لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

ديبل / ڀنڀور

ڀنڀور جي قلعي جي آثارن تي گذريل چاليهن سالن کان ويندو رهيو آهيان. پھريان تفريحي طور بعد ۾ تحقيقي طور ويندو رهيو آهيان. اڄ ڏينهن کان اڳ هن قلعي بابت ڪجهه لکيو نه آهي جنهن جو سبب هن اهم تاريخي ماڳ جنهن کي تاريخ جي محققن ۽ سرڪاري رپورٽن ديبل جو قلعو ڄاڻايو آهي، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. ٻئي طرف ڪجهه تاريخ جي محققن جو خيال آهي ته ديبل جو قلعو هن وقت سمنڊ اندر اچي ويو آهي، ان ڪري وڏي مونجهاري واري صورتحال آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪجهه مکيه رايا ۽ ڀنڀور جي قلعي جي موجوده آثارن جو احوال اوهان جي سامهون رکجي ٿو.
ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندي ڌاٻيجي شهر کان سڄي هٿ تي آثار قديمه جي بورڊ سان گڏ هڪ ننڍو روڊ نڪري ٿو جنهن تي پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڀنڀور جي قلعي جا آثار آهن. هن قلعي مان هٿ آيل نوادرات ۽ قلعي جي اندر ٿيل کوٽائي مان مليل مختلف دورن جي تهذيبن بابت معلومات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هتي هڪ سٺو معياري ميوزم پڻ ٺهيل آهي، جنهن جي گيلرين ۾ نوادرات، تصويرون ۽ ماڊل رکيل آهن. سرڪاري گائيڊ به مقرر ٿيل آھن جيڪي هتي ايندڙ سياحن کي هن قلعي جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏين ٿا ۽ سياحن جي سهولت لاءِ ريسٽ هائوس ۽ ريسٽورنٽ به موجود آهي. جن کان اڳتي هلي مٿاهين تي قلعي جا آثار آهن.
هي قلعو هڪ ٽڪريءَ تي آهي. قلعي جي ٻاهرين ديوارين جي آثارن کان قلعي جي اندر وارو حصو ڪيئي فوٽ اونچو آهي. ايراضي ۾ به وڏو قلعو آهي. قلعي اندر اتر کان ڏکڻ هڪ ٻِي مضبوط ديوارآهي، جيڪا قلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي ۽ اوڀر واري حصي کي وڌيڪ محفوظ ڪري ٿي. ٻاهرين ديوارن ۽ اندرين ديوار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڌ گول جي شڪل وارا 56 شاندار مضبوط مورچا آهن. هن قلعي جو مُک دروازو ڏکڻ طرف آهي، جنهن طرف اوائلي سنڌو درياهه جو وڏو ڇوڙ هو، جنهن رستي سمنڊ کان ٻيڙا ديبل جي بندر تي ايندا هئا ۽ پوءِ هتان کان اروڙ ۽ ملتان تائين دنيا جو واپار هلندو هو. هن وقت ان درياهه واري وهڪري ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي صبح مهل مٿاهين تي وهي اچي ٿو ۽ منجهند کان پوءِ وري واپس سمنڊ ڏي موٽي وڃي ٿو. هن وهڪري کي گهارو ڪريڪ چيو وڃي ٿو. قلعي کي ٻيو وڏو دروازو اتر ۾ آهي جنهن جي ٻاهران ديبل جو صنعتي علائقو هو، جيڪو هاڻي وڏو ميدان آهي. ان جي کوٽائيءَ مان اوائلي ڪارخانا ظاهر ٿيا آهن ۽ هاٿيءَ جي عاج مان مختلف شيون ٺاهڻ جو ڪارخانو سال کن اڳ ظاهر ٿيو آهي، جنهن مان ڪيئي ٽن عاج به مليو آهي ۽ هن پاسي کان سرڪاري ميوزم ۽ ريسٽ هائوس به ٺهيل آهي. ٽيون دروازو اوڀر پاسي آهي جنهن طرف ڍنڍ هوندي هئي ۽ انهن دروازن رستي ڍنڍ مان پاڻي ڀري جانورن تي ڍوئي قلعي اندر پهچايو ويندو هو.
ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائي سڀ کان پهرين مجمدار صاحب 1929ع ۾ڪرائي. انهيءَ مختصر کوٽائيءَ ۾ عرب دور جا سڪا ۽ ڪاشيءَ جا ٿانو مليا. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو کوٽائي مسٽر الڪاڪ 1951ع ۾ڪرائي جنهن جي نتيجي ۾ هن کي عرب دور جو شهر چيو ويو. ان کان پوءِ ٽيهر 1958ع کان 1965ع تائين پاڪستان آرڪيالاجي کاتي پاران ايف اي خان جي اڳواڻيءَ ۾ کوٽائي ٿي جنهن جي سائنسي بنيادن تحت چڪاس جي نتيجي ۾ ٻڌايو ويو ته گهرائيءَ ۾ ٿيل کوٽائي ۾ مختلف دورن جي تاريخ ۽ تهذيب ملي آهي جيڪا ترتيبوار هيئن آهي ته مٿي کان هيٺ پهرين تهه ڏهين ٻارهين صدي عيسوي عرب عباسي دور جو تهه آھي جنهن ۾ ان دور جا ڪاشي ۽ چينيءَ جا ٿانوَ ملن ٿا.
ٻيو تهه ابتدائي عباسي دور (892 -750ع) جو آهي، جنهن ۾ قلعي جي مرمت ٿي ۽ چمڪندڙ ڪاشيءَ جو رواج پيو. عباسين جي ٻنهي دورن جي تهن مان وڏي تعداد ۾ سڪا به مليا آهن.
ٽيون تهه اُميه دور (750ع – 711ع) بابت آهي. هن دور ۾ شامي طرز جي قلعي جي ڀت جي اڏاوت ۽ ڀنڀور جي مسجد مان ڪوفي رسم الخط وارا 14 ڪتبا مليا ۽ اميه دور جا سفيد ٿانوَ به مليا جيڪي شام مان آندا ويا هئا.
چوٿين تهه مان هندو ۽ ٻڌ دور جا نشان مليا آهن جنهن ۾ شِو مندر ۽ شولنگ گهڻي تعداد ۾مليا آهن.
پنجين تهه مان ساساني دور جي پنجين صدي عيسويءَ جا آثار مليا آهن، جڏهن ساسانين مڪران کان ديبل تائين سنڌ جو حصو فتح ڪيو هو.
ڇهين تهه مان سٿيون پارسي دور جون نشانيون ملن ٿيون ان دور جا ٿانو ڀوري لسي سطح جا ٺڪر جا ٿانوَ آهن جيڪي يوناني ٿانوَن جهڙا آهن، جيڪي ٽيڪسيلا مان بن مليا آهن. (صفحو 457 ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ڀاڱو 2، اشتياق انصاري).
ڊاڪٽر ايف اي خان مٿين تهن جي وچور سان گڏ ڀنڀور واري قلعي جي وڏي پئماني تي ٿيل کوٽائين جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيل نشانن جي تحقيق سائنسي بنياد تي ڪري ٻڌايو ته ڀنڀور ساڳيوئي ديبل جو بندر وارو قلعو آهي، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. هن راءِ سان سنڌ جا مشهور محقق به متفق آهن جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ڊاڪٽر ايف اي خان سان متفق آهي.
