سونن نالن وارو دستاويز
“دراصل اسان سنڌين ۾ ۽ خاص ڪري ٻين صوبن جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ ۾ اهو تاثر عام هو ته نئشنل عوامي پارٽي جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته ازخود مادري ٻولين کي انصاف ڏياريندي، ڇو ته عوامي ليگ جي پاليسين سبب مٿن سخت دٻاءُ هو. پر افسوس ته بلوچستان ۽ سرحد (خيبر پختونخواهه) ۾ قائم ٿيل (نعپ جي) حڪومتن مادري ٻولين کي نظرانداز ڪري اردو ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏياريو. ان جو وڏو نقصان اهو ٿيو، جو بلوچستان جي جن علائقن ۾ سنڌي ميڊيم وارا اسڪول هئا، هڪ ئي ڌڪ سان بند ٿي ويا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ناقابل تلافي هاڃو رسيو.“(35
ويتر ستين جولاءِ 1972ع تي جڏهن سنڌ اسيمبليءَ، سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو ته شهرن جو اردو دان طبقو ناراض ٿي پيو ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ هُل ۽ هنگاما شروع ٿي ويا. اردو اخبار “جنگ” ته تعصب جو مظاهرو ڪندي، اردو شاعر رئيس امر وهويءَ جو هڪ پراڻو قطعو ”اردو کان جنازه هي ذرا دهوم سي نڪلي،“سڄي صفحي تي ڪاري بارڊر سان هلايو، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو، انهن فسادن ۾ ڪيترائي سنڌي شهيد ٿي ويا. رئيس امروهوي بعد ۾ سنڌين ۾ “خوني کڳو” جي نالي مشهور ٿي ويو.
اردودانن جي اهڙي رويي سنڌين کي ڏاڍو رنجايو. هنن ته کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، هاڻ هو احسان فراموشي اختيار ڪندي، سنڌين جا ويري ٿي بيٺا هئا. اردودانن جي اهڙي روش جي نه رڳو مذمت ڪئي ويئي، پر سنڌين پنهنجي ٻولي جي بقا، بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو.
“تڏهن منهنجي من ۾ خيال آيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪجي. پوءِ اسان ملير ڊائجسٽ جي معرفت سنڌي ماڻهن کي اها ترغيب ڏيڻ شروع ڪئي ته هو وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائين ۽ پنهنجي اُن خيال جي بنياد تي اسان “سون نالن وارو دستاويز” جي نالي سان سلسلو شروع ڪيو.” (35)
”ان سلسلي تحت ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ هڪ قسم نامو شايع ڪيو ويو، جنهن جا چار بنيادي مقصد هئا.
1. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ.
2. سنڌي ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي ترغيب ڏيڻ.
3. سنڌي ماڻهن کي گهڻي کان گهڻا رسالا، اخبارون، ڪتاب ۽ ٻيون اشاعتون (سنڌي ٻوليءَ ۾) خريد ڪرڻ لاءِ اُتساهڻ.
4. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تي اهو زور ڀرڻ ته هو پنهنجي آمدنيءَ جو اڌ سيڪڙو رقم سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ مواد خريد ڪرڻ تي خرچ ڪن. (36)
”سونن نالن واري دستاويز“ تي پهريون صحيح ڪندڙن ۾ ايڊيٽر ملير عبدالغفور ميمڻ، ٻيو صحيح ڪندڙ پناهه جگر سنڌي ۽ ٽئين صحيح ڪندڙ ملير جي ساٿياڻي نسيم سنڌي هئي. ٽنهي جو واسطو ملير ڊائجسٽ سان هو.
