آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

ون يونٽ خلاف جدوجهد

فقير عبدالغفور الستي، سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ شاگردن جي ان سٿ جو هڪ ساٿي هو. هن سنڌي ٻولي جي بقا خاطر جدوجهد هجي يا ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ يا ون يونٽ ٽوڙيو هلچل هجي، انهن ۾ پنهنجي وس آهر حصو ورتو. سندس اها جدوجهد 1961ع کان پوءِ شروع ٿي. ان سلسلي ۾ ڪڏهن ڪتابڙا لکي ورهايائين ته ڪڏهن انهن تحريڪن جي حال سارو مالي مدد ڪيائين ته ڪڏهن وري عملي صورت ۾ حصو ورتائين ان سلسلي ۾ لکي ٿو:
“عملي طرح جيڪو خاص ڪم مون پنهنجي سر ڪيو، جنهن سان سنڌين ۾ ملڪ گير سطح تي وڏي عملي جدوجهد شروع ٿي، اها هئي اليڪشن لاءِ سنڌي لسٽن لاءِ بک هڙتال. هيءَ پهرين بک هڙتال مون 1969ع ۾ خالد سنڌيءَ کي حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ ويهاري ڪرائي.“ (26)
اها بُک هڙتال فيبروري- مارچ 1969ع ۾ شروع ڪئي ويئي، حيدر چوڪ تي ان بک هڙتال جي شروعات خالد سنڌيءَ جي بک هڙتال تي ويهڻ سان ٿي. جيڪو اُن وقت نوجوان قومي ڪارڪن هو. خالد سنڌيءَ پوءِ “سنڌي پورهيت تنظيم” به ٺاهي. هو هڪ سٺو لکندڙ به هو.
خالد سنڌيءَ جي ٻين لکڻين سان گڏ ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”هر دل اندر ڪربلا“ به ڇپيل آهي. خالد سنڌي جي ان بک هڙتال سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ وڏا اثر ڇڏيا. اها بک هڙتال ڪيئن شروع ٿي، ان جو دلچسپ احوال پوءِ عبدالغفور، الستي لکيو هو، جيڪو ماهوار ”ملير ڊائجسٽ“ جي پرچي ۾ ڇپيو. اچو ته پاڻ ان بک هڙتال جي ڪهاڻي عبدالغفور الستيءَ جي لکيل قلم مان پڙهون:
”سنڌ جو شاعر شيخ اياز جيل مان آزاد ٿيو ۽ انهيءَ ڏينهن ڪراچي کان حيدرآباد ريل رستي اچي رهيو هو. گهڻو ڪري حيدرآباد شهر جو سڄو سنڌي نوجوان اسٽيشن تي اٿلي پيو هو، ڄڻ ته پروانه شمع تي ڳاهٽ ٿي ويا، نيٺ ڪجهه دير کان پوءِ اهو شمع ۽ پروانن جو جلوس سنڌ جي ان روشن مينار تي هلڻ لڳو، جنهن کي هوشو شهيد ٿا چون. آءٌ، به انهن پروانن جي جلوس سان گڏ هئس ۽ ان وقت منهنجي اٿي ويٺي جو ساٿي ابن حيات پنوهر به مون سان هو.
هوشو شهيد جي قبر تي محبت عقيدت جو نذرانو رکڻ کانپوءِ جلوس جا ڪي ساٿي پنهنجي گهرن ڏي ويا هليا ۽ ڪي شيخ اياز سان گڏ سندس رهڻ واري هوٽل ڏي آيا. آءٌ ۽ ابن حيات به ساڻن گڏ آياسين. ڪجهه دير اتي هئاسين ۽ پوءِ هڪ ٻي هوٽل تي اچي ويٺاسين. اها ئي ڳالهه اسان جي گفتگو جو موضوع ٿي، جيڪا سڄي سنڌ جو موضوع هئي ته ون يونٽ ڪيئن ٽٽندو؟ اها سال 1969ع جي فيبروريءَ جي 17 تاريخ هئي ۽ اهو زمانو ايوب جو آخري زمانو هو. ملڪ ۾ وڏي هنگامه خيزي هئي، پاڪستان جو سڄو عوام ايوبي آمريت جي خلاف اٿي کڙو ٿيو هو. جتي ڪٿي جلسا جلوس هڙتالون مظاهرا ٿي رهيا هئا. ايوب ۽ سياستدانن جي وچ ۾ گول ميز ڪانفرنس هلي رهي هئي. ون يونٽ ڪونه ٽٽو هو، پر ان جي خلاف سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نفرت ۽ حقارت جي باهه ڀڙڪي اٿي هئي.
سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ايوب جي ڳچيءَ ۾ نوڙي ٻڌي هن تي لعنت ۽ ملامت پئي ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ون يونٽ کي ٽوڙڻ جا به هزارين آواز اُٿي رهيا هئا. پر ان هوندي به سنڌ ۾ ان وقت جيڪا ون يونٽ خلاف جدوجهد هلي رهي هئي. اها سڄي منتشر هئي. انهيءَ ۾ ڪوبه رابطو يا هم آهنگي نه هئي، نه وري سنڌي ليڊرن ۾ ڪي اهڙا هئا جيڪي سڄي قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ون يونٽ جي خلاف ڪو گڏيل محاذ پيدا ڪن. سنڌي سياست جا نوان ليڊر محمد حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو به تازا جيل مان ڇُٽا هئا، جيتوڻيڪ اهي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ دورا ڪري سنڌي عوام کي سجاڳ ڪرڻ، همٿائڻ، ايوبي آمريت خلاف اٿاري بيهڻ، ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا هئا، پر تنهن هوندي به سنڌ گير سطح تي هن سڄي جدوجهد ۾ مرڪزيت نه هئي. سائين جي ايم سيد جن به سنڌ متحده محاذ جي انتشار ڪري ڪجهه مايوس هئا، تنهن ڪري پاڻ به سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري نه سگهيا. پيپلز پارٽي جيڪا ان وقت سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويئي هئي، تنهن جو ليڊر ڀٽو صاحب به ون يونٽ جي باري ۾ ڪو واضح اعلان اڃان تائين نه ڪري سگهيو هو.انهيءَ ڪري ون يونٽ جي خلاف جيڪو به سنڌ مان آواز اُٿي رهيو هو، اُهو جيتوڻيڪ هو ته سنڌ جي سڀني ڳوٺن ۽ شهرن مان، پر پاڪستان جي سياسي طوفان ۾ منتشر ٿي ويو ۽ ايوب جي لڏندڙ محلات ۾ جيڪڏهن اهو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ته اهڙو ڀيانڪ نه، اهڙو هيت ناڪ نه، جهڙو ٿيڻ گهرجي ها.
سنڌين کي ان وقت ان آواز لاءِ هڪ براڊڪاسٽنگ هائوس جي ضرورت هئي، جتان اهو آواز شارٽ ويو تي وڏي طاقت سان ٽرانسمٽ (نشر) ٿي، ايوبي آمريت جي گنبذ ۾ وڃي ڪو غلغلو پيدا ڪري.
اسان ٻئي ڄڻا گهڻي دير تائين ان موضوع تي ڳالهائيندا رهياسين ته نيٺ ڇا ڪجي جو اهو آواز سنڌ جي ساري ديو جو آواز ٿي، هن ڌرتيءَ تان گونجي اُٿي،
ڪيتريون ترڪيبون هڪ ٻئي کي ڏنيون سين، پوءِ اهي رد ڪيون سين. پر نيٺ پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ترڪيب تي اتفاق ڪيوسين ته حيدرآباد جي گاڏي کاتي چوڪ ۾ هڪ سينٽر کولجي جنهن جو اصل مقصد ته سنڌ ۾ سنڌين جي ان جدوجهد کي تيز ڪرڻ ۽ انهن ۾ لاڳاپي ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ جو هجي. پر ظاهري طرح اهو ون يونٽ جي خلاف هڪ سادي احتجاجي صورت ۾ هجي. بک هڙتال جي صورت ۾.
