نئون پاڪستان ۽ نئون آئين
ملڪ جون واڳون سنڀالڻ سان ئي صدر ڀٽي ملڪ کي هلائڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ شروع ڪيا. انهن ۾ ھڪ قدم نئون ملڪي آئين ٺاهڻ هو. آئيني ڪميٽي ٺهڻ سان ئي نئين آئين ٺهڻ جي حوالي سان بحث مباحثو شروع ٿي ويو ۽ ملڪ جي مختلف مڪتبه فڪر رکندر طبقن پاران، نئين ٺهندڙ آئين جي سلسلي ۾ حڪومت کي صلاحون ۽ مشورا ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سنڌي اخبارن ۽ رسالن به پنهجن صفحن ۾ آئين جي حوالي سان پنهنجا رايا ڏيڻ ۽ مطالبا شروع ڪيا. ان سلسلي ۾ ايڊيٽر ملير ڊائجسٽ عبدالغفورميمڻ به ملير ڊائجسٽ جي صفحن ۾ سنڌي قوم جي ترجماني ڪندي نئين آئين جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيو. ملير ڊائجسٽ جي فيبروري 1973ع جي پرچي ۾ اندرينءَ صفحي تي باڪس ۾ وڏن اکرن ۾ گهر ڪيل آهي ته: ” نئين آئين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنايو.“ ان کان اڳينءَ جنوري 1973ع واري ملير ڊائجسٽ ۾ عبدالغفور ميمڻ ”نئون پاڪستان ۽ نئون آئين“ جي عنوان سان هڪ اهم ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ هن مجوزه ٺهندڙ نئين آئين جي باري ۾ پنهنجا تفصيلي خيال پيش ڪيا ۽ پنهنجي راءِ جو بي باڪيءَ سان اظهار ڪيو. اڄ جڏهن اهو ايڊيٽوريل پڙهجي ٿو ته ان ۾ ملڪ ۽ سنڌي قوم جي حوالي سان، جن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، انهن جي باري ۾ ايڊيٽر ملير ڊائجسٽ جي دورس نگاهن تي حيرت ٿئي ٿي. اهو ايڊيٽوريل هڪ تاريخي ايڊيٽوريل آهي، ان وقت جڏهن مذڪوره ٺهندڙ آئين جي حوالي سان لڳ ڀڳ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي سڀ رسالا ۽ اخبارون آئين جي حمايت ۾ لکي رهيون هيون ۽ حڪومت جي ان آئين کي هڪ اهم ۽ تاريخي قدم قرار ڏيئي رهيون هيون. تڏهن ”نئون پاڪستان ۽ نئون آئين“ عنوان سان لکيل اداريو ٺهندڙ آئين جي مخالفت ۾ هڪ ڀرپور آواز هو.
اهو ايڊيٽوريل پڙهڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته ان وقت سنڌي اخبارن ۽ رسالن جا ان آئين جي باري ۾ ڪهڙا ويچار هئا.
روزاني ”هلال پاڪستان ڪراچي“. جنهن جو ايڊيٽر محترم سراج هو. تنهن پنهنجي 2 جنوري 1973ع واري اشاعت ۾ ”قومي تاريخ جو سڀاڳو ڏينهن“ جي عنوان سان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
“هن آئين ۾ جيڪي فقرا آهن، سي بنيادي قانون جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن تي جيترو به لکجي، اهو ان سان انصاف نه ڪري سگهبو، پر پاڪستاني قوم هاڻ پنهنجي لاءِ هڪ عمل تيار ڪري ورتو آهي. نئون آئين پارليامينٽري جمهوريت جي طرز جو آهي. جنهن ۾ حاڪميت عوام کي حاصل آهي.
... آئين ۾ اڳوڻن سمورن آئينن کان وڌيڪ بنيادي حق ڏنا ويا آهن ۽ انهن بنيادي حقن جي مڪمل تحفظ لاءِ آئين ۾ فقرا رکيا ويا آهن. ملڪ جي سرڪاري ملازمتن جي نظام کي آئين کان الڳ هڪ رواجي قانون جي ذريعي منطم ڪيو ويندو.
... آئين جي مختلف فقرن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو يقين ٿي ٿو وڃي ته هن آئين جي بنياد تي پاڪستان مضبوط بنيادن تي بين الاقوامي برادريءَ ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪندو ۽ هڪ نئين مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو رهندو....“
چئن ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ روزاني هلال پاڪستان 6 جنوري 1973ع جي اشاعت ۾ ”پڪو آئين ۽ نعپ“ جي عنوان سان پنهنجي ٻي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
“....31 ڊسمبر 1973ع ۾ قومي اسيمبلي ۾ پڪو آئين جو مسودو پيش ٿيو، تڏهن سڄي قوم سُک ۽ شڪر جو ساهه کنيو. هن قوم کي 25 سالن کان پوءِ هڪ جمهوريت ۽ مستقل آئين ملي رهيو آهي. هيءَ ڏينهن قوم جي تاريخ ۾ اهم ترين ڏينهن مان هو ۽ جيئن اميد هئي پاڪستان جي سموري عوام ان ڏينهن جي دل کولي آجيان ڪئي...”
سنڌ جي هڪ ٻي روزاني “سنڌي” اخبار “عبرت” پنهنجي 2 جنوري 1973ع جي اشاعت ۾ “جمهوري آئين” جي عنوان سان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
”... مستقل ۽ جمهوري آئين جو مسودو تمام ٿوري عرصي ۾ تيار ڪري، اسيمبلي جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ وزير قانون مسٽر عبدالحفيظ پيرزادي، قومي اسيمبلي جي سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ آئين ڪميٽي جي ميمبرن کيرون لهڻيون. جن نهايت جانفشاني ۽ حب الوطني جي جذبي سان ڏينهن رات ڪم ڪري هن اهم قومي فرض کي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو. بلاشڪ انهيءَ ڪاميابي جو سهرو صدر ذوالفقار علي ڀٽي جي سِرَتي آھي، جنهن جي ڪوشش ۽ تعاون سان سڀني سياسي پارٽين جي وچ ۾ آئيني ٺاهه عمل ۾ آيو ۽ آئين سازي جي رستي مان روڪاوٽون ۽ اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي.