ڪجهه ٻين محققن ۽ اديبن جو خيال آهي ته ڀنڀور هڪ الڳ ٻيو شهر آهي، هي ديبل نه آهي. ديبل ڪٿي آهي؟ ان لاءِ انهن جا رايا مختلف آهن جنهن لاءِ دليل به مختلف ۽ اندازن تي مبني آهن. جيئن چيو وڃي ٿو ته برهمڻ آباد کان هيترن ڏينهن جي مسافريءَ تي ديبل هو. ڪنهن جو خيال آهي ته نيروڪوٽ کان هيترين منزلن جي مسافريءَ تي ديبل بندر هو. هڪ راءِ اها به آهي ته ديبل جي قلعي جا آثار سمنڊ اندر رڙي ٻيٽ تي آهن جتي پهرين خشڪي هئي، پوءِ گذريل سالن ۾ سمنڊ زمين کي ڪٽيندي اڳتي وڌي آيو آهي، ديبل قلعي واري زمين ٻيٽ بڻجي وئي آهي.
ولي محمد طاهر زادو ڪتاب ”ڀنڀور ۽ ديبل“ (انٽرنيشنل سيمينار 1983ع) جي صفحي 60 تي لکي ٿو ته ڀنڀور در اصل پراڻو ديبل آهي، عربن جي سنڌ تي حڪومت جي پهرين صدي پوري ٿيڻ تي ديبل تي قهاري ڪرپ ڪريو، ان ڀون ديبل کي دٻي ڇڏيو. ڪي مئا، ڪي بچيا، ڪي رنا، ڪي پليا، ڪي ڪيڏانهن ويا ڪي ڪيڏانهن ويا؛ ديبل اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. عباسي خليفن جي دور ۾ ديبل زمين دوز ٿي چڪو هو، ان کان پوءِ ماڻهو چوندا هئا ته ”ڀنڀاڙ“ يا ڀون ڀوڙ ٿي ويو يعني زلزلي هيٺ اچي ويو. ان پون ڀوڙ کي وري ٻيهر آباد ڪرڻ کان پوءِ عوامي زبان ۾ پون ڀور ۽ اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ ڀنڀور سڏيو ويو جيڪو سسئي ۽ پنهونءَ جي عشق سان وڌيڪ مشهور ٿيو. (سسئي پنهونءَ جو واقعو سومرا دور جي آخري ڏينهن ۾ ٿيو).
موجوده وقت ۾ ڪراچي کان ٺٽي ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي گهگهر پل کان 20-15 منٽن جي ڊرائيو تي شاهراهه جي ساڄي هٿ تي آثار قديمه ڀنڀور جو بورڊ نظر اچي ٿو ۽ ان سان ئي گڏ هڪ پڪو روڊ نڪري ٿو جيڪو پنجن ڪلوميٽر کان پوءِ ٻه موڙ ڪاٽي ڀنڀور جي آرڪيالاجي سائيٽ جي در تي پهچي ٿو، جتي انٽري ٽڪيٽ حاصل ڪري اندر وڃبو ته سڄي هٿ تي وڏو خوبصورت پارڪ ۽ ان جي پريان آخر ۾ ريسٽورنٽ ۽ آسائشي ڪمرا آهن. ٻئي پاسي رستي جي کٻي هٿ تي خوبصورت ميوزم ٺهيل آهي جنهن جي هڪ وڏي هال جي شوڪيس ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل مختلف دورن جا تاريخي نوادرات موجود آهن.
ڪجهه ڏينهن پهريان ڀنڀور تي ديبل جي طلسماتي تاريخ ڇڪ ڪئي ته پياري دوست منظور ڪلهوڙي سان صلاح ۽ سنگت ڪري وڃي ڀنڀور جي ڀونءِ تي پهتاسين. آچر جو ڏينهن هو ان ڪري ڪافي تعداد ۾ سياح تفريح لاءِ آيل هئا ۽ سٺي رونق نظر پئي آئي. جڏهن ته عام ڏينهن ۾ اتي مختصر ماڻهو نظر ايندا آهن. ميوزم جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قلعي ڏانهن رخ ڪيوسين جنهن تي ڪجهه فوٽوگرافي ڪري واپس اچي ڀنڀور جي ٻاهران ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مقامي ماڻهن سان ڀنڀور بابت ڪچهري ڪري راءِ ورتي ۽ قلعي جي اوڀر واري ڍنڍ کان پريان هڪ ننڍي ٽڪري آهي، جتي هڪ ننڍو قديمي قبرستان آهي، اتي هڪ بزرگ نور شاهه جي قبر به آهي جنهن ڪري هن کي نور شاهه جي بُٺي سڏيو وڃي ٿو. اتي به وياسين. رستو ڪچو ۽ ڪافي ڏکيو هو، جنهن کان پوءِ به گاڏي ڍنڍ ڪناري بيهاري اڌ ڪلوميٽر کن هلڪي وهندڙ پاڻيءَ ۾ پيل پٿرن مٿان پنڌ ڪري اهو ننڍو وهڪرو پار ڪري نور شاهه جي بٺيءَ تي مٿي چڙهي وياسين. پنڌ ڏکيو هو پر ٽڪريءَ جي اونچائي تي پهچي نور شاهه سميت سڀن لاءِ فاتحه پڙهي سون. هتي وڏي وڻڪاري آهي جنهن کان هڪ پاسي ڀنڀور قلعي جي اوڀارين ديوار ۽ مورچن جو مڪمل نظارو پسي سگهجي ٿو جيڪو تمام دلڪش نظر اچي ٿو.
نور شاهه جي بٺي ۽ قلعي وچ ۾ اوائلي ڍنڍ جي هيٺاهين زمين آهي، جيڪا هاڻي به برساتي پاڻيءَ جي ڍورن ۽ ساوڪ سان ڀري پئي آهي.
ڀنڀور جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ وڃي مقامي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون سين جيڪي سڀ ڀنڀور ۽ سسئيءَ جي داستان سان گڏ ڀنڀور کي ديبل سڏين ٿا ۽ هنن جي چوڻ مطابق محمد بن قاسم هي قلعو فتح ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ زلزلي جي ڪري تباهه ٿي ويو ۽ پوءِ ڀنڀور جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن جو خاص سبب سسئيءَ جو داستان آهي.
ديبل ۽ ڀنڀور جي تاريخ کي سمجھڻ لاءِ مختلف ڪتابن جا حوالا اوهان جي سامھون رکجن ٿا جن جو جائزو وٺي حقيقت کي سمجهي ۽ پروڙي سگهجي ٿو.

