ون يونٽ ۾
ها، ون يونٽ هڪ حادثو هو، پر اهو ڪو سنڌ سان پهريون حادثو نه هو. سنڌ سدائين حادثن جو شڪار رهي آهي ۽ انهن حادثن ۾ سخت زخمي ٿي، وري سَگهي ٿي اُٿي آهي. هڪ حادثو 1843ع ۾ ٿيو، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ڪجهه سالن کان بمبئي پريذيڊنسيءَ سان گڏي. ان جو الڳ وجود ختم ڪري ڇڏيو. هزارين سالن کان قائم “سنڌ” جو هاڻ الڳ وجود نه رهيو هو.
سنڌ جي ان الڳ وجود کي ٻيهر بحال ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ جي عوام وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد نئون رنگ لاٿو ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني ويئي ۽ پوءِ ان سنڌ جي صوبائي اسيمبلي 1943ع ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قرار داد پاس ڪري، ننڍي کنڊ جي تاريخ کي هڪ نئون موڙ ڏنو. سنڌ اسيمبلي جي اها ”قرار داد“ پاس نه ڪري ها ته پاڪستان ٺهڻ لاءِ مسٽر جناح کي ڪِلو مضبوط ٿي نه ملي ها. ان قرار داد جو محرڪ محترم جي. ايم. سيد هو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي حق ۾ قرار داد پاس ڪرڻ کان اڳ طئي ٿيو هو ته سنڌ جو صوبو اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ جو ٺهڻ هيٺين شرطن تي قبول ڪندو.
”.سنڌ جون سموريون صوبائي نوڪريون سنڌين جي هٿن ۾ ۽ سندن سنڀال هيٺ هجن.
.سنڌ جون زمينون پهريان سنڌين ۾ ورهايون وڃن ۽ پوءِ ڪجهه حصو سنڌ ۾ رهندڙ مهاجرن ۽ ٻين غير سنڌين ۾ ورهائجن ته اعتراض نه ٿيندو.
.مٿين طرح جي زمينن جي ورهاست کان پوءِ جيڪا زمين بچي، اها ڀلي ڪنهن مقرر ڪيل ايراضيءَ کان گهٽ ايراضي رکندڙ ماڻهن ۾ نيلام ڪئي وڃي.
جملي مرڪزي ۽ وڏين نوڪرين ۾ سنڌ کي مقرر تعداد ۾ نوڪرين جو حصو ڏنو وڃي.
ون يونٽ بعد مرڪز ۾ صرف ٽي کاتا رهن: بچاءَ پرڏيهي ۽ سڪو.
سنڌونديءَ جي پاڻي جي حصي ۾ 1945ع جي معاهدي موجب عمل ڪيو وڃي ۽ دست اندازي نه ڪئي وڃي.
سنڌي ادب، سنڌي ٻولي تي ٿيندڙ موجود خرچ ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي.
سنڌ سان واسطو رکندڙ اهڙو ڪوبه قانون پاس نه ڪيو وڃي جنهن جي فائدي ۾ سنڌي ميمبرن جي اڪثريت ووٽ نه ڏنو هجي.
سنڌ کي لشڪر ۽ بچاءَ کاتي ۾ سندس حصو ڏنو ويندو. (هيءَ معاهدو پير علي محمد شاهه راشديءَ اخبار کي خط لکي شايع ڪرايو ته مون هن معاهدي تحت ون يونٽ قبوليو آهي.) (23)
1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌ صوبائي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي، پر جلد ئي ٻاهران ايندڙ قابض ذهنيت جي حاڪمن پنجاب جي حاڪم طبقي سان ڳٺ جوڙ ڪري. بنگال جي 56 سيڪڙو آباديءَ جي مقابلي ۽ ملڪي اقتدار تي دائمي قبضي خاطر هاڻوڪي پاڪستان جي صوبن ۽ رياستن کي 1954ع ۾ ون يونٽ جي شڪل ڏيئي، مغربي پاڪستان جو نالو ڏنو ۽ سنڌ جو وجود هڪ ڀيرو ٻيهر ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ ”سابق سنڌ“ بنجي ويئي ۽ سنڌ جو نالو وٺن ئي گناهه بنجي ويو.
ون يونٽ جو قيام 14 آڪٽوبر 1954ع تي آندو ويو. 11 ڊسمبر 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي حاضر 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. چئن ميمبرن 1 عبدالحميد خان جتوئي، غلام مصطفى خان ڀرڳڙي، 3 پير الابخش 4 شيخ خورشيد احمد مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. (24)
ان وقت سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو.
ون يونٽ ٺاهڻ وقت سنڌ ۽ ٻين صوبن سان ڪافي وعدا ڪيا ويا هئا. پر عملي طور تي سڀ ڪجهه اُن جي ابتڙ ٿيو. ون يونٽ ۾ سنڌ سان ڇا ڇا نه ٿي گذريو. ان جو سڄو داستان جيڪڏهن بيان ڪجي ته ان لاءِ سرويچ سجاوليءَ جي ڊگهي نظم جي هڪ سٽ ئي سڀ ڪجهه بيان ڪري ٿي ڇڏي.
