جنم ڀومي- دڙو
حيدرآباد ويندڙ روڊ تي پهرين شاهه عنايت شهيد جي نگري جهوڪ شريف اچي ٿي... شاهه عنايت شهيد، جدوجهد ۽ قرباني جو استعارو بنجي ويل، سنڌ جو پهريون سوشلسٽ صوفي، جنهن جو فلسفو ئي اهو هو ته انسان سڀ برابر آهن. زمين الله جي ملڪيت آهي. ڪنهن پير، مير، وڏيري ۽ جاگيردار جي نه، جيڪو کيڙي سو کائي... شاهه شهيد جو فلسفو پورهيت دوست، عوام دوست ۽ هاري دوست آهي، ذاتي ملڪيت جو تصور سندس نظر ۾ الله جي احڪامن جي خلاف ورزي آهي. ”الارض الله“ يعني زمين الله جي آهي. جيڪو ان جدوجهد ۾ سر ڏيئي سَرهو ٿيو. جنهن مقصد جي راهه ۾ سر جي ڪپڻ کي “يار” جي اڳيان پنهنجي حاضري سمجهي قبوليو.
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد،
[يار جي قدمن تي هي ڪنڌ ڪريو، چڱو ٿيو، هڪ بار هو، لٿو چڱو ٿيو.]
جهوڪ شريف کان ٿورو اڳتي ئي بلڙي شاهه ڪريم جو شهر آهي، جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي جي آخري آرام گاهه آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سنڌي شاعري جي معلوم تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر ڳڻيو وڃي ٿو ۽ شاهه عبداللطيف جو پڙ ڏاڏو. شاهه عبداللطيف جي باري ۾ روايت آهي ته هو پاڻ سان ٽي ڪتاب ساڻ رکندو هو. قرآن پاڪ، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو رسالو.
ميرپوربٺوري جي موڙ کان ٻيو روڊ دڙي وڃي ٿو، جنهن کي پاڻ لنڪ روڊ ته چئي نٿا سگهون، پر حيدرآباد ڏانهن ويندڙ روڊ مان ڦٽندڙ روڊ چئي سگهون ٿا.
پنهنجي جاگرافي بيهڪ جي حساب سان پيڃاري ۽ محمود واهه جي ڪنڌين تي ٽڪنڊي جيان آباد ڳوٺ نما شهر، يا شهر نما ڳوٺ... ڇو ته اسين دڙائي ڪٿ به هُجون، جڏهن دڙي ويندا آهيون ته چوندا آهيون ”ڳوٺ ٿا وڃون.“ دڙو هڪ لحاظ کان ڄڻ پاڻيءَ جي هنج ۾ هجي.
“اسان جو ڳوٺ دڙو ضلعي ٺٽي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ آهي. ميرپور بٺورو جو ذڪر پراڻين تاريخن ۾ به ملي ٿو. اتان درياهه جي هڪ شاخ وهندي هئي، جنهن جو اهو هڪ بندر هو. اڃان تائين سندس هڪ پاسو ‘علي بندر’ سڏبو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به ان شهر جو هو، جو پوءِ وڃي ٺٽي شهر ۾ ويٺو. دڙو، ميرپور بٺوري کان اٽڪل ڏهه يارهن ڪلوميٽر ن پري آهي... ۽ لوئر سنڌ بئراج جي هڪ وڏي واهه پڃاريءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي. دڙي جي ڪابه لکيل تاريخ ڪونهي، پر جيئن سنڌ جا ٻيا دڙا آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ پاڻ ۾ دفن ڪيو ويٺا آهن، تيئن شايد اهو به اڳين زماني ۾ ائين هو. ان وقت اهو ساڳيو پڃاري واهه وٽانئس وهندو هو. پر ايريگيشن سسٽم نه هئڻ ڪري درياهه جي هڪ ڇاڙ هئي. درياهه جڏهن وڌي ويندو هو ته پاڻي ان مان وهي وڃي شاهه بندر ڏانهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پراڻي زماني جا ڳوٺ سڀ واهن جي ڪپن تي هوندا هئا. سو پڃاريءَ تي مُهاڙ کان ويندي پڇاڙيءَ تائين، ٻنهي پاسن کان ڳوٺ هئا، جيڪي پوءِ وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بدلجي ويا. دڙو به ائين هو. انگريزن وري دڙي جي ٻي پاسي کان پڃاريءَ مان نڪرندڙ هڪ واهه ڪڍيو” (11)
“هن واهه جو نالو محمود واهه آهي، اهو اٽڪل پنجاهه فٽ کن ويڪرو آهي، اهو اسان جي گهرن کان رڳو هزار کن فوٽ پري” (12)
جنهن وقت 1931ع ۾ الستيءَ جو جنم ٿيو، ان وقت دڙو هڪ سُکيو ستابو شهر ۽ واپاري مرڪز هو، ڀر پاسي ٻهراڙي تمام گهڻي هئي، جتي کير، مکڻ تمام گهڻو ٿيندو هو. شهر ۾ اڌ کن آبادي هندن جي هئي. 1888ع ۾ دڙي ۾ پرائمري اسڪول جي پڪي عمارت ٺهي چڪي هئي. دڙي ۾ تعليم جو سلسلو ڪافي آڳاٽو آهي. دڙي جي واپار تي هنڌو ڇانيل هئا، مسلمان واپاري ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هو.
دڙي ۾ ٻي واپار وري سان گڏ کير ۽ مکڻ جو به وڏو واپار هلندو هو. مکڻ کي ديڳين ۾ ڪاڙهي اُن مان گيهه ٺاهيو ويندو هو. اُن ڪري دڙي کي “دڙو گيهه جو گهڙو” چيو ويندو هو، ۽ وڪري جي لاءِ وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچي موڪليو ويندو هو. اهو گيهه جو ڪاروبار هاڻ ته دڙي ۾ نٿو ٿئي، پر دڙي جي ڀرسان ڳوٺ “رٽا سومرا” ۾ اهو ڪاروبار ڊگهي عرصي تائين هلندو رهيو ۽ اُتان جا رهواسي مکڻ تپائي، ان جو گيهه ٺاهي، اهو لوهه جي ڏٻن ۾ ڀري ڪراچي کڻي ويندا هئا. جڏهن کان ملڪ ۾ ڍالڍا يا بناسپتي گيهه جو واهپو شروع ٿيو ته سچي گيهه يا مکڻ جو واهپو به گهٽجندو ويو. اڳتي هلي رٽا ۾ نقلي گيهه به تيار ٿيڻ لڳو، جيڪو پڻ ڪراچي وڪري لاءِ اُماڻيو ويندو هو. هاڻ اهو ڌنڌو لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي.
1931ع ڌاري دڙو جيتوڻيڪ هڪ ڳوٺ هو، پر تعليمي ۽ راڄنيتي معاملن ۾ سندس نالو ڪافي مشهور هو. دڙي جهڙي ننڍي ڳوٺ مان ارباب حاجي خميسو ميمڻ بمبئي ليجلسليٽوَ ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو. ارباب حاجي خميسو ميمڻ، سائين جي ايم سيد جو ساٿي رهيو، سائين جي ايم سيد سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو؛
“1925ع جي آخر ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچي جي چونڊ ۾ آئون پريزيدنٽ سندس مدد سان چونڊيس. پوءِ سارو ٽرم هن ۽ اسان هڪ گڏيل گروهه ۾ رهي ڪم ڪيو.” (13)
اڳتي هلي حاجي خميسي جو پُٽ ارباب سليمان ۽ پوءِ ارباب خدا بخش سياسي ۽ راڄنيتي معاملن ۾ اڳرا رهيا.
