آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

يادن جا شيشائان ٽڪرا

ڇِڙ وِڇڙ يادگيريون

چاچا بقا [اسين سڀ ڪُٽنب وارا چاچا عبدالغفور الستيءَ کي چاچا بِقا چئي سڏيندا هئاسين] جي پهرين يادگيري، جيڪا منهنجي تصور ۾ آهي، اها هيءَ ته آئون ٽرڪ جي مٿي ڪئبن ۾ ٻين ٻارن سان گڏ ويٺو هوس ۽ هيٺ روڊ تي ٽرڪ جي ڀرسان چاچا بِقا ٻين مردن سان گڏ بيٺو هو. سندس مُٺ ۾ سگريٽ هو، جيڪو پاڻ عجيب اسٽائيل ۾ پي رهيو هو ۽ ڳالهه ڳالهه تي ساڻس گڏ بيٺل ٻين ڀائين سان ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، ٽرڪ ۾ پاڙي جون مايون ويٺيون هيون. ٽرڪ چاچا ابونيءَ جي ”دڙو بٺورو گڊس ڪمپنيءَ“ جي هئي. جڏهن به پاڙي ۾ يا دڙي ۾ مٽن مائٽن ۾ ڪو ڪاڄ ٿيندو هو ۽ ان لاءِ ڄڃ دڙي کان ٻاهر کڻي وڃڻي هوندي هئي ته ان لاءِ چاچا ابونيءَ جي ٽرڪ استعمال ڪئي ويندي هئي. چاچا ابوني، چاچا عبدالغفور الستيءَ جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هو. سندس نالو ته احمد هو، پر مٽ مائٽ ۽ ڳوٺ راڄ جا ماڻهو کيس ‘سيٺ ابوني’ چئي سڏيندا هئا. منهنجي جڏهن غلام الله ۾ مڱڻي ٿي ته چاچا ابونيءَ جي اها ٽرڪ ڄڃ کڻي دڙي کان غلام الله ويئي.
اها ٽرڪ اسان جي مائٽن ۾ ڄَميل ڪنهن ٻار جي پهرين جَهنڊ (وار) لهرائڻ لاءِ ”ٻانهي ٻانهياري“ وڃي رهي، ان وقت اڃا دڙي جي وڏي پاڙي ۾ جنهن کي “نئون ڳوٺ” به سڏبو آهي. اهو رواج هو ته هو پنهنجن پُٽن جي جهنڊ لهرائڻ لاءِ کور واهه روڊ تي هڪ جيجان ‘ٻانهي ٻانهياري’ جي مزار تي ويندا هئا. اها مزار جهنگ جي وچ ۾ هوندي هئي، رڳو هڪ قبر هوندي هئي ۽ چوڌاري جهنگ، جڏهن قافلو اتي پهچندو هو ته پهرين مايون ڳيا ڪُڇنديون هيون. اهو ڳين ڪُڇڻ جو ڪم دڙي جون شيدياڻيون ۽ اسان جي پاڙي جون ڪجهه بيگياڻيون ڪنديون هيون. انهن ڳيچن جي جهونگار ۾ حجام ٻارڙي جي جهنڊ لاهيندو هو. پوءِ اتي مٺائي ورهائبي هئي. اتان واندو ٿي اهو سڄو قافلو بلڙي شاهه ڪريم ايندو هو ۽ درگاهه جي سلامي ڀري پوءِ ان جي اڱڻ ۾ مانجهاندو ڪبو هو. مانجهاندي لاءِ مڇيءَ جو ڀَت ڳوٺان ئي رڌي کڻي اچبو هو. مانجهاندي کان پوءِ اتي ڳائي وڄائي، پوءِ جهوڪ شريف شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جي سلامي ڀربي هئي ۽ شام جو ڳوٺ پهچبو هو، اها جهنڊ لهرائڻ جي رسم ماين ۽ ٻارن لاءِ ته هڪ قسم جي ڄڻ پڪنڪ هوندي هئي، پر پاڙي جا ڪيترا مرد به هلندا هئا.
هونئن ته ’ٻانهي ٻانهياريءَ‘ تي ڪيترائي ڀيرا وڃڻ ياد ٿو اچي، پر هڪ ڀيري جي يادگيري ڏاڍي چٽي اٿم، اهو ان ڪري ياد اٿم ته اهو“ 4 اپريل 1979ع جو ڏينهن“ هو. ان ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني ويئي هئي، جهنڊ وارو قافلو جيئن ئي ٻانهي ٻانهياري تان جهنڊ لهرائي، درگاهه بلڙي شاهه ڪريم پهتو ۽ درگاهه جي سلامي ڀري مايون، مرد ۽ ٻار درگاهه جي اڱڻ ۾ اچي ويٺا ۽ مانجهاندي جي تياري شروع هئي. شيدياڻيون خوشيءَ ۾ ڳيا ڳائي جهمريون هڻي رهيون هيون، تيسين ڪنهن اچي ٻڌايو ته ”آل انڊيا ريڊيو تان خبر نشر ٿي آهي ته رات ڀُٽي کي ڦاسي ڏني ويئي آهي“.
بس پوءِ ڇا؟ خوشيءَ وارو ماحول هڪدم سوڳوار ٿي ويو. شيدياڻين ڳيا ڪڇڻ بند ڪري ڇڏيا، ضياءَ الحق کي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳيون ۽ ڪي ته ائين روئڻ لڳيون ڄڻ سندن ڪو عزيز قريب گذاري ويو هجي. خوشيءَ جي تقريب ڏک ۾ تبديل ٿي ويئي، ماحول ۾ سوڳواريت ڇانئجي ويئي. واپسيءَ ۾ سڄي واٽ ماين توڙي مردن جا ٻُوٿ لٿا پيا هئا، ڄڻ سندن ڪو ويجهو عزيز قريب گذاري ويو هجي. اها ڪيفيت سڄي سنڌ ۾ هئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي اُن عدالتي قتل سنڌين جي ذهن تي دائمي ڏک وارا اثر ڇڏيا ۽ جنرل ضياءَ الحق کي هنن سدائين پنهنجو ازلي ويري سمجهيو. پوءِ جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي جڏھن جنرل ضياءَ جو جهاز بهاولپور ويجهو ڦاٽو ته ڄڻ سنڌين جي دلين تي ڇنڊو پيو ۽ اهو ڏينهن هنن لاءِ ڄڻ ڇوٽڪاري جو ڏينهن هو. ان ڏينهن سنڌي ماڻهن محسوس ڪيو ته سندن ڪنڌ تان وڏو بوجهه لهي ويو آهي ۽ سندن اندر ۾ جيڪي ڀٽي جي عدالتي قتل سبب سالن کان رهيل سڏڪا هئا، اهي ڳوڙھن جي صورت ۾ ٻاهر نڪري آيا.
اُن ڏينهن جي روئداد ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي ڪتاب ”ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري،“ ۾ هيئن ٿو لکي:

”رات جو اٺين ڌاري مان اسپتال ۾ ويٺو هوس، ان وقت هڪڙو محرم جو ماتمي پڙ اچي اتان لنگهيو. لنگهندي جلوس اتي بيهي رهيو ۽ جلوس ۾ شريڪ ماڻهو ماتم ڪرڻ لڳا، اهو سنڌين جو، پڙ هو. ماڻهو ڪارن ڪپڙن ۾ هئا، هو دهل ۽ شرنائين جي ڌن تي پنهنجون ڇاتيون ۽ پنهنجا مٿا ڪُٽي رهيا هئا، مان ڪرسيءَ تي ويٺي ئي جلوس جو ڪجهه حصو ڏسي ٿي سگهيس، ٻه اڍائي سئو ماڻهو هئا ۽ چار پنج سينگاريل گهوڙا.
اوچتو آوازن ۾ تبديلي اچي ويئي دھل ۽ شرنايون بند ٿي ويون، ماڻهن جا خوشيءَ ۾ نعرا ۽ هوڪريا بلند ٿيا. مان اُٿي درواز وٽ وڃي بيٺس، مون ڏٺو ته ماتم جو پڙ جشن جو جلوس بنجي ويو هو، ماڻهو جهمريون هڻي رهيا هئا ۽ “جيئي سنڌ ۽ جيئي ڀٽو” جا نعرا هڻي رهيا هئا، اتي ئي بيٺو هوس، پاڙي جا ڪي سياسي ڪارڪن ڇوڪرا ۽ واقفڪار ڏاڍي خوشيءَ مان اچي مونکي مبارڪون ڏيڻ لڳا. مون ڏٺو ته ڪي پاڙي وارا ڀر واري مٺائي جي دُڪان تان مٺائي وٺي ورهائي رهيا هئا، هر ڪنهن اهائي خبر ٻڌائي ۽ مون پڪ ڪرڻ لاءِ وري وري ٿي اها خبر پُڇي، واپس وڃي اندر ڪرسيءَ تي ويٺس ته ڪي دوست ۽ واقفڪار ان خبر تي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ايندا رهيا، مان اسپتال مان نوين بجي بدران پوڻين نوين اُٿيس، جيئن نوين بجي واريون ٽي وي جون خبرون وڃي ٻُڌان، ڪالهه ٽپهري جو هوائي جهاز تباهه ٿيڻ ڪري جنرل ضياءَ مري ويو هو، پر ان جو اعلان ريڊئي تي اٺين بجي ڪيو ويو هو، مونکي اهو ڏينهن ياد آهي، جنهن ڏينهن ڀُٽي کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويو هو. صبح جو ريڊئي تي يارهين وارين خبرن ۾ اها خبر ٻڌائي ويئي هئي. ان وقت به مان پنهنجي اسپتال ۾ ويٺو هوس، پاڙي وارن پناهگير دڪاندارن اها خبر ٻڌي خوشيءَ جا نعرا بلندا ڪيا هئا ۽ منهنجو اندر سڙي ويو هو، البت مون ماڻهن کي مٺائي ورهائيندي ڪونه ڏٺم هو، ٻين هنڌن تي ايئن ڪيو ويو هو، رات ضياءَ جي موت جي خبر تي ماڻهن کي خوشي جا نعرا هڻندي ڏٺم ۽ مٺايون ورهائيندي ڏٺم ۽ امامن جو ماتم وساري جشن ڪندي ڏٺم، ڪيترو نه پيڙيل ۽ آزاريل آهن، اسان جا ماڻهو (صفحو 98-99)
اهو ته ڊاڪٽر نجم عباسي جي اکين ڏٺي شاهدي هئي، پر سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ جنرل ضياءَ الحق کان ڪيتري نفرت هئي، هو ضياءَ جي ظلمن سبب ڪيترا دٻيل هئا، ان جو هڪ اظهار مون 17-آگسٽ 1988ع تي پنهنجي ڳوٺ دڙي ۾ ڏٺو... اها به عجيب روئداد آهي، ان ڏينهن منجهند ڌاري ڪوٽ عالمون وٽان سور جاڻي بند ٽٽڻ سبب هاڻوڪي سڄي سجاول ضلعي ۾ وڏو خوف ۽ حراس پکڙجي ويو هو. ٻوڏ جي اها صورتحال دڙي ۾ به هئي، ماڻهو ٻڌ ڇوڙ ۾ شروع ٿي ويا، بازارون ويران ٿي ويون، سرنديءَ وارا ته پهرينءَ سٽَ ۾ نڪري ويا، باقي بچيا غريب غربا، جيڪي الله جي آسري هئا، چوڌاري ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي هئي، سانجهي اچي ٿي هئي، تيسين ماڻهن ۾ چُڻ ڀُڻ شروع ٿي ويئي، هوريان هوريان ماڻهو گهٽين ۾ ٽولين جي شڪل ۾ گڏ ٿيڻ لڳا، هڪ ٻئي کان پڪ ڪرڻ لڳا، خبر تي شڪ ڪرڻ لڳا، تيسين بي بي سي جو ٽائيم ٿي ويو، بي بي سي تي خبر نشر ٿي. هوڪريا مچي ويا، نعرا شروع ٿي ويا، منٽن ۾ هزارين ماڻهو گهرن مان نڪري آيا، نعرا خوشيءَ جا، جيئي سنڌ جا. جيئي ڀٽو جا، فائرنگ جا ڌماڪا، ڇا جيئي سنڌ جا، پي پي پي جا، ڇا عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ ڪو سنڌو نه رهيو، هڪ وڏو جلسو شروع ٿي ويو، هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، ڳراٽڙيون پائڻ لڳا، لڙڪ ماڻهن جي اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نڪري آيا...
اڙي ضيا مري ويو.
ملعون مري ويو.
مردود مري ويو،
ملڪ تان آزار لهي ويو.
۽ ان جلوس ۾، انهن نعرن هڻندڙن ۾، آئون به شامل هئس.
هڪ جهاز هوا ۾ ڦاٽو
هلڪو ٿي ويو بار دنيا جو..

اڳي سنڌ جي اڪثر گهراڻن ۾ اهو رواج هوندو هو ته هو پنهنجي پُٽن جي پهرين جهنڊ ڪنهن بزرگ جي درگاهه يا پنهنجي مرشد جي آستاني تي وڃي لهرائيندا هئا. دڙي جي وڏي پاڙي ۾ به اها رسم هئي. ۽ پوءِ جڏهن ‘وهابيت’ جو اثر وڌيو ۽ وڏي پاڙي جي مردن ”وهابي مسلڪ“ اختيار ڪيو ته وهابيت جي ان اثر جي ڪري ڪيتريون ئي ريتون ۽ رسمون غير شرعي قرار ڏيئي ختم ڪيون ويون، جن ۾ هڪ اها ‘ٻانهي ٻانهياري’ تي جهنڊ لهرائڻ جي رسم به شامل آهي.

چاچا الستيءَ جي ٻي جيڪا شروعاتي يادگيري منهنجي ذهن تي تري آئي آهي. اها اسان جي گهر جي اڱڻ جي آهي، جت ماين جو ميڙو مَتو پيو هو، انهن مان ڪن کي نج سنڌي ويس، گجَ پڙو، سوسيءَ جي سُٿڻ، مٿي تي ڀرت ڀريل گندي ۽ زيورن مان دُهري، هُس، نٿ، جهومڪ۽ ٻيا زيور پاتل ھئا، اهي سڀ مايون اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم جي بيٺل شاهوڙ وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ بيٺل هيون ۽ ٿورو پريان اسان جي گهر جي وڏي دروازي جي بلڪل سامهون بابا پنهنجي ڍڳا گاڏي جوٽيو بيٺو هو ۽ سندس ڀرسان چاچا بِقا ڪئميرا کڻي، سنڌي ويس وڳا پاتل عورتن کي بابا جي ڍڳا گاڏيءَ تي ويهاري فوٽو ڪڍي رهيو هو. اهي فوٽو هو ”ملير ڊائجسٽ“ جي ٽائٽل لاءِ ڪڍي رهيو هو، انهن ماين ۾ ادي مري شيدڻ، ادي سُکي شيدڻ، ماسي ڦاپو شيدڻ، ناني جلو بيگياڻي ۽ ادي شرفو مون کي اڃا ياد آهن. انهن فوٽن مان پوءِ هڪ فوٽو جيڪو ”ادي مري شيدڻ“ جو هو، جنهن ۾ کيس نڪ ۾ نٿ، ڳچيءَ ۾ دُهري ۽ مُڪيش جي بَريءَ وارو چولو پاتل ۽ مٿي تي گندي ڍڪيل هئي “ملير ڊائجسٽ” جي ڪنهن پرچي ۾ ٽائٽل طور ڇپيو هو.
انهن فوٽن ڪڍڻ دوران چاچا بِقا جا ڪنهن ڪنهن مهل ٽهڪ به ٻُرائجڻ ٿي لڳا ۽ سندس مُٺ ۾ جهليل سگريٽ مان عجيب اسٽائل ۾ سوٽا هڻي رهيو هو. چاچا الستي سگريٽ ڏاڍي مزي سان پيئندو هو ۽ ان جي هر سوٽي مان لذت ۽ سرور ماڻيندو هو ۽ اهي سگريٽ هو آخري تائين پيئندو رهيو. البت پوين سالن ۾ باءِ پاس آپريشن ڪرائڻ کان پوءِ هو اهي گهٽائي ويو هو، پر صفا ڇڏي پوءِ به ڪونه سگهيو، آئون جڏهن سانڀر ۾ آيس ۽ سندس ويجهو ٿيس ته مون کيس سدائين سگريٽ جو هڪ ئي برانڊ ”ڪيپسٽن“ پيئندي ڏٺو، جنهن کي پاڻ ‘ڪيپٽن’ چوندو هو.
فوٽن ڪڍڻ جي ان چهه چٽي ۾ آئون ۽ ٻيا ڇوڪرا ٻاڪرا وڏي تجسس مان چاچا بِقا جي ڪئميرا ۽ ماين کي مختلف زاوين کان بيهاريندي ڪيڏي مهل ڪنڌ هيٺ ڪرائيندي ته ڪيڏي مهل مٿي ۽ پوءِ ”ٿورو مُرڪ ته سهي!“ چوندي، ڪئميرا جو بٽڻ دٻائيندي ڏسندا رهياسين.
اُن ڏينهن اسان لاءِ اهو هڪ عجيب رونشو هو، جيڪو ڪيتري ئي دير جاري رهيو.
[2]
آئون گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لڳاتار چاچا الستيءَ سان ڪچهري ڪندو رهيو آهيان. 30 آڪٽوبر 2014ع کان ٻه هفتا اڳ پاڻ مون کي فون ڪيائين.
“يوسف! آئون دڙي واري جڳهه وڪڻان پيو. پاسي واري ڪوٺيءَ وارو پلاٽ اوهان جو آهي، اهو ڇڏي ڏنو اٿم... تنهنجي ماءُ ادي صفوريءَ کان موڪل وٺي اُتي ڪمرو ٺهرايو هئم الست جو سامان رکڻ لاءِ... ڪمري ۾ پيل سامان ته هاڻ ڪونهي... چور چوري ڪري ويا، سو اهو ڪمرو ڇڏي ٻي جڳهه وڪڻان پيو... ڪو گراهڪ ملي ته ڳولهي ڏي...!“
”ڇو پيا وڪڻو... اباڻي ملڪيت آهي“. چيومانس.
“هاڻ ڪير آهي... رياض به ڪراچي رهي. دڙي اچي ڪونه... آئون به گهڻو هاڻ مڪلي رهان، ڪهڙي ڪم جي....!” جواب مليو.
شايد اها وڃڻ جي تياري ڪئي.
ٻي هفتي ڳوٺ ويس ته اهو ڪمرو ڇڏي باقي سڄي گهر جي صفائي ٿي پئي هئي.
گهر ۾ رهندڙ ڪم واري ماسيءَ ۽ چوڪيدار ٻڌايو ته الستيءَ چيو ته ”پلاٽ جو هي حصو يوسف وارن جو آهي.“
مون کي ياد ڪونهي، چاچا الستيءَ ڪڏهن امان کان موڪل وٺي ان پلاٽ تي اهو ڪمرو اڏرايو هو. هاڻ جڏهن هُن ھلڻ جي تياري پي ڪئي ته هن اها واپس ڪرڻ جي لاءِ مون کي فون ڪئي، هن اها ڳالهه پنهنجي پُٽ رياض احمد ۽ منهنجي ماسات محمد الدين ميمڻ کي به چئي، جنهن پوءِ اها جاءِ خريد ڪئي.
پوءِ فون بند ٿي ويئي، هميشه لاءِ !
وري اسان جي ملاقات 30 آڪٽوبر 2014ع تي ٿي سندس خاڪي جسم کي لحد ۾ لاهڻ وقت!
”مون ننڍي هوندي زندگيءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا سبق سکيا، علم پرائجي، پوءِ ڀلي مار کائجي، پرايو حق نه کائجي پوءِ ڀلي خوار ٿجي.“ 1
ساڻس منهنجي ڪچهري سندس آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ۽ سندس ٻين لکڻين جي ذريعي ٿي رهي آهي. جيڪي سندس چالاڻي کان پوءِ هر وقت منهنجي رائٽنگ ٽيبل تي رهن ٿيون. پاڻ ته نٿو ڳالهائي، سندس آواز ته ڪنن جي سماعتن تائين نٿو پهچي، پر سندس لکيل لفظ مون سان ڳالهائي رهيا آهن. لفظ ئي ته ڳالهائيندا آهن.
الستي صاحب کي ننڍڙا ٻار، خاص ڪري نياڻيون ڏاڍيون عزيز هونديون هيون. وٽس سنڌي عورت جي حيثيت سدائين مارئيءَ جي روپ واري رهي. هو سنڌي نياڻيءَ کي مستقبل جي سنڌ جي ماءُ سمجهندو هو. پاڻ نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ الست جي پليٽ فارم تان جيڪو ڪم ڪيائين، اهو به وڏي جذبي سان ڪيائين. سندس چواڻي کيس اهو جذبو، اهو پيغام شاهه جي رسالي مان مليو. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿس:
“رسالي ۾ روح جون سڀ خوشيون هيون، پر جيڪا نعمت مون کي انهيءَ مان ملي، سا اها ته جيئن لکيل لفظ مونکي خوشيون ڏنيون آهن. تيئن ٻين ماڻهن تائين پهچايان، تنهنڪري اها تعليم سنڌي نياڻين تائين پهچايان، ويتر سُر مارئيءَ ان ڳالهه کي وڌيڪ وزن وٺرايو. اها نه فقط انساني بدن ۽ روحن جي آزاديءَ جي پڪار هئي، پر هڪڙي سنڌي عورت جو ظلم ۽ زاريءَ جي خلاف سڀني کي سڏ هو. مارن کي مدد خاطر، اهو ظلم ۽ زور اڄ به مٿس روا هو سڄي سنڌ ۾.“