ير وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا.
عبدالغفور الستي، جيڪو ان وقت عين غين سنڌي جي نالي سان لکندو هو. تنهن 1961ع کان ان قومي هلچل ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان دوران هن پاڻ مختلف نالن سان اڻ ڳڻيا شعر ۽مضمون لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرايا.... انهن ۾ عبرت، انسان، ۽ روح رهاڻ شامل آهن. سندس انهن لکڻين جو اهو سلسلو 1970ع تائين هليو. تنهن کان پوءِ پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ جي نالي سان مخزن شايع ڪرڻ شروع ڪيائين.
قومي هلچل ۾ حصو وٺڻ جي باوجود پاڻ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، پر جنهن به سنڌي پارٽيءَ يا شاگردن جي تنظيم ون يونٽ جي خلاف يا سنڌيت جي لاءِ جدوجهد ٿي ڪئي ته ان سان عملي طور گڏ هوندو هو. انهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس چواڻي:
“ٺيڪيداري ڪري ضرورت کان وڌيڪ جيڪو به پئسو هوندو هو، قومي تحريڪن کي يا شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا لکي، انهن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورهائڻ تي لڳائيندو هوس.” (25)
اهڙا ٽي ڪتابڙا پاڻ هزارن جي انگ ۾ ڇپرائي ورهايائين. انهن جا نالا هن ريت آهن:
(1) او سنڌ جون عورتون اُٿو.
(2) سنڌي ٻولي.
(3) هي بيت ستايل سانگين جا.
”او سنڌ جون عورتون اُٿو“ ڊيمي سائيز جي 22 صفحن تي ٻڌل ڪتابڙو آهي، جيڪو ”گل محمد ميمڻ“ جي فرضي نالي سان ڇپيل آهي. ڪيترا سال پوءِ الستيءَ جا ڪاڳر ڦلهوريندي مونکي اهو ڪتابڙو هٿ چڙهيو. ڪتابڙي جي پويان الستيءَ جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو.
“منهنجو هي ڪتابڙو مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب قرآن پريس مان ڇپائي لڪ ڇپَ ۾ مونکي ڏنو هو. جو مون وڃي پاڻ ورهايو. پر هاڻ منهنجي ذهنيت گهڻي بدلجي ويئي آهي. رڳو انساني خدمت ئي پنهنجو مقصد سمجهان ٿو.”
ڪتابڙي تي ڪٿي به ڇپائيءَ جو سال لکيل ڪونهي.قيمت پنجاهه پئسا لکيل آهي. ڪتابڙي جي ڪوَر تي هي بيت ڏنل آهي. جيڪو الستيءَ جو ئي لکيل آهي.
ويٺينءَ عمرڪوٽ ۾ ڪيئن مارو وساري،
کاڻي پنهنجو کير تون، ڇڏيو ڪيئن کاري،
اڄ توکي پڪاري، او ‘مُئي’ هُت ملير پيو.
“او سنڌ جون عورتون اُٿو”. ڪتابڙو، سندس وفات کان پوءِ مون جيڪو سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين جو مجموعو “اسان جو رستو، اسان جي منزل” جي نالي سان ترتيب ڏنو. ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
“او سنڌ جون عورتون اُٿو” ڏاڍي جذباتي ۽ پُر اثر لهجي ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي عورتن کي مادر وطن سنڌ لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪري، عملي طور تي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي ويئي آهي.
اُن ڪتابڙي جي شروعات هن ريت ڪئي ويئي آهي:
”اي مادري وطن جون مائرون ڀينرون ۽ ڌيئرون!
اڄ جڏهن وطن جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ “انقلاب انقلاب”، “آزادي آزادي” جا آسمان ڏاريندڙ نعرا گونجي رهيا آهن، تڏهن به توهان اڃا پاڻ تي غلاميءَ جا ڄار ڦاسايو گهرن جي تنگ ڪوٺڙين ۾ سڏڪا ڀري رهيون آهيو.
اڄ جڏهن وطن جي گهٽيءَ گهٽيءَ مان آزاديءَ خاطر وطن جي مردن، جوانن ۽ ٻارن جا انبوهه آزادي جا جهنڊا لهرائيندا، آزادي جي نئين نعري “جيئي سنڌ” کي سُر ۽ تال تي ڳائيندا، نچندا ٽپندا ۽ جهمريون پائيندا ٿا وڃن، تڏهن به توهان اڃان دروازن جي اوٽ مان لياڪا پايو بيٺيون آهيو!
اڄ جڏهن وطن جا سورهيه سپاهي وطن جي هن آزاديءَ جي جنگ ۾ وطن جي ميدان ۾ لهي چڪا آهن ۽ قطارون سينگاري رهيا آهن، تڏهن به توهان اڃان گهرن جي اڱڻن تي ويهي وار سينگاري رهيون آهيو!