* ديبل اصل سنسڪرت ٻوليءَ جي ديول ٻول تان ورتل آھي ۽ ديول جي معنيٰ آھي مندر (ٽيمپل). ديبل ڪراچي کان 37 ميل پري ڀنڀور جي هنڌ تي قديم بندرگاهه آهي. مسلمانن هندوستان ۾ سڀ کان پهريان ان ئي بندرگاهه تي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪايو. هتي هندن جا مندر گهڻا هئا ۽ هو هن شهر کي ديول چوندا هئا. 1912ع جي کوٽائيءَ ۾ هتي اهڙا آثار مليا آهن، جيڪي اسلامي دور سان تعلق رکن ٿا. اهو به امڪان آهي ته، ديبل بندر، سنڌو درياءَ جي بگهاڙ واري وهڪري تي هجي جيڪو ان وقت سنڌو نديءَ جو مرڪزي وهڪرو هو. اها ڳالهه هيملٽن 1699ع ۾ چئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ديبلي يا ديبل وارو وهڪرو لاڙي بندر تائين ويندو هو، جيڪو پير پٺو جي ڏکڻ اولهه ۾ هو. ديبل، سنڌ جي قديم ۽ مشهور واپاري بندرگاهه هئي. ديبل کي چوگرد قلعو هو. فتح نامي مان هن شهر جي قدامت جو احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسويءَ کان وٺي تقريبن تيرهين عيسوي صدي جي اڌ تائين ديبل بندر زبون حالت ۾ سنڌ پرڳڻي ۾ قائم هو. ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ اندر عرب دور اقتدار جو زور هوريان هوريان ختم ٿي ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي ويئي. سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستين ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو، جيڪو ”لوهاراني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. سن 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه (Ibn-e-Batoota) سنڌ ۾ آيو ته هن ”لاهري“ بندر (Laahiri Bandar) کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل بندر اٽڪل ڇهه سؤ ورهيه سنڌ جو مکيه بندر ٿي رهيو ۽ ان سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو. (وڪيپيڊيا).
** ڪن تاريخن موجب هن شهر کي ديبل به سڏيو ويو آهي، پر تاريخدانن وٽان اڄ تائين ان ڳالهه جو تسلي بخش يا طئي ٿيل جواب نه ملي سگهيو آهي ته اهو شهر واقعي ڪنهن دور ۾ ديبل به هو يا نه. چچ نامو جي جلد 2 موجب جتي هن وقت ميرپور ساڪرو ۽ گهوڙا ٻاري تعلقا آهن، اتي هڪڙي قديم هندو رياست هئي، جيڪا محمد بن قاسم کي جزيه ڀري ڏيڻ سان قائم رهندي آئي. انهيءَ رياست جو مشهور حاڪم راجا ڀنڀو راءِ هو، جنهن ڀنڀور جو شهر پنهنجي نالي پٺيان ٻڌايو هو. ڀنڀور شهر خليفي هارون رشيد عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينهن ۾، سن 171 هه (سنه 787ع) ۾ زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿي ويو.
حوالو: ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ پنج ڀاڱا گڏ، مصنف: مولوي نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله، محمد صديق ”مسافر“، ڇاپو؛ پهريون 2006ع، ڇپيندڙ مهراڻ اڪيڊمي.
** ڦٽل شهر جي حالت ڏسڻ مان ثابت ٿئي ٿو، ته ڀنڀور تمام وڏو ۽ وسندڙ شهر، سنڌو نديءَ جي هڪڙيءَ شاخ تي بندر هو.
(حوالو(1) ڪتاب: ”ايليٽ صاحب جي تاريخ هندستان“، جلد پھريون.)
(حوالو (2) ڪتاب: ”تاريخ سنڌ“ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف: مولوي نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله، محمد صديق ”مسافر“، ڇاپو پهريون 2006ع، ڇپيندڙ مهراڻ اڪيڊمي.
** مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ڀنڀور هڪڙو جهونو شهر ڦٽل گهاري جي ڪناري تي اتر پاسي آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. هڪڙو ڦٽل قلعو به آهي. شڪ ناهي ته سڪندر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سندس سردار جهازن تي درياهه جي رستي اتي آيو هو. شايد قديم ديبل بندر به اتي هو، جنهن تي محمد بن قاسم ثقفي ڪاهه ڪئي هئي. هيءُ شهر به زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿيو، جيئن برهمڻ آباد ٿيو هو. سسئي پنهونءَ جي قصي ۾ جو ڀنڀور چيل آهي، سو به اهو آهي، جنهن ۾ اهو ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ سسئي پلجي وڏي ٿي هئي.
(حوالو: ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“. مصنف: مرزا قليچ بيگ، ڇاپو: چوٿون 1999ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.)
** اميرالبحر اسڪائلس (514-517 ق.م) جي پشاور کان سنڌو درياءَ جي منهن تائين سامونڊي سفر ۽ اُتان کان ڳاڙهي سمنڊ جي سري تائين سامونڊي سفر، سڪندر جي اميرالبحر (524-525 ق.م) جو پٽالا کان فرات درياءَ تائين سفر، مصر جي بادشاهه ٽالمي I سارٽر (285-3177 ق.م) جي فرعون نيڪو II جي واهه کي ٻيهر جاري ڪري نيل نديءَ کي ڳاڙهي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ سندس زماني جي جهازران فلپ جي ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاچ ڪرڻ، ٽالمي II فلاڊيلفس جي طرفان آرسنس ۽ برنس جا بندر ٺهرائڻ ۽ ٽالمي III يوريجيٽس II II (246-1777 ق.م) جي حڪم مطابق يوڊڪسز جي مصر کان ننڍي کنڊ تائين سفر ڪرڻ جي ڪري، يوناني سلطنت توڙي اڀرندڙ رومي سلطنت جا واپاري ناتا ننڍي کنڊ سان شروع ٿي ويا. جيئن ته جهازن کي سمنڊ جي ڪناري سان لڳ سفر ڪرڻو پوندو هو، تنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ويجهي ۾ ويجهو بندر باربريڪان (ڀنڀور) ترقي ڪري سڄي ايشيا جي واپاري شين جو هڪ تمام اهم تجارتي گذرگاهه ٿي پيو، جتي وچ ايشيا، چين (سنڪيانگ جي رستي) ۽ اتر- اولهه ننڍي کنڊ مان سامان جا ڀريل جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. گنگا نديءَ جي ماٿر مان پڻ تجارتي سامان خشڪيءَ رستي ستلج نديءَ مان پار ڪري جهازن ۾ سنڌو درياءَ جي رستي باربريڪان ڏانهن آندو ويندو هو، باربريڪان ۾ گرم مصالحو ملبار بندر تان آندو ويندو هو، جتي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ان شهر کي پرديسين جو شهر سڏيو ويندو هو، جيئن ان جي نالي مان ظاهر ٿئي ٿو. ان زماني ۾ سنڪيانگ جو شهر کوٽان (Khotan) خاص ڪري چيني ريشمي ڪپڙي جو هڪ اهم تجارتي مرڪز ٿي پيو هو. کوٽان مان واپاري سامان بڪٽيريا (بلخ) اُماڻبو هو، جتان اهو اليگزينڊرو پولس (قنڌار) مان ٿيندو، خشڪيءَ رستي باربريڪان ايندو هو. اهو رستو سنڌ جي ڪاڇي مان ٿي جهانگارا کان جبل جو رستو وٺي جهمپير رستي ڀنڀور تائين رائج هو.
(حوالو: ”رسالو مهراڻ رني ڪوٽ نمبر“ 2006ع، مضمون وسيع ترين ۽ دنيا جو قديم ترين قلعو راڻي ڪوٽ، ليکڪ: ايم.ايڇ. پنهور، ڇپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ.)
** ميڪمرڊو لکي ٿو گهاري واري وهڪري، جنهن تي ڀنڀور آباد هو، اهو سُڪي وڃڻ کان پهرين جهاز هلائڻ جي لائق نه رهيو هو. 1250 تائين ڀنڀور ۽ ديبل ويران ٿي چڪا هئا ڇو جو سنڌو درياءَ جي لَٽَ ان کي ڀري ڇڏيو هو. جڏهن 1336 ۾ ابن بطوطه لاڙي بندر ڏسڻ آيو ته اهو هڪ وڏو بندر هو، جيڪو ديبل جي ويران ٿيڻ کان پوءِ آباد ٿيو هو.