نياڻين سان سندس محبت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هو جڏهن کيس چاچا الستي چئي مخاطب ٿينديون هيون ته پاڻ ڪو خوش ٿيندو هو ڇا؟
هڪ ڀيرو منهنجي ننڍڙي نياڻي ’امرتا پريتم،‘ صبح جو سوير وٽس ويئي ۽ سندس سِري کان بيهي چيائينس، ”چاچا! مون کي ڪتاب ڏي ته پڙهڻ وڃان.“
چاچا الستي کي اُن ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو، پاڻ امرتا پاران کانئس ڪتاب گهرڻ واري ڳالهه کي هڪ شعر جي روپ ۾ هيئن لکيائين ۽ ان کي عنوان ڏنائين:

In Search of God
Love and serve me
I am the Holy spirit of God
All creation is brought forth
And sustained by me
Without God nothing comes
Without me nothing comes and survives
He is father
I the mother
of all
love and serve me
I am the Holy spirit of God
When I opened my eyes
A girl was gently shaking my hand
“Uncle I want school books
I want go to school
I want learn lord”
“O yes yes”, I at once said
and sat up and gave her books
she cebcame very very happy
first time she would go to school
firt time learn the word the lord
I had told my people
word was lord
She had often heard it so sad it
“I Want learn Lord”

چاچا الستيءَ جي منهنجي نياڻي امرتا پريتم سان اها محبت پوءِ سڄي عمر جاري رهي، ڪجهه سال پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن امرتا پريتم، ماهوار امرتا جو مارچ 2009ع جو شمارو وٽس کڻي ويئي ءِ ان تي کانئس آٽو گراف ورتائين. ته الستي کيس رسالي تي هي شعر لکي ڏنو.
منهنجي امرتي، منهنجي امرتي،
منهنجي من اندر جي ارتي
تنهنجي حُسن ۾ آئون ٿو ڏسان
حُسن خدا جي هر خوشي منهنجي امرتي.
[3]
ذهن جي ڊسڪ تي ڪيتريون ئي اهڙيون يادگيريون آهن، جيڪي ڪلڪ ڪرڻ سان اُڀري اچيو اڳيان بيهن، انهن مان هڪ يادگيري چاچا جي وائين واپرائڻ جي به آهي. جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ ۾ لکيو اٿس ته وڏيراڻو ٻارهئڻ سبب منجهس ٻين ڪيترين ئي عادتن سان گڏ اها عادت به پئجي ويئي هئي، پر مون کيس فقط ٻه ڀيرا اهو واپرائيندي ڏٺو.
جڏهن ڊاڪٽر موتي پرڪاش 1984ع ۾ دبئي مان ڪراچي آيو ته سندس بٺوري وارو دوست ”منگهن لال شرما“ به آيو، موتي پرڪاش جي ڪراچي هئڻ دوران منگهن لال شرما ٻه ٽي ڀيرا ڪراچي آيو ۽ اهي ٻه ٽي ڀيرا الستيءَ وٽ سندس گهر ۾ ئي ٽڪيو. ھڪه ڀيري جڏھن آئون چانهه کڻي مٿين ڪمري ۾ ويس ته مون ميز جي هيٺان، ھڪ بوتل رکيل ڏئي، جنهن مٿان هڪ چلڪندڙ پني/اسٽيڪر لڳل هو، ان تي لکيل هو “ويٽ ون!” آئون چانهه ڏيئي چُپ ڪري موٽي آيس، مون کي الائجي ڇو تجسس اچي ٿيو ته اها شيشي ڇا جي آهي.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن چاچا الستي ۽ شري منگهن لال شرما هليا ويا ته آئون مٿئين ڪمري ۾ هليو ويس، پر مون کي اها شيشي ڪٿي به نظر نه آئي، پر بهرحال منهنجي ذهن ۾ تجسس رهيو ته ان شيشي ۾ ڇا هو؟.... اندازو ته هو، اُن جي ٻي ڏينهن مون چاچا الستيءَ جي ميز تي هڪ ڪاڳر تي شعر لکيل ڏٺو، جنهن ۾ ڪيترائي بند هئا. هاڻي مون کي ان شعر جي فقط هڪ ئي سٽ ياد آهي. جيڪا هن ريت آهي.
رات مون ۽ منگهن ڀري پيتو جام اي ساقي!
اهو شعر الستي صاحب ان رات واري ڪيفيت کي ياد رکڻ جي لاءِ لکيو هو، اڳتي هلي ڳولا ڦولا کان پوءِ به مون کي اهو شعر الستيءَ جي ڪاغذن مان نه لڌو.
سندس ٻي ڀيري وائين واپرائين جي ڳالهه ياد ٿي اچي ته کل وٺيو وڃيم، پاڻ دڙي آيل هو ته منهنجو دوست ”موٽو مل ڪنول ڪوهستاني“ مون سان ملڻ جي لاءِ آيو. الستي صاحب سان به وڃي ملياسين. ڪچهري ڪندي الستيءَ موٽو مل کي چيو: “تون شراب ته پيئندو هوندين؟” موٽو وراڻيس، “سائين ڪڏهن ڪڏهن!”
”تو وٽ هُجي ته سڀاڻي مون کي ٿورو موڪلي ڏي.“ الستيءَ چيس.
“ٿورو ڇو سائين! چئو ته سڄي پينٽ کڻي اچي اوهان سان پيئان!” موٽوءَ کلندي چيس.
“نه ...نه!” الستي چيس، “بس ٻه ٽي ٻُنجيون”
“ٻن ٽن ٻُنجين کي ڇا ڪندا؟”
“پيئندس!” الستي وراڻيس.
“پر ٻن ٽن ٻُنجين مان ڇا ٿيندو؟” موٽوءَ چيو.
“منهنجي لاءِ کوڙ آهي.. پي موڊ ٺاهي شاعري ڪندس” الستيءَ وراڻيو، ته اسين ٻيئي اچي کل ۾ پياسين ته الستي صاحب به اسان سان گڏ کلڻ لڳو.
ٻي ڏينهن شام جو موٽوءَ هڪ آڌيو وائين جو کڻي آيو. گلاس آيا... هڪ موٽو لاءِ ٻيو الستي لاءِ... مون الستيءَ جي سامهون پيئڻ کان لنوايو، اها ڳالهه مون اڳ ۾ ئي موٽوءَ کي چئي ڇڏي هئي، موٽو ته پنهنجو پئگ اسٽرانگ ٺاهيو، پر الستيءَ پنهنجي پئگ ۾ بوتل جي ٻُنجي (ڍڪڻ) يعني پنج ست ڦڙا وائين جا وڌا، فل پاڻيءَ جي گلاس ۾.
موٽوءَ وڌيڪ وجهڻ جي ڪئي ته الستي روڪيندي چيس: ”بس بس منهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي.“
“پر سائين هن مان ڇا ٿيندو... رڳو خوشبوءِ ئي محسوس ٿيندي.” موٽوءَ چيس.
“بس منهنجي لاءِ خوشبوءِ ئي ڪافي آهي.” الستي کلندي وراڻيو.
پوءِ ٿيو هيئن جو موٽو مل ته باقي پورو آڌيو پي ڪچهري ڪري روانو ٿي ويو. پر الستيءَ جو اهو اڌ ٻُنجيءَ وارو پئگ جاري هو ۽ موٽوءَ جي وڃڻ کان پوءِ به الائجي ڪيتري دير جاري رهيو.
پوءِ آئون موٽو مل گهڻن ڏينهن تائين الستي صاحب جي ان ڳالهه کي ياد ڪندا کلندا رهندا هئاسين.
افسوس جو هاڻ نه منگهن لال هن دنيا ۾ رهيو آهي نه موٽو مل!
جوڳي جوڳ ڇڏي ويا، پريا پورپ پنڌ ڏي. (شاھه)
سائين منگهن لال جي ڇا ڳالهه ڪجي، علم دوست ۽ ادب دوست ماڻهو هو، ڪيترائي ڪتاب ڇپايا هئائين، جن ۾ “ڪنور ڪسجي ويو” ۽ ٻيا شامل آهن، هڪ ٻيو ڪتاب جڳديش ملاڻيءَ تي ترتيب ڏيئي منهنجي هٿان ڇپرايائين، جنهن جو نالو هو “رت ڀُٽا تنهنجي راهه ۾،” ان کانسواءِ پاڻ ڪيترائي مضمون لکيائين، جن مان مون ڪجهه مضمون “مائي الهه وسائي” ۽ قاسم پٿر، جي باري ۾ لکيل ”سنگت پبليڪيشن“ ۾ ڇپيا. يارن جو يار ۽ وڏي دل وارو ماڻهو هو، آئون جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيس ته فون ڪري مون کي مبارڪون ڏنائين ۽ بٺوري وٽس اچڻ جي دعوت ڏنائين، آئون ويس ته سندس پتني، يعني منهنجي ماتا اجرڪ کڻي اچي منهنجي ڪلهن ۾ وڌي ۽ آسيس ڏنائين ۽ پنهنجي سامهون ويهاري مانجهاندو ڪرايائين، ماتا جي اها محبت آئون ته سڄي عمر وساري نه سگهندس، جڏهن گذاري ويئي ته مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجي مٿي تان آسيس جو هٿ کڄي ويو.
منگهن لال شرما، جنهن کي اسين سڀ ”سائين منگهن“ چوندا هئاسين، دوستن جو دوست هو، مختلف قومي ۽ ادبي ڪمن ۾ دوستن جو مددون ڪندو هو، مون جڏهن موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جا ڪتاب سنڌ ۾ ڇپرايا ته ان ۾ سندس مالي مدد به شامل هئي، سندس ڪيترائي ڳُڻ آهن، جي وسرن ئي نٿا.
هڪ ڀيري جڏهن وٽس ويٺو هوس ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪيل ڪمن تي ڳالهائيندي چيم ته ”مون کان ڪجهه ڪم ٿي نه سگهيا، جنهن تي افسوس اٿم“ ته چيائين: ”ڪنهن ڳالهه تي افسوس نه ڪر، جيڪڏهن سڀ ڪم ٿين ۽ خواهشون پوريون ٿين ته پوءِ ڇا کپي، ڪجهه ڪم توکان ٿيا ۽ ڪجهه ٻيا اچي ڪندا، تو پنهنجي وسان ناهي گهٽايو“.
سائين منگهن هو ته چاچا الستيءَ جو دوست ۽ چاچا الستي جي ڪري ئي منهنجي ساڻس واقفيت، دعا سلام ۽ پوءِ دوستي ٿي، ڪن ڪن موقعن تي مون پنهنجي جذباتي طبيعت سبب کيس رنجايو به، پر پاڻ ڪڏهن به دل ۾ نه ڪيائين.
ڊسمبر 2010ع تي سجاول ۾ جڏهن مساڻ ۾ سندس اگني سنسڪار ڪيو پي ويو ته مون ائين محسوس ڪيو ته ان ۾ منهنجي وجود جو هڪ حصو سڙي رهيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سندس ياد جي ويرورندي اٿم ته عجيب بي سُکائي، اٻاڻڪائي ۽ اڪيلائپ جو احساس ٿيندو اٿم، پوءِ اهو سوچي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته:
اين قافله عمر، عجب مي گذردم
[زندگيءَ جو ھي قافلو عجب نموني ۾ ھلي ٿو]
سندس ياد کي تازو رکڻ جي لاءِ مون پنهنجو ھڪ ترجمو ڪيل ڪتاب”خدا جي تاريخ“ سندس نالي ارپيو.

