عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي
ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ جاپان کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ لاءِ ھئي 1945ع جي ڏهين ۽ يارهين تاريخ تي آمريڪا ۾ Los Alamos ۾ ٽارگيٽ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ائٽم بم جي حملي لاءِ جاپان جا ڪيترائي شهر ويچار هيٺ آيا. آخر ڪيوٽو، هيروشميا، ناگاساڪي، يوڪوهاما ۽ ڪوڪورا جي شهرن کي نشانو بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪيوٽو کي پوءِ اُن فهرست مان خارج ڪيو ويو.
هيروشيما جي چونڊ ان ڪري ڪئي ويئي ته اهو شهر ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران صنعت جو اهم مرڪز هو ۽ جاپاني فوج کي لاجسٽڪ سپورٽ مهيا ڪندو هو. اهو اڪيلو شهر هو جتي جنگي قيدين جون ڪئمپون نه هيون. تنهنڪري آمريڪا اُن شهر کي پهريون نشانو قرار ڏنو. ائٽمي حملي وقت ان شهر ۾ ٻه لک 55 هزار ماڻهو رهندا هئا.
آمريڪا جو جهاز Enola gay-B29 آمريڪا جي “تيات مين” هوائي اڏي تان اڏام ڪري “هيروشيما” پهتو ۽ صبح جو سوا اٺين بجي هيروشيما تي “لٽل بواءِ” جي نالي وارو بم 600 فوٽن جي مٿاهينءَ تان ڪيرايو، جنهن جي ڌماڪي جي سگهه 13 ڪلو ٽن هئي. ان حملي جي نتيجي ۾ ستر کان اسي هزار ماڻهو اُڦٽ مري ويا. ٻيو بم 9 آگسٽ تي ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو. جنهن جو نالو “فيٽ مين” هو. ڏينهن جو يارهين بجي ڌاري ڪيرايل ان بم جو وزن 6.1 ڪلو گرام هو. ان جي ڌماڪي جي شدت 21 ڪلو ٽن هئي. ان وقت ناگاساڪيءَ جي آبادي ٻه لک 41 هزار هئي.. جنهن مان ستر هزار ماڻهو اُڦٽ مري ويا ۽ سٺ هزار زخمي ٿي پيا.
ائٽم بم کان پوءِ ان ائٽمي ڊوڙ جي نتيجي ۾ اڃا به خطرناڪ بم جهڙوڪ هائڊروجن بم ۽ نائٽروجن بم ٺاهيا ويا ۽ انسان پنهنجي تباهي ۽ برباديءَ جو سامان خود ئي ڪندو رهيو. انسان جي ان عمل جو شاعر ”ارشاد ساگر“ پنهنجي هڪ بيت ۾ هيئن نقشو چٽيو آهي:
ڀوميءَ تي بارود جا، ڀُڻن ٿا ڀُڻاٽ،
قومن کي ڪروز آ، لکيو منجهه للاٽ،
ڇپرن ڇڻاٽ، ڪَن ٻڌندا ڪَل جا.
آمريڪا کان پوءِ روس، چين، فرانس ۽ برطانيا ائٽمي قوت بڻيا. 1974ع ۾ هندستان به ائٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ وري 1998ع ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا. جنهن جي جواب ۾ 29 مئي 1998ع تي پاڪستان به بلوچستان جي چاغيءَ واري علائقي ۾ ڌماڪا ڪيا. تنهن کان پوءِ اُتر ڪوريا ائٽمي ڌماڪا ڪيا. اهي ملڪ اعلانيه ائٽمي طاقتون آهن. اسرائيل وٽ به ائٽمي هٿيار هئڻ جا ثبوت آهن. ايران ۽ برازيل اُن پنڌ ۾ آهن.
آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن تي ائٽم بمن جي استعمال ۽ انهن جي تباهه ڪارين کي ڏسي، سڄي دنيا جي باشعور ۽ انسانيت سان همدردي رکندڙ ماڻهن انهن تباهه ڪندڙ هٿيارن جي ٺاهڻ جي خلاف پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي. جيتوڻيڪ انهن جدوجهد جا مرڪز يورپ ۽ جاپان آهن، پر سڄي دنيا جا باشعور ماڻهو پاڻ کي ان جدوجهد سان سلهاڙيندا رهيا. عملي جدوجهد کان سواءِ ائٽمي تباهيءَ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو ادب لکجي چڪو آهي، جيئن انسانذات ۾ انهن هٿيارن جي خلاف جاڳرتا پيدا ٿئي.