سونن نالن واري دستاويز جو سلسلو آگسٽ 1972ع کان شروع ٿيو ۽ نومبر 1973ع تائين هليو. سڀ کان پهرين پهتل نالن جي فهرست سيپٽمبر 1972ع ۾ جاري ڪئي ويئي، پڙهندڙن مان هن دستاويز تي صحيح ڪندڙن مان پهريون مرد عزيز احمد اثيم (نيو سعيد آباد) ۽ پهرين صحيح ڪندڙ عورت مسز مختيار رشيد ابڙو (هالا) هئي. انهيءَ دوران سڄي سنڌ مان جيڪي فارم ڀرجي ايندا هئا، انهن جا نالا ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپيا ويندا هئا. انهن مان ڪيترن ماڻهن ته پنهنجي رت سان نالا لکي موڪليا.
هيٺ ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قسم نامي جو متن پيش ڪجي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جي قسم نامي جو متن “
آئون خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ٿو/ٿي ته جيئن ته آئون دنيا جي هر انساني ٻوليءَ کي، انسانن جي وچ ۾ ڳانڍاپي ۽ محبت پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي وڌائڻ جو ذريعو ٿو سمجهان/ٿي سمجهان ۽ دنيا جي سڀني ٻولين کي انسان جي ترقي ۽ ڀلائيءَ جو ضامن ٿو سمجهان/ٿي سمجهان، ان ڪري آئون دنيا جي سڀني انساني ٻولين کي چاهيان ٿو/چاهيان ٿي. ڪنهن به انساني ٻوليءَ سان ڪوبه وير وروڌ، بغض يا دشمني نٿو رکان/نٿي رکان.
جيئن ته آئون سنڌ وطن ۾ پيدا ٿيو آهيان/ٿي آهيان ۽ ان ۾ رهان ٿو/رهان ٿي، جنهن وطن جي ٻولي زماني جي ابتدا کان وٺي اڄ تائين سنڌي رهي آهي. تنهنڪري منهنجي وطني ٻولي سنڌي آهي، جيڪا آئون ڳالهايان ٿو/ڳالهايان ٿي ۽ جنهن سان آئون دل و جان سان محبت ڪريان ٿو/ڪريان ٿي.
گذريل 25 سالن دوران سنڌ ۾ اهڙيون سياسي سماجي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن، جن جي ڪري سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ۽ واڌارو رڪجي ويو آهي ۽ هاڻي ڪجهه عرصي کان ته ماڳئين سنڌ ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن طرفان علي الاعلان سنڌي ٻوليءَ جي زبردست مخالفت ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي خلاف نفرت جا وڏا مظاهرا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
۽ جيئن ته منهنجو هڪ وفادار پاڪستاني ۽ هڪ محب وطن سنڌيءَ جي حيثيت ۾ اهو فرص آهي ته آئون سنڌ جي هن فطري ورثي، سنڌي ٻوليءَ جو بچاءَ ڪريان ۽ اُن جي واڌاري ۽ واهپي لاءِ شعوري طور ڪوشش وٺان. تنهن ڪري آئون پنهنجي وطن سنڌڙي ۽ ان جي مٺڙي ٻوليءَ جو قسم کڻي ٿو چوان/ٿي چوان ته:
(1) آئون سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان ۾ پنهنجو جائز مقام وٺائي ڏيڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جي ڪوشش وٺندو رهندس/وٺندي رهنديس، جيڪو جائز مقام اهو آهي ته ان کي پاڪستان جي هڪ قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.
(2) جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو، اوتري قدر آئون گهڻي ۾ گهڻي سنڌي ٻولي ڳالهائيندو، لکندو ۽ پڙهندو رهندس/ ڳالهائيندي، لکندي پڙهندي رهنديس، ۽ ٻين کي به اهڙي ترغيب ڏيندو رهندس/ڏيندي رهنديس.
(3) جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو، اوتري قدر آئون گهڻي ۾ گهڻا سنڌيءَ جا رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون وٺندو رهندس/وٺندي رهنديس ۽ ٻين کي به اهڙي ترغيب ڏيندو رهندس/رهنديس.