[4]
1984ع جي نومبر مهيني ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش دبئي کان ڪراچي آيو پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ، کيس فقط ڪراچي جي ويزا هئي، موتي پرڪاش جي استقبال لاءِ سنڌ جا ڪيترائي اديب دوست ايئر پورٽ تي پهتل هئا. جن ۾ سنڌ جي راڳ جي راڻي عابده پروين به هئي. موتي پرڪاش جيتوڻيڪ آيو ته چاچا عبدالغفور الستيءَ جي دعوت تي هو، پر سنڌ اچڻ کان پوءِ هو دوستن ۾ اهڙو ته گهيرجي ويو، جو ڄڻ هو سڀني جو مهمان بنجي ويو. هيڏانهن چاچا الستي سندس رهائش جو بندوبست پنهنجي گلشن اقبال واري گهر ۾ رکيو هو، پر موتي پرڪاش سنڌ اچي ‘هوٽل جبيس’ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، ان جو سبب اهو هو ته اتي ساڻس ملڻ لاءِ ايندڙ دوستن کي آساني هئي. الستي صاحب به اها ڳالهه سمجهي سندس هوٽل ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. البت سندس ڪنهن دوست کان اُڌاري ورتل گاڏي ۽ ڊرائيور ادا اقبال مرحوم جيڪو الستيءَ جو ڀائيٽو هو، هر وقت موتي پرڪاش جي حوالي هئا.
سنڌ اچڻ کان اڳ موتي پرڪاش الستي صاحب کي خط لکيو:

12 نومبر 1984ع
پيارا عبدالغفور
تنهنجو 7 نومبر جو خط پهتو، هن ڀيري تو ٺهه پهه جواب ڏنو آهي تنهن لاءِ توکي وڏي شاباس هجي. تنهنجي حُجت تي ڏاڍو پيار اچيم ٿو. مون کي خبر آهي ته توهين سڀ اصل ڪين چاهيندا ته اسين هوٽل ۾ رهون ۽ ٿورو به خرچ ڪريون. ائين برابر آهي، ته گهر نيٺ گهر آهي ۽ هوٽل نيٺ هوٽل آهي. پوءِ به مون تو کي لکيو هو، تنهن لاءِ ڄاڻايل سببن کان وڌيڪ ٻيا سبب آهن.
اسين هاڻي عمر کان چڙهي چڪا آهيون، ڪي سُٺيون، خراب عادتون به اٿئون، جيڪي مان توکي ته بي حجاب لکي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻين جي سامهون پاڻ ظاهر ڪرڻ ۾ تون به ششدر ٿيندين ۽ اسين به، منهنجو دوست موهن گيهاڻي ۽ ڪلا دائما قبضيت جا مريض آهن. کين گهٽ ۾ گهٽ صبح جو پنج ڇهه دفعا پائخانه جي سلامي ڀرڻي پوندي آهي. اول ته کين ٻه ٽي ڏينهن نئين ماحول ۽ هوا، پاڻيءَ سان ٺهڪائڻ ۾ لڳي ويندا. حالت منهنجي به ائين سمجهه، پر هنن جي ڀيٽ ۾ گهٽ. ٻي ڳالهه جيڪڏهن ڪلا کي ٻه ٽي ڏينهن اِها تڪليف رهندي آهي ته پوءِ کيس اڌ مٿي جو اهڙو سور پوندو آهي جو الله پناهه ڏئي. اصل کاڌو، پاڻي حرام، ٻنهي جي حالت قياس جوڳي سمجهه، کين هوٽل ۾ اِن حالت ۾ سهوليت ٿيندي. مون کي خبر آهي ته تون اسان کي گهر ۾ هر ڪا سهوليت مُيسر ڪري ڏيندين ۽ اسان جي هر ڪا چاڪري ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندين، پوءِ به عرض اِهو ڪندس ته اِهي حاجتون هوٽل ۾ لاهي پوءِ سڄو ڏينهن توهان سان هُجون، ويندي اڌ رات تائين ته ٺيڪ ٿيندو.
مزي جي ڳالهه ٻڌايان؟ دوست موهن گيهاڻيءَ کي ٻڌايم ته رات گهر ۾ ڪهي آيو. چوي ته عبدالغفور کي ڪيئن به ڪري مڃاءَ. ٻئي هر لحاظ کان مون کان به وڌيڪ Sensitive آهن. اِنهن تڪليفن سبب پنهنجي ئي گهر ۾ ڪڏهن ڌاريا ٿي ويندا آهن.
مهرباني ڪري اِئين به نه سمجهه ته اسين ڪو هوٽل ۾ رهي پنهنجو شان ۽ شاهوڪاري ڏيکارڻ ٿا چاهيون. اسين اڃا مسڪين ئي آهيون. تو کان لڪ لڪاءِ ڪونهي. وهنداسين ته ڳالهيون ڪنداسين. تنهنجو گهر اسان جو پنهنجو گهر آهي. سڄو ڏينهن رات تو سان گڏ هونداسين، پر پنهنجي فيصلي تي غور ڪج. مون کي پڪ آهي ته اسان کي غلط ڪين سمجهندين.
مون توکي ٽيليفون ٻه ٽي دفعا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لائين بزي هئي، ٽيليفون تي اِهو سڀ سمجهائڻ به ڏکيو آهي.
بهرحال ٽڪيٽون هٿ ۾ آهن، فلائيٽ GE784 ڪراچيءَ پهچڻ جو ڏينهن جمع 16 نومبر، 3.55 شام.
ڀاڀي صاحبه لاءِ سلام
تنهنجو
موتي
[5]
آئون جڏهن انهن ڏينهن جون ساروڻيون ساريان ٿو ته مون کي عابده پروين چاچا الستيءَ جي گلشن اقبال واري گهر ۾ مهمانن سان ويٺل نظر ٿي اچي. ڇا ته سادي، سودي مست الست، نماڻي ۽ نهٺي ۽ هر وقت نوڙت وارو انداز. انهن ڏينهن عابده پروين سهراب ڳوٺ ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندي هئي. عابده پروين ۽ سندس وَر مرحوم غلام حسين شيخ ان جو نالو رکيو هو. ”سارنگ جو گهر“ -سارنگ سندن فرزند جو نالو هو.
۽ سچ ته چاچا الستيءَ جي گهر عابده پروين کي ائين جو ويجهو ڏٺم ته منهنجي خوشي به ڏسڻ وٽان هئي. سنڌ جي هيڏي وڏي فنڪارا کي ائين سامهون ڏسڻ جو شرف، جڏهن منهنجي عمر ويهه سال هئي. منهنجي لاءِ اها وڏي ڳالهه ۽ خوشيءَ جو سبب هئي.
مون کي ٻيو ڀيرو ايڏي خوشي وري فيبروري 2011ع ۾ دهليءَ ۾ نصيب ٿي، جڏهن مون دهليءَ جي”سري فورٽ آڊيٽوريم“ ۾ جگجيت سنگهه کي روبرو ڳائيندو ٻُڌو ۽ ڪنسرٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ جگجيت سنگهه سان گڏجي ڊنر ڪرڻ، ڊرنڪ وٺڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ منهنجي زندگي جا يادگار لمحا آهن. جگجيت سنگهه کي مون سدائين پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي موج ۽ مستين ۾ ٻُڌو هو ۽ ساڻس ائين روبرو ملڻ جو تصوربه نه ڪيو ھيم. اهڙا لمحا گهٽ خوشنصيبن کي نصيب ٿيندا آهن.
ڪراچي ۾ موتي پرڪاش جون جيڪي به دعوتون ٿينديون هيون. انهن ۾ آئون به چاچا عبدالغفور الستيءَ سان گڏجي ويندو هوس. اهڙي ئي هڪ دعوت دادا دولت مهتاڻيءَ جي گهر به ٿي هئي، جنهن ۾ ڪيترائي اديب آيل هئا، جن مان پروفيسر اياز قادري، رشيد ڀٽي ۽ علي احمد بروهي جا چهرا هينئر به مون کي ياد آهن. ان دعوت ۾ عابده پروين به آيل هئي. بروهي صاحب جي گفتن ۽ ڳالهين تي چوڌاري ٽهڪ ٻُري رهيا هئا. جو اوچتو ڳالهه ڦري گهري اچي عابده پروين تي بيٺي ۽ ڪنهن عابده کان فرمائش ڪئي ته ڪجهه ٻُڌايو. سڀني ائين سمجهيو ته عابده نخرا ڪندي ۽ چوندي ته ساز ڪونهي يا موڊ ڪونهي... پر هن فقيرياڻيءَ دير ئي نه ڪئي. بس ڪن تي هٿ رکي شروع ٿي ويئي ڀائي امر ڪنور جا ٻول ڳائڻ: نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.
واهه واه ٿي ويئي.....