هنڌن مان وري سيٺ ڪرمون مل ۽ سيٺ ڄيٺو مل، پنهنجي ليکي هنڌن جي معاملن جي ڇيڙي نبيري ڪندا هئا. سيٺ ڄيٺو مل پنهنجي اثر ۽ رسوخ جي ڪري ”سينيٽري ڪميٽي“ جو چيئرمين به چونڊجي ايندو هو. الستيءَ جو والد ارباب حاجي صالح ميمڻ به سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ۽ پوءِ جڏهن کيس سرڪاري نوڪري صوبيداري ملي ته هن پنهنجي جاءِ تي ارباب حاجي ناٿي کي چيئرمين چونڊرايو. ارباب حاجي ناٿي کان پوءِ مهراج لالچند سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو.
ارباب حاجي خميسي 1929ع ۾ وفات ڪئي ته سندس جاءِ تي راڄنيتي ۽ سياسي معاملا سندس پٽ ارباب سليمان سنڀاليا. جيڪو پڻ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو، پوءِ اها جاءِ ارباب خدا بخش والاري، جيڪو راڄنيتي معاملن ۾ سرگرم هئڻ سان گڏ علم ۽ ادب دوست به هو. سندس اوطاق تي اڪثر مشاعرن ۽ راڳ جون محفلون پڻ ٿينديون هيون. انهن ۾ مقامي توڙي ٻاهريان شاعر ۽ فنڪار به اچي پنهنجو رنگ ڄمائيندا هئا. مقامي شاعرن ۾ استاد محمد يوسف ڀٽو اهم هو، جيڪو ڪُهنه مشق شاعر هو، تنهن کان سواءِ محمد خان مجيدي ۽ مولوي محمد عثمان پروان سمون ۽ ساقي سجاوليءَ جا نالا اهم آهن. جيڪي سنڌي پرائمري استاد به رهيا. محمد يوسف ڀٽو ۽ محمد خان مجيدي پرائمري اسڪول دڙي جا هيڊ ماستر به رهيا.
ان وقت انهيءَ اسڪول ۾ ڪهڙا استاد هوندا هئا؟
مرحوم حاميد علي، محمد طالب ميمڻ، تلسيو مل، ليمنگر، لوڪو مل... اُستاد ته ڪونه هئا، فرشتا هئا. جن کي چوويهه ڪلاڪ اها ئي تات هوندي هئي ته ٻارن کي پڙهائي، معاشري جو سٺو فرد بنائجي. شاگردن تي سندن اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ به نظر هوندي هئي. سندن رعب هوندو هو.
“سائين محمد طالب حاميد علي، سائين ليمنگر ۽ سائين تلسيو مل جڏهن ڳوٺ جي گهٽين مان لنگهندا هئا، تڏهن کين ڏسي يا ته پنڊپهڻ ٿي ويندا هئاسين يا گهر جي دروازي جي آڙ مان کين چور نگاهن سان ڏسندا هئاسين، يا اٽي ڏڪر ۽ بلور اتي ڇڏي ائين گم ٿي ويندا هئاسين، جيئن کاري هيٺان ڪانءَ.” (14)
هاڻي انهن استادن جون رڳو وڃي يادون رهيون آهن. سائين حاميد علي ۽ محمد طالب دڙي جي مٽيءَ ۾ ئي مدفون ٿيا. سائين تلسيو مل، سائين ليمنگر ۽ سائين لوڪو مل جي چتا هندستان جي ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي جلي هوندي ۽ سالن تائين دڙي واسين کي خبر ئي نه پئي هوندي ته اهي عظيم استاد ويا پَرلوڪ پڌاري.
انهن سڀني جي، جيستائين هو حيات هئا، پنهنجي ڳوٺائين سان خط و ڪتابت جاري رهي. هو پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ کي ساري پيا روئيندا هئا.
1947ع جي ورهاڱي کين پنهنجي ڌرتي جا وڻ ڇڏرايا. لوڪو مل، جيڪو عبدالغفور الستيءَ جو استاد هو، سو ته دڙي مان ويندڙ هر خط کي پاڻ وٽ رکي پيو پڙهندو هو. استاد لوڪو مل، پوءِ دڙي جي هڪ استاد مرحوم سراج الحق ميمڻ سان خط و ڪتابت ڪندو هو، سراج الحق ميمڻ جي هندستان لڏيل ڪجهه ٻين دڙي واسين سان به خط ڪتابت رهي. انهن مان زماني جي دستبرد هٿان بچي ويل ڪجهه خط مون کي سراج الحق ميمڻ ڪجهه سال اڳ ڏنا.