(حوالو: پير پٺو ڪي وادي: موجون سي ميلون تڪ)
تاريخي ڪتابن مطابق ديبل جو زوال تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ٿيو. هن شهر جي تباهيءَ جا ٻه سبب بيان ڪيا ويا آهن. هڪ سبب درياهه جو رخ مٽائڻ ۽ ٻيو اهو ته انهيءَ زماني ۾ هتي تمام وڏي لشڪر ڪشي ٿي، جنهن جا نشان ڀنڀور جي کنڊرن مان ملن ٿا. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان کوڙ انساني ڍانچا بي ترتيب پيل مليا آهن، ان کانسواءِ سڙيل عمارتون ڪوئلن جا تھ به ڪنهن وڏي حملي، ڦرلٽ ۽ غارت گريءَ کان پوءِ ڏنل باهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هينري ڪزنس ۽ ڪننگهم لکن ٿا ته ڀنڀور 1250ع ڌاري تباهه ٿيو. هتي منهنجي سمجھه مطابق راءِ جڙي ٿي ته شھر تي حملو ۽ ڦرلٽ لازماً وسندڙ ۽ آباد شھر تي ئي ٿي هوندي ۽ پوءِ زلزلي ۾ شھر دٻجي ملياميٽ ٿي ويو هوندو، ڇو ته زلزلي ۾ دٻجي ويل شھر تي حملو ڪري ڪھڙي ڦرلٽ ٿي سگهي ٿي ۽ انساني لاشن جا بي ترتيب ڍانچا به حملي کان پوءِ شھر ۾ رهندڙن جا ئي ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته حملي جي خبر ته پھرين به پئجي سگھي ٿي پر قدرتي آفت زلزلو ته اوچتو ئي ايندو جنهن ڪري جيڪو جتي هوندو اهو اتي ئي دٻجي ويو هوندو.
** جيتوڻيڪ ديبل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، پر سنڌ وارن نئين بندرگاهه کي به ديبل ئي سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سو ورهين جي عرصي ۾ ”بندر“ ۽ ”ديبل“ جا لفظَ لازم ملزوم بڻجي ويا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي. سورهين عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن هن ساڳئي لاهري بندر کي لاهري بندر، دربل، ديوئل ۽ ديوئلسند ڪري لکيو آهي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي. مير معصوم لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ”ديبل بندر“ ڪري لکيو آهي.
(حوالو: نزهة الخواطر ص35، ڇاپو حيدرآباد دکن.)
** انهن احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل ۾ ديبل، جنهن کي بن قاسم فتح ڪيو هو، اهو زماني جي انقلابن ڪارڻ تباهه و برباد ٿي ويو، تڏهن به ان جو اهو نالو هلندو رهيو ۽ پوءِ لوهاراني يا لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ديبل بندر سڏڻ لڳا. سنڌ جو مشهور تذڪري نگار مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏي ٿو. ساڳيءَ طرح بگهاڙ شاخ تي هڪ بندرگاهه کي به ديبل ڪري سڏيو ويو آهي. اتي دفن ٿيل شيخ حسين عرف پير پٺي کي ديبلي ڪري سڏيو آهي.
(حوالو: مخدوم امير احمد ”تاريخ معصومي“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، دفعو اول 1953ع، ص6.)
** محقق بيرونيءَ جو چوڻ آهي ته ديبل هڪ سامونڊي بندر هو ۽ لوهاراني کان اڀرندي ڏانهن سنڌو نديءَ جي شاخ جو هڪ بندر هو.
(حوالو: البيروني، ڪتاب الهند، ص102)
** ان ڪري پاٽنجر ۽ ڪيننگهام لاهري بندر کي اصلي ديبل سمجهن ٿا. رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪمرڊو، دلاروشي، رينيل ڊبليو، همئلٽن ۽ هينري ڪزنس وري ٺٽي کي قديم ديبل ڪري لکن ٿا، جيڪا ڳالهه بي بنياد لڳي ٿي. ايليٽ صاحب ڪراچيءَ کي ديبل ٺهرايو آهي. پر ٻئي پاسي ڪجهه ٻين محققن جو خيال آهي ته ڪراچي بندر طور سن 1729ع ڌاري ڪتب اچڻ شروع ٿيو هو، تنهن ڪري ڪراچيءَ جي ديبل بندر هئڻ واري ڳالهه تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي. آرميني جاگرافيدان ۽ تاريخ نويس موسيٰ خوريني (Mosses Chorenazi) چوٿين يا پنجين عيسويءَ ۾ جاگرافيءَ بابت هڪ ڪتاب لکيو. ايراني حڪومت ساسانيءَ جي سياسي ورهاست جو ذڪر ڪندي هن ڏاکڻين ضلعن ۾ مڪوران (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ”دي بول“ جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”ديبل“ جي نالي سان ٻه بندر هئا: هڪ دريائي بندر ۽ ٻيو سامونڊي ۽ ٻئي هڪ ئي نالي سان سڏبا هئا. ان مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته ديبل شهر به هو، ته علائقو به. چيني سياح ڪياتان جاگرافيدان ۽ سياح‎ ڪئنٽن کان ايراني نار تائين جڳهن ۽ بندرن جا نالا ڄاڻايا آهن. هن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو درياهه ”مي لان“ آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي”مي لان“ ”مهراڻ“جو چيني اچار آهي ۽ ”تي يو“ ”دي بول“ جو چيني اچار آهي.
(حوالو: ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط 1)؛ رسالو، مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ.)
** سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل بابت بشاري مقدسي پنھنجي ڪتاب احسن التقاسيم ۾ لکي ٿو: ”سامونڊي ڪناري تي واقع آهي. ان جي چوڌاري لڳ ڀڳ سؤ ڳوٺ آهن، جن جي آبادي گهڻو ڪري هندو آهي. سمنڊ جون لهرون شهر جي فصيل سان اچي ٽڪرائجن ٿيون. سمورا رهاڪو واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌ جو بندرگاهه آهي. حڪومت کي ان مان تمام گهڻي آمدني ٿئي ٿي. ان جي لڳ مهراڻ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ماڻهو سليقي وارا ۽ خوش آهن.
(حوالو: ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط 1)، رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ)
** ديبل جي جاءِ جو نالو قديم دور ۾ پھرين آرميني تاريخ نويس ۽ جاگرافيءَ جي ماھر موسيٰ خوريني (Moses Chorenaz) جي جاگرافيءَ بابت لکيل ھڪ رسالي ۾ ملي ٿو، جيڪو چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ساساني حڪومت جي سياسي ورھاست جو بيان ڪندي ھن ڏاکڻين ضلعن ۾ ’مڪوران‘ (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ’دي بول‘ جو به ذڪر ڪيو آھي.