چاچا الستيءَ سان اُن دوستيءَ مون کي ڪيترن ئي اهم ماڻهن جو ديدار ڪرايو ۽ ساڻن ملاقات جو شرف مليو. انهن ۾ مرحوم ڊاڪٽر جي ايم مهڪري به شامل هو، جيڪو هڪ ڀيري الست جي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ ڪجهه دوستن سان گڏجي دڙي آيو. پروگرام جي پُڄاڻي تي چانهه پيئڻ مهل مون کيس پنهنجا ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب تحفي طور ڏنا ۽ کانئس سندس ئي ڪتاب ”محڪريءَ جا مضمون“ تي آٽوگراف به ورتو. ڪتاب کيس ڏاڍو وڻيا. ڊاڪٽر صاحب پوءِ چاچا الستيءَ کان منهنجي باري ۾ پڇيو ۽ ڪراچيءَ وڃي مون کي هڪ خط لکيائين. اهو خط منهنجي لاءِ ڪنهن ايوارڊ کان گهٽ ڪونهي... مون اهو خط پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مهاڳ طور ترجمو ڪري ڏنو ۽ ڪيترائي ڀيرا اهو خط رسالن ۾ ڇپرايم ته جيئن وڌ ۾ وڌ نوجوان اُن مان اُتساهه وٺي سگهن.
1992ع ۾ جڏهن آئون ”هزار داستان“ سنڀاليندو هوس ته هڪ ڀيري ڪراچي وڃڻ ٿيو ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چاچا الستيءَ مون کي هزار داستان لاءِ علي احمد بروهي کان انٽرويو وٺڻ جي لاءِ چيو. مون ها ڪئي ته پاڻ بروهي صاحب کي فون ڪري ٻڌايائين ته يوسف سنڌي تنهنجو انٽرويو ڪرڻ ٿو گهري. بروهي صاحب هاڪار ڪئي ته اسين ٻيئي شام جو گڏجي بروهي صاحب جي پرنس ڪمپليڪس ڪلفٽن واري فليٽ تي وياسين ۽ کانئس انٽرويو ڪيم. ان سڄي عرصي دوران الستي صاحب چپ ڪريو اسان جي گفتگو ٻڌندو رهيو. انٽرويو پوءِ مون ٽيپ تان اتاري ”هزار داستان“ ۾ ڇپيو. جيڪو ڪافي پسند ڪيو ويو.اھڙو ئي ھڪ ٻيو انٽرويو جسٽس امام علي قاضي مرحوم کان به ورتم، جيڪو ھفتيوار سنڌؤ ۾ چيبو ھو.
ائين الستي صاحب سان گڏجي ڪيترن ئي دوستن سان ملاقاتون ٿينديون هيون، جن ۾ پي ڪي شاهاڻي به شامل هو. سندس آفيس پاڪستان چوڪ وٽ هئي ڏيارا گدومل ٽرسٽ جي بلڊنگ ۾.
ائين ڪيترائي ڀيرا الستي صاحب سان گڏجي مرحوم جسٽس امام علي قاضيءَ سان سندس گهر تي وڃي ملڻ ٿيو. قاضي صاحب جڏهن گذاري ويو ته مون مٿس هڪ ننڍڙو تاثر لکيو، جيڪو انهن ڏينهن، ”پاڪ“ اخبار ۾ ڇپيو هو. قاضي صاحب، نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ الستي صاحب جو وڏو ساٿ ڏنو.
محترم يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ سان منهنجي ملاقات به چاچا الستيءَ ئي ڪرائي. ان ملاقات ۽ ان کان پوءِ برسات کي جوائن ڪرڻ منهنجي زندگي جو اهم موڙ هو، جيڪو مون پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب “انڪار به، اقرار به” ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته چاچا الستيءَ جو منهنجي زندگي، ادبي ڪمن ۽ ڪئريئر تي وڏو اثر رهيو آهي. چاچا الستي کي ئي لکندي ۽ پڙهندي ڏسي مون ۾ شوق جاڳيو ۽ ”ملير ڊائجسٽ“ جي صفحن ته منهنجي نس نس ۾ “سنڌيت” ڀري ڇڏي، ”عين غين سنڌي“ جي نالي پويان ئي مون “سنڌي” سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي “يوسف سنڌي” جي نالي سان سڃاڻپ جو سبب به ”عين غين سنڌي“ ئي آهي.
چاچا الستي وٽ ڪراچي ۾ جيڪي به ڪتاب هئا، سي لڳ ڀڳ انگريزي ۾ هئا. انهن جو تعداد لڳ ڀڳ ٻه اڍائي سو هو ۽ وٽس جڏهن به مون ڪو سنڌي ڪتاب پيل ڏٺو يا ڪنهن دوست کيس تحفي طور ڏنو ته اهو يا ته آئون کڻي ايندو هئس يا وري جڏهن چاچا الستي دڙي ايندو هو ته منهنجي لاءِ کڻي ايندو هو. البت چاچا انگريزي ڪتاب کڻڻ کان روڪيندو هو ۽ آئون به انهن سان ڇيڙ خاني نه ڪندو هوس.
نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي Long walk to freedom مارڪيٽ ۾ آئي ته آئون ”ٿامس اينڊ ٿامس“ ڪراچي وٽان ڪتابن جي مَٽا سَٽا ۾ وٺي آيس، انهن ڏينهن ان ڪتاب جو ترجمو ”اردو ڊائجسٽ“ ۾ قسطوار هلندو هو. جيڪو پوءِ مون اتان ئي سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪرڻ شروع ڪيو. اهو ترجمو لڳاتار هو ۽ باب وغيره ڏنل نه هوندا هئا. ان انگريزي ڪتاب تان پوءِ مون اردوءَ تان ڪيل اهو ترجمو ڪنهن حد تائين ڀيٽي درست ڪيو ۽ بابن وغيره ۾ ورهايو. ان دوران مون اهو ڪتاب چاچا الستي کي پڙهڻ جي لاءِ ڏنو. پاڻ ان ڪتاب جي وڏي واکاڻ ڪيائين ۽ پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه ڪيائين، جنهن مون کي نه رڳو حيران ڪري ڇڏيو، پر سندس ڪتاب شناسيءَ تي به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. پاڻ چيائين ”ته هي ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي ۽ ههڙا ڪتاب آهستي آهستي پڙهبا آهن، جيئن ڪتاب جلدي ختم نه ٿئي.“ اهڙي ئي ڳالهه چاچا خوشونت سنگهه جي ناول “دهلي” پڙهڻ کان پوءِ به ڪئي، خوشونت سنگهه جو اهو ناول مون کي ڪراچي جي هڪ پبلشر ترجمي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. مون ان ناول جا سؤ کن صفحا ترجما ڪيا جو اهو پبلشر امير ابڙو ئي گم ٿي ويو. ته مون ان جو وڌيڪ ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
ھڪ ٻيو ڪتاب به مون چاچا الستي کي پڙھڻ جي لاءِ ڏنو، جي ايم گرگلاڻي جو شيخ اياز جي شاعري تي لکيل ،
Impor Tal Poetry of Shakh Ayaz
اھو ڪتاب، چاچا الستي کي ڏاڍو ڻيو ۽ اھو ڪتاب پڙھي پاڻ جي ايم گرگلاڻي کي ھڪ خط به لکيائين. جي ايم گر گلاڻي اصل جاتيءَ جو ھو، ورياڱي پوءِ لڏي انڊيا جي احمد آباد شهر ۾ وڃي رھيو ھو. ۽ پوين سالن ۾ اتان انگريزي ۾ ٽه ماھي رسالو ”سنڌي رتن“ به شايع ڪندو ھو.
چاچا الستي اڪثر ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڙهڻ پسند ڪندو هو. مون جڏهن کيس سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ پڙهڻ لاءِ ڏنو ته پاڻ اهو پڙهيائين ۽ ان ڪتاب جي وڏي تعريف ڪيائين ۽ مون کي چيائين ته اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ هٿ ڪري ڏي، ان کي آئون انگريزيءَ ۾ پڙهڻ ٿو چاهيان.
چاچا الستي، سائين جي ايم سيد کي ”سنڌيت“ جو امام قرار ڏيندو هو ۽ پاڻ جڏهن ”ملير ڊائجسٽ“ شايع ڪندو هو ته ”جي ايم سيد جي حضور ۾“ هڪ نظم لکي اُن ۾ ڇپيو هئائين. پاڻ مون کي ٻڌايو هئائين ته پاڻ اهو رسالو کڻي “سن” ويو هو ۽ سائين جي ايم سيد کي اهو شعر روبرو پڙهي ٻڌايو هئائين.
منهنجي عقيدت جي حقير گلن جي هيءَ ڀريل جهولي،
انهيءَ مان مَن کين هڪڙو ئي وڻي، من هو هڪڙو ئي کڻي.
جا مٽي تنهنجي ماڳن جي سا ماٿي لائي هلياسين.
ڇا تنهنجي قسمت ۾ لکيل، جا آهي اسان جي ڀاڳن ۾،
پر پنهنجي پويان سنڌڙي جي تقدير جڳائي هلياسين.
هو هلڻو هن حياتيءَ ڪو ڪيئن هليو ڪو ڪيئن هليو،
اسين ديوانا هن ڌرتيءَ کي معبود بنائي هلياسين.
هن پيري ۾ تنهنجي لئه زندان اهي زنجير اهي،
او ‘سن جا سائين’ خون جگر جا لڙڪ وهائي هلياسين.