اهڙي ئي هڪ خط ۾، استاد لوڪو مل، بانٽوا (هندستان) مان 15 سيپٽمبر 1975ع تي سراج الحق کي لکيو:
ڪياسون اقرار وطن جا، ڌارين ڌڪي ڪيو ڌارون ڌار.
اٿم آس اُپار، ماروئي موٽندي ملڪ ۾.
توهان ڀل مون کي نه سُڃاڻو، پر دڙي جي پاڪ پويتر خاڪ جو ذرو ذرو منهنجي اکين جو سُرمون آهي، ادل، دڙي وساريو ته ڇا ٿيو، شل دل نه وساري دڙي کي، مارو ۽ ملڪ آباد هجن شال. مون پلئه جنجال، ڪا وڏي ڳالهه نه ٿئي. سانگيئڙا، جوڳيئڙا خوش رهن سدا. ماروي لاءِ پرديس ڪا وڏي ڳالهه نه ادا. ماروي ڇا ڪري مارو جو بي مُکه ٿيا.”
اهڙي ئي هڪ ٻي خط ۾ هڪ ٻيو دڙي واسي شري ڄيٺانند، سراج الحق کي لکي ٿو:
“ادل تنهنجو خط ايندو آهي ته پيارا دوست ۽ ڳوٺائي خاص ڪري سائين لوڪو مل کڻي ويندا آهن. مهينو مهينو خط ڪونه موٽائيندا آهن. جنهن ڪري جواب ڏيڻ ۾ ليٽ ٿي ويندي آهي.”
اُستاد لوڪو مل، شري ڄيٺانند ۽ ٻين ڪيترن ئي دڙي واسين جا الائجي ڪيترا خط منهنجي اڳيان پيا آهن. جن ۾ هنن پنهنجي ملير (دڙو) کي ساري ڇا ڇا نه لکيو آهي.
شاعر ليکراج عزيز اھڙن لاءِ چيو آھي،
ديس پنهنجو ڇڏي پرديس وسائي ويٺا،
روح جي جن سان رچي، ماڳ مٽائي ويٺا،
هن دورنگيءَ جي عجيب دور ۾ جدايون آنديون،
پنهنجا پنهنجن کان اڏا، دور اڏائي ويٺا.
انهيءَ اسڪول ۾ الستيءَ سان گڏ ڪيترائي ٻيا ڇوڪرا به پڙهندا هئا. انهن ئي بئنچن تي ويهي سبق پڪو ڪندا هئا. سليٽون لکندا هئا ۽ ڪلاس روم جي ڀتين تي سائين حاميد علي جي چٽيل سنڌ جي نقشي کي جُهڪي سلام ڪندا هئا. انهن شاگردن ۾ ڊاڪٽر حسين بخش ميمڻ، بصر شيدي، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش به هئا. جيڪو ورهاڱي سبب پنهنجي پتا مهارج سکرامداس سان گڏ هندستان هليو ويو. ڪئين سال پوءِ عبدالغفور الستي جي ئي دعوت تي 1984ع ۾ نومبر جي مهيني ۾ موتي پرڪاش پنهنجي وني ڪلا پرڪاش سان گڏ سنڌ آيو ته دڙي به آيو ان موقعي تي هن سائين حاميد علي جي اسڪول جي ڀت تي جوڙيل سنڌ جي نقشي کي ساريندي لکيو:
