آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

سنڌ جي تعليم ۽ الستي

فقيرعبدالغفور الستيءَ کي سنڌ جي تعليم جو سدائين اونو رهيو. اها ته ڪافي پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ الست تنظيم ٺاهي، ان جي پليٽ فارم تان نياڻين جي تعليم واسطي پاڻ پتوڙڻ ۽ عملي ميدان ۾ اسڪول کولي ڪم ڪرڻ لڳو. پر اُن کان اڳ پاڻ جڏهن ”ملير ڊائجسٽ“ ڪڍندو هو ته ان ۾ به سنڌ جي پرائمري تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي ڪنهن ڪنديءَ سان لڳائڻ لاءِ ان وقت سنڌ جي تعليم واري وزير در محمد اوستي کي مخاطب ٿي “سنڌي تعليم يا تقدير... جناب در محمد اوستا هي ڇا؟” جي عنوان ان هڪ زوردار ايڊيٽوريل لکيو. ان ايڊيٽوريل ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير تي، سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان وڏي جُلهه ڪئي اٿس ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ رٿون به ڏنيون اٿس. ايڊيٽوريل پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته پاڻ اهو بنا ڪنهن مصلحت جي لکيو اٿس. پاڻ ان ۾ تعليم واري صوبائي وزير در محمد اوستي کي مخاطب ٿي لکيو اٿس.

”توهان سنڌ جا وزير تعليم آهيو. اسان پنهنجن ايندڙ نسلن جي قسمت اوهان جي هٿن ۾ ڏني آهي. توهان کي خبر هوندي ته ڪنهن به قوم جي قسمت اُن جي تعليم ئي هوندي آهي. جيڪڏهن ان ۾ تعليم وڌندي رهندي آهي ته اڳتي هلي هوءَ ترقي ڪري سگهندي آهي، نه ته تباهه ٿي ويندي آهي.
... سوا سالن کن جو عرصو توهان وزير تعليم ٿي رهيا آهيو. توهان گهڻو ڪراچي جي رنگا رنگي تعليم ۾ گذاريو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کي به پنهنجي ديدار جي دعوت ڏني اٿوَ... پر ڪڏهن به اوهان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نه لٿا آهيو، جتي سنڌ جي تعليم توهان جي ديدار جي لاءِ تڙپي رهي آهي، پر ديدار کي به کڻي ڇڏيو. اهو مهانگو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايڏي ساري عرصي ۾ پنهنجي وزارتي محل جي جهروڪن مان ئي سَهي سنڌي تعليم تي ڪا ڪرم نظر فرمائي اٿوَ.... افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان ائين نه ڪيو آهي.” (58)
ان تمهيد کانپوءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم جي تباھه حالي ۽ سڌاري جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
“...گذريل سال سنڌي تعليم ۾ هڪ اهڙو ته زبردست حادثو رونما ٿيو آهي. جنهن جهڙو دنيا جي سڄي تعليمي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿيو. ڪٿي به ڪونه ٿيو. ڪهڙي ملڪ ۾ به نه! هي اهڙو طبعي حادثو ڪونه هو. جنهن ۾ شور غل ٿين ۽ ماڻهو مرن، پر هي هڪ اهڙو غير طبعي حادثو هو، جنهن ۾ موت جهڙيون خاموشيون هجن ۽ قومون مرن!
.... جناب اوستا صاحب!... ٻُڌ... تعليم کاتي جون سڀ تباهه ڪاريون اوهين به ٻُڌو... منهنجي اٻوجهه قوم جا هڪ ڪروڙ ماڻهو به ٻُڌو!