[6]
چاچا الستي دل جو صاف ماڻهو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي من ۾ ڪنهن جي خلاف مَدي نه رکي. کيس جيڪڏهن ڪو تڪليف ڏيندو هو ته هو اها در گذر ڪري ڇڏيندو هو. الست تنظيم ۾ ڪيترائي اهڙا دوست آيا، جن پوءِ الستي کي گهڻو ئي رنجايو، پر الستيءَ کين معاف ڪري ڇڏيو.
ائين جڏهن هڪ دوست جي لائي چائي، ڇيڻا ڀوري ۽ منافقانه ڪردار سبب منهنجي ۽ الستي جي وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا ته مون به ناسمجهيءَ ۾ کيس ڏاڍو ڏکويو. پوءِ هڪ ڏينهن پاڻ سندس گهر واري مرحومه جيجي زينب جي هٿان مون کي هڪ خط ڏياري موڪليائين.

نورچشم يوسف
هي ڇا پيو ڪرين؟ آخر ڪيستائين؟ نتيجو ڪو سوچيو اٿئي ڇا ٿيندو؟ ٻنهي ڌرين جو نقصان، اسان جو گهڻو ئي سَهي تنهنجو ٿورو. پر تنهنجو ٿورو به مونکي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته مون توکي پُٽن وانگي پاليو آهي. مون کان تنهنجو ڪوبه نقصان سَٺو نه ٿيندو. محبت نفرت کان وڏي ٿيندي اُن جو ڪو خيال ڪر، تون ته پڙهيل آهين، تنهنجون پڙهايون سڀ ڪاڏي ويون؟ لفظ جيڪو خدا آهي، ان جو واسطو ڏيئي توکي ٿو چوان! هاڻ ماٺ ڪري ويهه، مون توکي اڄ تائين معاف ڪيو آهي. پر هاڻي ڪجهه ڪندين ته آئون پوءِ به توکي ڪجهه ڪونه ڪندس، پر لفظ توکي ڪونه بخشيندو، اُن کي ختم ڪرڻ جي تو ڪوشش ڪئي؟ خدا ڪو نه ڇڏيندو، اُن جي سرڪار تمام ڏاڍي آهي. اُن کان معافي وٺ، مون تي رحم ڪر. پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ مون تي رحم ڪر.
تنهنجو سدائين دعاڳو،
الستي
4 جون 1995ع.

خط پڙهي منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ۽ آئون ڪيتري دير تائين اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو سڏڪندو ۽ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪندو رهيس ته “اڙي يوسف سنڌي! تو هي ڇا ڪيو؟”
مون هڪدم کيس خط لکي پنهنجي ننڍڙي ڏيءَ پارس جي هٿان ڏياري موڪليو ۽ کانئس معافي گهريم... بهرحال... اچ وڃ پوءِ به اسان جي وچ ۾ بند رهي... الست جي آفيس آئون نه ويندو هئس ۽ پاڻ به گهر نه ايندو هو.
8 اپريل 1996ع منهنجي ٻي نمبر پُٽ وشال جي سالگرا جو ڏينهن آهي. سندس پهرين سالگرا آئي ته مون اها سُٺي نموني ملهائي... انهن ڏينهن چاچا الستي ۽ جيجي زينب دڙي آيل هئا... مون موقعو مناسب سمجهيو ۽ کيس دعوت ڏياري موڪليم ۽ پوءِ وٽس هلي ويس، کيس سالگرا ۾ اچڻ جي لاءِ چيم. پاڻ ها ڪيائين ۽ پوءِ چاچا الستي ۽ جيجي زينب ٻئي گڏجي آيا ۽ وشال جي سالگرا جي تقريب ۾ هڪ وڏي جي حيثيت سان شريڪ ٿيا، چاچا ۽ جيجيءَ وشال کي نه رڳو پيار ڪيو، پر کين خرچي به ڏني...
هاڻ آئون پنهنجي پُٽ وشال کي چوندو آهيان ته مون پنهنجي غلطيءَ جي ڪري پنهنجي بزرگ دوست الستيءَ کي وڃايو ۽ تو پنهنجي پهرين سالگرا تي مون کي منهنجو دوست عبدالغفور الستي ٻيهر موٽائي ڏنو.
چاچا پوءِ مون کي دل جي گهراين سان معاف ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اسين هوريان هوريان وري به اهڙا ئي ٿي وياسين. ھاڻ ته اھو گلستان ئي ويران ٿي ويو آھي:
نه گل ديدم نه بلبل راز اين بستان سرا رفتم
دعاي من صبا گوئي اگر بيني تو ايشان را
[ مخفي]
[ھن باغ واري جوءِ ۾ نه گل ۽ بلبل رھيا، انهي ڪري ڇڏي ويس. اي صبا سلام ڏجان جيڪڏھن انهن کي ڏسين]
افسوس جو اڄ چاچا الستي به ڪونهي ته جيجي زينب به ڪونهي.

[7]
آئون جڏهن هزار داستان ۾ هئس ته اڪثر الستي صاحب تي زور ڀريندو هئس ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکو... منهنجي ڳالهه رکندي پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي قسطوار لکڻ شروع ڪيائين... پر ٽن قسطن کان وڌيڪ لکي نه سگهيو... آتم ڪهاڻي پڙهندڙن کي گهڻي وڻي هئي. پوءِ جڏهن مون “هزار داستان” ڇڏيو ته به منهنجا اها خواهش رهي ته پاڻ اها لکي مڪمل ڪري، نيٺ هڪ ڏينهن هائوڪار ڪيائين ته وڌيڪ لکندو ۽ مون کيس “هزار داستان” ۾ اڳ ۾ ڇپيل قسطون فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏنيون. جنهن کان پوءِ پاڻ ان جو پهريون جلد “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” جي نالي سان لکي پورو ڪيائين. جيڪو مون 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جلد ۾ پاڻ پنهنجي ويهن سالن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪئي اٿائين، سندس خيال هو ته پاڻ ان جا وڌيڪ ٻه جلد به لکندو، پر لکي نه سگهيو. البت ان دوران 2003ع ۾ جڏهن مون روزاني هلال پاڪستان جو ادبي صفحو “ڏات” سهيڙڻ شروع ڪيو ته منهنجي تقاضا تي پاڻ ڪيترا ئي مضمون لکيائين، جن ۾ سندن زندگيءَ جون جهلڪيون به شامل آهن. هاڻ مون انهن سڀني مضمونن ۽ سندس اڳ لکيل لکڻين کي “اسان جو رستو اسان جي منزل” جي نالي سان سهيڙيو آهي. جيڪو ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيندو.
پاڻ جڏهن شاهه جو رسالو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ته سندس خيال هو ته ان جي پهرين ڪاپي ڀٽ شاهه تي رکجي... اهو رسالو 16 سيپٽمبر 1986ع تي ڇپائي پڌرو ڪيائين، جيڪو ”عالمي امن جو ڏينهن“ آهي.
پروگرام هيئن بيٺو ته اسين دڙي مان دوست سڄي بس ڀري ڀٽ شاهه وينداسين پوءِ ڀٽ شاهه جي موريءَ کان وٺي درگاهه تائين اڇا جهنڊا کڻي “امن زنده باد” جا نعرا هڻي جلوس جي صورت ۾ هلي درگاهه تي لطيف سائينءَ جي سيرانديءَ کان رسالو ڀيٽا طور رکبو.
16 سيپٽمبر تي صبح جو سوير اسين دڙي مان دوستن جي بس ڀرائي ڀٽ شاهه روانا ٿياسين. اسان سان گڏ بٺوري مان سائين غلام حسين رنگريز به گڏ هليو. پهرين حيدرآباد پهتاسين، جتي لطيف آباد ۾ چاچا شمس الدين جي بنگلي تي سڀني دوستن کي مانجهاندو ڪرايو ويو. تنهن کان پوءِ ڀٽ شاهه روانا ٿياسين، حيدرآباد مان چاچا الستي به گڏيو، جيڪو ڌار ڪار ۾ هو. ڀٽ شاهه جي موريءَ وٽ پهچي سڀ لٿاسين... ڪپڙا لٽا ڇنڊي اڇا جهنڊا ڪڍي، پروگرام موجب ٻن قطارن ۾ ’امن زنده باد‘ جا نعرا هڻندا درگاهه ڏانهن وڌڻ لڳاسين.
اتفاق سان اهو ڏينهن ڏھين محرم جو ڏينهن هو ۽ ڏهين محرم تي ڀٽ شاهه تي وڏو ماتم ٿيندو آهي. اسين جنهن مهل پهتاسين ته ان مهل ماتم پنهنجي جوڀن تي هو ۽ ماتمي جلوس ڀٽ شاهه جي اڱڻ ۾ پهچي چڪو هو، هنن اسان کي اڇا جهنڊا جهولائيندي ايندي ڏٺو ته صفا بگڙي پيا. هنن سمجهيو ته اسين ڪي شر پسند آهيون ۽ ماتم کي ڦٽائڻ جي لاءِ آيا آهيون. تيسين انتظاميه به اچي ويئي، جنهن کي الستي صاحب ڳالهه سمجهائي، هو به سمجهي ويا ته اهو رڳو هڪ اتفاق آهي ته ٻئي جلوس گڏجي پيا آهن. جهنڊا لاهي هيٺ ڪيا. ماتمي جلوس پنهنجو گس ورتو ۽ الستي اڪيلو وڃي درگاهه تي حاضري ڀري رسالو ڀيٽا طور رکي واپس موٽي آيو.