بک هڙتال جيتوڻيڪ هڪ بي پهچائيءَ، نوڙت ۽ نهٺائيءَ وارو احتجاج آهي، پر تنهن هوندي به احتجاج جو هڪ باقاعدي طريقو آهي، نه هئڻ کان ڪجهه ته چڱو ئي هو.
هاڻي سوال ٿي اٿيو ته ان سينٽر ۾ بک هڙتال تي اول ڪير ويهي، هُو يا مان، اسان ٻنهي پنهنجي زندگي قومي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هُئي، تنهن ڪري انهيءَ ڳالهه تي هڪڙو ننڍڙو هنگامو ٿي پيو. هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو اسان کي جاچڻ لڳا ته ڪيڏي مهل ٿا پاڻ ۾ وڙهن. پر وات کان هٿن تائين ڪونه پهتاسين. نيٺ ڪجهه دير “تون تون” “مان مان” کان پوءِ ٻنهي ۾ فيصلو ٿيو ته اسان مان ڪير به نه ويهي، وچان ئي ڪو ٻيو ماڻهو ويهي. اهو پڪو فيصلو. ڪري اتان اُٿياسين ۽ هوٽل کان ٻاهر نڪري وياسين.
هاڻي اهو سوال ٿي پيدا ٿيو ته بک هڙتال تي اهو ٻيو ماڻهو ويهي ڪير؟ ڏاڍو عجيب ۽ پنهنجو پاڻ تي شرمساري به پي ٿي جڏهن رستن تي هلندا ٻنهي پاسي هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا ٿي وياسين ته من ڪو اهڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ اچي، جنهن کي چئون ته يار هل هلي سنڌ لاءِ بک هڙتال تي ويهه. ٻه چار واقف ڪار مليا ۽ هڪ ٻه سنڌ تي قربان ٿيندڙ نوجوان به مليا، پر انهن سان اها ڳالهه نه ڪڍي سون، ان ڪري ته متان ڪا کلاساڻي ٿئي ۽ وري ڪير انڪار به ڪري ته مايوسي ٿئي- هلندا هلندا نيٺ وري اچي اورينٽ هوٽل تي اچي پهتاسين. جتي شيخ صاحب رهيل هو. خيال ڪيوسين ته من اُتي ڪو اهڙو مناسب نوجوان ملي وڃي، جيڪو انهي مهم لاءِ تيار ٿئي، هوٽل جي انتظار گاهه ۾ ئي منهنجي نظرن تي هڪ اهڙو ماڻهو آيو جنهن کي ڏسڻ سان ئي ڄڻ ته مون کي يقين ٿي ويو ته هي ئي اهو ماڻهو آهي جيڪو بک هڙتال تي ويهي سگهي ٿو ۽ سنڌ جي تحريڪ ۾ جان وجهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ۾ جوش تمام گهڻو هو. هڪ ڳاڙهه ڳٽو نوجوان هو. آءُ جتي ڪٿي کيس جلسن ۽ جلوسن ۾ ڏسندو هوس. هو نعرن هڻڻ ۽ ليڊ ڪرڻ ۾ سدائين پيش پيش هوندو هو.
منهنجي ٻي واقفيت ساڻس تمام ٿوري هئي، نالو سندس ڄاڻندو هوس خالد سنڌي. هو مونکي ڏسي اُٿيو ۽ ڏاڍي محبت سان مليو. ابن حيات ڪجهه پوئتي رهجي ويو هو، اهو به آيو، هُن سان به هِن ساڳي محبت مان هٿ ملايو پوءِ ٽئي ڄڻا گڏجي ان ساڳي ڪوچ تي ويٺاسين، جتي هو اڳي ويٺو هو. پوءِ ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين.