... پاڪستان جي نئين آئين جي مطالع مان معلوم ٿيندو ته انهيءَ ۾ جمهوريت کي رائج ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ وفاقي ۽ پارلياماني حڪومت جو سرشتو قائم ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ تسلي بخش لائحه عمل اختيار ڪيو ويو آهي...“
سهڻي رسالو، جنهن جو ايڊيٽر مرحوم طارق اشرف هو، جنهن پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ 22 مهينا جيل ڪاٽيو، تنهن ”سهڻي“ جي فيبروري 1973ع جي پرچي ۾ ”نئون آئين“ جي عنوان سان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
“... پاڪستان دنيا جو شايد واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ ساڍن پنجويهن سالن ۾ عوامي آئين ٺهي نه سگهيو. هڪڙو آئين ٺهيو، دفتر داخل ٿي ويو. ٻيو ۽ ٽيون عوامي نه هئا. تنهن ڪري ٿُڏجي ويا. هاڻ وري جڏهن نئون آئين ٺهي پيو ته وري رنڊڪون آڏو آڻڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويئون آهن. اسين مڃون ٿا، بلڪه اسين لکي به چڪا آهيون ته هن آئين ۾ ڪافي اوڻايون آهن ۽ ننڍن صوبن کي اُهي حق حاصل ڪونهن، جيڪي ملڻ گهرجن ها، پر اڄ جيڪي آئين جي مخالفت ڪري رهيا آهن، اُهي ئي اِهو آئين قبول ڪري، معاهدو ڪري، صحيحون ڪري آيا هئا. اسين انهن کان پُڇڻ گهرون ٿا، ته جڏهن انهيءَ آئين ۾ اوهان کي ايتريون خاميون نظر اچي رهيون آهن ته ڇا اوڏيءَ مهل اوهان جي اکين تي کوپا ۽ ڪنن۾ ڪپهه پيل هئي، جيڏي مهل انهيءَ آئين تي اوهان صحيحون ڪيون هيون. در حقيقت اوهان کي اوڏي مهل اِهو آئين قبول ئي نه ڪرڻ گهرجي ها، جنهن ۾ صوبن کي ڪوبه اختيار ڪونهي، پر جڏهن اوهان سوچي سمجهي انهيءَ تي معاهدو ڪيو آهي ته پوءِ اصولي طرح هاڻ اوهان کي مخالفت جو ڪوبه اختيار ڪونهي. هاڻ اوهان جي ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته آئين جلد ٺهي....“
آئين جي حمايت ۾ هلال پاڪستان، عبرت ۽ سهڻي پاران لکيل ايڊيٽوريلن جا حوالا ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته انهن جي روشنيءَ ۾ آئين جي مخالفت ۾ ماهوار “ملير ڊائجسٽ” جي جنوري 1973ع جي ايڊيٽوريل “نئون پاڪستان ۽ نئون آئين” کي سمجهي سگهجي ٿو:
نئون پاڪستان ۽ نئون آئين
”پراڻو پاڪستان جنهن ۾ پنج صوبا هئا، اهو 17 ڊسمبر 1971ع تي ختم ٿي چڪو، جڏهن اسان جي فوجن اوڀر پاڪستان ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا. هاڻ انهيءَ پراڻي پاڪستان جا نظرياتي مُرشد کڻي ڪيڏا به وڏا واعظ ڪن ته اڃان تائين اوڀر بنگال پراڻي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن اندر آهي، رڳو ٿوري وقت لاءِ ڀارتي جارحيت ڪري اسان کان الڳ ٿيو آهي، ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. اوڀر پاڪستان نه فقط هڪ جدا ۽ الڳ ملڪ بنجي چڪو آهي ۽ ان جو نالو بنگلاديش آهي، پر ان جو نئون آئين ٺهي ان ۾ نافذ به ٿي چڪو آهي.
دراصل اهي پراڻي نظريه پاڪستان جا چئمپين جيڪي اڄڪلهه ”بنگلاديش نامنظور نامنظور“ جي گهوڙا گهوڙا ڪن پيا اهي کڻي احمقن جي جنت ۾ رهندا هجن، پر اهڙا احمق ڪونهن، جيئن اسان کين سمجهون ٿا، هو ته اسان کي ئي پنهنجي چالاڪين ۽ چالبازين سان بيوقوف بنائي رهيا آهن، جماعت اسلامي جمعيت العلمام اسلام، جمعيت علماءِ پاڪستان وغيره وغيره ڪي ڇوڪراڻيون پارٽيون ڪونهن، پر هندوستان ۽ پاڪستان جي وڏن وڏن جغادرين جون پارٽيون آهن. جن جو هر سياسي عمل تمام ڳوڙهو سوچيل ۽ ويچاريل هوندو آهي، اوڀر بنگال ۾ اھو رت جو درياءَ وھائڻ کانپوءِ ھو بلڪل چڱي طرح سمجهن ٿا ته وري بنگالي اهو رت جو درياهه پار ڪري، کين مسلمان ڀاءُ سمجهي ڀاڪر ڪونه اچي وجهندا پر اهو اها حقيقت پسندانه ڳالهه ڪري پنهنجو سياسي مستقل تاريخ نٿا ڪرڻ چاهين. “بنگلاديش نامنظور نامنظور” يا پراڻي “نظريه پاڪستان” جي حمايت ۾ هنن جون هيٺيون ٻه حڪمت عمليون آهن:
في الحال بنگلاديش تسليم نه ڪرائجي، جيئن پاڪستان جون قيدي فوجون هندستان مان نه اچي سگهن. ان طرح سان ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ ڀٽي صاحب جي مخالفت وڌندي رهندي. جنهن جو نتيجو لازمي طرح نيٺ اهو ئي نڪرندو ته ڀٽي صاحب کي زوريءَ اقتدار تان هٽايو ويندو. (هو اها زبردست پروپئگنڊا ڪندا ته ڀٽو صاحب فوجن کي گهرائڻ ۾ ناڪام ويو. جيئن هنن هاڻي کان ئي اها پروپئگنڊا شروع ڪري ڏني آهي،) تنهنڪري پوءِ هو پنهنجي مطلب ۽ مشرب جو ڪو ماڻهو ملڪ جي مسند تي ويهاريندا ۽ ان ذريعي باقي بچيل ملڪ تي پنهنجو سياسي تسلط ڄمائيندا.
سندن اها حڪمت عملي ته ظاهر ظهور آهي، جيڪا اسان سڀني جي اکين اڳيان آهي. پر ٻي حڪمت عملي ڳُجهي آهي، جيڪا گهڻو ڪري اسان سڀني جي اکين کان لڪل آهي. اها آهي:
(2) ته اهي بنگلاديش جي منظوري کان اڳ ۾ جلدي جلدي باقي بچيل پاڪستان جو آئين ٺهرائي وٺن ۽ اهو به پڪي طرح ته جيئن ئي ڀٽي صاحب جو اقتدار ختم ٿئي، تيئن هو باقي بچيل پاڪستان تي قانوني طرح سوار ٿي وڃن ۽ پوءِ ڪنهن کي به اهو احتجاج ڪرڻ جو جواز نه ٿئي ته جڏهن بنگلاديش کي منظور ڪري نظريه پاڪستان اصولي طرح به ختم ڪري ڇڏيو اٿوَ ته هاڻي وري هي نئون پاڪستان ڇا جو؟ پهرين ته انهن صوبن کان اجازت وٺو ته اهي هن نئين پاڪستان ۾ شامل به ٿين ٿا يا نه، پهرين ته ڪو قرارداد لاهور قسم جهڙو ريزوليشن ته پاس ڪرايو، پوءِ ان نئين پاڪستان کي ٺاهيو. پهرين ته اهڙو بل صوبائي اسيمبلين کان پاس ڪرايو، پوءِ ان جي ڳالهه ڪرايو. هنن کي اهو خدشو آهي ته جيڪڏهن بنگلاديش نئين پاڪستان جي آئين کان اڳ ۾ تسليم ٿيو ته نظرياتي طرح پراڻو پاڪستان جيڪو هاڻي نه رھيو آهي، اهو پوءِ اصولي طور به نه رهندو. پوءِ سڀڪو صوبو وس وارو ٿيندو ته چئن صوبن واري نئين پاڪستان ۾ اهو شامل ٿئي يا نه، متان ڪو صوبو پوءِ انهن جي استحصال کان نڪري وڃي. تنهنڪري جلدي جلدي چئن صوبن کي نئين آئين ۾ پڪيءَ طرح جڪڙي قابو ڪري ڇڏجي. ڏسجو ويٺا ته جڏهين آئين پڪيءَ طرح پاس ٿي ويندو تڏهن هو به چوندا ته هاڻي ڀلي بنگلاديش کي تسليم ڪريو ۽ جنگي قيدي واپس آڻيو. پوءِ هو رات وچ ۾ جنگي قيدين جي رهائي جا چئمپين ٿي ويندا ۽ اهڙي طرح هنن جون همدرديون حاصل ڪري پنهنجي مقبوليت کي وڌائيندا ۽ ڀٽو صاحب جنگي قيدين لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري چڪو هوندو، انهن کي پاسي ڪري وٺندا.