سنڌ سدائين امن جي ڌرتي ۽ شاهه لطيف جي فلسفي ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ جي قائل رهي آهي. سنڌ به وقت بوقت ان آواز ۾ پنهنجو آواز ملايو ويو آهي ۽ عالمي امن تحريڪ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنجاهه واري ڏاڪي ۾ سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به ائٽم بم ۽ جنگ جي خلاف زوردار نموني امن جي عالمي اپيل تي صحيحن جي مهم ۾ تمام گهڻن ماڻهن حصو ورتو. ان کانسواءِ عالمي امن ۽ ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن پنهنجا شعر ۽ ڪهاڻيون سرجيون، ڪافي سال اڳ مرحوم عبدالله مگسي “عالمي امن تحريڪ ۽ سنڌ” جي عنوان سان هڪ مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو، جنهن ۾ ائٽمي هٿيارن ۽ امن جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ لکيل لکڻين جو جائزو ورتو ويو آهي. البت اهو ضرور آهي ته عملي ميدان ۾ ان جنونيت جي خلاف ڪو سگهارو آواز اُڀري نه سگهيو آهي.
عبدالغفور ميمڻ به پاڻ کي ان هلچل کان ٻاهر نه رکيو. 1974ع ۾ جڏهن هندستان ائٽمي ڌماڪو ڪيو ته پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ جي 1974ع واري پرچي ۾ “اهنسا جا پوڄاري يا ڇهان عزرائيل” جي سري سان ان عمل جي خلاف ايڊيٽوريل لکيائين جنهن ۾ لکي ٿو:
“اهنسا جا پوڄاري لِڪي لِڪي ائٽم بم ٺاهي رهيا آهن، جيڪو هاڻ ٺاهي ورتو اٿن ۽ اڳيئي دنيا جا پنج ملڪ انسان ذات کي پنهنجا خون خوار ائٽمي ڏند ڏيکاري رهيا هئا. وري ڇهون مُلڪ به پُڇ لٽڪائي ڏند شيڪي اچي انهن سان گڏ بيٺو آهي.
خدا ڄاڻي انسانذات جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ پنهنجي اُن آڳ ۾ پاڻ جلندي يا ڪي هوشمند انسان ان کي بچائي ويندا. پر ائٽمي هٿيارن جي خلاف جيڪا ڊوڙ ڏسجي ٿي، ان سڄي دنيا جي انسانيت کي هڪ دفعو وري ڏڪائي ڇڏيو آهي. جڏهن به ڪو دنيا جو ملڪ ائٽمي تلوار لهرائي ميدان ۾ اچي ٿو ته دنيا جون مائرون پنهنجن ٻارن کي گوڏن ڏي ڇڪين ٿيون ۽ دنيا جا پيئر آسمان ڏي رحم لاءِ واجهائين ٿا. ناگاساڪي ۽ هيروشيما ڪنهن کان وسريا آهن؟ آهه! اهي لکن انسانن جون ٻرندڙ بٺيون جنهن ۾ بني نوع انسان جا ٻه عظيم شهر سڙي رک جو ڍير ٿي ويا. هوا کي آسمان تائين باهه لڳي ويئي ۽ پاڻي ٽن سؤ فوٽن جي بلنديءَ تائين ٽهڪي اُٿيو. بچائي يا خدا! بني نوح انسان کي اُن هولناڪ عذاب کان بچائي. ان دردناڪ موت کان بچائي.
