ڪاسبو ۽ ڀوڏيسر تلاءَ
اسان ڪارونجهر تان لهي اچي ننگر پارڪر شهر واري حر مجاهد هوٽل تي مانجهاندو ڪيو ۽ ننگر شھر کان ڪاسبو ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي انگريزن سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مقابلو ڪندڙ بھادر سالار امر روپلو ڪولھيءَ جي ڦاسي واري هنڌ تي ٺھيل يادگار تي سلامي ڀري پوءِ ڪاسبو لاءِ روانا ٿياسين. ننگر پارڪر شهر کان 7 ڪلوميٽر اڳتي ڪاسبو آهي جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته هتي جا ماڻهو ٿر جي پوري علائقي ۾ تمام خوبصورت ٿين ٿا. مرد جانٺا جوان ۽ ڪاسبي جون عورتون خوبصورت ٿين ٿيون جن جي ڊگهين ڳيچين کي ڪونجن سان تشبيھ ڏني ويندي آھي، جيڪي جڏهن پاڻي ڀرڻ لاءِ گهاگهرون چيلهه ۽ مٿي تي کڻي ٽولي جي صورت ۾ هلن ٿيون ته ڪونجن جون قطارون محسوس ٿينديون آهن، ليڪن هاڻي اهڙا نظارا نظر نٿا اچن ۽ ڪاسبو ننڍو پسمانده ڳوٺ ٿي ويو آهي.
ڪاسبو ڪارونجهر جبل جي ويجهو آهي، جنهن ڪري برساتي پاڻي جبل تان هيٺ اچي ٿو ته هتي جا تلاءَ ۽ ڍورا پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن ٿا، جن مان زمينون آباد ٿين ٿيون ۽ جانورن لاءِ گاهه به جام ٿئي ٿو، ان ڪري هتي خوشحالي رهي ٿي. هڪ وسڪارو ٿي چڪو هو ۽ ٻيو وسڪارو هلندڙ ھئو جنهن ڪري هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي، جنهن جي وچ مان هي پڪو روڊ سڌو ڪاسبو تائين آھي. ڪاسبو ۾ ٻه وڏا مندر آهن، هڪ راما پير جو مندر ۽ ٻيو ڳوٺ جي ٻئي پاسي شِوِ مندر آهي. هنن ٻنهي مندرن تي وڃڻ لاءِ ڳوٺ جي وچ مان گذرڻو پوي ٿو، جتي ڪچا گهر ۽ گهٽيون سوڙهيون آهن. اسين پهرين راما پير مندر وياسين.
* راما پير مندر
صوفي سنت شري راما پير جو مندر وڏي احاطي اندر ٺهيل آهي جتي تمام گهڻي وڻڪاري آهي جنهن جي وچ ۾ وڏي ۽ اونچي ٿلهي تي مندر ٺهيل آهي. هن مندر بابت هتي جي ڀڳت گيان چند (ميگهواڙ) جيڪو مندر جو رکوالو آهي، ان ٻڌايو ته هي مندر اڄ کان 435 سال اڳ ٺهرايو ويو هو، جنهن کان اڳ هتان سنت شري راما پير جو گذر ٿيو هو جيڪو اصل راجسٿان کان آيو هو ۽ هتي اسان جي وڏن جي مرندڙ ڍڳن کي ڪرشمي سان کڙو ڪري بيهاريائين ۽ ڪجهه وقت هتي رهي گيان به ڏيندو رهيو، هتان ان جي وڃڻ کان پوءِ هي مندر قائم ڪيو ويو. هن مندر تي مسلمان به وڏي تعداد ۾ حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا. هن مندر تي ميلي جو منظر لڳي رهيو هو. ڪجھ صوفي فقير راڳ ويراڳ ڪري رهيا هئا ته ٻئي پاسي ڀڳتين جي محفل جاري هئي ۽ ٻنهي طرفن ماڻھن جا وڏا ميڙ ھئا جيڪي پٽ تي ويٺي محفل ۾ مگن هئا، حالانڪ ڪو خاص ڏڻ يا ميلو نه هو ليڪن وسڪاري جي خوبصورت موسم ۾ مقامي ماڻھو به سير تفريح ۽ پوڄا پاٽ لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري اچن ٿا، جنهن ڪري هتي هر هنڌ ڄڻ ڪو ميلو لڳو پيو آھي. هتي به بدين جو دوست احمد خان چانڊيو اچي وڏي پاٻوهه سان مليو ۽ چيائين ته آئون فيس بوڪ تي اوهان جا تاريخي ماڳن بابت مضمون پڙھندو آھيان، هتي اوهان کي پري کان ڏسي سڃاتو آھي، ڪجھ پل بيٺي ڪچھري ڪئي سون ۽ اسان کي دعوت ڏنائين ته واپسيءَ ۾ بدين مون وٽ ضرور اچجو.
