ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ
حميد سنڌيءَ جو رسالو ”روح رهاڻ“ 1969ع تائين نڪرڻ کانپوءِ بند ٿي چڪو هو. روح رهاڻ پاران ملهائجندڙ، جشن روح رهاڻ ۾ سڄي سنڌ مان شاعر اديب ڪَهي اچي شريڪ ٿيندا هئا. انهن ۾ عبدالغفور ميمڻ به شامل هوندو هو.
”ملير ڊائجسٽ“ جي ڪڍڻ جا مقصد اهي هئا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ مڪمل فئملي ڊائجسٽ ڪڍجي، جيئن سنڌي پڙهندڙن جو رجحان اردو ڊائجسٽن بدران سنڌي رسالن ڏانهن ٿئي. ان سلسلي ۾ عبدالغفور ميمڻ جي اڳيان “ريدرس ڊائجسٽ” جو خاڪو هو، پاڻ ”ريڊرس ڊائجسٽ“ جي معيار کان گهڻو متاثر هو. اڳتي هلي هڪ انٽرويو ۾ چيائين:
“منهنجي اڄ به اها خواهش آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو معياري ڊائجسٽ نڪري” (30)
شروع ۾ عبدالغفور ميمڻ سان سندس ٽيم ۾ ٽي ساٿي شامل هئا، پناهه جگر سنڌي، سندس گهر واري نسيم سنڌي ۽ ٽيون وزير صوفي، جيڪو جهوڪ شريف جو هو.
شروع ۾ ملير ڊائجسٽ جون هڪ هزار ڪاپيون ڇپجنديون هيون. پر اُن جي مواد ۽ پابنديءَ سان ڇپجڻ سبب ان جي سرڪيوليشن وڌي 3500 ڪاپين تائين پهتي. ان وقت ڪنهن سنڌي رسالي جي ايڏي سرڪيوليشن هڪ رڪارڊ هو. ملير ڊائجسٽ جا ڪجهه سلسلا پڙهندڙن ۾ بيحد مقبول هوندا هئا. جيئن: “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار.” “نوان لکندڙ”، “آ ڪانگا ڪر ڳالهه” ۽ “سونن نالن وارو دستاويز.”
“انهيءَ هر سلسلي جي پويان هڪ خاص پسمنظر هو. جيئن “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار” جي پويان حقيقت هئي ته ان وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ شروع ٿي رهيو هو. خاص ڪري اخبارن ۾ مؤنث ۽ مذڪر جو تفاوت ڪونه رهيو هو. ريڊيو تان دُرست اُچار ڪونه ورتا ويندا هئا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اوپرا ۽ بيجا لفظ ٽنبجڻ لڳا هئا. ان خيال کي ذهن ۾ رکندي مون هڪ تعارفي مضمون لکيو، جنهن جو جواب ۾ سنڌي عالمن ۽ اڪابرن ڪيترائي مضمون لکيا. ان کان پوءِ “نوان لکندڙ” سلسلي جو مقصد هوندو هو، سنڌي ٻوليءَ جا نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ، انهيءَ سلسلي ۾ اسين نون لکندڙن کي همٿائيندا هئاسين. هو اسان کي مختلف ليک لکي موڪليندا هئا، جن کي اسين سنواري سُڌاري شايع ڪندا هئاسين. اهڙي طرح “آ ڪانگا ڪر ڳالهه” سلسلي تحت پڙهندڙن جا خط ۽ مختلف معاملن تي سندن ٽيڪا ٽپڻي شايع ڪندا هئاسين. (31)
“سُنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ جي سري سان ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ خطن کي سيهڙي “سنڌي ٻوليءَ کي للڪار” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو، ان ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالڪريم سنديلو، تنوير عباسي، صاحب خان چنو ۽ تاج جويي جا مضمون ۽ خط شامل آهن. ان ڪتاب جا پوءِ مختلف وقتن تي ٽي ڇاپا ٻيا به ڇپيا. عبدالغفور ميمڻ جو اهو مرتب ڪيل ڪتابڙو سنڌي اخبار نويسن ليکڪن، ۽ نون لکندڙن لاءِ ٻوليءَ جي استعمال لاءِ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب آهي.