اهو اهنسا آهي يا هنسا آهي؟ ڇا اهو امن آهي يا جنگ آهي؟ ڇا اهو رکوالو آهي يا هتيا آهي؟ ائٽم بم، جنهن سان ماڻهو مرن ٿا ٻيا انسان مرندا، پر ڀارت جا جيئندا؟
تو ڪڏهن ڪو ائين سوچيو ته تون انسان ذات لاءِ ڇهون عزرائيل ٿي آئي آهين؟ ڪير چوندو توکي ته ڌرتي ماتا جي ديالو ڌيءَ آهين. توکي ته ڪالي ديوي ڪري سڏيندا؟ ڪالي ديوي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ لکين انساني کوپڙيون لٽڪنديون هونديون.” (55)
31 ڊسمبر 1986ع تي عبدالغفور ميمڻ ۽ بئريسٽر مظهر ايس قاضي ڀٽ شاهه جي سرزمين تي امن مارچ ڪري Society of world peace (امن پوکيو، Sow peace) جي نالي سان تنظيم جو بنياد رکيو ۽ اهڙو سڏ اخبارن ۾ به ڏنو. ان مارچ ۾ ڪجهه ٻيا سنڌي ساڃهه وند به ڀٽ شاهه ۾ اچي ساڻن گڏيا. جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، محترم مدد علي سنڌي ۽ محترم يوسف لغاري شامل آهن. بئريسٽر مظر ايس قاضي ۽ عبدالغفور ميمڻ پوءِ قلمي توڙي علمي، عالمي امن جي ان واٽ جا پانڌيئڙا ٿي رهيا. 10 آگسٽ 1988ع تي بئريسٽر مظهر ايس قاضي جي وفات کان پوءِ Sow Peace فقيرعبدالغفور الستي ئي هلائي ۽ هر سال ڀٽ شاهه تي 6 آگسٽ تي دوستن سان گڏ امن مارچ ڪندو هو.
اهو امن مارچ نيشنل هاءِ وي کان وٺي ڀٽ شاهه تائين اڇا جهنڊا ۽ بينر کڻي ڪندو هو. کيس اُن ڳالهه جي قطعي پرواهه نه هوندي هئي ته سندس ان مارچ جي خبر اخبارون يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏي ٿي يا نه؟ جيتوڻيڪ پاڻ هر سال ڪيترن ئي فردن، ادارن ۽ اخبارن کي ان مارچ جي دعوت خط ذريعي موڪليندو هئو ۽ اخبارن کي امن جي اهميت جي باري ۾ مضمون لکي ڇپڻ لاءِ پڻ موڪليندو هئو. سندس پاران پهرين آگسٽ 2003ع تي موڪليل دعوت نامي ۽ دعا جو متن هن ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور ڏنو ويو آهي، اهڙو ئي هڪ مضمون روزاني “هلال پاڪستان” ڪراچي ۾ “اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾” جي عنوان سان ڇپيو، جنهن جي پڇاڙي هنن لفظن سان ڪيائين:
“هاڻي دنيا جو عوام گهڻو بيدار ٿي ويو آهي، جتي ڪٿي ائٽمي هٿيارن خلاف آواز پيو بلند ٿئي، پر اسين ڇو پاڪستان ۽ هندستان وارا ٻرن ۾ لڪا ويٺا آهيون ۽ کلم کلا ائٽمي هٿيار جي مخالفت ڪونه ٿا ڪريون، خاص ڪري سنڌ وارا، سنڌي جن کي دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏيڻون هو، خاموش تماشائي ويٺا آهيون، هڪڙي ئي ماڻهوءَ کي پيا ٻُڌون ۽ ڏسون ته هر سال 6 آگسٽ تي ڀٽ شاهه وڃي امن مارچ ڪندو آهي، ائٽمي هٿيارن جي خلاف احتجاج ڪندو آهي. شاهه جي روضي تي اچي دنيا تان ائٽمي هٿيارن کي ختم ڪرڻ ۽ امن آڻڻ لاءِ دعا گهرندو آهي. اهو ماڻهو آئون آهيان، جيڪو ويهن سالن کان ائين ڪندو آهي/آهيان، پر ان ڏينهن سڄي سنڌ کي سڏ ڏيڻ جي باوجود ڪير به اچي مون سان اُن مارچ يا دعا ۾ شريڪ نه ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪو ٽي ڪروڙ سنڌي عوام مان هڪڙو اڌ ڀلجي آيو ته آيو، نه ته خير. ٽن ميلن جو اهو فاصلو نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين اڪيلو پنڌ ڪندو آهيان. ڳالهائڻ وارو به نه هوندو آهي. پوڙهو به آهيان. بيمار به هوندو آهيان، پر پنهنجي اها ڪرت جاري رکيو اچان. ڇاڪاڻ ته ڪير نه چوي ته سنڌ جي امن جي تاريخي ڌرتيءَ تان هڪڙو ماڻهو به نه نڪتو، جيڪو