[8]
پنهنجي منفرد طبيعت سبب چاچا الستي سدائين پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪڏهن گلائن ته ڪڏهن دٻيل دٻيل ڪاوڙ جو نشانو بنيل رهندو هو. ان جو هڪ سبب سندس ڄمي ڪو ڪاروبار ڪرڻ يا وٽس پئسي پنجڙ جي گهڻائي جو نه هئڻ به هو. هر ماڻهوءَ جي پنهنجي توقع هوندي آهي ته فلاڻون مون سان هيئن هلي يا هونئن هلي. پاڻ جڏهن به جيڪو ڪجهه به ڪمايائين ته اهو خرچ ڪري ڇڏيائين... پئسا هوندا هئس ته صفا درياهه دل ٿي پوندو هو، نه ته، جيئن خالي هٿين ھوندو، آهي.
ان هوندي به کيس تعليم جي عظمت جو احساس هو. پاڻ پنهنجي وڏي نياڻي نورجهان کي پڙهائي ڊاڪٽر ڪيائين. اها سڄي ڪٽنب جي پهرين نياڻي هئي، جا پڙهي. ان تي، ڪافي مخالفت ٿيس، جو سندس گهراڻو “ارباب” سڏبو هو ۽ راڄ جي ڇيڙي نبيڙيءَ جو مالڪ... هاڻ ته وڏ گهراڻن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ عام آهي. پر اڳ ائين نه هو. ڪٽنب جي مخالفت جي باوجود به الستيءَ ادي نورجهان کي پڙهايو. نه رڳو ايترو، پر مون کي اڪثر ڪٽنب جا اهڙا ڪيترائي ماڻهو ملندا هئا، جن مون کي ٻڌايو ته هو جڏهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ته الستي کين پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ مالي مدد ڪندو هو ۽ سندن الستي پاران ڪيل مالي مدد جي ڪري ئي پڙهائيءَ ۾ آساني ٿي، ان ڪري الستي پنهنجي ڪٽنب وارن سان سدائين ان ڳالهه تي پيو جهيڙيندو هو ته پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ راڄ جي ٻارن جي مالي مدد ڪري، کين ڪتاب ۽ ڊريسون وٺي ڏيو، جيئن هو پڙهي سگهن.
الستيءَ جي طبيعت جا رنگ به نرالا هوندا هئا، جڏهن به چونڊون ٿينديون هيون ته هو ووٽ اُن اميدوار کي ڏيندو هو، جيڪو هيٺين ڪلاس جو يا ڪو وڏ وڏيرو نه هوندو هو. ان سلسلي ۾ پاڻ ڪنهن جي به نه مڃيندو هو. هڪ ڀيري ملاح تنظيم جو اميدوار عارب ملاح چونڊ ۾ بيٺل هو. مرحوم عارب ملاح، ملاحن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا هئا، تڪ ۾ ملاح ڪميونٽي جي ووٽن جو انگ به وڏو هو، کيس انهن کان ووٽ ملڻ جو آسرو هو. چاچا الستي، عارب ملاح کي ووٽ ڏنو. شام جو جڏهن رزلٽ آئي ته اسان واري پولنگ تان عارب ملاح کي فقط هڪ ووٽ مليو ۽ اهو ووٽ چاچا الستيءَ جو هو.
چاچا الستي وٽ چونڊن جي اهميت هئي. هڪ ڀيري چونڊن ۾ پاڻ هڪ اسٽيڪر ڇپرائي، سڄي ضلعي ٺٽي ۾ هڻايائين جيڪو هن ريت هو.
پاڻ چوندو هو وڏيرو سنڌ جو ازلي ويري آهي، جيسين انهن خلاف سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور نه آڻبو، تيستائين اهي سنڌ جي قسمت سان کيڏندا رهندا. چونڊن ۾ وڏيرو ئي چونڊجي ٿو ۽ وڏيرو پنهنجي مفاد کان ٻاهر نٿو نڪري، هو ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪجهه ڪونه ڪندو. سنڌين کي پاڻ مان ئي ڪو غريب غربو اميدوار چونڊي اسيمبليءَ ۾ موڪلڻ گهرجي. پاڻ چوندو هو ته آئون جيڪا هيءَ تعليم جي مهم هلايان پيو، اها اصل ۾ وڏيرن جي خلاف ئي مهم آهي، پڙهيل ماڻهوءَ ۾ شعور ايندو ته هو وڏيري کان بغاوت ڪندو.
پاڻ پنهنجي لکڻين ۾ به جا بجا اهڙيون ڳالهيون ڪيون اٿس.
[9]
ھڪه قومپرست ھئڻ، ۽ قومي ڪمن ۾ حصي وٺڻ جي باوجود به چاچا الستي ھڪ ٻي تعصب ماڻهو ھو. ھن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ٻولي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ڪنهن سان ڪو فرق نه رکيو. ان جو ھڪ وڏو مثال چاچا ڪريم ھو. چاچا ڪريم ھڪ مهاجر ھو، جيڪو اصل حيدرآباد دکن جو ھو. ورھاڱي دوران ڏلجي، ڏتڙجي رلي الائجي ڪيئن اچي چاچا الستي سان گڏيو. سندس مٽ مائٽ، کانئس وڇڙي ويا ھئا ان ورھاڱي جي ھنگامي ۾، يتيم ڇورڙو ھو، ۽ پوءِ سڄي عمر الستي سان گڏ رھيو پاڇي وانگر، ذھني ۽ فڪري طرح ٻيئي اتر ۽ ڏکڻ رھيا، الستي سنڌ پرست، صوفياڻي مزاج ۽ خيالن وارو، چاچا ڪريم وري مولانا مودوديءَ جو وڏو مداح ۽ جماعت اسلامي جي صفا ويجهو، شايد جماعت جو ميمبر به ھون ”جسارت“ اخبار ۽ ٻيا جماعتي رسالا ۽ ڪتاب باقا عده وٺندو ۽ پڙھندو ھو: پر ٻي پاسي ھو ھر وقت الستيءَ سان گڏ.. جتي الستي اتي چاچا ڪريم. ٺيڪيداريءَ ۾ به گڏ ته ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ به گڏ، جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍين. ھو ڄڻ الستي جي گهر جو ڀاتي ھو، شادي ڪونه ڪيائين، تنهڪري گهر ٻارجو ته سوال ئي ڪو نه ھو. ڪيترائي ڀيرا الستيءَ ۽ ٻين گهرجي ڀاتين کيس چيو ته شادي ڪر.. پر پاڻ انڪار تي قائم رھيو.
الستي صاحب جي سڀني ٻارن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙھي ڪڏائي گهمائي ڦيرائي وڏو ڪيائين. عجيب محبت ھئي چاچا الستيءَ ۽ چاچا عبدالڪريم ۾، پاڻ ۾ وڙھندا ھئا ته چاچا ڪريم ناراض ٿي گهر ڇڏي ھليو ويندو ھو. ھڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ الستي جو سُک ڦٽي ويندو ھو. ۽ کيس ڳولهي، پرچائي وٺي ايندو ھو، سنڌي، مهاجر جهيڙا ٿيندا ھئا، پر ٻنهي جي دوستيءَ تي ڪو به فرق نه پوندو ھو، چاچا ڪريم ڄڻ ته لطيف آباد واري گهرجو چوڪيدار ھوندو ھو .
اڳتي ھلي الستي صاحب ”سنڌي، مهاجر “ جي ان دوستي تي ٻڌل ڪهاڻي ڊرامي جي صورت ۾ لکي، مونکي پڙھائي ھئائين ، پوءِ الائجي ڪيڏانهن ھلي ويئي، مون سندس ڪاغذن ۾ ڳولهي پر لڀجي نه سگهي.
چاچا ڪريم ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ڪنهن قبرستان ۾ دفنائڻ جي بدران چاچا الستي سندس مُڙھه کڻائي اچي دڙي ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو. ان ئي قبرستان ۾ پوءِ الستي به دفن ٿيو،