ملير ڊائجسٽ جي اجراء جي مقصدن مان هڪ نوان لکندڙ به پيدا ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ نوان لکندڙ جيڪي ڪچيون ڦڪيون لکتون لکي موڪليندا هئا، انهن کي ايڊٽ ڪري يا ڪڏهن ڪڏهن نئين سر لکي، انهن لکندڙن جي نالي سان شايع ڪندو هو. ان کانسواءِ عبدالغفور ميمڻ ڪيترن ئي فرضي يا مٽن مائٽن جي نالن سان ليک ۽ خط لکي “ملير ڊائجسٽ” ۾ ڇپرائيندو هو. اهڙن فرضي نالن مان هڪ نالو “قمر خليل” به هو. پاڻ قمر خليل جي نالي سان ملير ڊائجسٽ ۾ “سنڌي ٻولي جي 52 اکرن جو لانگ مارچ” جي نالي سان هڪ ڊرامون لکيائين. جنهن ڊرامي جو مقصد سنڌي آفيسرن، شاگردن ۽ ٻين طبقن جي ماڻهن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ته هو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺن، سنڌي ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪن ۽ سنڌ جي تعليم وڌائين. ان سلسلي ۾ ڊرامي جي هڪ ڪردار “الف انب” جي واتان هن ريت ڳالهه ٿو چورائي:
” الف انب: چڱو هاڻي توهان سڀ جي اڳيان پنهنجو پروگرام ٿو رکان (ائين چئي پاسي ۾ رکيل انبن جا پن ٿو کڻي ۽ پڙهي ٿو ٻڌائي) اسان سنڌي ٻوليءَ جا سڀ اکر لانگ مارچ ڪنداسين. سنڌ جي سڀن وڏن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ٻارڙن جو روپ ڌاري ٻاونجاهه جي ٽولن ۾، پنهنجن پنهنجن پاڙن ۾ نڪرنداسين. جيڪڏهن اسان جي روپ لاءِ انهن شاگردن وٽ ڪي خاص نشانيون ڪونهن ته سڀ رڳو پنهنجن قميصن تي نشاني طور اسان جو هڪڙو هڪڙو اکر لکندا. جنهن اهو لکيو ڄڻ ته هو اهو ئي آهي! مثال طور: ڪنهن الف لکيو ته هو الف سڏائيندو، ب لکيو ته ب سڏائيندو ۽ اهڙي طرح ٻيا سڀ. پوءِ اسان ٻاونجاهه ئي اکر هڪ هڪ سنڌيءَ جي در تي وينداسين. اسان مان جيڪي ننڍڙا ٻارڙا هوندا، تن کي اندر موڪلينداسين ته وڃي گهر جي وڏي کي ٻاهر وٺي اچن. هو ايندو ته وڏي عزت سان هن کي ملنداسين ۽ هن کي پوءِ عرض ڪنداسين ته سائين! اسان سنڌي الف ب جا ٻاونجاهه اکر آهيون، سنڌي ٻولي آهيون. اوهان جي در تي هلي آيا آهيون. توهان اسان جو ڪو ننگ سڃاڻو ٿا يا نه؟ ڪير سنڌي هوندو، جو اسان سان ملڻ ۾ خوش نه ٿيندو. اسان کي چانهه پاڻي جي صلاح نه هڻندو. پر اسين هن کي هڪڙي پائي جو به خرچ ڪرڻ نه ڏينداسين. پوءِ هن کي چونداسين ته جي اسان جو ننگ سڃاڻو ٿا ته اسان سان رڳو اهو وعدو ڪريو ته توهان اڄ کان پوءِ رڳو سنڌي ڳالهائيندا، پوءِ ڀلي توهان کي ڪنهن ڀوت سان ڳالهائڻو پوي.