(4) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل مواد جي جيڪا اڻاٺ پيدا ٿيل آهي، ان کي ختم ڪرڻ خاطر ۽ سنڌي ادب جي واڌاري خاطر، آئون پنهنجي ماهوار آمدنيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ اڌ سيڪرو فقط سنڌي رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن جي خريداريءَ تي يا انهن کي پنهنجي ڪاروبار جي اشتهارن ڏيڻ تي يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪوبه مواد پنهنجي سر ڇپائڻ تي خرچ ڪندو رهندس/رهنديس.
اڄ کان پوءِ آئون انهن مٿين ڳالهين تي شعوري طور (ارادتاً) عمل ڪندو رهندس/ڪندي رهنديس.
مون هي قسم، سنڌي ٻوليءَ جي الف ب جي پڙ ۾، هنن صفحن تي هٿ رکي کنيو آهي ۽ انهن سڀني ٻاونجاهه سنڌي الف ب جي اکرن کي پاڻ تي شاهد بنائي کنيو آهي.
آئون وري به پنهنجي وطن سنڌڙي ۽ مٺڙي ٻولي سنڌيءَ جو قسم کڻي ٿو چوان/ ٿي چوان ته آئون مٿين سڀن ڳالهين تي، پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ عمل ڪندو رهندس/ڪندي رهنديس.”
قسم نامي جي باري ۾ ضروري ڳالهين جو متن
(1) “اسان سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري وارو جيڪو قسم نامو شايع ڪيو هو، اهو سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ جتي ڪٿي، وڏي جوش ۽ جذبي سان هٿو هٿ کنيو ويو ۽ جيڪي فارم موڪليا هئاسين، اهي سڀني ڀري اسان کي موڪليا، هيستائين اسان وٽ هزار کن اهڙا قسم ناما گڏ ٿي ويا آهن ۽ روزانو ڪيترا ٻيا ايندا رهن ٿا، جن کي اسان هڪ تاريخي دستاويز وانگر پاڻ وٽ محفوظ رکندا وڃون، اهو دستاويز سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت وارو دستاويز ٿيندو. اسان کي يقين آهي ته اهو آئيندي سنڌ ۾، ٻوليءَ جي بچاءَ جو وڏو معجزو ۽ حقيقت ثابت ٿيندو.
(2) اسان جو مقصد آهي ته سنڌ جو هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو قسم کڻي ته جيئن سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي قيامت تائين ختم ٿيڻ جو امڪان ئي باقي نه رهي، ۽ اها نيٺ هن (سنڌ جي) سر زمين جي ٻولي ٿي وڃي. ان ڪري سڀني باشعور ساٿين کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اهو قسم نامو پاڻ به ڀرين ۽ ٻين به سڀني پڙهيل سنڌين کان ڀرائي موڪلين.
(3) هن قسم جي اهميت جو احساس رکندي، اسان انهن سڀني ساٿين جا نالا شايع ڪريو پيا، جن اهو قسم کنيو آهي، ته جيئن اهي عظيم نالا، سنڌ جي تاريخ ۾ مستقل طور قائم ۽ دائم رهن. نالن جي پهرين قسط ”ملير ڊائجسٽ“ جي هن پرچي کان شروع ڪريون ٿا ۽ آئيندي هر پرچي ۾ به هڪ قسط ڏيندا رهنداسين.
(4) جيئن ته اهي نالا سَوَن ۽هزارن ۾ گڏ ٿيندا ويندا ۽ اداري جي ڪمزور مالي حالتن جي ڪري اسان لاءِ اهو ممڪن نه ٿيندو ته اهي ملير جي مخصوص صفحن ۾ شايع ڪري سگهون، تنهن ڪري اسين قسم نامو ڀريندڙن کي عرض ڪريون ٿا ته اهي مهرباني ڪري قسم نامي سان گڏ فقط چئين آني جون ٽڪليون اسان ڏي موڪليندا رهن ته جيئن اسان تي خرچ جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي ۽ اسين اهڙي طرح “ملير ڊائجسٽ” ۾ جيڪي به سندن نالا، جيترن به صفحن ۾ اچن، اوترا صفحا ملير جا وڌائي، انهن ۾ ڏيندا رهون. هن دفعي اسان فقط ٻن صفحن ۾ اهي نالا ڏنا آهن، پر آئيندي گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني ملير ڊائجسٽ جي مقرر صفحن کان ڏهه صفحا وڌائي، انهن ۾ اهي (نالا) ڏيندا رهنداسين.