اميد ته پڙهندڙ سندن انهيءَ لڪل حڪمت عمليءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي ويا هوندا ۽ انهن تي هاڻي اهو به ظاهُر ٿي بيهندو ته جماعت اسلامي، جمعيت العلما، جمعيت اسلام وغيره پارٽيون جن موجود نئين آئين ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي پهرين پهرين سنڌي طرح يا اٽڪل بازيون ڪرڻ اڻ سڌي طرح تحريڪ ۾ آندو ۽ پوءِ ان سان مڪمل طرح تعاون ڪيو، ويندي انهيءَ حد تائين جو اهي سڀ جماعتون ”بنگلاديش نامنظور نامنظور“ جون ملڪ جي بازارين ۾ هنگاما آرائيون ڪرائينديون رهيون، پر تنهن هوندي به آئيني ڪميٽيءَ سان انهن پورو پورو ساٿ ڏنو، ان جو ڪهڙو سبب هو ۽ آهي؟ اهو ئي ته: هي نئون آئين جلدي جلدي ٺهي وڃي. ۽ انهن چئن صوبن کي مضبوطيءَ سان پنهنجي قابوءَ ۾ آڻي ڇڏجي، جيئن پوءِ هميشه لاءِ سندن اڳيان قيد ٿيل صوبن ۾ هر قسم جي استحصال ڪرڻ جا دروازا کليل رهن. باقي اقتدار، سو ڀٽي صاحب کان پوءِ هونئن ئي هو پنهنجي جهوليءَ ۾ ڏسيو ويٺيون آهن. جيڪڏهن نه ته سندن ڪنهن هم مطلب يا مشرب جي جهوليءَ ۾!
اها به ڳالهه هاڻي صاف ظاهر ٿي ويئي ته انهيءَ آئين جو اهڙو لاچار به اٿن جو ان ۾ هڪڙو اهو شق وجهايو اٿن ته اهو آئين ڪير به ڪڏهين به منسوخ نه ٿو ڪري سگهي. ڪندو ته قوم جو غدار ٿيندو. (خود ڀٽو صاحب به پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ائين نه ڪرائي سگهي.)
هاڻي سوال اهو ٿو اُٿي ته ڇا ڀٽو صاحب ايتري سياسي بصيرت جو مالڪ ڪونهي جو انهن جماعتن جي حڪمت عملين کي سمجهي سگهندو هجي؟ ڀٽي صاحب جي سياسي بصيرت اسان سڀني جي ڏٺل ۽ وائٺل آهي. ان ڪري اسان کي ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. اسان رڳو اهو ٿا ڀانيو ته هو انهن جماعتن جي سياسي حڪمت عمليءَ کي اهو سمجهڻ جي باوجوده به ان کي ايتري اهميت ڪونه ٿو ڏي. هو پاڪستان جو هڪ وڏو محب وطن شخص آهي، هو چاهي ٿو ته پاڪستان جي دنيا اندر ويجهڙائيءَ ۾ جيڪا به نظرياتي، اخلاقي معاشي ۽ فوجي شڪست ٿي آهي، ان جي اثرات کي جلدي جلدي ختم ڪري. پاڪستان جي نئين سر تعمير ڪري ۽ فوجن کي هندوستاني قيد مان آزاد ڪرائي. اُن ڪري هو صاحب ڪنهن به جماعت جي جائز ۽ ناجائز ڳالهين اڳيان سر جهڪائي پيو.
اسان سندن محب وطنيءَ جي انهي عظيم جذبي جو احترام ڪريون ٿا، پر کين هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪريون ٿا ته سائين!
پراڻو پاڪستان ته توهان به چئو پياته ختم ٿي ويو آهي. هي نئون پاڪستان آهي، تنهن ڪري اُن جو آئين به نئون ٺهرايو پيا. پر ڇا اهو توهان صوبن جي بنيادي حقن مطابق ٺهرايو پيا؟ انهن ۾ رهندڙ انسانن جي پيدائشي حقن مطابق ٺهرايو پيا؟ ۽ اهڙي طرح اهو آئين مضبوط بنيادن تي ٺهرايو پيا، جنهن ۾ نئون پاڪستان قائم ۽ دائم رهي؟
نئين پاڪستان جو آئين هڪ وفاقي قسم جو آئين آهي، جنهن ۾ هاڻي چار صوبا شامل ٿي هڪڙو گڏيل ملڪ اڏين پيا، جنهن جو نالو هوندو، ”اسلامي جمهوريه پاڪستان.“
قائد اعظم جيڪو پاڪستان پنجويهه سال اڳ ۾ ٺاهيو هو ان جو نالو رڳو پاڪستان هو ۽ ان ۾ پنج صوبا هئا. پنجون صوبو، جو باقي چئن صوبن کان وڏي اڪثريت وارو هو، سال کن اڳ ۾ جدا ٿي اُن پراڻي پاڪستان جي ملڪي ۽ نظرياتي سرحدن کي ختم ڪري چڪو آهي. انهيءَ ڪري توهان هاڻي نئين سر هڪ اهڙي پاڪستان جو بنياد رکو پيا، جنهن ۾ فقط چار مغربي صوبا هوندا. پنجين صوبي جو انهيءَ آئين ۾ جيڪو امڪان رکيو ويو آهي، اهو سراسر دل خوش ڪندڙ آهي. سڀڪو ائين ئي سمجهي پيو.
ته هاڻي جڏهين هڪ ملڪ ئي نئون پيو ٺهي، تڏهين اهي چارئي صوبا جيڪي پنهنجي پنهنجي منهن هڪڙا ننڍڙا ننڍرا ملڪ به آهن، جن جا ماڻهو ۽ جن جون ٻوليون به هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهن. ڇا انهن صوبن کان توهان انهيءَ نئين ملڪ ۾ شامل ٿيڻ جون رضامنديون ورتيون آهن؟ ڇا انهن پنجويهن ڄڻن جي آئين ڪميٽيءَ ۾ پنج يا ڇهه ڇهه ڄڻا جيڪي انهن صوبن مان آهن، انهن کي اهو حق آهي ته هو پنهنجن صوبن جو ڪروڙن ماڻهن جي تقديرن جو فيصلو ٽيبل تي ويهي ڪن؟ ۽ پنن جي پنڌرهن ويهن دستن تي ويهي لکن؟
اهو فيصلو ته هر هڪ صوبي ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جو پنهنجو ذاتي انفرادي فيصلو آهي، جيڪو هن جو پيدائشي ۽ ملڪي حق آھي، ڇا انهن کان اهو پيدائشي حق کسي فقط چند ماڻهن جي حوالي ڪرڻ اها پاڪستان جي چئن ملڪن ۽ ماڻهن سان سراسر ناانصافي ناهي؟ ڇا نئين آئين موجب نئون پاڪستان ان جي باشندن جي بنيادي حقن جي لاشن تي نه ٿو ٻڌو پيو وڃي؟
نئين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلن جو مجاز اسان جي صوبائي يا قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي به اصل نه آهي، اسان سنڌ وارا ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي اهڙن فيصلن کي سالن جا سال لوڙهي چڪا آهيون ۽ تنهن کان سواءِ اسان يا ٻين صوبن جي ماڻهن موجوده صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن کي ڪهڙي به بهاني اهڙن فيصلن ڪرڻ لاءِ نه چونڊيو هو، تنهن ڪري اي خاڪ وطن جا فرزند! اسين توهان جي انهي نئين پاڪستان ۾ شامل ٿينداسين، سئو دفعا شامل ٿينداسين، پر اسان کي مهرباني ڪري اسان جو فقط هڪڙو پيدائشي ۽ ملڪي حق ڏيو، ووٽ! ۽ اسان اهو نئين پاڪستان ۽ نئين آئين کي ڏينداسين، پر پهرين اهو يقين ڪري ته، اڳي جيڪو به اسان جي ننڍڙي پياري ملڪ جو استحصال ڪيو ويو آهي، ان جا نشان ان مان بلڪل ختم ڪيا ويندا ۽ آئندي ان استحصال جو ڪوبه امڪان باقي نه رهندو.