“ڪمري جي ديوارن تي نگاهه وڌم، سائين حاميد عليءَ جي ڪڍيل سنڌ جي نقشي تي پنجاهه سالن جون پوچيون چنبڙيون پيون هيون. مون سوچيو ته ڇا تواريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن مان سنڌ جو نقشو ڪو سولائيءَ سان گم ڪري ڇڏيندو؟ سنڌ جو نقشو جيڪو اسان جي دلين تي چٽيو پيو آهي. اهو ڪير مٽائي سگهندو؟” (15)
موتي پرڪاش جي والد مهاراج سکرامداس 1975ع ۾ ممبئي ۾ وفات ڪئي. کيس دڙي جي ڀلائيءَ جو گهڻو خيال هوندو هو. هو رات جو اُٿي وڃي گهٽين ۾ ٻرندڙ شمعدانن جو تيل جانچيندو هو، ڇو ته ڪي چور جاڳيا هئا جيڪي شمعدانن مان تيل ڪڍي ويندا هئا. هو چاهيندو هو ته دڙي جون گهٽيون روشنيءَ سان سُهائيون هجن، جيئن رات جو ايندڙ ويندڙ ڳوٺائين کي ڪا تڪليف نه ٿئي. هاڻ ته بجلي ڳوٺ ڳوٺ اچي ويئي آهي. اهي شمعدان به گهرن تي بيٺل منگهن جيان گم ٿي ويا آهن. انهن منگهن تي، جن کي بازيگر به چئبو هو، هڪ ڳجهارت به ٺهيل هوندي هئي. جيڪي دڙي جا جهونا اسان ڇوڪرن کي ڀَڃڻ لاءِ ڏيندا هئا.
پُڇندا هئا: “ڇوڪرا ڳجهارت ڀڃندين؟”
“هائو ڏي چاچا.”
“ڀَڃ... گهر گهر تي گُڪو چور....؟”
پوءِ اسين ڇوڪرا اها ڀَڃڻ جي لاءِ گهڻي مٿا ڪُٽ ڪندا هئاسين. نيٺ ٿڪجي هار مڃيندا هئاسين، ته پوءِ ٻُڌائيندا هئا. “گُڪو چور... معنى بازيگر...!” ۽ اسين ڇوڪرا ”اڙي!“ چئي ڦڪي کِل کِلي ماٺ ٿي ويندا هئاسين.
مون ته شمعدان به ٻرندي ڏٺا. دڙي ۾ بجلي 1979ع ۾ آئي. ته اسٽريٽ لائيٽون لڳيون، نه ته اڳ ۾ گهٽين ۾ روشني ڪرڻ جي لاءِ شمعدان لڳل هوندا هئا ۽ منهنجو هڪ پاڙيسري چاچا حسن ماڇي ڏاڪڻ ۽ گاسليٽ جو ڏٻو کڻيو، سانجهي نماز کانپوءِ اهي شمعدان ٻاريندو هو، مٿس اها ڊيوٽي يونين ڪائونسل دڙي پاران رکيل هئي.
الستيءَ سان پڙهندڙ ٻيو شاگرد حسين بخش ميمڻ هو، جيڪو پوءِ سنڌ مدرسي ۾ به ساڻس گڏ پڙهيو، ڊاڪٽري پاس ڪيائين ۽ پوءِ نوڪري سانگي سعودي عرب هليو ويو ۽ اُتي ڊگهي عرصي تائين رياض ۾ ڪنگ فيصل اسپتال جو ڊائريڪٽر به رهيو. هاڻ گذاري ويو آهي. سخت مذهبي ماڻهو هوندو هو.هن ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي مڪسچر پڻ ٺاهيا هئائين ۽ مريض کي ڪڏهن به انجيڪشن نه هنيائين.