(5) هن قسم نامي ۾ جيڪو چوٿون نمبر فقرو آهي، اهو ئي دراصل ان قسم نامي جي جان آهي، جنهن مطابق هر هڪ قسم کڻندڙ کي اهو عهد ٿو ڪرڻو پوي ته هو هر ماهه پنهنجي آمدني يا ڪمائيءَ مان گهٽ ۾ گهٽ اڌ سيڪڙو رقم سنڌي ٻوليءَ جي ڇپيل مواد لاءِ خرچ ڪندو رهندو. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن جي آمدني مهيني ۾ ٻه سؤ روپيا آهي ته هو گهٽ ۾ هٽ اُن مان هڪ رپيو سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن، رسالن، اخبارن وٺڻ تي يا ٻيءَ طرح ان جي واڌاري تي خرچ ڪندو رهندو. بظاهر اها ڪا ايتري گهڻي رقم ڪانهي. جيڪا هر هڪ کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ خرچ ڪرڻي پوي، پر رڳو اها رقم سنڌ جو هر سنڌي دان، سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڇپجندڙ مواد تي خرچ ڪندو رهي ته سڄي سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اخبارن، رسالن، ڪتابن جي باغ بهار ٿي ويندي، سنڌ ۾ سڀني لئبريرين، هوٽلن، آفيسن، گهرن، بُڪ اسٽالن تي رڳو سنڌي ٻوليءَ جا پيل ڪتاب اخبارون رسالا نظر ايندا ۽ پوءِ اسان جي ٻولي ٻين ٻولين تي غالب پئجي ويندي، اهڙي طرح اها طاقت وڌائي ويندي ۽ نيٺ سڄي سنڌ تي پنهنجي حاڪميت تسليم ڪرائي ويندي، اسان اها اڌ سيڪڙي واري حد اُن ڪري رکي آهي، جيئن عام ماڻهوءَ کي اها ڳري نه لڳي. هونئن ته اها حقيقت آهي ته ڪير پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان پنج سيڪڙو رقم به سنڌي ٻوليءَ تي خرچ ڪري ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. مون ته ڪتابن، رسالن ۽ اخبار جا ڪيترا اهڙا شوقين به ڏٺا آهن، جيڪي هر مهيني ڏهه سيڪڙي رقم تائين به پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان انهن تي خرچ ڪندا آهن. هو رڳو جيڪڏهن سنڌي اخبار وٺن ته به هنن جا ساڍا ست روپيا هر مهيني ٻوليءَ تي خرچ ٿين ٿا.سو جيڪڏهن هنن اڌ سيڪڙو رقم جو قسم کنيو هوندو ته ان حساب سان هنن جي آمدني 300 کان 500 روپين تائين هوندي آهي. ان حساب سان فقط هڪ سنڌي اخبار وٺڻ سان هو ٻوليءَ تي ڏيڍ کان ٻه سيڪڙو خرچ ڪندا. عام طرح گهڻا سنڌي هڪ اخبار ته روز وٺن ٿا. انهيءَ ڳالهه جي مد نظر اسان جي اها تجويز آهي ته:
(6) جيئن ته عام سنڌين جي اقتصادي حالت تمام گهڻي پوئتي پيل آهي. انهن ۾ فقط هڪ خاص طبقو آهي. وڏيرن، آفيسرن ۽ وڏن واپارين جو جيڪو پئسي وارو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن هي قسم نامو رڳو اسان غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کنيو ته ان مان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو خاطر خواه واڌارو نه ٿي سگهندو. ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته سنڌ جو سڄو شاهوڪار طبقو به هن مهم ۾ شريڪ ٿئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري جو هي قسم کڻي ۽ اهو قسم نامو ڀري، انهن جي ماهوار آمدنيءَ جو اڌ سيڪڙو به ڪافي گهڻو ٿيندو، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ترقي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري منهنجي سنڌ جي سڀني شاگردن، نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين سڄڻن کي اها پرزور اپيل آهي ته اهي مهرباني ڪري پنهنجي تڪ جي اسيمبلي ميمبرن، زميندارن، آفيسرن، واپارين ۽ ٻين پئسن وارن ماڻهن کان اهو قسم نامو پڙهائي ۽ ڀرائي موڪلين، جيڪڏهن هي قسم نامو پڙهڻ کان پوءِ به قسم نامو نه ڀرين ته اهو ساٿي اسان کي سندن نالا ۽ ائڊريسون ڏياري موڪلين. جيئن اسين انهن کي خطن رستي اها تصديق ڪريون، تصديق کان پوءِ به جيڪڏهن هو اهو قسم کڻڻ لاءِ تيار نه ٿئي ته پوءِ هنن جا نالا اسان، ملير ڊائجسٽ، ۾ سنڌي عوام جي پڌرائي لاءِ شايع ڪنداسين ۽ اهڙن نالن جو به هڪڙو دستاويز ترتيب ڏينداسين، جنهن جو نالو رکنداسين “ڪارن نالن وارو دستاويز” اهڙا ماڻهو بخشجڻ جي لائق هرگز ڪونهن، ڇاڪاڻ ته اهو پئسو جيڪو هو سنڌين جي رت ست مان گڏ ڪن ٿا، ان مان رڳو اڌ سيڪڙو به ماهوار هُو انهن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن. سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ واڌارو خود انهن جي به ڀلائي آهي، عام سنڌين جي به ڀلائي آهي ۽ سنڌ جي سرزمين جي به ڀلائي آهي.
(7) جيڪي به پئسي وارا ماڻهو اهي قسم ناما ڀريندا وڃن، انهن کي عرض آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب، رسالا، اخبارون خريد ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن اڌ سيڪڙي جي رقم مان اڃا به وٽن پئسا هر مهيني بچندا رهن ته هو انهن پئسن مان، جيڪڏهن پاڻ لکي سگهن ٿا ته اهي پنهنجا ئي لکيل سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب ڇپارائيندا ۽ شايع ڪندا رهن. پر جيڪڏهن ائين نٿا ڪري سگهن ته سندن تر جا جيڪي به پراڻا شاعر، اديب ۽ نوان لکندڙ آهن، انهن جي لکڻين کي پنهنجن پئسن مان ڇپرائيندا رهن. سنڌ م سوين اهڙا اديب، شاعر ۽ نوان لکندڙ آهن، جن جا فنپارا پئسن نه هئڻ سبب ڇپجي نٿا سگهجن ۽ وڏين وڏين صلاحيتن وارا لکندڙ گمناميءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اهي پئسي وارا ماڻهو جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي تر جي انهن اديبن، شاعرن ۽ نوَن لکندڙ جي همت افزائي به ڪري سگهن ٿا. ان ڳالهه ۾ سندن به عزت آهي. جيئن سرويچ سجاولي، جيڪو جيتوڻيڪ سنڌ جو هڪ مشهور شاعر آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو غريب آهي ۽ پنهنجي شاعري ڇپائي نٿي سگهيو، تنهنڪري سنڌ جو عام ماڻهو هن جي شاعريءَ کان محروم رهيو، پر هاڻ جڏهن انهيءَ تر جي هڪڙي اسيمبلي ميمبر ۽ زميندار سيد بشير احمد شاهه پنهنجي طرفان خرچ ڪري سندن هڪڙو ديوان ”آليون اکيون ۽ اڻڀا وار“ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي ته نه فقط سرويچ جي شاعري عام ماڻهوءَ جي هٿن تائين پهتي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جو به واڌارو ٿيو آهي ۽ ساڳي وقت شاهه صاحب، جنهن اهو خرچ ڀريو، تنهن لاءِ تر جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ وڌيڪ عزت ۽ محبت پيدا ٿي آهي. اوهان کي ٻُڌي تعجب ٿيندو ته هو صاحب پراڻو پنجابي ۽ نئون سنڌي آهي. پر تنهن هوندي به هن کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنهنجن گهڻن ئي اصلي سنڌي ميمبرن کان وڌيڪ احساس آهي.