اسان کي خبر آهي ته نئين آئين ۾ وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري جون تمام وڏيون دعوائون ڪيون ويون آهن، پر اسان کي اها خبر آهي ته اسان سنڌ وارن کي انهيءَ آئين ۾ نه اسان جو سامونڊي بندر گاهه مليو، نه هوائي بندر گاهه مليو، نه اسان جون زمينون استحصالي طبقن کان آجيون ٿي مليون ۽ نه انهيءَ آئين ۾ اسان جي روح جي پڪار اسان جي ٻوليءَ کي شرف ۽ عزت جو مقام مليو.
اسان انهيءَ آئين کان اڳي به ڌڪاريل هئاسين ۽ هن آئين ۾ به ڌڪاريل آهيون، اڳي به لٽيل ڦريل هئاسين. هن آئين ۾ به ائين آهيون.
اڳي به غلام هئاسين، هن آئين ۾ به ائين آهيون، سڄي صوبائي خود مختياري سرحد ۽ بلوچستان وارن لاءِ آهي. انهن ڏنڊي جي زور سان سڀ ڪجهه ورتو آهي ۽ وٺندا رهندا. خودمختياري ته ڇا پر هو آزادي به وٺڻ چاهين ته وٺي سگهن ٿا. فقط اسان ئي سنڌ جا اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهو آهيون، جيڪي اڳي به گهاڻي جي چڪيءَ ۾ پيڙهبا رهياسين ۽ هن آئين کان پوءِ ساڳي طرح پيڙهبا رهنداسين.
توهان اسان جا صدر آهيو، اسان کي ان ڳالهه تي دلي سڪون آهي، پر توهان به ڪيستائين؟ اسان جي دل جو اهو سڪون به ڪيستائين؟ هن نئين آئين جون زنجيرون اسان کي جڏهين پئجي ويون ۽ توهان به جڏهين پنهنجو وارو وڄائي ويا هليا ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي سنڌ جو ڇا ٿيندو، اوهان جي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ هي ڪنهن واحد شخص جي اقبال جو سوال ڪونهي، پر هڪ ڪروڙ ماڻهن جي واحد تقدير جو سوال آهي.
اُن ڪري جناب صدر صاحب! اسان توهان کان، هڪ سنڌي جي حيثيت ۾ نه پر پاڪستان جي صدر جي حيثيت ۾، اهو مطالبو ٿا ڪريون ته انهي نئين آئين جي منظوري يا نا منظوريءَ تي سڀني صوبن کان ريفرنڊم ڪرايو (عام راءِ وٺايو) ۽ اسان سنڌ وارن کان به اهو ريفر يڊم ڪرايو نئين پاڪستان جي سڀني شهرين کي بنيادي حق ڏيو ۽ اسان سنڌين کي به ڏيو. اسان سنڌين جو اهو قومي مطالبو آهي ته نئين آئين تي ريفرينڊم ڪرايو، ريفرينڊم ڪرايو!
نه ته پاڪستان ۽ اسلام جون ٺيڪيدار جماعتون ته اهي غير حقيقي مطالبا پيون ڪن ته ”بنگلاديش نامنظور نامنظور“ ۽ اسان وري اهو حقيقي مطالبو کڻي اٿنداسين ته “نئون آئين نا منظور نامنطور“.(38)
ائين به ڪونهي ته آئين جي مخالفت ۾ رڳو “ملير ڊائجسٽ” ۾ عبدالفغور ميمڻ ئي اهو ايڊيٽوريل لکيو هو، پر ٻين سنڌي رسالن جهڙوڪ: ڪتابي سلسلو پيغام پبليڪيشن (مرتب: عبدالواحد آريسر) ڪتابي سلسلو ”اڳتي قدم پبليڪيشن“ (مرتب: مدد علي سنڌي) ۽ ماهوار ڪتابي سلسلو ”نئين سنڌ پبليڪيشن“ پڻ آئين جي مخالفت ۾ ايڊيٽوريل لکيا هئا ۽ پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو هو.
عبدالغفور ميمڻ رڳو مٿيون ايڊيٽوريل لکي بس نه ڪيو، پر هن ٻيهر مارچ اپريل 1973ع جي “ملير ڊائجسٽ” جي گڏيل پرچي ۾ “واڪو هڏ م لاهه، سڏن مٿي سڏڙا” جي عنوان سان هڪ ڀيرو ٻيهر ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر آئين جي حوالي سان سنڌي قوم جي خدشن جو اظهار ڪندي لکيو:
واڪو هڏمَ لاهه سڏن مٿي سڏڙا.!
”اسين آئين تي اڳي به لکي چڪا آهيون ۽ هاڻي به ان تي لکڻ پنهنجي قومي جوابداري ٿا سمجهون. آئين هڪ قومي قسمت جو دستاويز آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قسمت به لکجي پئي. جيڪڏهن اها غلط لکجي ويئي ته پوءِ اسان سنڌي وري سدائين پيا اُن تي ڳوڙها ڳاڙينداسين رِت جا ڳوڙها پيو آگهندو، تنهنڪري هينئر ئي اسان سڀني سنڌين کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ سمجهڻ گهرجي ته آئين ڪهڙو پيو ٺهي. اسان جي قومي مفادن جي خلاف ته ڪونهي؟ جيڪڏهن آهي ته ان لاءِ آواز اُٿارڻ گهرجي. اهو اسان جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي. ۽ ان سان گڏ اهو اسان جو قومي فرض به آهي، ته جڏهين اسان جي قومي قسمت جو فيصلو ٿي رهيو آهي، ته اسان به ڪجهه ڳالهايون. اسان مان هر هڪ سياسي شعور رکندڙ شخص، پنهنجي وطن ۽ وطنين آڏو پنهنجي جوابداري محسوس ڪري ۽ آئين جي ٺهڻ کان اڳ آئين ٺاهڻ وارن تائين پنهنجو آواز پهچائي.
پهرين اچو ته موجوده صورت ۾ جيڪو آئين ٺهي پيو ان جو ڪجهه مختصر تجزيو ڪريون. ان آئين موجب پاڪستان هڪ اسلامي، جمهوري ۽ وفاقي ملڪ هوندو. ان جو سرڪاري مذهب اسلام هوندو. ان ۾ جمهوريت جو راڄ هلندو، اهو چئن صوبن جو هڪ سياسي نظام هوندو. آئين جون اهي مکيه ڳالهيون ويچارڻ جهڙيون آهن.
(1) آئين ۾ پاڪستان کي سرڪاري طرح اسلامي بنايو ويو آهي، جيتوڻيڪ اڳيئي ان ۾. 90 سيڪڙو رهندڙ مسلمان ئي آهن. ۽ اهو سوال ئي پيدا ٿئي ته اهي پنهنجو مذهب بدلائين، اقليت ۾ ٿي وڃن ۽ پاڪستان جي اسلامي حيثيت ۾ ڪو فرق اچي يا اسلام کي ڪو نقصان پهچي.
پر آئين ۾ اها اسلامي پابندي وجهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نظرئي پاڪستان کي زبردستيءَ هن ملڪ تي مسلط رکيو وڃي، جنهن جي ويجهڙائي ۾ وڏي خوني ترديد ٿي چڪي آهي.