[10]
الست جي بنياد وجهڻ کان گهڻو اڳ جڏھن چاچا الستي اسلام آباد مان وقت کان اڳ پاڪستان نيشنل سينٽر جي نوڪري ڇڏي واپس سنڌ آيو ته ھن پنهنجي رھائش ڪراچي ۾ اختيار ڪئي. جتي گلشن اقبال ۾ چاچا الستي، جي ننڍي ڀاءُ چاچا شمس الدين جو تازو ٻه ماڙ گهر ٺهي راس ٿيو ھو.
چاچا الستي، پنهنجي زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين اتي ئي رھيو 1978ع کان وٺي 30 آڪٽومبر 2014ع تائين، جيتوڻيڪ چاچا شمس الدين اھو گهر ورھاست ۾ پنهنجي نياڻي ادي مارئيءَ کي ڏنو ھو، پر ھنن ڪڏھن به چاچا الستي کان مسواڙ نه ورتي، جڏھن چاچا الستي گذاري ويو ته سال ڏيڊ تائين پوءِ به اھو گهر چاچا الستي جي فرزند سندم ماسات رياض احمد وٽ رھيو. چاچا الستي آخري سالن ۾ جڏھن سندس صحت ٺيڪ نه رھندي ھئي ۽ الست جي ذميدارين کان ڄڻ ته رٽائرڊ ٿي ويو ھو ۽ الست جو سڄو ڪم ڪار رياض احمد سنڀائيندو ھو. ته چاچا پنهنجو وقت يا. ته ان گهر ۾ گذاريندو ھو يا وري ٺٽي جي الست واري آفيس ۾ .
ان گهر جي حوالي سان چاچا شمس الدين چوندو ھو ته ”جيسين عبدالغفور ۽ ڀاڄائي زينب جيئرا آھن، تيسين اھو گهر سندن بلي آھي،“ جڏھن ھو نه رھيا ته پوءِ جاءِ جي مالڪن رياض احمد کي جاءِ واپس ڪرڻ جي لاءِ چيو ته رياض احمد بنا ڪنهن چُون ۽ چران جي اھا جاءِ خالي ڪري نهايت عزت ۽ احترام سان مالڪن کان موڪلائي چوڪلائي کلندي مرڪندي چاٻي سندن حوالي ڪري وڃي ٻي ھنڌ ڪٿي ڪنڊ و سائي.
رياض احمد اڪيلو ، نه زال زنب، نه ٻار نه ٻچو ، رياض احمد ان عمل تي اسانجو سڄو ڪٽنب ڪو حيران ٿيو ڇا، ماڻهو ته کاڻي کل به جهيڙي کانسواءِ نٿا ڇڏين، پر درويش رياض احمد ڪروڙن جو اھو گهر مرڪندي خالي ڪري ڇڏيو. ان گلشن اقبال واري گهر سان، جيڪو رياض احمد جي خالي ڪرڻ کانپوءِ ڌڻين وڪرو ڪري ڇڏيو، منهنجون به ڪيتريون سُندر ساروڻيون وابسته آھن، جڏھن آئون ھفتن جا ھفتا وڃي چاچا الستي وٽ رھندو ھوس، جيجي زينب ھونئن ئي منهنجي ماءُ مڪان ھئي. امان جي ننڍي ڀيڻ ھئڻ جي ناتي ھن مونکي پنهنجي ڀٽپن ادا ڊاڪٽر نياز احمد ۽ رياض احمد وانگر ئي ڀانيو، آڌي اسور جڏھن به وڃيو ھو ته بنا پڇڻ جي چانهه ۽ ماني تيار ڪري اچي اڳيان رکندي ھئي، پوءِ جيترا به ڏينهن اتي رھندو ھوس، آئون ۽ چاچا الستي ٻيا ڪچهريون ڪندا ھئاسين، عمرين ۾ وڏو فرق ھو، رشتو به ھڪ لحاظ کان چاچي ڀائٽي وارو ھو، پر ھڪٻئي سان ھلت دوستيءَ واري ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته صبح جو ناشتو پاڻي ڪري گهران نڪرندا ھئاسين شهر، ڪڏھن ڪنهن پروگرام ۾ ته ڪڏھن ڪنهن دوست وٽ، شام جو وري گهر.
ڳالهه پي ڪيم چاچا الستيءَ اڃا الست جو بنياد نه وڌو ھو، تڏھن به ھو تعليم جي لاءِ پتوڙ ۽ سُٺن استادن کي مڃتاڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو ھو، ھڪ ڀيري دڙي ۾ ٻن اُستادن مرحوم سائين نثار احمد بلڙائي ۽ سائين روحل امين قريشي جي مان ۾ آجياڻون رکيائين، کين اجرڪون پارائڻ سان گڏ اڍائي اڍائي سئو روپيا سٺي استاد جي مڃتا طور ھديو، پڻ ڏنائين. اھو 84-1983ع جو سال ھو، اڳتي ھلي جڏھن ٻيئي استاد رٽائر ڊ ٿيا ۽ سائين روحل امين پنهنجو نجي اسڪول کوليو ته الستيءَ کيس مخير حضراتن کان نه رڳو فرنيچر ۽ الماڙيون وٺي ڏنا، پر بجليءَ جا ڇت وارا پنکا ۽ ٻي مدد به وٺرائي ڏنائين. ان وقت اڃا نجي اسڪول ڪاروباري نقط نظر کان کلڻ شروع نه ٿيا ھئا. سائين روحل امين قريشيءَ جي اسڪول کولڻ جو مقصد ھڪ ته پاڻ کي مصروف رکڻ ھو ۽ ٻيو تعليم کي وڌائڻ ۽ سندس اھو اسڪول سدائين ايئن ٿي ھليو، ڪنهن ٻار في ڏني ته به ٺيڪ، جي نه ڏني ته به ٿيو خير... ۽ چاچا الستي ڊگهي عرصي تائين ان اسڪول جو اسپانسر رھيو.

[11]
مونکي پنهنجي ادبي زندگي جو پهريون اعراز ”شاھه جو رسالو “ به چاچا الستيءَ جي طرفان ئي ڏنو ويو. اھو ھيئن ته الستي پاران جڏھن دڙي جي پبلڪ پارڪ ۾ ان وقت جي ڊي- سي ٺٽو عبدالقادر ابڙي جي ھٿان ”شاھه لطيف پبلڪ لئبرري ۽ ريڊنگ روم“ جي بنياد جو پٿر رکايو ويو ته ان تقريب ۾ چاچا الستيءَ پاران دڙي جي ڪجهه استادن ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ کي ” شاھه جو رسالو “ مڃتا طور ڏنو ويو ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ھڪ شاھه جو رسالو منهنجي ڀاڳ ۾ به آيو. جيڪو ان تقريب ۾ ڊي- سي ٺٽو ھٿان مونکي ڏياريو ويو . ان تقريب ۾ مرحوم علي احمد بروھي، مرحوم علي بابا ۽ شيخ عبدالحليم جوش جيڪو ان وقت ھلال پاڪستان جو ايڊيٽر ھو، شريڪ ٿيا ھئا، اھا ھڪ شاندار تقريب ھئي، جنهن جي انائوسمينٽ اسانجي ھڪ دوست حاجي خان عباسيءَ ڪئي، جيڪو شروع شروع ۾ چاچا الستي سان گڏ تعليمي ڪمن ۾ وڏو سهڪاري ھوندو ھو. حاجي عباسي ادبي دوست ۽ قومي ڪارڪنن رھيو آھي، ھو مون سان به منهنجي ادبي ڪمن ۾ وڏو سهڪاري رھيو. منهنجو پهريون ڪتاب ”بُک عشق ۽ آزادي“ حاجي عباسي جي مالي سهڪار سان ئي ڇپجي سگهيو، اسين سڀ کيس احترام طو ”ادا حاجي عباسي“ چئي سڏيندا آھيون. ادا حاجي عباسي شروعاتي دور ۾ الست ۽ الستيءَ جي دامي، دَر مي ۽ سُخني مدد ڪئي ۽ وڏو ساٿ نباھايائين.
ان تقريب جي حوالي سان پوءِ مرحوم علي احمد بروھيءَ ”ھلال پاڪستان“ ۾ پنهنجي ھفتيوار ڪالو ”زير زبر ۽ پيش“ ۾ چاچا الستي جي تعليمي ۽ عملي خذمتن کي واکاڻيندي اھا رٿ ڏني ته اڄ کانپوءِ دڙي کي ”غفوروارو دڙو يا غفور جو دڙو“ ڪري سڏيو وڃي . بروھي صاحب جي ان رٿ تي دڙي جا ڪجهه ھمراھه ڏاڍو ڪاوڙ يا ۽ اھو چوندا رھيا ته ”دڙو غفور جي پيءُ جو آھي، ڇا“ ؟.
افسوس جو ان لئبرري جو ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو، دڙي جي ھڪ تپيدار اھا لئبرري اڏائڻ لاءِ پنجو يهه ھزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اھڙو بورڊ به اُت ھڻايو، پر ڊي- سي عبدالقادر ابڙي جي بدلي ٿي وڃڻ کانپوِءِ اھو تپيدار پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو، اھو پٿر پوءِ ڪيترائي سال پبلڪ پارڪ ۾ نشانيءَ طور لڳل رھيو. نيٺ ھڪ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن اھو پٽي ڪٿي اڇلائي ڇڏيو. شاھه لطيف جو نالو شايد سندن قومپرستي جي راھه رڪاوٽ بنجي رھيو ھو.
ھاڻ سوچيان ٿو ته جيڪڏھن اھو تپيدار پنهنجي اعلان تان نه ڦري ھا ته انهن پنجويهن ھزارن مان لئبرري جو بنياد کڄي وڃي ھا. پوءِ ھٿ ھٿ ٿي ڪم اڳتي وڌي وڃي ھا. ۽ اڄ دڙي ۾ ھڪ پبلڪ لئبرري جو وجود ھجي ھا. ۽ اُن تپيدار جو نالو به ماڻهن کي ياد رھي ھا. ھاڻ اھو تپيدار به ڪنهن کي ياد نه رھيو آھي، نه وري دڙي ۾ ڪا لئبرري آھي، لئبرري ھڪ خواب آھي، جنهن جي ساڀيان لاءِ اڄ به دڙي جا نوجوان پتوڙي رھيا آھن.
ô