هن سلسلي ۾ منهنجي، سنڌ جي سڄي نوجوان نسل کي گذارش آهي ته اهي مهرباني ڪري پنهنجي پنهنجي تر جي سڀني سرنديءَ وارن کان اهو قسم نامو ضرور ڀرائين ۽ اهو به ڏسن ته هر مهيني اهي پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان اها قسم کنيل رقم ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ خرچ به ڪن ٿا يا نه. پاڻ خرچ نه ڪري سگهندا هجن ته نئين نسل جا اهي نوجوان هر ڳوٺ ۽ هر شهر مان اها رقم هر مهيني انهن سرنديءَ وارن ماڻهن کان وٺي، پاڻ وٽ گڏ ڪري اتي جي اديبن، شاعرن ۽ نون لکندڙن جون تخليقون ڇپارائيندا رهن. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري جون ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ تنظيمون ٺاهين. انهن نوجوان کي ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين هو سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ پاڻ ميدان عمل ۾ نه ايندا، تيستائين سنڌي ٻوليءَ جي ڪا به ڀلائي ڪونه ٿيندي. ان جو مستقبل به تاريڪ ٿي ويندو، تنهنڪري دوستو ساٿيو، ڀائرو، ڀينرو، اچو ته هن وقت پنهنجي سستيءَ کي ڇڏي اُٿون، پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ تنظيمون ٺاهيون. هي قسم نامون سڀني عام ۽ خاص ماڻهن کان ڀرايون ۽ پوءِ انهن ئي پئسن مان پنهنجا يا پنهنجي تر جي شاعرن ۽ اديبن جا ڪتاب، رسالا ڇپارايون. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ کي ڪمسپرسيءَ جي حالت مان ڪڍون ۽ ان کي سنڌ جي سرزمين تي پنهنجي وڃايل حاڪميت وٺائي ڏيون. اُن سان گڏ پنهنجي ئي سرزمين تي پنهنجي وڃايل ملڪيت به حاصل ڪريون.
(8) قسم نامي جو فارم ڪتاب ۾ هڪ هنڌ ڇاپيو ويو آهي. ان جهڙا فارم هٿ سان به لکي سگهجن ٿا. جيڪي ساٿي اڌ سيڪڙي کان به وڌيڪ رقم پنهنجي ماهوار آمدنيءَ مان سنڌي ٻوليءَ تي خرچ ڪرڻ چاهين، انهن کان قسم نامي جي پوئين پاسي اهو وڌيڪ سيڪڙو لکايو وڃي.
(9) سنڌ جي سڀني اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ڪڍڻ وارن کي گذارش آهي ته هو به اهو قسم نامو ۽ ان جا فارم پاڻ وٽ پنهنجن اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇاپيندا رهن ته جيئن ان جي تمام گهڻي تشهير ٿئي ۽ اها هڪ قومي مهم بنجي وڃي. ان لاءِ اسان جو حوالو ڏيڻ نه چاهين ته نه ڏين ۽ قسم نامي جا ڀريل فارم اسان کي موڪلڻ نه چاهين ته نه موڪلين، پاڻ وٽ ئي
محفوظ ڪندا وڃن. موڪليندڙن جا نالا پاڻ ئي پنهنجي سر ڇاپيندا رهن. مقصد اسان جو ۽ هنن جو، اهو ئي هجي ته سنڌي ٻولي جيئي جيئي، سدا جيئي سدا جيئي سدا جيئي.” (37)