(حوالو: ”ايرانشھر“ بحوال حسن پيرينيا ”ايران باستائي“ تھران 1304 ھجري ص520؛ پڻ ”ايران – باستان“ تھران 1311 ھجري ص93)
** انھيءَ مان اھو نتيجو نڪري ٿو ته اھو نالو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان گھڻو اڳ مشھور ھو. ان جي عربي اچار سان گھري ھڪجھڙائي ٻڌائي ٿي ته اھو نالو عربن پنھنجن پاڙيسري ايرانين کان ورتو ۽ نه مڪاني ماڻھن کان؛ جيئن شڪ ڪيو وڃي ٿو ته ان جو اشتقاق سنسڪرت لفظ ”ديواله “ (يعني بتن جو مندر) مان ورتل آھي. اھا به اھم ڳالھ آھي ته آرميني جاگرافيدان جو ’دي بول‘ ڪنھن شھر يا بندر جو نالو ڪونھي، پر ھڪ ضلعي جو نالو آھي، جيڪو مڪران ۽ سنڌ ٻنھي کان ڌار ھو. انھيءَ مان راجا ڏاھر جي انھيءَ حجت جي تصديق ٿئي ٿي ته سامونڊي ڦورو ميد، جن جو صدر مقام ديبل ھو، سندس رعيت نه ھئا. ٻيو غير عرب مصنف، جنھن ھن جاءِ جي نالي جو ذڪر ڪيو آھي، اھو آھي چيني جاگرافيدان ’ڪياتان‘، جنھن جا سفرناما 785ع ۽ 805ع جي وچ ڌاري مرتب ڪيا ويا ھئا. ڪئنٽن کان وٺي ايراني نار تائين جاين ۽ بندرن جي ڳڻپ ڪندي، ھن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ملڪ ۾ ھڪ وڏو درياءَ ”مي لان“ (مھراڻ) آھي.
(حوالو: Quoted and commented upon ھرٿ ۽ راخيل، چاؤ جو ڪُوا، سينٽ پيٽرس برگ، 1911ع ص9.)
** چيني اُچار پڻ آرميني جاگرافيدان جي ڏنل نالي جي ويجهو آهي ۽ سندس ان بيان جي ته اھو ھڪ ”ملڪ“ آھي، پڻ تصديق ڪري ٿو. ھاڻي وري عربن ڏانھن اچون ٿا، جن جي ٽن شاعرن سڀني کان پھرين انھيءَ نالي کي پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي. پھريون مشھور معروف شاعر ’جرير‘ (740-827ع) آھي، جنھن قبيلي بنو تميم جي ھجو ڪندي لکيو آھي: ’شريف انسان جو ڌڪ ديبل (الدبيلة) جي ڍڳيءَ جي ڌڪ جھڙو ھوندو آھي، پر بنو تميم جو ڌڪ ٻڪريءَ جي ڌڪ جھڙو آھي؛ ھن جي ھمعصر خالد القناس پڻ ديبل جي ڍڳين جو ذڪر ڪيو آھي. انھن ٻن حوالن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ديبل ھڪ چڱي چراگاھ واري سرزمين ۾ واقع ھو. پر ديبل بابت وڌيڪ اھم حوالو ابن العربي (767-845ع) جي ھڪ شعر ۾ ملي ٿو، جنھن پاڻيءَ جي پخال کي ديبلان (الديبلان) يعني ”ٻه ديبل“ جي ھڪ ٿلھي ۽ ڪاري شخص سان تشبيھ ڏني آھي. اھو ٻن ’ديبلن‘ جو قديم ۽ واضح ذڪر آھي. ديبل جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کان پھرين، اسين مٿي ڄاڻايل قديم حوالن جي آڌار تي چئي سگھون ٿا ته اصل ۾ اھو نالو ھڪ ’ضلعي‘، ’بادشاھت‘، ’ملڪ‘ جو نالو ھو، جتي سٺا چراگاھ ھوندا ھئا ۽ جتي ٻه ھنڌ (بندر يا شھر) ’ملڪ‘ جي نالي پٺيان سڏبا ھئا. جيتوڻيڪ ائين به ٿي سگھي ٿو ته اھا بادشاھت يا ضلعو پنھنجي مکيه شھر يا شھرن جي نالي پٺيان سڏبو ھجي. جن عرب ليکڪن ديبل جو حوالو ڏنو آھي، انھن ۾ سڀني کان وڌيڪ صحيح ۽ ڄاڻو عالم البيروني (وفات 1048ع) ھو. ھڪ کاري، ھڪ نار (الغب) ۽ ’کاري مٺي جو سَنڌو‘ (الخور) ۾ جيڪو فرق آھي، ان کي ھو سائنسي طريقي تي ھن ريت ٻڌائي ٿو: ”ھڪ نار (الغب) ھڪ اھڙي ڪنڊ يا پاڻيءَ جي ڪن وانگر ھوندي آھي، جيڪو سمنڊ مان کليل ميدان ۾ گھارو ڪندو آھي ۽ خاص ڪري وير جي لھڻ ۽ چڙھڻ سبب ان ۾ جھاز راني ڪرڻ خطرناڪ آھي. کاري مٺي جو سَنڌو (الخور) به نار وانگر ھوندو آھي پر اھو سمنڊ جي کليل ميدان ۾ گھاري ڪرڻ سببان نه ٺھندو آھي، بلڪ وھندڙ پاڻيءَ جي ڦھلاءَ جي ڪري ٺھندو آھي، جيڪو اتي پھچي بيھي رھندو آھي ۽ سمنڊ سان ملي ويندو آھي. اھي کاري مٺي جا سَنڌا به جھازن لاءِ خطرناڪ ھوندا آھن، ڇاڪاڻ ته ڳرن غورابن کي مٺي پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ کارو پاڻي چڱيءَ طرح کڻي سگھي ٿو.
(حوالو: ”سنڌ صدين کان“ ممتاز مھر 1982ع، ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/ ديبل جا ٻه بندر، قدرت الله فاطمي)
** سنڌو درياءَ جي ڪيٽيءَ جي بلڪل ڏاکڻي طرف کي مغرب وارا (يعني ايراني ۽ شايد سندن پاڙيسري آرميني ۽ عرب، پنجين صدي عيسويءَ کان ديبل ڪري سمجھندا ھئا. انھيءَ ملڪ جي مخصوص ضرورتن جي ڪري اتي ٻه بندر ھوندا ھئا: ھڪ سامونڊي بندر، جيڪو درمياني بندر جو ڪم ڏيندو ھو ۽ ٻيو دريائي بندر، جيڪو واپار جو مرڪز ھوندو ھو. درياءُ جي لٽ جي ڪري انھن بندرن جي اصل جاءِ ۾ فرق ھو. الديبل جي علائقي تي عربن جا پھريان حملا سامونڊي ساحل ۽ انھيءَ جي بندر تائين محدود ھئا، جنھن ڪري ھنن کي گھڻو نقصان پھتو، ڇاڪاڻ ته بچاءُ ڪندڙن جي اصل طاقت ملڪ اندر يعني بندر ۾ موجود ھئي، جيڪو الديبل جي کاري مٺي جي سنڌي (خوار الديبل) وٽ واقع ھو. ٽيون حملو کاري مٺي جي سنڌي (خور) تي واقع بندر تي ٿيو ھو.
(حوالو: البلاذري ”فتوح البلدان“ ليڊن ص436.)
ڄاڻايل سڀني حوالن کان سواءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اٽلي ۽ فرانس جِي آرڪيالاجسٽن جي ٽيم سان گڏ سنڌ جي ماهرن ڀنڀور تي کوٽائيءَ جو ڪم ڪيو آھي. ان مان مليل شين جي ڪاربان ڊيٽنگ ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي ٽيم جي اڳواڻ اٽليءَ جي تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ وليريا فيوراني پياسينٽيني پنهنجي ٽيم جي پاران ڪاربان ڊيٽنگ ذريعي ڪڍيل نتيجن جي آڌار تي 2016ع ۾ رپورٽ ڪيو ته هي ئي ديبل بندرگاهه آهي ۽ هن جو وجود پارٿين جي دور ۾ پيو آهي، جنهن جي ثابتي طور ان مان نڪتل ٿانون، شيشن، تيرن ۽ ٻين شين جي ڪاربان ڊيٽنگ جي ڪڍيل نتيجن کي محفوظ ڪيو ويو آھي.