نظرئي پاڪستان موجب هندستان جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻايو ويو هو، جيڪا ڳالهه هونئن به اصولي طرح غلط هئي. پر مشرقي پاڪستان وارن مسلمانن، اسان کان جدا ٿي عملي طور به انهيءَ نظرئي کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. اسلام جي بنيادن تي پاڪستان هڪ وطن جو درجو حاصل ڪري نه سگهيو. مذهبن مان ڪڏهين به وطن نه ٺهندا آهن، پر اهي ساڳي ڪلچر زبان ۽ ساڳين معاشي مقصدن سان ٺهندا آهن. مشرتي پاڪستان وارن به جڏهن اسلام جي نالي ۾ پنهنجي زبان ۽ ڪلچر کي ختم ٿيندو ڏٺو ۽ پنهنجي معاشي حقن کي پائمال ٿيندي ڏٺو ته اسان کان جدا ٿي ويا، حقيقت اها آهي ته برصغير جا مسلمان معاشي مقصدن خاطر ئي جدا وطن جي گهر ڪري اُٿيا. پر پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ننڍن صوبن جا معاشي حق اسلام جي نالي ۾ ڦريا ۽ لُٽيا ويا. اڳي به ائين ٿيو ۽ هاڻي به اسلام کي پاڪستان جو بنياد بنائي ننڍن صوبن جا سياسي ثقافتي ۽ معاشي حق غضب ڪيا ويندا ”تون به مسلمان ڀائي- آءُ به مسلمان ڀائي- وچ ۾ هي ننڍو صوبو بسم الله الرحمان رحيم“ ۽ پوءِ ان پاڪستان ۾ اسلام جي آڙ ۾ استحصال ٿيندو، جيڪو گهڻو ڪري ڪنهن ننڍي جوئي ٿيندو، جيئن اڳي ٿيندو آيوآھي.
ان ڪري آئين ۾ مذهب کي پاڪستان جي سياسي نظام ۾ دخل ڏئي ننڍن صوبن جي استحصال جو مذهبي جواز پيدا ڪرڻ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جنهن ڳالهه تي ٻيا صوبا احتجاج ڪن يا نه ڪن اسان سنڌ وارن کي ته اها ڳالهه هاڻي قبول ڪونهي ته اسان کي مسلمانيءَ جي نالي ۾ ٺڳيو وڃي. اسين اسلام جي سرڪاري مذهب ٿيڻ سان ڪو نئين سر مسلمان ڪونه ٿي پونداسين. اسين سنڌي تمام پراڻا مسلمان آهيون، جڏهين ٻيا اڃان ڪافر هئا.
تنهنڪري مذهب کي سياست کان الڳ ڪيو وڃي، اسلام کي معاشي ڦرلٽ لاءِ استحصال ڪري ان جي توهين نه ڪئي وڃي، ان جي تقدس کي خراب نه ڪيو وڃي.
(2) پاڪستان کي جمهوري بنايو ويو آهي، جڏهين ته هاڻي هن نئين پاڪستان ۾ جمهوريت معنى انهيءَ اڪثريتي صوبي جو راڄ جنهن کان اڳيئي اقليتي صوبا ڏکايل ۽ ڇرڪيل آھن. ھن پاڪستان جون سرحدن ھاڻي اڳوڻي ون يونٽ واريون ساڳيون ٿيون ويون آهن. جيئن اڳوڻي ون يونٽ ۾ پنجاب جو اڪثريتي راڄ رهندو. قومي اسيمبليءَ جي ڪل ميمبرن مان ٻه ڀاڱي ٽي حصو پنجاب جا ميمبر هوندا، باقي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو ٻين ٽن صوبن جو. تنهنڪري سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته ڪڏهين به ڪنهن صوبي کي، يا ٽنهي صوبن کي گڏجي، مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ميسر ٿئي، صدر به پنجاب جو رهندو ته وزيراعظم به پنجاب جو ۽ سڄي مرڪزي حڪومت به پنجاب جي. صوبن مان کڻي ڪي وزير کنيا وڃن، پر اهي به جهڙا هوندا تهڙا ڪونه هوندا. سينيٽ ۾ جڏهين ڪو اختلافي مسئلو پيدا ٿيو ته سڀني پارليامينٽ ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي گڏيل اڪثريت به پنجاب جي ميمبرن جي ئي هوندي، مطلب ته جمهوريت اهڙي طريقي سان رائج هوندي جو نئين پاڪستان تي سدائين پنجاب جي مرڪزي حڪومت رهندي ۽ ننڍا صوبا سدائين ان مرڪزي حڪومت جا غلام رهندا.
ان ڪري مرڪزي تي فقط هڪڙي اسيمبلي هجي جنهن ۾ سڀني صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هجي، جيئن ڪنهن به صوبي جو الڳ سياسي حق جمهوريت جي خوبصورت ڄار ۾ آڻي ختم نه ڪيو وڃي.
پاڪستان جي آئين کي نالي ماتر وفاقي بنايو ويو آهي پر سينيٽ، جيڪا ان وفاق جي نمائندگي ٿي ڪري، اها هڪ سياسي عجوبو آهي. جنهن جي ميمبرن کي ڪوبه قانون سازيءَ جو حق ڪونهي. ڪوبه انتظامي ۽ مالي اختيار نه آهي، ته اها به کل جهڙي آهي. سواءِ ميونسپل ادارن ۽ ڪو آپريٽو سوسائٽين جهڙن اختيارن جي، ٻيا ڪي به اختيار کين ڪونهي، سڀ وڏا وڏا کاتا مرڪز کي آهن، جيڪي ڪل 22 آهن. باقي 47 کاتن ۾ به مرڪز جو صوبن مٿان ڪنٽرول آهي، سواءِ ڪن معمولي ٽئڪسن جي ٻيون سڀ ٽئڪسون مرڪز وٽ آهن. مطلب ته صوبائي خودمختياري فقط صوبائي خودڪشيءَ تاءِ مليل آهي.
تنهنڪري صحيح معنى ۾ پاڪستان کي هڪ وفاقي ملڪ بنايو وڃي، جنهن ۾ سڀني شامل ٿيندڙ ننڍن ملڪن. پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي پنهنجا جائز سياسي، اقتصادي، ۽ ثقافتي حق ڏنا وڃن، جيڪي حق قرار داد لاهور جي مطابق ڏيڻ گهرجن. قرار داد لاهور موجب اهي حق ڪهڙا هئڻ گهرجن؟ اسان هن ڪتاب ۾ هڪ ”عرض“ جي شڪل ۾ ڇپيا آهن. اسان جو سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي عرض آهي ته هو مهرباني ڪري اهو ”عرض“ پڙهن ۽ پوءِ صحيحون ڪري هزارن، لکن جي تعداد ۾ حڪومت سنڌ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏي موڪلين. جيئن هنن کي هڪ سجاڳ قوم جا فرد ڪري سمجهيو وڃي، جيڪي ڪهڙي به طرح پاڻ کي هاڻي غلام ٿيڻ نه ڏيندا، پر پاڪستان ۾ پنهنجي مڪمل اختيار ۽ آزاديءَ سان رهندا. (39)
نئين آئين جي حوالي سان سنڌي ماڻهن ۾ جيڪي خدشا هئا، يا نئين ٺهندڙ آئين ۾ سنڌي ماڻهن جيڪو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو، ان بابت مٿين ٻن ادارين کانسواءِ ملير ڊائجسٽ جي ساڳئي مارچ، اپريل 1973ع جي شماري ۾ هڪ عرض جي نالي سان هڪ خط ڇاپيائين، جنهن ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وزير اعلى ممتاز علي ڀٽي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي مخاطب ڪيو ويو هو ۽ سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪئي ويئي هئي ته اهو خط نقل ڪري پنهنجن ٻين هم خيال ساٿين کان صحيحون وٺي، وزير اعلى ۽ ميمبرن کي موڪليو وڃي خط ۾ مخاطب ڪندي چيو ويو هو :
هڪ عرض
جناب ممتاز علي ڀٽو وزير اعلى سنڌ
۽ قومي، صوبائي اسيمبلين جا ميمبر صاحبو.