31 مئي 1973ع تائين سنڌ ۾ جيڪو تعليمي سال ٿي گذريو، اهو سڄو سال سنڌ جي ٻهراڙين جا هزارين پرائمري اسڪول بلڪل بند رهيا. انهن مان نوي سيڪڙو ته سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن به نه کُليا ۽ ٻيا کليا ته رڳو مهينو يا اڌ، اُستاد صاحبن انهن ۾ هڪ لفظ به نه پڙهايو ۽ نه پڙهائڻ جي لاءِ آيا. لکين سنڌي ٻارڙا هڪ اکر به پڙهي نه سگهيا، پر پوءِ امتحان ٿي گذريا، جيڪي اسڪولن ۾ به ڪونه ٿيا، پر ماسترن، بيٽ آفيسرن جي اوطاقن ۽ آفيسن ۾ ٿيا. ڪٿي ڪٿي هوٽلن ۾ به ٿيا. جتي به اُهي امتحان ٿيا، اهي ٻارڙن کي گهرُائي نه ڪيا ويا، پر ڪاغذن تي ڪيا ويا. هزارن، لکن ۽ ڪروڙن جون رشوتون هليون. ڪوڙيون رزلٽ شيٽون ٺهيون. سڀ مشيني صحيحون ٿيون. ٻارن کي درجا ٽپايا ويا ۽ سڀ تعليمي آفيسر ۽ استاد پوءِ گهرن ۾ وڃي آرامي ٿيا ۽ هينئر وئڪيشن ٿي آهي. هيڏو سارو انڌير هن قوم سان ٿيو ۽ ڪنهن اُف به نه ڪئي! هڪ ڪروڙ ماڻهن کي هڪ سال لاءِ ننڊ جون گوريون ڏنيون ويون، ڪنهن کي خبر به نه پئي!
اوستا صاحب! ڇا اهو ڪنهن قوم لاءِ وڏي ۾ وڏو قومي حادثو ڪونهي، جو ان جو هڪ پوري جو پورو نسل هڪ سال لاءِ اڻ پڙهيل رهجي وڃي. جاهل رهجي وڃي، ڄٽ رهجي وڃي؟ جواب ڏي؟ جناب اعلى! جواب ڏي ته هي ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ (59)
ايڊيٽوريل جي آخر ۾ “سنڌ جي وڏي وزير کي هڪ عرض، هڪ التجا” ڪندي لکيو ويو آهي:
“سائين توهان جڏهن مهينو ڏيڊ سنڌ کان ٻاهر هئا، تڏهن ئي اسان سان هي تعليمي الميو ٿي گذريو. سنڌي پرائمري اسڪولن جا امتحان ڪيا ويا. جيڪي دراصل اُمتحان ڪونه هئا، پر سنڌ جي نئين نسل جا نيلام هئا. انهن نيلامن ۾ تعليم کاتي وارن رشوتن جون بازارون لڳايون ۽ سنڌي قوم جي ٻارڙن تان پئسا ڪمايا... دنيا جي هر ملڪ ۾ انتظاميا اندر رشوتون هلن ٿيون. پاڪستان ۽ سنڌ به انهيءَ لعنت کان بچيل ڪونهي. پر سنڌ جهڙي اها رشوت دنيا ۾ واحد ۽ انوکي آهي، جنهن ۾ سنڌي استاد خوشي خوشي پنهنجي هٿن سان رشوتون ڏين ٿا ته سنڌي ٻارڙن کي پڙهائڻ کان ڇُٽل هجن ۽ آفيسر زوري رشوتون وٺن ٿا. انهيءَ لاءِ ته استاد ڀلي ائين ڪن ۽ ضرور ائين ڪن، جيئن کين پئسا ملن. سڄي دنيا ۾ فقط پنهنجو هي پيارو ملڪ ۽ وطن سنڌ ئي آهي، جنهن ۾ اهو عجيب تماشو آهي ته سنڌي قوم رشوت ڏيئي يا وٺي پنهنجي هٿن سان پاڻ پنهنجي لاءِ قبر کوٽي رهي آهي.