ٻيو ته گذريل سال ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڀنڀور جي ٿيل کوٽائيءَ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) جو ڪارخانو ظاهر ٿيو آهي. رپورٽ موجب ڀنڀور ۾ هن مهل تائين رڳو 15 ڏينهن جي کوٽائي دوران 6675 هاٿيءَ جا ڏند هٿ آيا آهن. سنڌ جي آثارِ قديمه واري کاتي ۽ اٽليءَ جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) جو ايڏو وڏو تعداد هن وقت تائين دنيا جي ڪنهن به هنڌان کوٽائي دوران هٿ نه آيو آهي. نيشنل ميوزم ۾ تاريخي ماڳن بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي اٽليءَ سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجيڪل ماهر ڊاڪٽر سائمون مان تيليني چيو ته ڀنڀور ۾ رڳو 15 ڏينهن جي کوٽائيءَ دوران وڏي تعداد ۾ هاٿيءَ جا ڏند (عاج ) ملڻ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هتي هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) جي تمام وڏي فيڪٽري هئي، جنهن ۾ هاٿي جي ڏندن (عاج) مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون.
هن وڏي ڪارخاني جو ظاهر ٿيڻ به اسان کي ٻڌائي ٿو ته هي هڪ وڏي ۽ قديمي شهر جا آثار آھن. جيڪو ديبل ئي ٿي سگهي ٿو ڇو ته قديمي تاريخن ۾ ديبل جو ذڪر بار بار آھي ليڪن ڀنڀور جو نالو سومرا دور جي آخري ڏينهن ۾ ملي ٿو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ديبل عربن جي آخري دور ۾ حملي کان پوءِ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو جيڪو سوين سالن کان پوءِ وري آباد ٿيو ته ان کي ڀنڀور سڏيو ويو.
ديبل ۽ ڀنڀور متعلق مٿي ڏنل حوالن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا حوالا به آھن جيڪي هتي مضمون جي گهڻو ڊگهو ٿيڻ ڪري نه ٿا لکي سگهجن، جن سڀن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو ئي سمجھه ۾ اچي ٿو ته ڀنڀور ئي اوئلي ديبل جو قلعو آھي جنهن جا ڪجھه سبب هيٺ ڏجن ٿا:
1. هر ليکڪ ديبل جي اوج ۽ اجڙڻ جو وقت ساڳيو ئي لکي ٿو ۽ کوٽائيءَ مان به اهو ئي ثابت ٿئي ٿو.
2. سڀئي ليکڪ ديبل جي قلعي جو ان ئي علائقي ۾ ۽ مٿاهين جابلو ٽڪريءَ تي موجود هجڻ جو لکن ٿا، جيڪو اهوئي آھي ٻئي ڪنهن جو وجود ئي نه آھي.
3. ڪي ليکڪ چون ٿا ته ديبل سمنڊ اندر ڪنهن جزيري تي آھي جيڪو هاڻي هفتي ۾ ٻه ڏينهن ظاهر ٿئي ٿو، ان لاء ھڪ ميرين انجنيئر ۽ جاگرافيءَ جي ماهر عبدالحفيظ لغاري ٻڌايو ته "رپورٽن موجب گذريل 2000 سالن ۾ پوري ايشيا کنڊ جي ڏکڻ ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ جي سطح گهٽي آھي يعني هيٺ ٿي آھي جنهن ۾ جزيرا وڌيڪ نمايان ٿيا آھن ۽ سمنڊ پوئتي ٿيو آھي.“ سندس ڳالھ وزنائتي محسوس ٿي، ڇو ته ھڪ مثال رڻ ڪڇ آھي جيڪو اڳ سمنڊ ھوندو هو بلڪ ٿرپارڪر جو پاري ننگر سامونڊي بندر هو جيڪو عيسوي پهرين صديءَ ۾ به وڏي آبادي وارو شھر هو، پوءِ سمنڊ پوئتي هٽندو ويو ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ انگريز دور ۾ ڪلفٽن ٺھيو جنهن جي هاڻوڪي مک دروازي کان ٿورو اندر هيٺ لهڻ لاءِ پٿر جي خوبصورت ڏاڪڻ آھي جنهن لاءِ مشهور آھي ان جي هيٺين ڏاڪن تائين سمنڊ هوندو هو ۽ عبدالله شاھ غازيءَ جي مزار پويان به سمنڊ ڇوليون ھڻندو رهندو هو، جنهن جا فوٽو به سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندا رهن ٿا. جتان هاڻي سمنڊ ڏيڍ ڪلوميٽر پري آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته سمنڊ جي سطح ڏينهون ڏينهن گهٽجي ٿي جنهن ڪري پاڻي پوئتي هٽي ٿو، ان ڪري سمجھڻ گهرجي ته جزيري تي بعد جي ڪا ٻِي اڏاوت هوندي ڇو ته ديبل لاءِ ھر تاريخدان لکي ٿو ته ديبل اونچي پهاڙيءَ تي هو ۽ اهو مسئلو الڳ آھي ته سنڌو درياھ تي بئراجون ۽ ڊيم ٺھڻ ڪري مٺو پاڻي سمنڊ ۾ نٿو وڃي جنهن ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙن ۾ کارو پاڻي وهي اچي ٿو. ان ڪري ٺٽي ۽ بدين جي زمين خراب ۽ ختم ٿي رهي آهي.
4. ماهرن جي کوٽائي مان ثابت ٿيو آھي ته هي شھر عيسوي سن کان اوائلي آھي ۽ اوائلي دور جي هر تاريخ ۾ ديبل وڏي شھر ۽ ديبل بندر جو ذڪر ملي ٿو پر ڀنڀور جو ذڪر نٿو ملي سواءِ ھڪ ٻن ڪمزور حوالن جي، جيڪي به شڪ جي انداز ۾ ڄاڻايل آھن.
5. کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل مضبوط قلعي جا آثار ۽ قلعي ٻاهران به شھري آبادي ۽ ڪارخانن جو هجڻ هن کي وڏي اهميت وارو شھر ثابت ڪن ٿا. جيڪي ليکڪ ڀنڀور کي ديبل نٿا سمجهن ته اهي به لکن ٿا ته ديبل ان ئي علائقي ۾ آسپاس آھي ته پوءِ سمجهڻ جي ڳالھه اها آھي ته هڪ هيڏي وڏي شھر ۽ مضبوط قلعي جي موجود هجڻ باوجود ساڳئي دور ۾ ڀر پاسي ۾ ٻيو قلعو ڇو اڏيو ويندو جڏهن ته اوائلي تاريخ ۽ ويجهي تاريخ ٻڌائي ٿي ته قلعو پوري علائقي جو حڪومتي مرڪز هوندو هو.