اسلام عليڪم، اسين هيٺ صحيح ڪندڙ، سڀ سنڌي مرد ۽ زالون، نئين پاڪستان جي نئين ٺهندڙ آئين ۾ گهڻين ئي ڳالهين کي سنڌ جي قومي ڀلائي ۽ مستقل لاءِ سخت نقصانڪار سمجهون ٿا. آئين جي مسودي تي چڱي طرح غور ڪرڻ کانپوءِ اسان اهو محسوس ڪرڻ لڳا آهيون، ته ڄڻ اهو وري هڪ ٻئي ون يونٽ ٺاهڻ جو بندوبست آهي. اوهان کي معلوم آهي ته پهرين ون يونٽ ئي اسان سنڌين سان ڪهڙا ويل وهايا. هر قسم جي ڦُر مار کانسواءِ اُن اسان جي سنڌي قومي وجود کي به اُکيڙي ڇڏيو، جيڪو سنڌي وجود اسان صدين کان وٺي ٺاهيندا آياسين. ائين نه ٿئي جو هيءَ نئون ون يونٽ ماڳئي اسان سنڌين جي قومي وجود کي ئي فنا ڪري ڇڏي. اسين پنهنجو وطن هوندي به اُن ۾ غلامي ۽ ذلت جي زندگي گذاريندا رهون.
اُن ڪري اسان ان ذلت آميز زندگيءَ کان بچڻ لاءِ ، آئين جي نفاذ کان اڳواٽ گهٽ ۾ گهٽ هيٺيون ضمانتون وٺڻ چاهيون ٿا:
1- اسين سنڌي هميشه کان وٺي هڪ جدا قوم آهيون، ڪو اڄڪلهه سنڌي قوم ڪونه ٿيا آهيون. تنهنڪري نئين آئين ۾ اسان جي جداگانه قوميت جي حق کي تسليم ڪيو وڃي. ساڳئي طرح ٻين صوبن جي ماڻهن کي به پنهنجو پنهنجو حق ڏنو وڃي. اهڙي طرح پاڪستان کي چئن ننڍن ملڪن وارو هڪ وفاقي ملڪ ٺاهيو وڃي.
2- وفاق ۾ هر هڪ صوبي کي هڪجهڙا سياسي حق ڏنا وڃن. هڪ جيتري نمائندي ڏني وڃي. اڪثريت ۽ جمهوريت جي فريب ڪاريءَ کي ختم ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به هڪ صوبي جو ٻي صوبي هٿان ڪوبه سياسي، سماجي، ثقافتي استحصال ٿيڻ جو امڪان باقي نه رهي.
3- سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي 1945ع جي ورهاست موجب ضمانت ڏني وڃي. ۽ اهڙو معاهدو پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ بين الاقوامي حيثيت جو هئڻ گهرجي.
4- سنڌي ٻولي سنڌ جي واحد سرڪاري ٻولي ۽ پاڪستان جي هڪ قومي ٻولي هئڻ گهرجي.
5- هر صوبي ۾ شهريت ڏيڻ يا کَسڻ جو حق اُن صوبي جي حڪومت کي ئي هجي. مرڪز جو ان ڳالهه ۾ ڪوبه واسطو نه هجي.
6- فوج ۽ مرڪز جي سڀني کاتن ۾ هر هڪ صوبي کي هڪ جيتري ڪوٽا هجي ۽ هر هڪ صوبي کي نيم فوجي تنظيم رکڻ جو به جدا حق هجي ۽ ان جو ڪنٽرول صوبائي حڪومت وٽ رهي.
7 - صوبي جو ناڻو صوبي مان کڻي وڃڻ تي مڪمل بندش هجي.
8 - مرڪز کي فقط ٽي کاتا هجن. دفاع، خارجه ۽ ڪرنسي.
9 -صوبن کي پنهنجن قدرتي ۽ پيدائشي وسيلن تي سندن پنهنجو حق هجي. مرڪز جو خرچ صوبا رضاڪارانه طور پورو ڪن.
10 - صوبن جي اندروني معاملن ۾ مرڪز کي دخل ڏيڻ جو ڪوبه حق نه هجي.
اهي آهن گهٽ ۾ گهٽ ضمانتون جيڪي اسان سڀ سنڌي هن نئين ٺهندڙ آئين ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا. پر جيڪڏهن اهي ضمانتون اسان کي نه مليون ۽ آئين جيئن جو تيئن ٺهي ويو ته اسان ائين سمجهنداسون ته اسان کي وري هڪ نئين ون يونٽ ۾ زوريءَ ڦاسايو آهي ۽ اسان کي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌو ويو آهي. اوهين اسان جي حڪومت جا اڳواڻ ۽ نمائندا آهيو. اسان اوهان ۾ چڱيون اميدون رکندي سمجهون ٿا ته اوهان آئين ۾ مٿيون ضمانتون حاصل ڪرڻ لاءِ دل جان سان ڪوشش ڪندا. ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام، سنڌ جي نئين نسل ۽ سنڌ جي قومي وجود جي تباهي ۽ برباديءَ جي ذميداري ڪنهن تي عائد ٿيندي، اهو توهان خود سمجهي سگهو ٿا. اوهان جا سڄڻ.(40)
مٿين ايڊيٽو ريلن ۽ خط پڙھڻ سان خبر پوي ٿي ته عبدالغفور ميمڻ ھڪ باشعور، با ضمير قوم جو فرزند ھو. جنهن کي پنهنجي ”سنڌي قوم“ جو مستقل عزيزھو، ۽ ھن آئين کي قومن جي قسمت جو دستاويز ٿي سمجهيو ۽ ان بابت پنهنجن خدشن کان باخبر رکڻ فرض ٿي سمجهو.
پرڪجهه ئي سالن جي اندر 5 جولاءِ 1977ع تي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جنرل ضياءَ الحق مارشلا هڻي ڇڏي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ هٿ ٺوڪئي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
1973ع جي آئين کي پاڪستان جو متفق آئين سمجهو وڃي ٿو.
جڏهن قومي اسيمبلي ۾ ان آئين کي پاس ڪرڻ جي لاءِ ووٽ ٿي ته قومي اسيبلي جي 24 ميمبرن ان ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، انهن ۾ سردار خير بخش مري، مير علي احمد ٽالپور، احمد رضا قصوري، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، موسى جينفر وغيره شامل آهن. انهيءَ آئين کي متفق بنائڻ لاءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽي کي بلوچ ۽ پٺاڻ اڳواڻن کي آئين تي راضي ڪرڻ جي لاءِ محترم جي ايم سيد جي مدد وٺڻي پئي. اهو به عجيب اتفاق آهي ته جنهن عبدالحفيظ پيرزادي کي ان آئين جو خالق سڏيو وڃي ٿو، اڳتي هلي ان پيرزادي پاران 1973ع جي آئين جي مخالفت ڪئي ويئي.
جڏهن اهو آئين ٺهيو پي ته سنڌي قومپرستن ان آئين جي سخت مخالفت ڪئي هئي.