سائين! سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن جون توهان سان محبتون آهن. جيڪڏهن انهن کي سندن مُحبتن جو ڪو بدل ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٻيو ڪجهه کين نه ڏيو. اٽو، لٽو، اجهو کين نه ڏيو... اهي ازل کان بکيا، ڏکيا ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي بي اجها رهندا آيا آهن، ٻه چار سال ٻيا به ائين ڪڍي ويندا، پر کين پنهنجي عهد حڪومت ۾ رڳو علم ڏيو، علم ڏيو. توهان سڀ روشن دماغ ۽ روشن ضمير آهيو، سمجهي سگهو ٿا ته علم جي اهميت ڇا آهي ۽ سنڌي قوم کي اڄڪلهه ان جي ڪهڙي نه ضرورت آهي. بس! توهان ان جي اها ازل جي ضرورت پوري ڪريو، پوءِ پاڻهي اها ابد تائين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندي رهندي.” (60)
مٿين گذارش کان پوءِ پاڻ سنڌ جي وڏي وزير جي خدمت ۾ سنڌي قوم کي پڙهائڻ جو هڪ پروگرام رکي ٿو، جنهن جو عنوان “سنڌي قوم کي چئن سالن اندر پڙهائڻ جو پروگرام” آهي. ان پروگرام ۾ ٻارنهن تجويزون ڏنل آهن، جيڪي هن ريت آهن:
(1) سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هر هڪ ننڍي وڏي کي . تعليم ڏيڻ خاطر تعليم جي شعبي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو وڃي، جيئن ڪا قومي آفت ايندي آهي، ته ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويندو آهي تيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جهالت کي به هڪ قومي آفت قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙو اعلان ڪيو وڃي.
(2) اُن موجب سنڌ جي ٻهراڙين جي پرائمري تعليم شهرن جي تعليم کان بلڪل جدا ڪئي وڃي. اهو کاتو، تعليم کاتي جي شهري کاتي کان بلڪل ئي الڳ هجي. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪوبه انتظامي لاڳاپو نه هجي. ٻنهي جا سيڪريٽري ۽ ٻيو سڄو تعليمي عملو استادن سميت بلڪل ئي جدا هجي. هڪ دفعي انهن ٻنهي انتظامن جدا ٿيڻ کان پوءِ انهن ٻنهين کاتن مان بدلي سَدلي ٿيڻ جي به ڪا گنجائش باقي نه رهي.
(3) ٻهراڙيءَ جي انهيءَ تعليمي کاتي ۾ ڏهن هزارن آدم شماريءَ تائين ننڍا شهر به آندا وڃن.
(4) انهيءَ کاتي جي سربراهي جي عهدي جو نالو سنڌ پرائمري ايڊيوڪيشن مارشل لا ائڊ منسٽريٽرهجي ۽ اهو ماڻهو هجي به مليٽريءَ جو هڪ وڏي عهدي وارو آفيسر، ۽ ان کان سواءِ هر ضلعي تي اهڙا ايڊيوڪيشن سب مارشلا ايڊ مسٽريٽر هجين. اهي به مليٽري جا ئي آفيسر هجن ۽ سڀ سنڌي هئڻ گهرجن، جيئن اهي سنڌي ماحول، معاشري ۽ مزاج مان واقف هجن. هي کاتو ڪنهن به وزير وٽ نه هجي، پر سڌي طرح سنڌ جي وزير اعظم وٽ هجي، جنهن کي به