هن واري ڏينهن تي جيڪو اسان ذات جي مٿان آيو، عملي طور احتجاج ڪري. هاڻي هن مضمون جي ذريعي سڀني کي سڏ ٿو ڏيان ته مهرباني ڪري هن مارچ ۽ امن جي دعا ۾ مون سان اچي شريڪ ٿيو. مري ته هونئن سڀ وينداسين. ائٽم رستي يا هونئن ئي. پر ڇو نه ائين مرون، جيڪو خدا جو رستو، هن جي طفيل زندگيءَ جو رستو هجي، انسانذات جي ڀلائيءَ جو رستو هجي. چئين بجي شام جو ڀٽ شاهه روڊ تي ايندو آهيان. اچو ته اُتان کان گڏجي امن مارچ ڪريون ۽ دنيا ۾ امن ۽ ائٽم بم ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه جي درگاهه تي دعا گهرون.”(56)
فقير عبدالغفور الستي، هر سال ڀٽ شاهه تي اهو جيڪو امن مارچ ڪندو هو، ان ۾ پوين سالن ۾ ساڻس محترم محمد ابراهيم جويو ۽ الست تنظيم جا ورڪر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به اچي شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ئي هڪ امن مارچ 6 آگسٽ 2006ع تي مون به پنهنجن ڪجهه دوستن سان شرڪت ڪئي. ان مارچ دوران محترم محمد ابراهيم جويو جو هڪ مضمون ”امن جي جنگ، انسان جي بقا“ اٺن صفحن جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپرائي ورهايو ويو. مون ان مارچ جي رپورٽ روزاني ”خبرون“ جي 13 آگسٽ 2006ع واري اشاعت ۾ “عالمي امن تحريڪ ۽ سنڌ” جي عنوان سان لکي ڇپرائي، ان رپورٽ/مضمون جو هڪ پئراگراف هن ريت آهي:
“هن سال ڇهين آگسٽ تي آئون ۽ ڪجهه ٻيا دوست ضراب حيدر، اصغر گگو، رشيد آزاد ۽ ساجد ڀنگوار به ان امن مارچ ۾ ساڻس وڃي گڏياسين. اهو مارچ نئشنل هاءِ وي کان شروع ٿيو ۽ هلڪي بوندابانديءَ ۾ وڃي شاهه سائينءَ جي درگاهه جي اڱڻ ۾ ختم ٿيو. درگاهه جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اڱڻ ۾ دعا گهري ويئي، جيڪا درگاهه جي گادي نشين جي فرزند سيد وقار حسين شاهه گهري. اُن دعا ۾ اسان دوستن سان گڏ سائين محمد ابراهيم جويو، چاچا انجنيئر نذير ميمڻ، ارباب عزم (جيڪو هر سال ڀٽ شاهه تي ميزباني جا فرض ادا ڪندو اهي) ۽ عام زائرين به شريڪ ٿيا.
امن مارچ جي دوران والنٽيڙن جي ھٿڻ ۾ جيڪي بئنر کنيل ھئا، انهن مان ڪن تي ھيٺيان نعرا لکيل ھئا.
(1) Say every solder on earth farewell to arms.
(2) Remember atom boms on Hiroshima and Naga Saki, every man and woman on earth.
(3) امن زنده باد.
بظاهر ته اهو هڪ ننڍو عمل يا واقعو آهي، فقيراڻي لڏي جو فقيراڻو عمل، جن جو ايمان آهي ته اڳتي هلي سنڌ کي عالمي، امن ۽ روحانيت جي رهبري ڪرڻي آهي (جيئن سائين جي. ايم. سيد به لکيو آهي)، پر حقيقت ۾ اهو هڪ اهم قدم/ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته اسان سنڌين کي به امن جي حوالي سان “عالمي امن تحريڪ” کان ڌار رهڻ نه گهرجي ۽ ان سان سلهاڙجڻ گهرجي. عالمي امن جي اها تحريڪ هر وقت جاري رهڻ گهرجي، جيستائين هن دنيا مان سڀني ائٽمي هٿيارن جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي ۽ دنيا سک، سلامتي ۽ امن جو گهوارو نٿي بڻجي.” (57)
ڀٽ شاهه تي هر سال امن مارچ ڪرڻ کانسواءِ فقير الستي، امن ڪانفرنسن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. ڪراچيءَ ۾ 24 نومبر کان 26 نومبر 2000 تائين ٿيل ڪانفرنس Pen for peace ۾ پاڻ نه رڳو سرگرميءَ سان حصو ورتائين، پر انگريزي ۾ پنهنجو نظم به پڙهيائين، جنهن سامعين تي ڏاڍو سٺو اثر ڇڏيو.