ڳالهين ۾ گهڻي دير نه لڳي، هو بک هڙتال جي ڳالهه ٻڌڻ شرط ئي يڪدم اُٿي بيٺو چيائين، ”آءٌ بک هڙتال ڪندس ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪندس. جيستائين ون يونٽ نه ٽٽو آهي“ پوءِ اسان اتي وڌيڪ نه ويٺاسين،نڪري هوٽل کان ٻاهر آياسين. اهو وقت اٽڪل ڏهين بجي رات جو هو ۽ اسان ٽين بجي تائين حيدرآباد جي رستن تي هلندا ۽ بک هڙتال سينٽر جي باري ۾ رٿابندي ڪندا رهياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو ٽنهي ڄڻن ويهي ان پوسٽر جو مضمون لکيو جيڪو “خالد” جي بک هڙتال ڪرڻ جي باري ۾ هو. پوءِ اهو پوسٽر ڪتابت ڪرايوسين. ڇپايوسين، ورهايوسين، ڀتين تي لڳايوسين. انهيءَ ڏينهن ’سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو بسنت هال ۾ هڪ وڏو جلسو ڄام ساقي جي سربراهيءَ هيٺ هو. اهو پوسٽر کڻي اتي وياسين. جلسي ۾ به اهڙو اعلان ڪرايوسين ته خالد سنڌي ٻئي ڏينهن ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ سنڌين جي طرفان پهرين بُک هڙتال تي ويهندو ۽ اها بک هڙتال گاڏي کاتي چوڪ ۾ ٻئي ڏينهن تي ٻارهين بجي کان شروع ٿيندي.
پوسٽر ۾ به اهو ٻڌايو ويو هو ۽ اتي به اهو اعلان ڪرايو ويو ته ٻئي ڏينهن ڏهين بجي هوشو شهيد جي قبر تي دعا گهرندي اتان خالد کي جلوس جي صورت ۾ وٺي گاڏي کاتي چوڪ ۾ اچبو ۽ اتي اچي کيس بک هڙتال تي ويهاربو. اخبار ۾ به اها خبر ڏني سين، پر اها اتي ڇپجي نه سگهي. ان رات سڄي حيدرآباد ۾ ڀتين تي اهي بُک هڙتال جا پوسٽر هڻائڻ ۾ محمد حفيظ قريشيءَ جي هڪ فرزند وڏي مدد ڪئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو آءُ، ۽ ابن حيات قلعي جي دروازي تي گلن جا هار کڻي وڃي بيٺاسين. خالد به اتي پهچي ويو. پڇيوسينس ته پنهنجي مائٽن کي ٻڌايو اٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي وڏو ڊپ هو ته هو متان گرفتار ٿي وڃي. ايوب شاهي پاڪستان ۾ هر هنڌ ان جي خلاف مهم سختيءَ سان ڪچلي رهي هئي ۽ سنڌين طرفان تاريخ جو هي سڀ کان وڏي ۾ وڏو قدم پهرئين دفعي کڄي رهيو هو، ان ڪري هن ڳالهه جو وڏو امڪان هو ته اٿندي ساڻ ئي ايوب شاهي انهيءَ تحريڪ کي دٻائي ڇڏيندي. هن جواب ڏنو ته “نه”، پڇيوسينس ته “ڇو؟” چيائين “مائٽن کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايبون آهن ڇا؟ ابي امڙ کان جيڪڏهن اها ڳالهه پڇان ته پوءِ مون ۽ چنيسر ۾ ڪهڙو فرق رهيو.” هن جي ان عظيم جذبي کي ڏسي مون کڻي کيس ڀاڪر وڌا. مون کي مخاطب ٿي چيائين “ڇا تون منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو اهو ساڳيو خالد سنڌي نه آهين؟”. هو پنهنجي مائٽن جو اڪيلو پٽ هو، سڪيلڌو هو، پيارو هو، مون چيومانس. “آءُ ته ساڳيو سندن لاءِ خالد ٿيندس، پر متان هنن کي مون مان توجهڙي سڪ ۽ پيار نه ملي” جواب ڏنائين “مهانڊن تي هو مَٽجن ته ڀلي پر مونکي پڪ آهي ته تون گهٽ ۾ گهٽ سندن پُٽ جي غير موجودگي کين محسوس ٿيڻ نه ڏيندين.”