عبدالحفيظ پيرزادي جي وفات کان پوءِ مٿس لکيل تاثراتي ڪالم ۾ حسن مجتبى، ا مٿين صورتحال جي پس منظر ۾ لکي ٿو:
“سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جيڪو سنڌي قومپرستن جو ڳڙهه هو، اتي سالياني ڪانووڪيشن ۾ ان وقت جي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفى شاهه، وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي آئين ٺاهڻ ۾ سندس ڪاوشن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي رد عمل ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن “نئون آئين نه کپي” جو ڏينهن ملهائڻ ۽ پيرزادي کي اعزازي ڊگري ڏيڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو. 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ پوليس جي سخت پهري ۾ وفاقي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادو، گورنر سنڌ بيگم رعنا لياقت علي خان، وزير اعلى ممتاز علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو پنڊال ۾ پهتا، جتي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيادت ۽ ڪارڪنن آئين ۽ سندس خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان دوران عبدالحفيظ پيرزادي ۽ جيئي سنڌ جي اڳواڻ اسماعيل وساڻ جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ۽ نوبت گار گند تائين وڃي پهتي، جنهن تي اسماعيل وساڻ عبدالحفيظ پيرزادي کي ٿڦڙ هڻي ڪڍيو. پوليس ۽ سادن ڪپڙن ۾ موجود همراهه اسماعيل وساڻ تي ٽٽي پيا ۽ مٿس سخت تشدد ڪيائون. ڀٽو دور جو باقي عرصو جيئي سنڌ ۽ ٻين سنڌي تنظيمن جي نوجوانن خلاف رياستي تشدد ۽ بربريت جي تاريخ آهي، جنهن کي ڪانووڪيشن ڪيس، جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا سال پوءِ جڏهن عبدالحفيظ پيرزادو ان 73ع جي آئين کي رد ڪندي سنڌي، بلوچ ۽ پختون فرنٽ ۽ پوءِ سنڌي قومپرستن جي اتحاد سنڌ قومي اتحاد ۾ سرگرم هو ته کيس سنڌ جي تمام وڏي مقرر ۽ فيلسوفاڻي طبيعت رکندڙ حفيظ قريشيءَ چيو هو: ”هاڻ جيڪڏهن توکي اهو ڇوڪرو اسماعيل وساڻ ملي، ته تون کيس ڀَر ڪري ٻه ٿڦڙ هڻج جو هاڻ ان پارٽيءَ ۾ آهي، جيڪا ان آئين تي يقين رکي ٿي، جنهن آئين جي تون مخالفت ڪري رهيو آهين.” (41)
ان وقت جماعت اسلامي ۽ ٻين مذھبي جماعتن نظريه پاڪستان کي بنياد بنائي نئين پاڪستان لاءِ ٺهندڙ آئين ۾ نظريه پاڪستان کي بنياد بنائي مرضي موجب آئين ٺهرائڻ لاءِ حڪومت تي دباءُ وجهڻ شروع ڪيو ھو، جنهن جو مقصد اھو ھو ته صوبن کي گهٽ صوبائي خود مختيار ڏئي وڃي ۽ اھو ھڪ بحث شروع ٿي ويو ته نظريه پاڪستان ڇا آھي؟ نئين ٺهندڙ آئين تي مٿين لکيل ايڊيٽوريل کان اڳ آڪٽومبر 1972ع جي ”ملير ڊائجسٽ“ جي شماري ۾ ”نظريو پاڪستان ۽ صوبائي خود مختياري“ جي عنوان سان ھڪ ايڊ يٽوريل لکيو. ان ايڊ يٽوريل ۾ لکيائين:
” اڄ ڪلهه سڀڪو ائين چوي ٿو ته نظريو پاڪستان فقط اسلام ھو، پر ڪير به ائين ڪو نه ٿو چوي ته نظريو پاڪستان آزادي به ھو. اسان سنڌ يا ھند جي مسلمانن پاڪستان لاءِ تحريڪ ته تمام دير سان شروع ڪئي، 1940ع جي قرار داد لاھور کان پوءِ . پر اسان جي آزادي لاءِ تحريڪ تڏھن کان شروع ٿي جڏھن کان انگريزن اسان تي غلامي مڙھي ھئي. 1820ع تائين باقي ھندستان تي، ۽ 1843ع تائين سنڌ تي. ۽ پاڪستان جي تحريڪ فقط پويان ست سال ھلي، پر آزاديءَ لاءِ تحريڪ پوري ھڪ صدي کان ھلندڙ ھئي. حقيقت ۾ پاڪستان جي تحريڪ به آزاديءَ جي تحريڪ جو ھڪ سلسلو ھئي. انهيءَ ڪري جيڪا بنيادي ڳالهه اسان گڏيل ھندستان جي سڀني ماڻهن جي تحريڪن ۾ ھئي، سا اھائي ھئي ته اسان انگريزن جي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪريون ۽ پنهنجي ملڪ جا پاڻ مالڪ ٿيون.
ھن تاريخي حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي ڇا اسان ھيستائين نظريئي پاڪستان ۾ ڪامياب ويا آھيون، آءُ ته ائين چوندس ته اسان نظريه پاڪستان ۾ ڪامياب ته ڇا پر سخت ناڪام ويا آھيون، نظريو پاڪستان ھو آزادي ۽ اسلام . گذريل 25 سالن ۾ اسان سنڌ وارن کي ته ڪڏھن به ھڪ لمحي لاءِ آزاد ھئڻ جو احساس نه ٿيو آھي ۽ نه ان سڄي عرصي ۾ اسانکي وري ڪا ڪڏھن اھا خوش فهمي ٿي آھي ته اسان پاڪستان اندر جيئن پوءِ تيئن مومن مسلمان ٿيندا وڃون.
اڄ به ان کان وڌيڪ اسان جي غلاميءَ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سنڌ ۾ ھڪ جمهوري حڪومت ھوندي به سنڌ سرڪار جمهوري طرح ڪوبه قدم کڻڻ کان بيوس آھي ۽ ساڳي طرح پاڪستان ۾ ھاڪس بي جهڙا ذليل واقعا ٿي گذريا، جنهن پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ پاڻکي تهذيب يافته ۽ مسلمان سڏائيندڙ ھڪ ڀاءُ ٻي مسلمان ڀاءُ کي تعصب وچان قتل ڪيو.
ان ڪري جيڪڏھن باقي پاڪستان کي بچائڻو آھي ته ان جي بنيادي ٻن نظرين کي به بچائڻو، پوندو، ھڪ آزادي جي نظريي کي ۽ ٻيو اسلام جي نظريي کي. آزادي جي نظريي کي بچائڻ لاءِ سڀني صوبن کي وڌ ۾ وڌ آزادي ڏيڻي پوندي ۽ اسلام جي نظريي کي بچائڻ لاءِ فوري طرح جماعت اسلامي تي پابندي وجهڻي پوندي، جنهن اسلام کي رڳو ھڪ لساني اقليت تائين محدود ڪري اسلام جي نالي ۾ تعصب ڦهلايو آھي، خونريزيون ڪرايون آھن.
صدر صاحب اھو اعلان ڪيو آھي، ته ھو صوبن کي ھڪ ئي پاڪستان جي اندر وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري ڏيڻ لاءِ تيار آھي. صوبي سرحد ۽ بلوچستان وارا به اھائي گهر ڪن ٿا. اسان سنڌ وارا به اھو ٿا چئون ۽ صوبائي خود مختياري تڏھن ملي سگهي ٿي، جڏھن دفاع، ڪرنسي ۽ پرڏيهي معاملا مرڪز وٽ ھجن ۽ ٻيا اندروني معاملا سڀ صوبن وٽ.“
جڏهن عبدالغفور ميمڻ کي ڊي پي آر تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ ”ملير ڊائجسٽ“ تي پابندي مڙهي ويئي ته ان جي سببن مان هڪ سبب اهو ايڊيٽوريل نئون پاڪستان نئون آئين به هو.