موتي پرڪاش جو والد مهاراج سکرامداس، جنهن کي تر جا باقي بچيل وڏڙا ‘مهاراج سکان’ چئي ياد ڪندا آهن، هڪ ذهين ۽ سجاڳ شخص هوندو هو، کيس تعليم سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. ان وقت دڙي ۾ ‘اي وي ڪلاس’ هلڻ شروع ٿيا هئا. پهرين اُن ۾ هڪ ميم صاحبه پڙهائيندي هئي، جيڪا پهرين هنڌو هئي، پوءِ ڪرسچن ٿي. هوءَ رنگ جي اهڙي ته ڳوري هوندي هئي، جهڙي ڪر انگريز- هن جو مڙس مسٽر جان، ٻيلي کاتي ۾ عملدار هو ۽ نوڪريءَ سانگي دڙي ۾ اچي رهيو هو. هن کي دڙي جا ماڻهو پنهنجي اُٿي ويٺي ۽ طور طريقن سبب “ڪارو انگريز” چوندا هئا. جيستائين هو اتي هو، اها ميم صاحبه “اي وي” ڪلاس وٺندي هئي. سندس شاگرد اڄ به کيس ياد ڪندا آهن.
“هوءَ ڪرستان مشنري (تبليغ ڪندڙ) هئي ۽ عملي طرح خدائي ۽ انساني محبت جي سُٺائي ۽ سچائيءَ ۾ يقين رکندڙ هئي. هوءَ اسان جي پاڙي ۾ ڍير سارا حضرت عيسى جي تعليم جا ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب کڻي ايندي هئي. انهن سان گڏ ٻارن لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون سوکڙيون ۽ کٺمڙا پڻ.” (16)
اها ميم صاحبه هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويئي. مسٽر جان پوءِ مٽياريءَ ۾ سندس ياد ۾ هڪ اسپتال قائم ڪئي. دڙي جو جيڪو به رهاڪو مٽيارين ويندو هو ۽ وري جو اهو ‘ميم’ جو شاگرد به هوندو هو ۽ ان جي ‘جان’ سان ملاقات ٿيندي هئي، ته هو نه رڳو انهيءَ جون لک خدمتون ڪندو هو، پر ميم صاحبه کي ساري هنجون به هاريندو هو.
سو اهو مسٽر جان جيستائين نوڪريءَ سانگي دڙي ۾ رهيو ته ميم به ڪلاس وٺندي هئي ۽ پوءِ بدلي ٿي ويس ته ميم به هلي ويئي ۽ ڪلاس دربدر ٿيڻ لڳا. اها ڳالهه مهاراج سُکان کي نه وڻي ته ٻار ائين رلندا رهن ۽ کين ڪو انگريزي پڙهائڻ وارو نه هجي، هو ذهين ۽ سجاڳ شخص هو. تنهن هن جو اهو حل ڪڍيو ته موتي پرڪاش جيڪو ان وقت اُين جي وي اسڪول ڪراچي ۾ پڙهندو هو، تنهن کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪيو ته هو موڪل واري عرصي ۾، جيڪو هو دڙي ۾ گذاريندو هو، وانڌو ويهڻ بدران ڪلاس وٺي ۽ موتي پرڪاش اهي ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا.
ساڳئي اسڪول ۾ پوءِ الستيءَ به ٻارن کي پڙهايو. هو 1948ع کان 1949ع تائين اُت انگريزيءَ جو استاد رهيو ۽ پوءِ اسپيشل اورسيز جو ڪورس ڪرڻ جي لاءِ 1949ع ۾ اين-اي، ڊي ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو.
عبدالغفور الستيءَ جو ڪٽنب دڙي جو سکيو گهراڻو هو.سندس والد ارباب حاجي صالح ميمڻ جي دڙي جي راڄنيتي معاملن ۾ گهڻي حصيداري هوندي هئي. تنهن کان سواءِ کيس تعليم جي اهميت جو به اندازو هو. عبدالغفور الستي جڏهن دڙي مان پرائمري تعليم پوري ڪئي ته کيس وڌيڪ تعليم جي لاءِ ميرپور بٺوري جي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين. جتي پاڻ ٽي درجا انگريزي جا 1941ع کان 1943ع تائين پڙهيو. جتان پوءِ کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي موڪليو ويو. اهو 1941ع جو سال هو. سنڌ مدرسي ۾ اڳ ۾ سندس ڀاءُ محمد ابراهيم ۽ ٻيا مائٽ ڇوڪرا پڙهند اهئا.