جيڪڏهن ديبل ڪو ٻيو هنڌ آھي ته اتي ايڏو ڪو وڏو دڙو يا آثار نظر ڇو نٿا اچن. ڀنڀور جي قلعي اندران ۽ ٻاهران کوٽائين مان هر دور جون نشانيون مليون جيڪي هن کي اوائلي ديبل بندر ثابت ڪن ٿيون. انهن سڀن سببن سميت ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل ديبل هڪ سائنسي حقيقت آھي جنهن کي وهم گمان ۽ اجايا شڪ شبھا اوستائين غلط ثابت نٿا ڪري سگهن، جيستائين ڪا ان کان به وڌيڪ طاقتور سائنسي تحقيق ان کي غلط ثابت نٿي ڪري.

سسئي پنهونءَ جو داستان

لفظ سسئيءَ جي معني آهي چنڊ. راجا دلو راءِ جي زماني ۾ نانيا/ نايون نالي ھڪ ٻانڀڻ پنهنجي گھر واريءَ منڌر سان گڏ ڀانڀر واھ جي ڀر تي رھندو ھو، جيڪي ٻئي اولاد لاءِ سڪايل ھئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين ھڪ سهڻي نياڻي ڄائي پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو ته سندس انگ ڪنھن مسلمان سان اڙيل آھي. سو نايون ۽ سندس ناري منڌر پاڻ کي اھڙي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ، ان خوبصورت نياڻيءَ کي وڏي افسوس سان هڪ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اِها صندوق درياهه جي لھرن ۾ لڙھندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي نڪتي. اُن وقت ڀنڀور شھر ۾ محمد نالي ھڪ ڌوٻي رھندو ھو، جنھن کي ”لال“ جي نالي سان به سڏيندا ھئا. محمد ڌوٻي چڱيءَ پونجيءَ (پيسن) وارو ماڻهو ھو ۽ سندس ھٿ ھيٺ پنج سؤ ڪاريگر ڪم ڪندا ھئا، پر ويچاري کي اولاد نصيب ۾ ڪونه ھو. جڏھن ڪاريگرن جي نظر ان پيتيءَ تي پئي، ته ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنھنجي استاد وٽ کڻي آيا. جنهن صندوق کي کوليو ته منجھس ھڪ سدا سھڻي ٻارڙي سُتل هئي، جنهن کي صندوق مان ڪڍي پنھجي گود لاتائين ۽ مٿس سسئي (ششي) نالو رکيائين.
سندس زال، سسئيءَ کي گھڻي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳي، محمد کٽيءَ جون اکيون به سسئيءَ کي ڏسي پيون ٺرنديون ھيون. ھن سندس سک ۽ آرام لاءِ ھڪ عاليشان محلات اڏائي ان جي چوڌاري ھڪ وڏو باغ رکايو هو، جنهن ۾ هُوءَ پنھنجي سھيلين سان گڏجي وقت گذاريندي هئي.
”تاريخ سنڌ“ جو ليکڪ مولانا نور محمد نظاماڻي لکي ٿو ته راجا دلوراءِ جي رياست ۾ ڀامبرا واهه نالي ڳوٺ هو، جنهن ۾ نانيو نالي برهمڻ پنهنجيءَ زال نالي منڌر سميت رهندو هو، جن کي اولاد جي تمام گهڻي سڪ هئي. هنن کي ڪنهن الله لوڪ دعا ڪئي، ته اوهان کي چنڊ جهڙي ڌيءَ ٿيندي، پر ان جي شاديءَ جو انگ هڪڙي مسلمان ساڻ لکيل آهي. اها ڳالهه ٻڌي ٻئي زال مڙس ڏاڍي جهوريءَ ۾ پئجي ويا، پر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي!“ نانئي کي ڌيءَ ڄائي. اها سندن اکين ڏسندي ڪنهن مسلمان سان پرڻجي، سا ڳالهه ٻنهي زال مڙس کي ڏکي پئي لڳي. تنهن ڪري دل جو سور دل ۾ رکي پنهنجي پياري سڪيلڌي ڌيءَ کي هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري کڻي سنڌو درياءَ ۾ وڌائون. اها پيتي لڙهندي لڙهندي اچي ڀنڀور بندر کان نڪتي. ڀنڀور شهر ۾ محمد نالي هڪڙو وڏو مالدار ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ پنج سؤ مزدور ۽ سيکڙاٽ ڪم ڪندڙ هئا، مگر اولاد ڪونه هوس. ان جي هڪڙي ڪميءَ کي اها پيتي درياءَ ۾ لڙهندي نظر آئي، جنهن اها ڪڍي آڻي پنهنجي اُستي ناهيئي جي اڳيان رکي. ناهيو جان کڻي پيتي کولي، ته منجهس چنڊ کي شرمائيندڙ جيئري جاڳندي معصوم نياڻي پيئي آهي. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي پنهنجي ڌيءَ ڪري وڃي نپايائينس.
جيئن سسئي وڏي ٿيندي ويئي. تيئن سندس حسن جي هاڪ پکڙجندي وئي. انهن ڏينهن ۾ ڪيچ ۽ مڪران کان واپاري قافلا ڀنڀور ۾ ايندا ويندا هئا. ڪيچ جي والي آري ڄام جو نوجوان پٽ پنهون پنهنجي ڳوٺ جي سوداگرن کان سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، سوداگر جي ويس ۾ اچي ڀنڀور پھتو ۽ سسئيءَ کي ڏسڻ شرط دل ڦرائي ويهي رهيو. سسئيءَ کي به پهرين نظر ۾ پنهون پسند اچي ويو ۽ پوءِ پنهون محمد ڌوٻي وٽ نوڪر ٿي بيٺو ۽ ٻين نوڪرن سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. نيٺ ڪجھ وقت ۾ پنهونءَ جي سسئيءَ سان شادي ٿي وئي.