مٿين ايڊيٽوريلن کانسواءِ ملير ڊائجسٽ ۾ عبدالغفور ميمڻ ٻيا به ڪيترا ئي اهم ايڊيٽوريل لکيا. جن ۾ هن پنهنجن خيالن ۽ نقطه نظر کي بي باڪيءَ سان بيان ڪيو. انهن ايڊيٽوريلن ۾، ”سنڌيو جواب ڏيو، ٻوليءَ جو حساب ڏيو“. “سنڌي تعليم يا تقدير”، ”بهاري نه کپن، نه کپن”، “اهنسا جا پوڄاري يا ڇهان عزرائيل”، “نظريو پاڪستان ۽ صوبائي خودمختياري”، “ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪو تفاوت آهي يا نه؟”، “سنڌ جي چونڊيل عوامي نمائندن جي خدمت ۾”، “ويٽنام کي سلام”، “مولانا ڪوثر نيازيءَ ڪوڙ ڳالهايو.” وغيره.
ان کانسواءِ عبدالغفور ميمڻ ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ ڪيترائي خط به لکي ڇپيا، جيڪي صدر پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽي، گورنر سنڌ ممتاز علي ڀٽي ۽ سنڌ جي وزير تعليم در محمد اوستي ڏانهن لکيل آهن. جن ۾ کين سنڌ جي قومي، آئيني ۽ تعليمي مسئلن بابت صلاحون، مطالبا ۽ گذارشون ڪيون ويون آهن.
ملير ڊائجسٽ ۾ عبدالغفور ميمڻ جا لکيل اهي سڀ ايڊيٽوريل لکيل خط ۽ ٻيو مواد، مون سندس لکڻين جي گڏيل مجموعي ”اسان جو رستو، اسان جي منزل“ ۾ سهيڙيا آهن.
“ملير ڊائجسٽ” هڪ فئملي ميگزين هئڻ سان گڏ سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر ۽ تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ پڻ ڪوشان هو. ملير ڊائجسٽ جو مواد توڙي اداريا سنڌيت لاءِ وقف هئا. ملير ڊائجسٽ جا ڪوَر به سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪندا هئا. ملير ڊائجسٽ جي هڪ پرچي جي ڪوَرتي موهن جي دڙي جي آثارن جي تصوير ڏيئي ان جي هيٺان لکيو ويو. “موهن جو دڙو، سنڌ جو بيت المقدس.” انهن لفظن لکڻ جي پويان موهن جي دڙي جي تاريخي حيثيت ۽ قدامت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ هو.
ملير ڊائجسٽ جي ان قدم جي واکاڻ ۾ سنڌ جي برک اديب جناب محمد عثمان ڏيپلائيءَ ايڊيٽر ملير ڊائجسٽ عبدالغفور ميمڻ کي هڪ خط لکيو، جيڪو ملير ڊائجسٽ آڪٽومبر 1972ع ۾ اهتمام سان ڇپيو ويو، ان خط ۾ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو:
“اڄ ملير ڊائجسٽ جي ڪوَر تي موهن جي دڙي جي آثارن جي تصوير” سنڌ جو بيت المقدس” جا لفظ ڏسي خوشي ٿي ته ڪيئن سنڌي اديب به ڀؤ جهلي، پنهنجي سنڌ جي چيزن کي ٻين سان مشابهت ڏيڻ ۾ هٻڪ محسوس نٿا ڪن ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو به نڪتو آهي، جو اوهان جي پرچي جي عزت کي ڏسندي هينئر، رهبر ڊائجسٽ، واري به موهن جي دڙي مان نڪتل “اشرفيءَ” جو فوٽو پنهنجي پرچي تي ڏنو آهي. حالانڪه هو ته ٺيٺ جماعت اسلاميءَ سان لاڳاپو رکي ٿو. پر سنڌيت عرف صوبائيت جي آڙ ۾ جماعت جو ڪم ڪرڻ لڳو آهي. خود جماعت اسلامي پنجاب جي امير اسد گيلاني پنجاب ڪي مسائل ڇپائي پاڻ کي “پنجابيت” جي ڍال ڏني آهي.
.... اوهان کي شايد اهو معلوم نه هجي ته ڪن عرب مصنفن مثلاً ”سجته المرجان،“ وارن ۽ ٻين پنهنجن ڪتابن ۾ اهو لکيو آهي ته خود حضرت آدم ۽ بيبي حوا به سنڌ جي آمريءَ واري حصي ۾ پيدا ٿيا هئا، جنهن ڪري ان حصي ۾ پراڻي پٿر جي زماني جا آثار به دريافت ٿي چڪا آهن ۽ اهو وقت پري نه آهي، جڏهن سنڌ کي بيت المقدس ته ٺهيو، پر حضرت آدم واري گم ٿيل جنت تسليم ڪيو ويندو.
...خود مڪلي نالي بابت اهو ثابت ٿيل آهي ته ڪنهن مسلمان سيد سردار هن کي ‘هذا مڪته لي’ چيو هو. يعني “هيءَ منهنجو مڪو آهي” جيڪو پوءِ ”مڪته لي“ مان بدلجي” “مڪلي” ٿي ويو. (42)
ستر واري ڏاڪي جي شروعاتي سالن ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي رسالن جو ذڪر ڪندي محترم عبدالواحد آريسر روزاني ”برسات“ ۾ پنهنجي هڪ ڇپيل ڪالم ۾، جيڪو سندس ڪتاب “روح جا ريلا” ۾ شامل آهي، لکي ٿو:
“حيدرآباد مان چار رسالا ٻيا نڪتا، انهن کي رسالا نه پر ڪتابي سلسلا چئجي ته ٺيڪ ٿيندو. پهريون “اڳتي قدم” جنهن جو مرتب مدد علي سنڌي هو، انهيءَ رسالي کي سنڌ جي تمام چوٽيءَ جي لکندرن جي قلمي مدد حاصل هئي.... ٻيو هو ملير ڊائجسٽ جيڪو عبدالغفور ميمڻ ڪڍندو هو، جيڪو هڪ ڪاروباري شخص هو ۽ رسالو به ڪمائڻ جي لاءِ ڪڍيو هئائين” (43)
عبدالغفور ميمڻ، ”ملير ڊائجسٽ“ ان وقت ڪڍيو، جڏهن اڃا عبدالواحد آريسر حيدرآباد جي ڪنهن مسجد ۾ پيش امام هو ۽ پاڻ پيغام رسالو پوءِ 1973ع ۾ ڪڍڻ شروع ڪيائين. انهن سالن جي “ملير ڊائجسٽ” جي پرچن کي کڻي ڏسبو ته ان جي ڪيترن ئي پرچن ۾ جناب عبدالواحد آريسر جون ترجمون ڪيل لکڻيون ڇپيل نظر اينديون، جن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي تفسير “ترجمان القرآن” جا ڪجهه صفحا به شامل آهن.
مٿيان لفظ لکندي جناب عبدالواحد آريسر کان اهو شايد وسري ويو هو ته ان دور ۾ ڪمائڻ لاءِ ڪو فلمي يا شوبز جو رسالو ڪڍڻ ته سولو هوندو، پر “ملير ڊائجسٽ” جهڙو قومي مواد سان ڀرپور رسالو ڪمائڻ لاءِ ڪڍڻ ممڪن نه هو. جنهن جي مٿان لکيل هوندو هو. ”سنڌي عوام جو ذاتي، قومي ۽ وطني رسالو. سنڌي زبان جو ادبي، اصلاحي ۽ انقلابي رسالو.“
بهرحال، مٿي پاڻ “ملير ڊائجسٽ” جي مواد ۽ قومي ڪردار جو جيڪو جائزو وٺي آيا آهيون، اهو خود جناب عبدالواحد آريسر جي لفظن جي ترديد آهي.