اهو اختيار نه هجي ته ان ۾ مدا فلت ڪري، ان کاتي جي سڀني تنظيمي، تعليمي ۽ ٻين اُمرن جي سياهه سفيد جا مالڪ اهي فوج جا سربراهه هجن، انهن جي وار ڪائونسل هجي. وار آن اِلٽرسي [جهالت سان جنگ]، اهي ئي سڀ فيصلا ڪندا ۽ وزير اعظم کان رڳي دستوري منظوري وٺندا ۽ وزير اعظم ان لاءِ ٻڌل هوندو، فقط سنڌ اسيمبلي انهن جي فيصلن کي رد ڪري سگهي ٿي. انهن کي گهٽ ۾ گهٽ چئن سالن جو ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن سالن جو عرصو مقرر ڪري ڏنو وڃي، جنهن اندر هنن کي ٻهراڙيءَ جي هر پنجن سالن جي عمر جي ٻار [ڇوڪري يا ڇوڪريءَ]۽ پنجيتاليهه سالن جي عمر تائين مردن کي اسڪولن اندر داخل ڪرڻو ۽ پڙهائڻو آهي. مقرر عرصي اندر جيڪي ننڍا يا وڏا تعليم حاصل ڪري پرائمري اسڪولن مان نڪرندا، اهي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي لياقت رکندڙ هوندا، جو سنڌي روانيءَ سان لکي پڙهي سگهندا. ٻهراڙين ۾ جيڪڏهن وڏيون ڇوڪريون يا عورتون چاليهن سالن جي عمر تائين پڙهڻ چاهين ته انهن ٻهراڙين ۾ زنانن اسڪولن ۽ ماسترياڻين جو بندوبست به ڪرڻو آهي ۽ انهن کي پڙهائڻو آهي.
(5) زوري تعليم هوندي، جنهن ۾ پندرهن سالن تائين هر ڇوڪري کي ۽ ڏهن سالن تائين هر ڇوڪريءَ کي قانوني طرح پڙهايو ويندو ۽ اسڪول ۾ انهن جي حاضريءَ لاءِ واسطيدار مائٽ ۽ ڳوٺ جو وڏيرو يا پاڙي جو چڱو مڙس ٻئي جوابدار رهندا. جيڪڏهن انهن اها جوابداري پوري نه ڪئي ته ٻنهين تي تعليمي مارشلا تحت قدم کنيو ويندو. جيڪو جيل ۽ ملڪيت جي ضبطي تائين به هوندو.
(6) ساڳي طرح مرد بالغن جي تعليم به زوري هوندي ۽ انهن جي حاضري لاءِ به ساڳيا ماڻهو ماڻهو جوابدار رهندا.
(7) ساڳي اسڪول ۾ صبح جو ننڍا پڙهندا ۽ شام جو وڏا. ننڍن کي ست ڪلاڪ ۽ وڏن کي ٻه ڪلاڪ پڙهايو ويندو ۽ ساڳيو ئي استاد پڙهائيندو.
(8) انهيءَ کاتي کلڻ سان موجوده تعليمي کاتي مان اُستاد اهي کنيا ويندا، جيڪي خوشيءَ سان ان کاتي ۾ اچڻن، جن جو سنڌي قوم کي تعليم ڏيڻ جو مقصد هجي. انهن کي سندن دستوري پگهار کانسواءِ هڪ سئو روپيا هنگامي تعليمي الائونس ڏنو ويندو ۽ ٻيا سڀ اهي سرڪاري حق ڏنا ويندا، جيڪي هڪ ڪلارڪ ٽو آفيسر کي ملن ٿا، اهي پنهنجي ڳوٺ ۾ يا ڳوٺن جي ويجهو هوندا. انهن کي سفر ۽ علاج جون سرڪاري سهوليتون هونديون يا الائونس هوندا. سندن اسڪولي حدون مقرر هونديون، جن اندر هر ننڍي ۽ وڏي کي تعليم ڏيڻ، هنن جو بنيادي فرض هوندو. ڪنهن به پنهنجي فرض جي ڪوتاهي ڪئي ته هن کي جيل تائين به سزا ڏني ويندي.
(9) تعليم مفت هوندي ۽ ڪتاب سليٽون پينون وغيره سڀ سرڪاري هونديون ۽ اسڪولن اندر اهو سامان رهندو.