* شِوِ مندر
مها ديو شِوِ جو مندر ڳوٺ جي ٻئي پاسي آهي. هي مندر به وڏي ايراضيءَ تي ٺهيل آهي، هتي 800 سال پراڻا وڻ لڳل آهن ۽ مندر انهن کان به اڳ جو چيو وڃي ٿو. هتي مور پکي تمام گهڻا آهن ۽ ننڍي قد وارا خوبصورت گهوڙا به هتي نظر ايندا آهن. هتي مندر ۾ مها ديو شِوِ جي لنگ سان گڏ نانگ ديوتا، گڻيش ديوتا ۽ هنومان جون مورتيون پڻ رکيل آهن. هتي جي برهمڻ سان پڻ ڪچھري ڪئي سون.
* ٻاين جو ٻيسڻو
ڪاسبو کان 4 ڪلوميٽر پري کاڙوئي جي ويجهو پراڻو ڪاسبو ۾ ٻاين جو ٻيسڻو (عورتن جي پناهه گاهه) به مشھور تاريخي ماڳ آھي جيڪو جتي هڪ وڏو پٿر آھي جنهن جي هيٺان هڪ وڏي سرنگھ آھي جيڪا سامهون کان کليل باقي ٽن پاسن کان بند آھي ان لاءِ مشھور آھي ته هتي جڏهن به ڌاڙي ڦر لاءِ گجرات وارا حملي آور ٿيندا هئا ته مقامي طور دهل وڄايو ويندو هو، ڳوٺ جون سڀ عورتون سرنگھ ۾ لڪنديون هيون، مرد سرنگھ جي ٻاهران مھاڙي تي وڏو پٿر ڏيئي، پوءِ پاڻ وڃي دشمن جو مقابلو ڪندا هئا. پراڻو ڪاسبو جي ڀرسان هڪ جھرڻو به مشھور آھي جيڪو گامپرو تلاءُ جي پاسي ۾ آھي. ڪاسبو کان واپسيءَ تي روڊ ڀرسان ڪارونجھر جي دامن ۾ ھڪ وڏي تلاءُ ڪناري هڪ ٿري فنڪار پنهنجي وطن جو ورد ڪري رهيو هو ته اسان به ڪجھ دير لاءِ هن خوبصورت منظر ۾ سندس محبتي ٻول ٻڌندي روح کي ريجهايوسين. هتي به ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو جيڪو رمجهم واري موسم جو مزو وٺي رهيو هو. اسين به هن خوبصورت منظر مان مسرور ٿي واپس ننگر شھر آياسين ۽ ٿر جي مشھور سماجي تنظيم ٻانهن ٻيلي جي آفيس تي وڃي انچارج سان ملياسين، کيس پنهنجي فورم جو ساٿين سميت تعارف ڪرايو. هن اسانجي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪئي ۽ پنهنجي پوري آفيس جو معائنو ڪرايائين، اسٽاف سان به ملايائين ۽ اسان جي چانهه بسڪيٽن سان خاطر مدارت ڪيائين. ڪچھري ڪندي معلوم ڪيوسين ته سندن تنظيم جا هتي ڪهڙا سماجي ڀلائي جا پراجيڪٽ آھن جنهن جو هنن وٽ ڪو به خاطرخواه جواب نه هو. سماجي ڀلائيءَ جي نالي تي صرف ڪاروبار جاري آھي جنهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اسان آفيس کان نڪري ڀوڏيسر لاءِ روانا ٿياسين.