پنھون جو ڀاءُ چنرو جيڪو ڪيچ کان ساڻس گڏ آيو ھو سو سندس انھيءَ روش تي گھڻو ئي ڪاوڙيو پر جڏھن ڏٺائين ته ڪو چارو ڪونھي تڏھن ساري ڳالھ وڃي آري ڄام جي اڳيان پيش ڪيائين. آري ڄام کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پنهنجي دادلي پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو ۽ ھڪ قاصد جي ھٿان پنھونءَ کي چوائي موڪليائين ته ”جيڪڏھن ھڪدم اچي حاضر نه ٿيندين ته منھنجو جيئڻ محال آھي“. قاصد ڀنڀور ۾ پھچي پنهونءَ کي آري ڄام جو پيغام پهچايو پر پنھون پوئتي ھلڻ کان انڪار ڪيو ۽ قاصد نااميد ٿي موٽي وڃي آري ڄام کي سمورو احوال ٻڌايو. آري ڄام پنهنجي پٽ کي ساريندي اھڙو ته ڪمزور ۽ ضعيف ٿي ويو جو سندس ٽن پٽن چنري، ھوتي ۽ نوتيءَ کيس آٿت ڏيئي چيو ته ”بابا سائين! اوهان پريشان نه ٿيو اسان ڪو حيلو وسيلو ڪري پنھونءَ کي ساڻ وٺي اچي ٿا توھان وٽ رسايون.“ پوءِ ٽيئي ڄڻا اٺن تي سوار ٿي سگھوئي اچي ڀنڀور پھتا. سسئيءَ ۽ پنھونءَ کين گھڻو آڌرڀاءُ ڏنو ۽ پاڻ وٽ مھمان ڪري سندن گھڻي خاطر مدارت ۾ جشن ڪيائون. ھڪ رات جو گهڻي دير تائين مجلس ۾ مشغول رھيا. سسئي ويچاريءَ کي پنھونءَ جي اوسيئڙي ۾ جاڳندي جاڳندي ننڊ کڻي وئي. ھوڏانھن وري ڀائر پنھونءَ کي غافل ڏسي کيس شراب جا پٽ پياريندا رهيا، تان جو نشي ۾ اھڙو الوٽ ٿي ويو جو پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نه رھيس. آڌيءَ رات کان پوءِ سندس ڀائر اٺ ڪاهي کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي پنهنجي مُلڪ روانا ٿيا. رات جي پوئين پهر جڏهن سسئيءَ جي اک کلي ته ڏٺائين پنھون پلنگ تي آهي ئي ڪونه. سو حيرت ۾ پئجي ھيڏانهن ھوڏانھن نهاريائين ته اوطاقون ۽ اوتارا سڀ خالي پيا آھن. معلوم ڪيائين ته ڏير ويساهه گهاتي ڪري پنھونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آھن، پوءِ وٺي گھوڙا گھوڙا ڪيائين، جنھن تي ھن جا مائٽ ۽ پاڙيسري اچي مِڙيا پر ھن ڪنھن جي ڪين مَڃي ۽ اڪيلي اٺن جا پير کڻندي پنھونءَ جي پٺيان ڪاھيندي ويئي. چاليھن ڪوھن جي پنڌ بعد اچي پٻ جبل جي ويجھو پھتي ته اڃ ۽ ٿڪ سبب ماندي ٿي ڪِري پيئي ۽ ڇڙھيون ھڻڻ لڳي. قدرت خدا جي جو انھيءَ ھنڌان ھڪ صاف پاڻيءَ جو چشمو ڀڙڪو ڏيئي ڦٽي نڪتو. تحفة الڪرام وارو چوي ٿو ته ”مون معتبر ماڻھن کان ٻڌو آھي ته اھو چشمو اڃا تائين جاري آھي ۽ ڪڏھن به سڪي نٿو. ساڳيو تحفة الڪرام جو راوي هڪ ٻِي روايت ڪندي لکي ٿو ته سسئيءَ وٽ مينديءَ جي وڻ جي هڪ ٽاري هئي جيڪا دستور موجب پرڻي رات ھٿ ۾ ڪري ستي ھئي، اُها اِن سفر ۾ ساڻس ھمراھ ھئي جنهن کي هن انھيءَ چشمي جي ڀر تي زمين ۾ ٽنبيو هو، جنهن مان ھڪ سرسبز مينديءَ جو وڻ اڀري پيو هو، جيڪو اڃا تائين سندس نشانيءَ طور موجود آھي.
بهرحال سسئي اُتي ٿوري ساعت آرام ڪري، وري اڳتي وڃڻ لڳي ۽ پٻ جبل وارو مشھور لڪ ”پٻوڻي ناڪو“ لنگھي اچي ھاڙي جبل جي پاڙ وٽ ڦوڙنديءَ جي ڀر ۾ پھتي پر اُڃ سبب اڳتي وڃي نه سگھي. نھايت نااميد ٿي پوئتي ھٽي ۽ ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي ماباڙ نَئي جي ويجھو رَسي. ھاڻ واھيري جي ويل اچي ٿي ھئي. پريان پھاڙ تي ھڪ پنھوار جي جھوپڙي ڏسي وڌي وڃي کانئس پنهون بابت پڇيائين. چاليهه ڪوھ پيرين پنڌ ڪرڻ ۽ جبل جهاڳڻ ڪري سندس پير ڇلجي پيا هئا.
سسئيءَ جي سھڻي صورت ڏسي پنھوار جي دل ھرکجي پئي ۽ سندس نظرن کي پرکيندي سسئيءَ پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي پنھونءَ جي سار ۾ زارو قطار روئڻ لڳي. سندس سوز وارين صدائن ڏونگر به ڏاري وڌو پر ھن ڪٺور تي ڪوبه اثر نه ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي پنھوار کي پاڻ وٽان ٽارڻ جي بھاني سان آزي ڪري چيائينس ته آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آھيان، ڀلائي ڪري پھريائين ڪو کير چڪو پيار. اهو ٻڌي پنھوار خوش ٿي ڌڻ ڏانھن ڊوڙيو ته سسئيءَ ٻئي ھٿ کڻي ڌڻي کي سوال ڪندي چيو ته اي رب! مون بي وسيليءَ جو وسليو ٿيءُ. ھن اڃا دعا مس پوري ڪئي ته پھاڙ ڦاٽي پيو ۽ هوءَ ان اندر گھڙي وئي، تنهن کانپوءِ جبل ٻيهر ڳنڍجي هڪ ٿي ويو پر سسئيءَ جي چُنيءَ جو پاند ٻاھر رھجي ويو. پنھوار جڏھن کير ڏھي پوئتي موٽيو تڏھن ھي رنگ ڏسي تعجب ۾ پيو ۽ الاھي قدرت جو اھڙو اھڃاڻ پسي توبھ تائب ٿيو ۽ انھيءَ ھنڌ ھڪ پٿرن جو ميڙ ڪري قبر جو لوڙھ ٺاھي ڇڏيائين.
ٻئي پاسي رستي تي جڏھن پنھون نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو تڏھن پاڻ کي اٺ تي جڪڙيل ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ کاڌائين. ڀائرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ گھڻو ئي واجھايائين پر ھنن سان پڄي نه سگھيو. نيٺ ڀائرن آڻي سندس ٻانھن آري ڄام جي حوالي ڪئي. پر پنھون سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ اھڙو ته ڳرندو ۽ سڙندو ويو جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوف ٿي پيو. لاچار ٿي کيس موڪل ڏنائين ته ڀنڀور موٽي وڃ ۽ سسئيءَ کي به ساڻ وٺي اچ پوءِ ھو ڀنڀور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگھائو ٿيو ته سندس روح کي ھڪ ازغيبي اڌمو آيو. اھڙي رڻ پٽ ۾ نئين قبر ۽ ان مان چنيءَ جو پاند ٻاھر نڪتل ڏسي دل ۾ خيال پيدا ٿيس ته ڇا ھيءَ سسئيءَ جي قبر آھي. اتفاقا اُھو پنھوار به اتي اچي سھڙيو جنھن سڄي ڳالھ کيس بيان ڪئي. پنهون اِهو ٻڌندي شرط، اٺ تان لھي پيو ۽ قبر جي ڀر ۾ زارو قطار روئي خدا جي در عرض ڪرڻ لڳو ته ”اي وڇوڙين کي ملائيندڙ سچا ڌڻي! مون کي پنھنجي محبوب سان ملائي.“ سندس عرض اگھاڻو، وري به جبل ڦاٽي پيو ۽ پنھون به وڃي سسئيءَ سان مليو سندن قبرون اڄ به ڪراچي منگهوپير ۽ همدرد يونيورسٽيءَ کان شاھ بلاول نوراني جي درگاھ تي ويندڙ رستي کان ڪجھ ڪلوميٽر اندر پٻ جبل تي موجود آھن.
شاهه لطيف به پٻ جبل رستي لاهوت لامڪان جو سفر ڪيو ۽ جبل جي ڏکئي سفر جو تجربو پسي سسئيءَ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن: سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني. سڀني سرن ۾ سسئيءَ جي ڏکن ڏاکڙن جو احوال آهي.