(10) هر تعلقي ۾ تعليمي پوليس جو هيڊ ڪوارٽر هوندو، جتي سرڪاري جيپ هوندي، پوليس ۾ هڪ بيٽ آفيسر ۽ ٻيو اُن جو هڪ ٻن ماڻهن جو عملو هوندو. بيٽ آفيسر کي روزانه لازمي طرح تعلقي ۾ ڪٿي نه ڪٿي چيڪنگ تي وڃڻو پوندو.
(11) وڏيري يا پاڙي جو وڏو، جيڪو شاگردن جي حاضري لاءِ جوابدار هوندو، اهو ڪهڙي به حالت ۾ استاد يا ڪنهن تعليمي آفيسر کي ماني نه کارائيندو ۽ نه وري ٻي ڪا پئسن واري خاطر تواضح ڪندو. اهو قانوني ڏوهه هوندو ۽ نه اُستاد ڪو پنهنجي آفيسر لاءِ ائين ڪندو. يونين ۽ هڙتال جو حق ختم هوندو.
(12) استادن، وڏيرن يا پاڙي جي وڏن مڙسن، بيٽ آفيسرن بالغ شاگردن کي سٺي ڪارڪردگيءَ تي قومي انعام ڏنا ويندا، جيڪي ڪجهه پئسن جي صورت ۾ ڪجهه ٻي ڪنهن سوکڙيءَ جي صورت ۾ هوندا. (61)

گهڻا سال پوءِ 1985ع ۾ پاڻ سنڌي ٻارن کي پڙهائڻ جي مهم شروع ڪيائون. ان سلسلي ۾ پاڻ هڪ اصلاحي ڊرامون “سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟“ لکي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپرائي سڄي سنڌ ۾ ورهايائون. ان ڪتابڙي جا ٻه ڇاپا ڇپيا. ان ڊرامي جي آخر ۾ سماج جي مختلف پَرتن لاءِ تجويزون ڏنيون اٿائين. جيئن استادن لاءِ تجويزون، مائٽن لاءِ تجويزون، وڏيرن عرف سياستدانن عرف قومي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ تجويزون، سرڪار لاءِ تجويزون ۽ شاگردن لاءِ تجويزون وغيره،
ان ڪتابڙي ۾ سرڪار لاءِ تجويزون هن ريت ڏنيون اٿس:
1. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو چڪاس [اسڪول سپروائيزري] شعبو انتظاميه شعبي کان الڳ هجي، بلڪه اهو جدا کاتو هجي. ان جو وزير به جدا هجي. هڪڙو تعليمي وزير هن هيڏي وڏي کاتي تي پوري توجهه ڏيئي نه ٿو سگهي. جيڪو اسان جي آئنده جي زندگيءَ جو کاتو آهي. ٻار ڪونه ٿا پڙهن، استاد ڪونه ٿا اسڪول ۾ حاضر ٿين. اها سڀني کي خبر آهي، پر انهن لاءِ ڪا چيڪنگ ڪونهي. سپروائيزر، ايس. ڊي او ۽ ڊي او سڀ ڪوڙيون رپورٽون ٿا گورنمينٽ کي ڏين. تنهن ڪري چڪاس کاتو الڳ هئڻ ڪري اهو انتظاميه کاتي تي چغليون هڻندو. اسٽاف اُن لاءِ کاتي جي نظر هيٺ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ پابند هجي. ان ۾ ئي تعليمي مئجسٽريٽ وغيره هجن. ان کاتي جو وزير به عوامي نمائندو نه هجي، پر پراڻو ايماندار، سخت ۽ هڏ ڏوکي سنڌي آفيسر يا هاءِ ڪورٽ جو جج هجي. اهو وزير نه هجي. سڌو سنئون وزير اعلى جو صلاحڪار، جيڪو ان وٽ جوابدار هجي.