اوهين ڪوبه ڌارين ٻوليءَ جو ڪتاب، رسالو يا اخبار ڪنهن به مقصد لاءِ ڪونه وٺندا، سواءِ ڪنهن سخت مجبوريءَ جي، ۽ لکندا به سنڌي، جيڪڏهن ڪا ٻي ٻولي به لکو ٿا، ان کانسواءِ توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو سنڌي رسالو، روزاني اخبار يا ڪتاب مهيني ۾ وٺندا. جيڪڏهن هو اهڙو واعدو ڪندو ته پوءِ سنڌ جو قرآن، شاهه جو رسالو، جو پاڻ سان هوندو، ان تي هن کي هٿ رکائينداسين، پر جيڪڏهن هن اهڙو واعدو نه ڪيو ۽ رسالي تي هٿ نه رکيائين ته هن کي ننگ پون وجهنداسين، پر پوءِ به هن نه مڃيو ته جيڪي به اسان سان ڊيڄارڻ وارا اکر آهن، جهڙوڪ: ش شينهن، ر، رڇ، ب بلا، وغيره اِهي هن کي ڊيڄاريندا، پر پوءِ به هو تيار نه ٿيو ته هن کي سڀ چيڙائينداسين، هن کي ٽوڪون هڻنداسين، ڇا تون سنڌي آهين وغير وغيره. هو وڙهڻ آيو ته هن سان وڙهنداسين ڪونه، پر ٽري وينداسين ۽ پوءِ جتي به جنهن کي به هو ڏسڻ ۾ آيو، اهو هن تي “اهو- اهو-” ڪندو، هن تان خواري ڪندو. “سنڌي جو غدار سنڌي جو غدار سڏيندو.” هن جو جيئڻ وهه ڪري ڏينداسين، نيٺ هو جهڪندو، هن کي جهڪڻون ئي پوندو، پوءِ هن کان اهو قسم وٺنداسين. ان بعد هن جي اڳوڻي عزت ڪنداسين.” (32)
رسالي ۾ وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عبدالغفور ميمڻ،آمريڪا ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ سؤٽ ڊاڪٽر محمد يعقوب ميمڻ ۽ لنڊن ۾ تعليم پڙھائي لاءِ ويل پنهنجي ٻي سؤٽ ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ ۽ سندس گهر واري مسز اقبال ميمڻ جي نالي سان پڻ دلچسپ خط لکي شايع ڪندو هو، انهن خطن ۾ به ٻي حال احوال سان گڏ وطني حب ۽ قومپرستيءَ جون خبرون چارون ڪيل هوندو هيون.
نون لکندڙن جي همت افزائيءَ جي سلسلي ۾ هت ٻه مثال درج ڪجن ٿا. “ملير ڊائجسٽ” جي ڪنهن پرچي ۾ محمد اسحاق “زخمي” جي نالي سان هڪ سچي ڪهاڻي “هٿ بنيءَ جا مينڌيءَ رتڙا” ڇپي هئي، ڏاڍي دل ڏاريندر ڪهاڻي هئي. محمد اسحاق زخمي هڪ ڪمپازيٽر هو. گهڻا سال پوءِ ڪتاب ڇپائڻ دوران ڪنهن پريس ۾ منهنجي محمد اسحاق ”زخمي“ نالي ڪمپازيٽر سان ملاقات ٿي ته ڳالهين ڪندي “ملير ڊائجسٽ” ۽ عبدالغفور ميمڻ جو ذڪر نڪتو، ائين ڳالهه وڃي “هٿ بنيءَ جا مينڌيءَ رتڙا” تائين پهتي ته محمد اسحاق ٻڌايو ته ”اصل ۾ اها ڪهاڻي منهنجي زندگيءَ جو سچو داستان آهي، جڏهن مون عبدالغفور کي اهو ٻڌايو ته هن مون کي اهو لکڻ جي لاءِ چيو. مون کيس انڌي منڊي لکي ڏني، پوءِ عبدالغفور ميمڻ ان کي اهرو ته ٺاهي جوڙي نئين سر لکيو جو بس ڳالهه ئي نه پُڇ!“
نون لکندڙ جي همت افزائي جي سلسلي ۾ ناز سنائي لکي ٿو:
“منهنجي فقير الستي سان تڏهن جي شنا سائي آهي جڏهن هو عين غين سنڌي هو ۽ ملير ڊائجسٽ ڪڍندو هو، مون کي خوشي آهي ته، آءٌ ان زماني هن ۽ سندس ساٿين سان لاڳاپيل رهيس، ان زماني ۾ هن پنهنجو هڪڙو شعر منهنجي نالي ۽ تصوير سان ڇاپي مونکي خط هو لکيو ته هن سندس هڪ شعر منهنجي نالي تي ڇاپي ڇڏيو آهي، ان سان منهنجي همت افزائي ٿيندي“ (33)