آس پاس ڳريل سڙيل گاڏين جا ڍانچا ۽ رڪشن جو سامان اسان جي هن تاريخي ماڳ جي سونهن سوڀيا کي ناس ڪري رهيو آهي. بهرحال غم ۽ غصي جي حالت ۾ پير محمد شاهه مڪيءَ جي مزار کان وڃي قلعي ۾ داخل ٿياسين، هڪ مزار کان ٻي مزار بعد ان کان ٻاهر نڪري بيٺاسين ته ڪچي قلعي جي ديوار نظر آئي. اندر سڄو ميدان قبرن، آستانن ، تڪين سان ڀريو پيو آهي، اڻوندڙ ماحول ۾ اسان مجاورن ۽ موالين جي وچان گذرندي وڃي مک دروازي تي پهتاسين، جنهن جي اندرين اڏاوت ٻاهرين اڏاوت جهڙي خوبصورت ته نه آهي، ليڪن پوءِ به ان جون ديوارون ۽ برجن جون اندرين پاسي کان ڪجهه تصويرون ڪڍيون سين ۽ ڏک ۽ پيڙا جي حالت ۾ واپس اچي مڪي شاهه جي مجاور سان ويهي ڪجهه معلومات ورتي سين، جنهن ٻڌايو ته درگاهه جي بچاءُ لاءِ مک دروازو بند ڪيو ويو آهي. هن کي قلعي بابت ڪابه خبر نه هئي. قلعي جي ديوار جو مزار وارو حصو اندران مزار جي ڪري پڪو ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڪتبو به ان ۾ لڳل آهي، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. مڪي شاهه جي مزار جي ڪري هي قلعو به اوقاف کاتي وارن جي حوالي آهي.
سنڌ حڪومت جي قديمي آثارن واري کاتي کي اپيل ڪجي ٿي ته هن اهم قديمي ماڳ جي سارسنڀال ڪري، ڇو ته هي اسان جو تاريخي ورثو آهي. مڪي شاهه جي مزار کان سواءِ ٻين جعلي پيرن ( تعويذ مافيا) ۽ موالين کان قلعو خالي ڪرايو وڃي ۽ قلعي جي ٻاهران ڪٻاڙين جا قبضا ختم ڪرايا وڃن، اهي قلعي جي ديوار کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. مک دروازي جي اڳ وارو حصو به قبضا گيرن کان خالي ڪرائي قلعي جي سونهن ۽ سوڀيا کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن ڪوبه اسان جي هن قومي ورثي کي ڏسڻ وڃي ته ان کي ڏسي اتساهه وٺي سگهي.


(روزاني ايڪتا 30 مئي 2019ع)

مددي ڪتاب

1. ڪتاب: ”جنت السنڌ“، ليکڪ: رحميد داد خان مولائي شيدائي.
2. ڪتاب: ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ليکڪ: اشتياق انصاري.