2. نئين روشني اسڪولن جو ڍونگ بلڪل ختم ڪيو وڃي. اهو پراڻو شراب آهي نوَن ٿانون ۾. ان ۾ رڳو پئسو ڀريو ويو آهي علم نه. ائين اربين روپيه قوم جا ضايع ڪيا پيا وڃن. ساڳي طرح مسجد اسڪولن کي شروع ڪري پرائمري تعليم ۾ انتشار نه پيدا ڪيو وڃي. انهن ٻنهي کاتن کي تعليم کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي ۽ اُن جي اسٽاف کي ساڳيو پرائمر ي ٽيچر جو درجو ڏيئي ان ۾ کپايو وڃي.
3. سنڌي رورل ايريا ڪل وقتي تعليم ڪميٽي ٺاهي وڃي. جنهن تي رڳو عام ماڻهو، پراڻا رٽائرڊ استاد ۽ رٽائرڊ آفيسر هجن، انهن جي سفارش تي حڪومت عمل ڪري.
4. سنڌ جي بجيٽ جو پنجاهه سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي.
5. پاڪستان جي جي اين پي جو پنج سيڪڙو تعليم جي مد ۾ خرچ ڪيو وڃي. جڏهن ته ان جو صرف سيڪڙو، اهو به گذريل سال کان، خرچ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي.
6. سنڌ ۾ گڏ ٿيل زڪوات، خاص حڪومت جي مذهبي مدرسن کي نه ڏني وڃي، (جيئن هميشه ڪيو ويو آهي) نه اها اسپتالن ۽ ٻين مدن ۾ خرچ ڪئي وڃي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گهڻا غريب ۽ حقدار آهن، پر اهو انهن کي زڪوات جو پئسو بلڪل نه ڏيو. هڪدم بند ڪريو. ان جي بدران اهو سڀ جو سڀ زڪوات جو پئسو ٻهراڙيءَ جي سنڌي ٻارن جي تعليم، انهن جي ڪتابن، فين ڪپڙن ۽ اسڪولي کاڌي وغيرھه تي خرچ ڪيو.
7. ٽي .وي ۽ ريڊيو تان رورل تعليم جو پروگرام شروع ڪريو. پر اهو ڪلاس روم وارو پروگرام نه هجي. جو هميشه کان ٿيندو رهيو آهي ۽ بيڪار آھي، بدران رورل تعليمي نيوز ھجي جنهن ۾ روزانو رورل تعليم بنسبت سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي، روزانو ڪٿي اسڪول کليا ۽ ڪيترا ٻار آيا، ڪيترا اڄ سنڌ ۾ پڙهن پيا، سندن پڙهڻ واريون حالتون ڪهڙيون آهن. ماستر صاحب، چيڪنگ اسٽاف، ڪلاس روم، تعليم کاتي متعلق ٻيون روزانيون خبرون، ويندي آفيسرن جون بدليون، مقرريون، معزوليون سڀ ٻڌايون وڃن. مطلب ته روزاني پراگريس رپورٽ، رورل تعليم جي باري ۾ قوم کي ٻڌائي وڃي.
ان لاءِ ڏهه منٽ ٽي وي تي سنڌي قوم لاءِ وڌيڪ ڏيو. جيڪا ڳالهائي سگهي ٿي، جڏهن ته گونگن کي تعليم لاءِ پنج منٽ روز قومي نشرياتي رابطي تي ڏيو ٿا! ۽ سنڌ ريڊيو تان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تعليمي پروگرام، تعليمي ڪارڪردگيءَ ۽ روزانيون خبرون ڏيو.“ (62)
”ملير ڊائجسٽ“ جي ايڊيٽوريل ۾ ڏنل ”ٻارهن تجويزون“ ۽ ”سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟“ ۾ ڏنل سرڪار لاءِ تجويزون جي ڀيٽ ڪبي ته پاڻ کي ڪو گهڻو فرق نظر نه ايندو . جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فقير عبدالغفور الستيءَ وٽ سنڌي قوم کي سؤ سيڪڙو پڙهائڻ جو پروگرام شروع کان وٺي واضح هو.