آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

ٻنڌڻ ٻاروچن جا

ڪتابن جي به پنهنجي اهميت آهي. لعل پُشپ پنهنجي سوانح جي ڪنهن جلد ۾ ڪتابَن بابت لکيو آهي: ”ماڻهن وانگر ڪتابن جو به پنهنجو پنهنجو نصيب آهي. ڪي لکيا ويندا آهن. وساريا ويندا آهن. ڏهاڪا، صديون، ڪنهن زلزلي هيٺ زمين دوز ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ اوچتو ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرندا ڪن ٻين زمانن، زمين منجهان، لڪل پاڻيءَ جي نهر وانگر، ڪنهن ٻي زماني جي معنائن، حالتن کان متاثر ٿي، نصيب هٿ ڪري... ۽ ڪي ڪتاب وري نڪرن، اڏامن ۽ پنهنجي زماني جي زبان بنجن.“
هي ڪتاب به اهڙو ئي ڪتاب آهي، جيڪو گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي مطالعي هيٺ رهيو آهي ۽ ڪتاب وانگر وري ماڻهوءَ جو ڀاڳ به ائين ئي آهي. ڪي ماڻهو وقتي طور وسري ويندا آهن، ڪي وري سالن ۽ صدين تائين. ڪي ته وري اهڙا وسريو وڃن يا گمنام ٿيون وڃن جو انهن کي ٻيهر ڊسڪور ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ يا ايڇ ٽي سورليءَ جي گهُرج پوندي آهي... آئون جنهن ڪتاب “ٻنڌڻ ٻاروچن، جا” جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان ڪتاب جو ليکڪ به ڄڻ يڪو ادبي منظر تان غائب يا گمنام رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ هو نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي هڪ سماجي ڀلائي تنظيم جي حوالي سان هڪ نئين روپ ۾ سامهون آيو هو. پر هاڻ عمر وڏي ٿي وڃڻ سبب ڪڏهن ڪٿي نظر آيو ته واهه نه ته مڙيئي خير... پرهاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” لکي، هو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ادب ۾ حوالو بنجي ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس ماضيءَ جي ڪيل ادبي خدمتن جو حوالو “سنڌي ادب جي ڪنهن به تاريخ” ۾ نٿو ملي.
اهو شخص جڏهن 1941ع ۾ ‘سنڌ مدرسي’ ۾ پڙهندو هو ته سندس اُستاد ڪو ٻيو نه پر محترم محمد ابراهيم جويو هو ۽ منجهس جيڪا شعور جي سُتي پيدا ٿي، ان ۾ جويي صاحب جو به هٿ هو ۽ اهو شخص اڄ به جويي صاحب جو وڏو مداح ۽ ساڻس جهڪي ملندو آهي.
ان شخص 1971ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ جو منفرد ماهوار رسالو “ملير ڊائجسٽ” شايع ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو ٺيٺ “سنڌيت” جو رسالو هو. جنهن جا سلسلا “سونن نالن وارو دستاويز”، “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار” وغيره اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا. اهو رسالو 1974ع تائين نڪتو، ان جا ڪُل 26 پرچا شايع ٿيا.
1972ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ هاڻوڪي پاڪستان ۾ لاڳو ٿيندڙ 1973ع جي آئين جي مخالفت ۾ ھن ھڪ ايڊ يٽوريل لکيو ۽ هو پهريون شخص هو، جنهن لکيو ته “اهو آئين، پاڪستان کي هڪ نئين ون يونٽ ۾ تبديل ڪندو ۽ پاڻ وڌيڪ سوڙهو ڪندو. اهو پاڪستان کي نئين ون يونٽ ۾ بدلائڻ جو دستاويز آهي. ان ۾ ننڍيون قومون استحصال ۾ مري وينديون.“ ‘ملير ڊائجسٽ’ ۾ اهڙو ايڊيٽوريل لکڻ جي پاداش ۾ کيس جيل ۾ وڌو ويو. اڳتي هلي 1973ع جي آئين تي ڪئين تبصرا ۽ تنقيدون ٿيون، پر هو سنڌ ۾ پهرين شخصن مان هو، جنهن ان آئين جي خامين تي چٽن لفطن ۾ تنقيد ڪئي.