اهڙيون ڳالهيون ڪندا اسان هوشو شهيد جي قبر تي آياسين. گل چاڙهياسين. کانئس دعا گهريسين ته اسان کي وطن جي هن عظيم تحريڪ ۾ پنهنجي روحاني طاقت بخشيندو رهي. اتان پوءِ نڪتاسين، سمجهيوسين ته ڪي ساٿي ضرور قلعي تي گڏ ٿيا هوندا، خالد کي جلوس جي صورت ۾ وٺي هلڻ لاءِ، ڇاڪاڻ ته ڪالهه اهڙا اعلان ڪيا ويا هئا ۽ حيدرآباد جي ديوارن تي پوسٽر پڻ لڳل هئا. پر اسان کي اهو ڏسي تعجب ٿيو ته فقط هڪ نوجوان ڪلهن ۾ اجرڪ ويڙهيو قلعي جي دروازي تي بيٺو هو ۽ اسان ٽن ڄڻن کي اندران قلعي مان ايندو ڏسي اسان سان اچي گڏيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريوسين، ٻيو ڪير به نه هو.
سنڌ ۾ هڪ عظيم تحريڪ اُٿي رهي هئي پر اطلاع جي هوندي به ايتري بي حسي! اهو ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي. پر پوءِ دل نه لاٿي سين ۽ جيڪي پاڻ سان گلن جا هار هئا، سي محبت ۽ عقيدت مان خالد جي ڳچيءَ ۾ وڌاسين ۽ اسان جو اهو چئن ڄڻن جو جلوس قلعي جي دروازي کان گاڏي کاتي چوڪ ڏانهن هلڻ لڳو. واٽ تي ماڻهن خالد جي ڳچيءَ ۾ گل ٿي ڏٺا ۽ اسان کي ان سان گڏ ويندو ٿي ڏٺو ته تعجب مان نهاريو پي. انهن شايد ائين سمجهيو ته هي نوجوان تازو ڪو جيل مان ڇٽي آيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪيترا ماڻهو سياسي هلچل جي ڪري جيل ۾ ويا پي ۽ آيا پي، يا ڪن شايد ائين به سمجهيو هجي ته هي حاجي سڳورو آهي. جيڪو هاڻي حج ڪري موٽيو آهي. ان وقت ڪيترا حاجي به حج تان واپس اچي رهيا هئا. پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هي ماڻهو سنڌ جي مستقبل جو اهو سنگ بنياد رکڻ وارو آهي جنهن کان پوءِ سنڌ جو رستو ڦٽي نڪرندو ۽ نيٺ وڃي ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ جي منزل تي پهچندو.
آءٌ ۽ ابن حيات صبح جو سوير اڳيئي حيدر چوڪ ۾ شاميانو هڻائي آيا هئاسين. ماڻهن اسان کان پڇيو هو ته اهو ڇا جي لاءِ آهي، پر ڪنهن کي نه ٻڌايوسين. ان خيال کان متان پوليس خالد جي اتي وهارڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي اکيڙي نه ڇڏي.
جيئن ئي خالد کي وٺي اچي شامياني ۾ هڪڙي تڏي تي وهاريوسين، ته چوڌاري ماڻهو ڦري ويا، ڪي سنڌي ته ڪي غير سنڌي. اسان يڪدم هڪ ننڍي تختي هٿ ڪري ان تي لکيو:
ون يونٽ جي خلاف سنڌ جي پهرين علامتي بک هڙتال.