اڄ جڏهن وطن جي چونڪ چونڪ تي آزاديءَ خاطر وطن جا ڳڀرو جوان خاڪ ۽ خون سان هلي رهيا آهن، تڏهن به توهان اڃا جسم تي غازهه مکيو، هٿن تي مهنديون رتيون، شاهراه تي داد حسن طلب ڪري رهيون آهيو!
او منهنجي مادر وطن جون مائرون ۽ ڀينرون ۽ ڌيئرون، اوهان کي ڇا ٿيو؟ ڇا آزاديءَ جا متوالا، هي مانجهي مرد، هي ڳڀرو جوان، هي معصوم ٻارڙا اوهان جا پنهنجا نه آهن؟ ڇا انهن جو خون اوهان جو خون ساڳيو نه آهي؟ ڇا انهن جي مٽي اوهان جي مٽي ساڳي نه آهي؟ ڇا انهن جي تقدير ۽ اوهان جي تقدير ساڳي نه آهي.”!
ڪتابڙي ۾ سنڌ سان سورن، زيادتين ۽ بيواجبين جو ڏاڍي جذباتي انداز ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي عورتن کي سجاڳ ٿيڻ جي درد ڀري پُڪار پڻ آهي.
”هي مادر سنڌ جي نزع جو وقت آهي، هي سندس موت ۽ حيات جو وقت آهي، اوهين جو اُن جون اولاد آهيو، ان جو موت چاهيو ٿيون يا حيات؟ غلامي موت آهي ۽ آزادي حيات آهي. ڇا ٿيون چاهيو اوهين ان لاءِ، غلامي ۽ موت يا آزادي ۽ حيات؟
جي آزادي ۽ حيات چاهيو ٿيون ته پوءِ ان بيمار زال جي بستر مرگ وٽ اهو اسم اعظم پڙهو. جو اڄ شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ جي گلي ڪوچي ۾، چوڪ چوڪ تي سندس سپوت فرزند پڙهي رهيا آهن:
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.
پر جيڪڏهن اوهين اُن جي غلامي ۽ موت چاهيو ٿيون ته هي بيمار زال ته مري ويندي، مگر پوءِ توهان جا هي گلن جهڙا ٻارڙا جي ڦلن جيان نپايو ٿيون، ڪڏهن هن خطي تي ڪو اهڙو وقت به ايندو. جو باد مخالف جا جهونڪا، انهن گلن جا پَن ڇاڻي پَٽ تي ڪيرائي ڇڏيندا. اهي پوءِ خس و خاڪ ٿيو پيا شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اُڏامندا. ڪاريءَ وارا ڪک ٿيو پيا ڳوٺ ڳوٺ جي دڳ دڳ تي رُلندا. سنڌي انهن جو نالو هوندو ۽ پنڻ انهن جو پيشو هوندو. آئون ڪوڙ ڪونه ٿو ڪريان، غلام قومون هميشه پننديون آهن.“
اهو ون يونٽ جو دور هو. ان وقت “سنڌ” لکڻ ڏوهه هوندو هو. ان حد تائين جو ٽپال کاتي به لفافن تي “سنڌ” لکڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو هو ۽ اهڙا لفافا ضبط ڪيا ويندا هئا، جن جي ايڊريس تي “سنڌ” لکيل هوندو هو. ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو هڻڻ ائين هو جيئن اياز چيو آهي. ’سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو‘.
جماعت اسلاميءَ جو مولانا مودودي چوندو هو: “جيئي سنڌ” چوڻ معنى “مري پاڪستان”.
ڪتابڙي جي پڇاڙي اُن آس ۽ اميد سان ڪئي ويئي آهي“.
”هيءَ غيرت مند سنڌي قوم جا اڃا تائين غلاميءَ جي نڀاڳي ننڊ ۾ سُتي پئي آهي. ان مان ڇرڪ ڀري اُٿندي، هيءَ چنگاري جا اڃا تائين سنڌ جي راک ۾ لڪي پيئي آهي، ڀڙڪو کائي اُٿندي، اُلا ٿي اٿندي، آڳ ٿي اُٿندي...پوءِ جتي جتي پنهنجي سرزمين تي تشدد جا بت هوندا. انهن کي ويڙهي ويندي، وڪوڙي ويندي ۽ اتي اتي انهن کي پل کن ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيندي، جلائي خاڪ ڪري ڇڏيندي...
انهن جي سڙڻ کان پوءِ، انهن جي جلڻ کان پوءِ، جڏهن سنڌ جي سر زمين تان دونهون هٽي ويندو. مطلع صاف ٿي ويندو. تڏهن هتي سڪون هوندو. سلامتي هوندي انصاف هوندو، آزادي هوندي
او منهنجون پياريون هتي آزادي هوندي.. آزادي هوندي... آزادي هوندي...“