* ڀوڏيسر تلاءُ
هيءُ تلاءُ ننگر پارڪر شهر کان 3 ڪلوميٽر پهريان سڄي هٿ تي روڊ کان اڌ ڪلو ميٽر اندر آهي. هي تمام وڏو تلاءُ آهي جنهن ۾ پورو سال پاڻي رهي ٿو. هي تلاءُ ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ آهي، جبل مان ايندڙ برساتي نالن جي پاڻيءَ سان هيءُ تلاءُ ڀرجي وڃي ٿو.
پارڪر تي ”پرمارن“ جي حڪومت ۾ هي تلاءُ ٺهرايو ويو هو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هتي هانسي راڻي جي حڪومت هئي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر هو. سندس ڀاءُ ڀوڏي ڀوڏيسر آباد ڪيو، جتي هي هڪ وڏو تلاءُ ٺهرايائين جنهن جي تري ۾ ٽامون لڳرايائين ته جيئن پاڻي زمين ۾ جذب نه ٿئي. پوءِ هڪ وڏو شهر آباد ٿي ويو جنهن ۾ ٻين ڌرمن وارن کان علاوه جين ڌرم جي اوسواڙن جا 3 هزار گهر هئا جيڪي وڏا دولتمند واپاري هئا ۽ ڀوڏي کي ڪافي رقم خراج طور ڏيندا هئا. سندن پڪن ۽ شاندار گهرن جا آثار بنيادن جي صورت ۾ هاڻي به اُتي نمايان نظر ايندا، جين ڌرم جي مندر ”پوڻي ڏهرو“ جي آسپاس نظر اچن ٿا. هتي سندن ٺهيل مندر جنهن کي پوڻي ڏهرو چيو وڃي ٿو، اهو به پوين پساهن ۾ موجود آهي.
* پوڻي ڏهرو
هي مندر مٿاهين هنڌ تي هڪ وڏي ٿلهي مٿان ٺھيل آھي. ٿلھي سميت پورو مندر پٿر جو جڙيل آھي جنهن جي هر هڪ پٿر تي شاندار اڪر جو ڪم ٿيل آهي.
هن جي اڏاوت سڄي پٿر جي آهي ۽ بهترين چٽساليءَ ۽ ڪاريگريءَ جو هڪ نادر نمونو آهي. مندر جي چوٽي ڊٿل آھي جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيئي سال اڳ مندر جي چوٽي خزاني هجڻ جي شڪ ۾ ڊاٿي ويئي هئي.
هن شاندار شهر جي زوال اچڻ جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته جين ڌرم وارن سان سوڍن راڻن جو رويو سخت ٿيندو ويو ۽ ان اڻبڻت ڪري جين ڌرم وارا هتان لڏي گجرات هليا ويا. هنن جي شاهوڪاري ۽ واپار جي پئسي تي شهر هلندو هو. سندن پڪن ۽ شاندار گهرن جا آثار بنيادن جي صورت ۾ هاڻي به اُتي نمايان نظر اچن ٿا، هي شھر پوءِ ڦٽندو ويو، اڄ هتي صرف ڪجهه بنياد ۽ کنڊر وڃي بچيا آهن.
* ڀوڏيسر مسجد
ڀوڏيسر تلاءَ جي ٻئي پاسي تي هڪ خوبصورت مسجد آهي. هي پوري پٿر جي چورس ٺهيل تمام خوبصورت مسجد آهي جنهن جي ڊيگهه 30 فوٽ ۽ ويڪر به 30 فوٽ آهي. ٽن پاسن کان ديوارون اٿس، اڳيان ۽ وچ ۾ پٿر جا ٿنڀا اٿس ۽ ڇت تي هڪ گنبذ ٺهيل آهي. هن مسجد جي اڏاوت ۾ سنگِ مرمر جهڙو هلڪي ڳاڙهي رنگ جو پٿر استعمال ٿيل آهي. ديوارن، ٿنڀن ۽ اڳياڙيءَ تي تمام سهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي، ٻاهران ڪشادو صحن آهي، ننڍي چوديواري ۽ در پڻ ٺهيل آهي.