اهو لِکڻ ۽ سنڌين جو ڊوڙي شامياني اندر اچڻ. هو سڀ خالد کي ماکيءَ جي مکين وانگر چهٽي ويا. ڪو سندس هٿ چمڻ لڳو، ڪو سندن ڳل ڪو سندس اکيون، ڪو سندس چپ، مطلب ته پيار ۽ محبت جو ايترو وڏو درياءَ خالد جي مٿان وري ويو، جنهن ۾ هو ڏسڻ ۾ نه آيو. سڄو ڏينهن ساڻس اها ڪار هئي اسان اندازو لڳايو ته رڳو انهيءَ ڏينهن ئي رات جو ٽين لڳي تائين گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار سنڌي مرد ۽ عورتون ۽ ٻار گلن جا هار کڻي هن جي قدمن ۾ رکندا هن کي پنهنجو نذر عقيدت پيش ڪري چڪا هئا. اٽڪل هڪ مڻ کن گلن جو اسان انهيءَ رات خالد جي سمهڻ جو وڇاڻو بنايو.
خالد جي ويهڻ شرط ئي سامهون سندن جاءِ مان جناب حيدر بخش جتوئي جن هن کي ڏسي نڪتا ۽ اچي کيس ڀاڪر پائي مليا. ان وقت اخبار جا ڪيترا فوٽو گرافر اچي گڏ ٿيا هئا، جن اُهي فوٽو ڪڍيا، جيڪي پوءِ ٻئي ڏينهن تي سڀني اخبارن ۾ شايع ٿيا. ٿوري دير کان پوءِ شيخ اياز به آيو ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌي رهنما به کيس ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ آيا، جن ۾ محمد حفيظ قريشي، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش خان ۽ مير علي احمد خان ۽ ٻيا به هئا.
ٻي ڏينهن تي جڏهن اخبارن ۾ فوٽن سان خالد جي ون يونٽ خلاف بک هڙتال جو اهو احوال شايع ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄڻ ته هڪ زبردست ۽ جولانيءَ جي لهر ڊوڙي وئي، ون يونٽ جي خلاف هڪ وڏو غوغاءُ پيدا ٿي ويو، جتان ڪٿان اعلان ٿيڻ لڳا ته فلاڻي شهر مان هيترا نوجوان بک هڙتال تي پيا ويهن، فلاڻي شهر مان هيترا، مطلب ته هڪڙي مشعل مان پوءِ سوين ٻيون مشعلون سڄي سنڌ ۾ جلي اٿيون، اسان سڄو رڪارڊ رکندا آيا هئاسين. پڇاڙيءَ ۾ ٽوٽل ڪيو هئوسين ته فقط چاليهن ڏينهن جي عرصي ۾ جيڪو عرصو اهو سينٽر هليو، سنڌ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن مان 830 سنڌي هاري، مزدور، شاگرد ۽ ٻيا نوجوان ون يونٽ جي خلاف بک هڙتال تي ويٺا. مرڪزي سينٽر ۾ به 45 بک هڙتال ڪرڻ وارا هڪ ٻئي پويان ويٺا هئا، اهو سلسلو هڪ منٽ لاءِ به بند نه ٿيو، خالد ٻن ڏينهن لاءِ بک هڙتال ڪئي هئي، پر پوءِ هن پويان ٽي ٽي چار چار ڄڻا هڪ ئي وقت ڪي هڪ ڏينهن لاءِ ڪي ٻن ڏينهن لاءِ ڪي ٽن ڏينهن لاءِ هڙتال تي ويهندا ويا. هڪ دوست انور حسين جتوئي لاڙڪاڻي وارو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺو، ون يونٽ ٽوڙائڻ جي مطالبي سان گڏ ٻيو به مطالبو کڻي ويٺو هو ته جناب جي ايم سيد کي نظربنديءَ مان ڪڍو ۽ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا ڪي سنڌي ليڊر جيڪي ان وقت جيلن ۾ هئا، تن کي آزاد ڪيو. جڏهن هو 92 ڪلاڪ بک هڙتال ڪاٽي چڪو هو ته جناب جي ايم سيد غلام محمد لغاري ۽ ٻين کي رها ڪيو ويو. پوءِ سڀني جتوئيءَ کي زور ڀريو تڏهن مس مس هن مرڻ گهڙيءَ واري هڙتال تان هٿ کنيو.