جيل مان ڇُٽڻ ۽ “ملير ڊائجسٽ” تي پابندي پوڻ کان پوءِ هو گذر سانگي وڃي ڪنهن نوڪري سان لڳو. پر ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ پنهنجي ڪرت ۾ لڳو رهيو. نيٺ هن جو پورهيو، يعني شاهه جي رسالي جو انگريزي ۾ ترجمو Celestal Sunrise From Sindh [سنڌ مان بهشتي سوجهرو] جي نالي سان 1986ع ڇپجي پڌرو ٿيو. پر هو وري به گمنام ئي رهيو، ڇو ته نه ان جي مهورت ڪرايائين ۽ نه ئي وري گهڻي ڪا پبلسٽي ڪيائين. مهورت جي حوالي سان سندس خواهش به عجيب هئي. هو ان بابت “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ۾ لکي ٿو: ڪنهن کان مهورت ڪرايان ها. هڪ آمر (جنرل ضيا الحق) جي حڪومت هئي ۽ وزير اعظم ان وقت وري اُن آمر جو ترجمو (محمد خان جوڻيجو) هو، سو شاهه جي رسالي جو ان آمر کان افتتاح ڪرايان ها.“ اهو ته ٿيو هڪ آمر جو حوالو، پر شاهه صاحب سان سندس محبت جي ڪسوٽي به عجيب آهي ۽ ان شخص جو پنهنجو نقطه نظر آهي. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي ته ان شخص خيال ڪيو ته سندس رسالي جي مهورت هوءَ ڪري ان بابت هو لکي ٿو: ”اهو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان جي سڀني ولين جي درگاهن تي پهرين سلامي تي ويئي. پر شاهه جي درگاهه تي رڳو وقت آئي ۽ تمام دير سان. ان ڪري اُن جي شاهه سان محبت سمجهي ويس. پر پوءِ به ان کي لکيم. چورايم، پر شاهه جي تعليم، سندس تازو ٿيل سياسي معاهدي جي شايد ابتڙ هئي. ڪو جواب ئي ڪونه ڏنائين.“
مٿين حوالن مان اميد اٿم ته اوهين سمجهي ويا هوندا ته آئون ڪنهن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان... پر جي نه سمجهو اٿوَ ته پوءِ ٻُڌو... اهو شخص آهي فقير عبدالغفور الستي....
سنڌي ٻوليءَ ۾ آتم ڪهاڻيون هونئن به نه هئڻ جي برابر آهن.. بس اهي ڪي پنجاهه سٺ کن مس ٿينديون.... ۽ سنڌ ۾ اڃا آتم ڪهاڻيون لکڻ جو رواج ايترو عام ناهي ٿيو. پر گذريل سال 2007ع ان لحاط کان سنڌي ادب لاءِ سٺو سال ثابت ٿيو ته ان سال سنڌي ادب ۾ ٻن آتم ڪهاڻين جو واڌارو ٿيو. پهرين ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي “ڪيم روح رهاڻ” ۽ ٻي فقير عبدالغفور الستي جي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا”.
“ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ڪتاب به لعل پشپ جي لفظن ۾ “پنهنجي زماني جي زبان آهي.” جيڪو پڙهڻ، بار بار پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ کپي. هي ڪتاب نه رڳو ليکڪ جي آتم ڪهاڻي آهي. پر سندس زندگيءَ جي تجربن، مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. جيڪو ڪنهن مهل کلائي ٿو ۽ خوب کلائي ٿو ۽ ڪنهن مهل وري روئاڙي ٿو ۽ خوب روئاڙي ٿو ته ڪٿي وري سوچڻ تي به مجبور ڪري ٿو. سچ ته هي هڪ عجيب ڪتاب آهي، جيڪو آتم ڪهاڻي آهي. هڪ ‘ڪيئي ڪتاب’ آهي، هڪ ڊراما به آهي ته هڪ افسانو به، نثر ۾ ڪيل شاعري به آهي ته هڪ ناول به -گهرن روحاني ۽ دنياوي تجربن جو نچوڙ به آهي، ته مستقل جي حوالي سان لطيف جي فلسفي ”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين،“ واري فلسفي جي تشريح به، ان تشريح جي ذريعي هو محبت جو درس به عجيب نموني ٿو ڏي. هڪ عجيب عالمي ۽ ملڪي نظام جي ڳالهه ٿو ڪري. هن دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙي ملڪ جي ڳالهه ٿو ڪري جنهن جو نالو ئي هجي First Republic of United Human Being. [متحده انسانيت جو پهريون ملڪ] ۽ ان جي شروعات هو “پاڪستان” کان ڪرڻ ٿو چاهي. جيتوڻيڪ اهو خيال يوٽوپيا [خيالي] ئي سهي، پر هر دور ۾ عظيم ليکڪن اهڙا خيال پيش نه ڪيا آهن ڇا؟ افلاطون جي ‘ريپبلڪ’، ٿامس مور جي يوٽوپيا، ۽ ايلڊس هڪلسي جي Brave a new world جي خيالن جي به ته پنهنجي اهميت آهي. ائين الستي فقير “متحده انسانيت جو پهريون ملڪ” جو نقشو پنهنجي ڪتاب ۾ هيئن چئي:

“اهڙو آئين ٺهي، جنهن ۾ انسان کي خدا جو اظهار سمجهيو وڃي. ڪو ڪنهن کان مذهب، فرقي، نسل، رنگ، ٻولي، جنس ۽ گهٽ وڌھه هجي سڀ انسان پاڻ ۾ برابر هجن ۽ سڀ عزت ۽ تعظيم جا لائق... جيئن صوفين جي تعليم آهي. ان لاءِ سڄي پاڪستان جي دولت کي سڀني لاءِ هڪجهڙي ڪجي. اُن جا ڪيترائي انتظامي يونٽ هجن. گهٽ ترقي يافته يونٽن کي پهرين ترقي يافته يونٽن جي برابر آندو وڃي. اهڙي ملڪ جو نالو به مذهبي نه هجي. پر نج انساني ڀائپي وارو هجي. يعني عالميت وارو جيئن: First Repulic of United Human Being [يعني متحده انسانيت جو پهريون ملڪ] يا اهڙي معنى سان ملندڙ جلندڙ. ان ۾ فوج ڪا به نه هجي ۽ پهريان ڏهه سال ان کي سڌو اقوام متحده جي اداري جي انتظام هيٺ ڏنو وڃي، انتظاميه مشنري هلائڻ لاءِ ان جي اقتدار تي سڀ ٻاهريان ماڻهو هجن، يعني اقوام متحده جا، جن جو هن ملڪ جي ماڻهن سان رڳو انسانيت وارو ناتو هجي، ٻيو ڪوبه نه تاريخي، نه تمدني، سڀني وڏن ادارن تي سربراهه اهڙا ماڻهو هجن. هڪ ملڪي ڪائونسل هجي، جيڪا انهن ئي ماڻهن جي هجي، جا سڄي ملڪ کي اقوام متحده جي سڌي نگرانيءَ هيٺ هلائي، ان ڪائونسل ۾ هر انتظامي يونٽ جا مقامي ماڻهو به هجن، پر اهي چونڊيل نه ٿاڦيل هجن، هڪ هڪ سال لاءِ اهڙن ماڻهن کي اها ڪائونسل ٿاڦي، جيڪي ان يونٽ جا انسان دوست ۽ خدمتگذار ماڻهو رهيا هجن. مطلب ته ملڪ ڏهه سال اقوام متحده جي هٿ هيٺ رهي. جنهن عرصي ۾ ان جا ٻاهريان قرض ختم ٿي سگهن. سڀ ان جا باشندا تعليم يافته ٿي سگهن ۽ اقتصادي طرح هي ملڪ خوشحاليءَ ڏانهن وک وڌائي... دولت جي حد ان ۾ مقرر هجي، هر ڪنهن کي ڪپڙي، روٽي، مڪان ۽ روزگار جي ضمانت هجي. غرض ته اهو ملڪ سڄي دنيا ۾ انسانذات لاءِ هڪ محبت، خوشحالي ۽ انساني برابريءَ جو پهريون نمونو ٿي اُڀري، جيئن ٽين دنيا جا ٻيا ملڪ اُن جي تقليد ڪن.”
آهن نه عجيب خيال!
فقيرعبدالغفور الستيءَ جي اها آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا.” سنڌي ادب جي ڪجهه اهم ڪتابن مان هڪ آهي ۽ بلاشڪ “نيو ڪلاسڪ” جو درجو ٿي رکي. وڌيڪ فيصلو اوهين پڙهڻ کان پوءِ پاڻ ڪجو.
ô