هي مسجد گجرات جي سلطان محمود بيگڙو ٺهرائي، جنهن جي نالي سان تختي مسجد جي محراب ڀرسان لڳل آهي جنهن تي فارسي ۽ گجراتيءَ ۾ نالو محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين ۽ سن 1505ع ۽ نسبت 1562 لکيل آهي. جنهن موجب 880 هجري سن ٿيندو. چيو وڃي ٿو ته ان وقت ۾ پارڪر جي سوڍن ۽ کوسن کي ڏاڍو زور هوندو هو. پارڪر مان گذرندڙ قافلن جي مسافرن کان ٽيڪس به وصول ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن جو مال ۽ دولت به ڦري وٺندا هئا، جنهن ڪري ٻه ڀيرا سلطان محمود بيگڙو هتي اچي هنن سان جنگيون ڪري ويو هو ليڪن پوءِ به سوڍا ۽ کوسا ساڳيون ئي وارداتون ڪندا رهيا ۽ دهليءَ جي سلطان جي ڪوٽوال ۽ ٻئي قافلي ۾ سلطان محمود بيگڙو جي والده کي به ڦريائون جنهن ڪري سلطان محمود بيگڙو وڏي لشڪر ۽ تياريءَ سان اچي ڀوڏيسر تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سلطان جا سپاهي ۽ سوڍا وڏي تعداد ۾ مارجي ويا. سلطان جي سوڀ ٿي ۽ ڪجهه وقت اتي ئي رهي پيو جنهن دوران هيءَ مسجد به ٺهرايائين ۽ پنهنجو هڪ ڪوٽوال هتي ڇڏي ۽ ڏن مقرر ڪري واپس ويو هليو. تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو ته سلطان محمود بيگڙو جو پڙڏاڏو راجپوت هو ۽ مسلمان ٿيو جنهن ڪري گجرات جو پهريون مسلمان حاڪم سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي پوٽي احمد شاهه نئون شهر احمد آباد نالي ٺهرايو ۽ سندس پٽ محمود شاهه بيگڙو جڏهن تخت نشين ٿيو ته هن گرنار ۽ پاوا گڊ جا ٻه قلعا راجپوتن کان فتح ڪيا ۽ اتي به مسجدون ٺهرايائين. سلطان محمود بيگڙو 1459ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 1511ع تائين حاڪم رهيو ۽ وفات ڪيائين.
مسجد جي ڀرسان ڪجھ قبرون آهن جيڪي سلطان جي خاص سپاهين جون چيون وڃن ٿيون. تلاءَ جي ڀرسان پٿرن تي بهادر راجپوتن جا نقش ٺهيل آهن جيڪي گهوڙن تي سوار هٿ ۾ تلوارون ۽ ڀالا کنيو بيٺا آهن. هي نقش انهن بهادر راجپوتن جا چيا وڃن ٿا جيڪي محمود شاهه بيگڙو سان جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهندي ”جهونجهار“ ٿيا. سندن نالا گجراتي ۾ لکيل آهن.
ڀوڏيسر تلاءَ جي ڀر ۾ هڪ ننڍو شِوِ جو مندر پڻ آهي جيڪو تمام آڳاٽي زماني جو لڳي ٿو جنهن جي تاريخ نٿي ملي.
هن تلاءَ جي ويڪر 200 فوٽ ۽ ڊيگهه 400 فوٽ هئي ليڪن هاڻي ان کي ٻاهران نئون بند ٻڌي ڪجهه وڌايو ويو آهي. بهرحال ڀوڏيسر تلاءَ جنهن جي پسمنظر ۾ ڪارونجهر جبل آهي، جنهن جي دامن ۾ پوڻي ڏھرو ۽ سڌي ميدان تي هي تاريخي مسجد تمام خوبصورت لڳي ٿي. ڀرپاسي زمينون آباد آهن، جنهن جي ساوڪ جو خوبصورت نظارو پڻ ڏاڍو دلڪش آهي، جنهن کي پسڻ لاء ھتي ڪافي تعداد ۾ عوام اچي ٿو. اسان کي هتان جي نظارن کي پسندي سج لهي ويو ۽ واپس ريسٽ ھائوس پهچي سامان سهيڙي واپس مٺيءَ روانا ٿياسين.
روزاني ايڪتا 26 سپٽمبر 2019ع
حوالا.
1. ڪتاب: ”پراڻو پارڪر“، ليکڪ: منگھارام اوجها
2. ڪتاب: ”تاريخ ريگستان“، ليکڪ: رائچند هريجن