انهيءَ سينٽر کي ختم ڪرڻ لاءِ مخالفن طرفان وڏا حملا ۽ هنگاما ڪرايا ويا، پر سڄيءَ حيدرآباد جا سنڌي هڪ جسم هڪ جان ٿي انهن حملن ۽ هنگامن کي منهن ڏيندا رهيا، پر انهي سينٽر کي ختم ٿيڻ نه ڏنائون. ڇاڪاڻ ته اهو سندن جدوجهد جو هڪ عظيم قلعو هو. چاليهه ڏينهن جيڪي اهو سينٽر هليو، ان جي سڄي تواريخ به ڏاڍي حيرت، جرئت ۽ محبت، ساڳئي وقت ڏکن ۽ لڙڪن واري به آهي. انهن چاليهن ڏينهن اٽڪل سنڌ مان پنج لک ماڻهو ان سينٽر ۾ پنهنجي دل جي محبت کڻي آيا ۽ اتان موٽ ۾ سنڌيت جي روحاني طاقت پاڻ سان کڻي ويا. سنڌ جو ڪوبه ننڍو وڏو ليڊر ۽ باشعور ماڻهو نه رهيو هو، جيڪو ان ۾ آيو نه هجي. سن جو سائين به ٻه ٽي دفعا ان ۾ آيو ۽ هڪ دفعو ڀٽو صاحب ان سينٽر جي پاسي کان جلوس ۾ لنگهندي بُک هڙتالين کي محبت مان سلام ڪندو ويو.
سينٽر جي سڄي سنڀال ۽ ڪار گذاري هڪ انتظامي ڪميٽي رکندي آئي، آءُ ۽ ان حيات به ان جا ميمبر هئاسين. آءُ ٻي ڪنهن دفعي توهان کي اهو ٻڌائيندس ته ان سينٽر کي غيرن جي طرفان ختم ڪرڻ لاءِ ڪيئن هزارن جي تعداد ۾ حملا ڪيا ويا، ڪيئن اُن تي پٿر وسايا ويا، ڪيئن ان تي گوليون هلايون ويون، ڪيئن اُن تي بم اڇلايا ويا. ڪير ڪير ثابت قدم رهيا. ڪيترا هڙتال تي ويٺا، ابن حيات به ڪيئن نوڪري ڇڏي اچي هڙتال تي ويهي رهيو.
25 مارچ تي يحى شاهيءَ جي پهرين ڏينهن ان سينٽر تي ڇا ٿي گذريو. ڪيئن مسعود نوراني اچي اتي هڙتال تي ويٺو، اهو ٻڌي ڪيئن محمد حفيظ قريشي اتي پهتو، پوءِ ڇا وهيو واپريو اهو سڄو احوال آءٌ توهان کي ڏيندس. هاڻي خالد جي باري ۾ ٻه لفظ ٻيا.
خالد پنهنجي زندگيءَ جي ان عظيم ڪارنامي کان پوءِ عملي سياست ۾ به گهڙي پيو. ان کان پوءِ اڄ تائين هن جي سڄي زندگي سخت جدوجهد واري گذري آهي. ڪجهه سياسي ناتجربيڪاريءَ ڪري ڪجهه نوجوانيءَ جي خودسريءَ ڪري هن جي سياسي عمل ۾ ڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ به تبديليون اينديون رهيون آهن. پر هاڻي هو سياست جي ڪنڊن واري ميدان ۾ پاڻ کي گهڻو ڪجهه سنڀالي ويو آهي. ڪجهه وقت کان وٺي هن سنڌ جي پورهيت طبقي کي هڪ غير سياسي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ ”سنڌي پورهيت تنظيم“ جي نالي سان هيءَ سنڌي مزدورن ۽ ننڍن ملازمن جي ’سنڌ گير سطح تي تنظيم‘ شروع ڪئي آهي. سنڌ جو اهو مظلوم طبقو صدين کان وٺي سنڌ جي وڏيرن ۽ سرمائيدارن جا ظلم سهندو آيو آهي، خالد انهن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ جيڪي محنتون ڪري رهيو آهي ۽ انهن جون جيڪي خدمتون ڪري رهيو آهي، اهي وڏيون واکاڻ جوڳيون آهن. شايد سنڌ جو مستقبل ان تنظيم مان پيدا ٿئي. روشن مستقبل ۾ خالد سنڌيءَ جي محنتن ۽ خدمتن جي ننڍي روشني به شامل هجي. مون کي سنڌ جي هن هڏ ڏوکي، جفاڪش، سرويچ نوجوان ۾ وڏيون اميدون آهن... ۽ منهنجي کيس دعا به آهي.“

ان بک هڙتال جو ٻيو اهم ڪردار هو ابن حيات پنهور. جيڪو يگانو قومي ڪارڪن هو. ابن حيات جي سنڌ سان والهانه عشق ۽ پاڻ ارپڻ جو ذڪر ڪندي خالد سنڌي، ابن حيات پنهور جي ڪتاب “ڪروڙپتيءَ” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
“1969ع ۾ جنرل ايوب خان جي آخري دور ۾ جڏهن مون ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي ته جن دوستن منهنجو سڀ کان وڏو ساٿ ڏنو. ابن حيات پنهور انهن ۾ سڀني کان اڳرو هو. بک هڙتال جي فيصلي وقت هو بضد هو ته هو سڀ کان اول بک هڙتال تي ويهي. ليڪن مون ع.غ سنڌي (عبدالغفور الستيءَ)، قاسم شورو، ديدار جتوئي، محمد دائود بلوچ ۽ ٻين دوستن ابن حيات جي عمر ۽ نوڪريءَ کي سامهون رکي، سندس تجويز نامنظور ڪئي ۽ آخر ۾ فيصلو منهنجي ئي حق ۾ ٿيو. مان انهيءَ زماني ۾ بئنڪ جي سروس ۾ هئس. مون کانپوءِ بک هڙتالين جي هڪ وڏي لسٽ هئي، ليڪن پنهور صاحب ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان جون سڀ دليلون ۽ دلائل رد ڪري اچي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ (جيڪو جيئي سنڌ چوڪ تي لڳل هو) بک هڙتال تي ويهي رهيو.” (27)
ابن حيات پنهور 13 جنوري 2003ع تي 83 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي عبدالغفور الستي مٿس جيڪو مضمون لکيو. ان جو عنوان ئي رکيائين ”سنڌ جي محبت ۾ مجذوب ٿي ويل انسان.“
اُن مضمون ۾ الستي لکي ٿو:

“اسان جن مقصدن لاءِ اها هڙتال شروع ڪرائي هئي، ان ۾ ڪامياب وياسين. ان ڪاميابيءَ جو سهرو پاليسيءَ جو ابن حيات جو ئي هو ۽ پئسي جو منهنجو. پاليسي ئي سڀ ڪجهه هئي، پئسا ڪجهه ڪونه هئا. سو مون ٿي اوهان کي ٻڌايو ته ابن حيات پنهور ايڏو وڏو ماڻهو هو! ون يونٽ کان به وڏو!”(28)
هن وقت نه خالد سنڌي حيات آهي، نه ابن حيات پنهور ۽ نه ئي وري عبدالغفور الستي، هو سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿي ويل انسان هئا، جت به رهيا، جن حالتن ۾ به رهيا، سنڌ جي خدمت سندن ايمان جو حصو هو. سنڌ جو اڄوڪو نسل انهن يگانن انسانن جي خدمت کان اڻ واقف آهي، جو هو سنڌ جا گمنام سپاهي هئا، پر سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ ۾ سندن قربانين کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو.