آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

پڙهه منهنجا جاني پڙهه

پڙهه منهنجا جاني پڙهه،
تنهنجي مهرباني پڙهه،
پڙهڻ سان ئي ملندو سڀ،
ڏڌ مکڻ، ماني پڙهه،
خدا پاڻ تي خوش ٿيندو،
ٿيندي هر آساني پڙهه،
پڙهه الله جو نالو پڙهه،
سنڌيءَ ۾ هجَ رواني پڙهه.
مٿيون شعر هينئر به ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ڪيترن ئي شهرن جي ڀتين تي ڌنڌلو ئي سهي، پر اوهان کي لکيل نظر ايندو، گذريل صدي جي نوي واري ڏاڪي جي آخري سالن، 1985ع کان پوءِ فقير عبدالغفور الستيءَ جي سڀ ٻار پڙهايو، سنڌي نياڻيون پڙهايون تحريڪ جو مٿيون شعر ڄڻ ته سلوگن هو. فقير الستيءَ اهڙا ڪيترائي شعر جوڙيا، جيڪي پوءِ ڏاڍا مشهور ٿيا. اهي شعر ۽ نعرا اڳتي هلي الست تنظيم ٺهڻ ۽ تڏھوڪي ٺٽي ضلعي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ وڏي هلچل جو بنياد هئا.
هونئن ته الست جو بنياد 1986ع ۾ وڌو ويو. جنهن جو مقصد سنڌي ٻارن ۽ ٻارڙين کي سڄي سنڌ ۾ تعليم ڏيڻ هو. الست جو باقاعده افتتاح 25 ڊسمبر 1991ع تي ٺٽي ۾ ھڪ وڏي گراؤنڊ تي ھڪ تعليمي جلسو ڪري ڪيو ويو. جنهن ۾ سڄي ضلعي مان هزارين ٻارن شرڪت ڪئي. جنهن جي صدارت ان وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امام علي قاضي مرحوم ڪئي، قاضي صاحب، فقيرعبدالغفور الستيءَ پاران ڪوٺايل اهڙن جلسن ۾ اڪثر ايندو رهندو هو. جسٽس امام علي قاضيءَ جي شخصيت ۽ حيثيت سبب فقير الستيءَ کي پنهنجي تعليمي ڪمن ۾ ڪافي سهوليت ٿيندي هئي.
اُن وقت سنڌ جو وڏو وزير مرحوم ڄام صادق علي هو. جنهن سان جسٽس امام علي قاضيءَ جي گهڻي ويجهڙائپ هئي. هڪ ڀيري ڄام صادق علي جي ڳوٺ، ڄام فئملي جي ڪنهن شادي جي تقريب ۾، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف به آيل هو، جسٽس امام علي قاضي، فقير الستيءَ کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جتي فقير الستيءَ، نواز شريف کي پنهنجو ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو Celestial Sunrise from Sindh پيش ڪيو.
ڄام صادق عليءَ وري فقير الستيءَ کي سنڌ گورنمينٽ پاران اسڪولي ٻارن ۾ سليٽون ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ لاءِ هڪ لک روپيا ڏنا. جن مان ورتل درسي ڪتاب الستي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪافي عرصي تائين ضلع جي پرائمري اسڪولن ۾ ورهائيندو رهيو.
فقيرقاضي عبدالغفور الستي جي سنڌ جي پرائمري تعليم سان اها دلچسپي ڏسي جسٽس امام علي قاضي کيس چيو ته جيڪڏهن هو راضي هجي ته هو ڄام صادق علي کي چئي کيس سندس صلاحڪار مقرر ڪرائي. ان وقت سنڌ جي هڪ ٻي اديب مرحوم علي نواز وفائي کي به ڄام صادق علي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو هو. جيئن کيس پنهنجي تعليمي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي، پر فقير الستيءَ انڪار ڪيو، هڪ ڀيري جڏهن جسٽس امام علي قاضي سان گڏ سندس ڪلفٽن واري بنگلي تي ويٺا هئاسون ۽ قاضي صاحب سان سنڌ جي تعليم جي سُڌاري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته ڪنهن ڳالهه تي قاضي صاحب چيو: ”مون ته عبدالغفور کي سنڌ گورنمينٽ ۾ صلاحڪار مقرر ڪرائڻ ٿي گهريو ۽ مٿس گهڻو زور به رکيم.... پر عبدالغفور منهنجي ڳالهه نه مڃي...“
انهن ڏينهن فقير عبدالغفور الستيءَ ڪيترن ئي سرنديءَ وارن کان ٻارن لاءِ ننڍيون ننڍيون اسڪالرشپون، ڪپڙا ۽ سوئيٽر وٺي ورهائڻ شروع ڪيا. اهڙي هڪ تقريب 12 جنوري 1992ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڀرسان درملوڪ شاهه تي رکي ويئي. جنهن ۾ محترم غلام قادر پليجو ۽ سندس گهر واري اختر بلوچ مهمان خاص جي حيثيت سان شريڪ ٿيا. ان تقريب ۾ غلام قادر پليجي اُن تعليمي مهم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ لک روپيا ڏنا، جيئن انهن پئسن مان سوزوڪي وٺي ان وسيلي ان مهم کي ضلعي ۾ وڌيڪ پکيڙيو وڃي. انهن پئسن مان ورتل سوزوڪيءَ پوءِ سڄي ضلعي ۽ ضلع کان ٻاهر تعليمي چاڪنگ ۽ ٻين ڪمن ۾ وڏو ڪم ڏنو.
آستان لطيف ڀلائي گهر [جنهن پوءِ آستان لطيف سماجي تنظيم جو روپ اختيار ڪيو] جو بنياد دڙي ۾ محمودا واهه جي ڪپ تي هڪ خالي پيل سرڪاري پلاٽ تي ڪانن ۽ بانٺ سان هڪ جهوپڙي اڏي رکيو ويو، ان ۾ پوءِ هڪ اُستاد مقرر ڪيو ويو، جيڪو روز شام جو اچي ”ڀلائي گهر“ جي پاسي ۾ ويٺل ميگهواڙن جي ٻارن کي پڙهائيندو هو. ٻارن کي ڪتاب وغيره الستي پاران ڏنا ويا. ان آستان لطيف ڀلائي گهر جو باقاعده افتتاح ڪرايو ويو.
ٿورن ئي مهينن ۾ اهو ڪوچنگ سينٽر مچي ويو ۽ ڪيترائي غريب ٻار اُن ۾ پڙهڻ جي لاءِ ايندا هئا. هاڻ ان اَسٿان ۾ هر مهيني ننڍڙا ننڍڙا تعليمي جلسا به ٿيڻ لڳا ۽ ائين اَسٿان جو ناماچار وڌڻ لڳو ۽ پوءِ ان اَسٿان کي بند ڪرائڻ ۽ ان ۾ رڪاوٽون وجهڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو. جنهن جو ذڪر ڪندي فقير عبدالغفور الستي پنهنجي هڪ مضمون ”غلاميءَ مان ڇوٽڪارو“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.
”...اسٿان جو ايڏو ناماچار وڌڻ لڳو ۽ اهو به تعليم جي خاطر سا ڳالهه اتي جي وڏيرن کي نه وڻي، انهن جي شهر ۾ يڪدم سڀ ٻار پڙهي پون، اهي چئن پنجن سالن ۾ وڏا ٿي سندن وڏيرا شاهيءَ کي ڌوڙ ڪن، انهيءَ ڳالهه سندن دلين ۾ کڙڪو ڪيو. سازشون سٽڻ لڳا ته ڪيئن ان اَسٿان کي ختم ڪجي، عبدالغفور جي تعليمي جنون کي هاري ڇڏجي. مون کي سڀ معلوم ٿيندو رهيو. نيٺ هڪري وڏي ڍينگ ته مون کي روبرو چئي ڏنو ته اَسٿان جي جاءِ ۾ رات جو چور اچي ٿا ٿم ڪن ۽ شهر ۾ چوريون پيون ٿين. مون کلندي چيو: سرڪار اوهان پنهنجن چوڪيدارن کي هوشيار رکو. اَسٿان ته هڪ غربين جو ڇَنو آهي، ڏينهن جو ٻار ۽ استاد ٿا اچن، رات جو ان کي تالو لڳل هوندو آهي. جيڪڏهن چور اُن ۾ ٽپي ٿا اچي ويهن ته جنهن جي نالي تي اها جاءِ آهي، اهو انهن کي گهرائيندو هوندو. سبق پڙهائيندو هوندو ته سنڌ جا وڏيرا اوهان جا دشمن آهن، وڃي انهن جي چوري ڪريو. منهنجو ڪو قصور ڪونهي. سڄو لطيف جو قصور آهي... وڏيرو کلي ماٺ ته ڪري رهيو، پر ڪُک ۾ ڪان لڳي ويس...” (63)
پوءِ هڪ ڏينهن اهو اَسٿان باهه جي نذر ٿي ويو. ڪن همراهن ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پر الستي اها سازش سمجهي ويو ۽ مايوس نه ٿيو. فونيڪس پکيءَ جيان اُن باهه جي رَکَ مان هڪ نئين سماجي تنظيم جنم ورتو. ان جو نالو “الست” هو، جنهن پوءِ ٺٽي ۾ تعليم جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو.
“ٿوري وقت کان پوءِ مون کي هڪڙو مرشد مليو. اڳي به ملندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رات جو اسان کان مهمانن جي رهائش لاءِ به وٺندو هو. تنهن مون کي چيو ته هي پَٽ منهنجي ڏاڏي جو آهي. اهو هندستان کان جڏهن پيڙهيون اڳي سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن هتي اچي رهيو هو، جتي اسان جون حويليون آهن ۽ اهو سامهون وارو سڄو پَٽ سندن ملڪيت ۾ اچي ويو هو. هتي سندن باغ هوندو هو، اها ڳالهه انگريزن واري رڪارڊ ۾ به آهي. تنهن کي مون چيو يار ڏيڍ سال اڳ ۾ توهان خود چيو هو ته هي سرڪاري پَٽ آهي ۽ هاڻي ٿا چئو ته اسان جو آهي. خدا اوهان کي همت ڏي، جتي وڏيرن جون حويليون آهن، اتي به اوهان جي ڏاڏي صاحب جو باغ هوندو هو. رڪارڊ ۾ ڏسو! پهريون اهو خالي ڪرايو، پوءِ لطيف پنهنجي اَسٿان تان لڏيندو. نيٺ ڳالهه وڌي ايستائين پهتي جو هڪ ڏينهن ان مرشد سڳوري مون کي جلال مان چيو: اَسٿان پٽي کڻي وڃ نه ته آئون تنهنجي ان لطيف جي جهوپڙي کي باهه ڏيندس. منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا.مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها سڀني وڏيرن ۽ مرشدن جي اندر ئي اندر سازش هئي ته اَسٿان کي رات جو باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏجي. پوءِ اهو عام ڪجي ته اَسٿان کي اوچتو باهه لڳي ويئي آهي.”(64)
اهو مرشد سڳورو جيڪو هڪ پرائمري استاد به هو، تنهن کي الستي ايترو ته ڀائيندو هئو جو هن پنهنجي شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي جي پهرين ڇاپي جو بئڪ ٽائٽل ان جي نالي سان لکي ڏنو هو. مون کي ان مرشد جو ڪيترا سال پوءِ نشي جي حالت ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ مرڻ به ياد ٿو اچي.
فقيرعبدالغفور الستي سدائين ان ڳالهه جو قائل رهيو ته: “سنڌ جو وڏيرو ۽ مُرشد جتي جتي کيس موقعو ملي ٿو، اتي تعليم کي وڌڻ کان روڪي ٿو.”
شروع شروع ۾ هر هفتي ٻي ھفتي الستي ڪراچي مان ڪونه ڪو مهمان يا سرنديءَ وارو دڙي وٺي ايندو هو ۽ پوءِ ننڍا ننڍا جلسا ڪري ٻارن ۾ ڪتاب، سليٽون ۽ اسڪالرشپون انهن جي هٿان ورهائيندو هو. ان سلسلي ۾ دڙي ۾ ٿيل الستيءَ جي ننڍن وڏن جلسن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اچي شريڪ ٿيون، جن ۾ محترم جي ايم مهڪري، محترم علي احمد بروهي، محترم علي بابا ۽ شيخ عبدالحليم جوش جا نالا هينئر منهنجي ذهن ۾ آهن. محترم علي احمد بروهي تي واپس ڪراچي وڃي پنهنجي ڪالم “زير، زبر ۽ پيش” ۾ لکيو ته “سنڌ ۾ ڪيترائي دڙا آهن، جيڪي مختلف شخصن جي نالن سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، واحد هي دڙو آهي، جيڪو خالي دڙو آهي ۽ هاڻ عبدالغفور الستيءَ جي تعليمي ڪم سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. تنهنڪري هاڻي ان دڙي شهر کي غفور جو دڙو سڏيو وڃي.”
فقير عبدالغفور الستي جي اهڙين تعليمي سرگرمين کي ان وقت روزاني هلال پاڪستان ڪراچي سٺي ڪوريج ڏيندي هئي. اخبار جو عملو جنهن ۾ مرحوم فقير محمد لاشاري، نصير اعجاز، شڪور نظاماڻي ۽ حسام سومرو شامل هئا. سي فقير الستيءَ جي اهڙين سرگرمين کي همٿائيندا هئا.
انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، سالن کان پوءِ جڏهن نصير اعجاز جي فقير الستيءَ سان ملاقات ٿي ته نصير اعجاز، ”پندرهن وار افيئر“ ۾ الستي تي پنهنجي لکيل مضمون ”روح ۽ بدن جو فلسفو ٻڌائيندڙ عبدالغفور الستي“ ۾ لکيو:
“الستي جڏهن به مون وٽ ايندو هو ته کيس مٿي تي اجرڪ ائين ٻڌل هوندي هئي، جيئن اڪثر ڳوٺاڻا اُس کان بچڻ لاءِ مٿي تي بوڇڻ يا اڇو ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا آهن... منهنجي ڄاڻ سڃاڻ به ساڻس اخبار جي آفيس ۾ ئي ٿي هئي، پر انهيءَ وقت سندس مون سان ئي ويجهڙائپ ٿي ويئي هئي ۽ اچڻ شرط دل جا حال ونڊڻ شروع ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڪتاب ڇپرايو هو” (65)
جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته الست تنظيم پاران سنڌي ٻارن جو علم جو سفر جي شروعات 25 ڊسمبر 1991ع تي ڪئي ويئي، اها تقريب به ڏاڍي منفرد هئي. هزارين ٻار سڄي ضلعي مان گاڏين وسيلي اتي گڏ ڪيا ويا هئا ۽ تقريب جي شروعات الستيءَ جي هڪ دعائيه نظم سان ڪئي ويئي. جيڪا مرحوم نياز احمد ڀٽو ۽ اُستاد روح الامين قريشي پنهنجن ڪجهه شاگردن سان گڏ ڳائي ۽ ان دعا جو هر بند ڳائيندڙن سان گڏ هزارين ٻارڙا به ڳائيندا رهيا.
شروع ٿا ڪريون علم جو هي سفر،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا،
دعا ٿا گهرون اي علم جا ڌڻي،
اسين سنڌ جا سڀئي سنڌي ٻارڙا،
اسان جي وڏن جي دلين ۾ هي وجهه،
علم ۾ آهي طاقت، علم سڀ ڪجهه،
قلم سان ڪاغذ تي قسمت لکون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
اسان کي وٺي ڏين سليٽون ڪتاب،
پڙهون شوق سان سنڌڙي جو نصاب،
سڄي سنڌ ۾ سو پڙهائين، پڙهون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
گهڻو ئي سبق تن آ سورن پڙهيو،
ڪڏهن ڪو نه تن کي اکر پيٽ پيو،
اکر ۾ آهين تون سو ڏيکاريون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
لکيل لفظ ۾ تو خدائي لکي،
”اقراء“ ۾ تو سڀ سچائي رکي،
علم آهي عظمت سو آلاپيون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
اسان جي مدد ڪر انهيءَ سفر ۾،
آهيون سنڌ ۾ جت به جهنگ جهر ۾،
ٻَڌي توکي هٿڙا ٿا ٻاڪاريون،
اسين سنڌ جا سڀ سنڌي ٻارڙا.
الست پاران کوليل انهن “الستي ڳوٺاڻن اسڪولن” ۾ ڪورس به اهو ئي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارو پڙهايو ويندو ۽ اسيمبلي ۾ قومي ترانو به ڳاتو ويندو هو، البت قومي تراني کان پوءِ ’الستي اسڪول جي دعا‘ پڙهي ويندي هئي، جيڪا ڪي به ٻه يا ٽي ٻارڙيون اچي پڙهنديون هيون ۽ باقي ٻيون ڇوڪريون انهن جي پويان ورجائينديون وينديون هيون، جيئن اڪثر اسڪولن جي اسيمبلين ۾ ٿيندو آهي....

او ڌڻي منهنجا ڌڻي
هن ساري دنيا جا ڌڻي،
ٿي گهران توکان دعا،
آئون پنهنجا هٿڙا کڻي.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي،
ڏي مون کي طاقت علم جي،
آئون لکي ڄاڻان پڙهي،
علم جي آڌار سان،
ڏونگر وڃان ڏاڍا چڙهي.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
تو چيو “پڙهه” مون کنيو،
قرآن پنهنجي هنجَ ۾،
هاڻ ڏي مون کي سَڀوئي،
جو آ تنهنجي گنج ۾،
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
آئون اياڻي اکر جي،
مون نه آهي علم ڪو،
جو ڏسان ساري دنيا ۾،
آهي جلوه علم جو.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
هن الستيءَ جي دُعا کي،
او ڌڻي! تون ڪر قبول،
اکر جي محبت سيکارج،
علم جو مونکي اُصول.
او ڌڻي منهنجا ڌڻي.
در ملوڪ شاهه تي ٿيندڙ اڪثر جلسن ۾ جيئن مون مٿي لکيو ته جسٽس امام علي قاضي ايندو هو. ان وقت سجاول سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر سيد ممتاز علي شاهه هو، اهو به ڀيري جسٽس امام علي قاضي سان آيو. اهڙن اڪثر تقريبن، جلسن جي رپورٽ آئون لکي اخبارن ۾ ڇپرائيندو هوس، در ملوڪ شاهه تي اهڙو ئي هڪ تعليمي جلسو 7 آڪٽوبر 1991ع تي ٿيو، جنهن جي رپورٽ پڻ مون “الست هڪ عجيب تحريڪ” جي عنوان سان لکي، جيڪا روزاني “سنڌو” حيدرآباد جي پندرهين آڪٽوبر 1991ع جي شماري ۾ ڇپي. هيٺ ان رپورٽ جو هڪ ٽڪرو هتي ان ڪري ڏيئي رهيو آهيان ته ان ۾ هڪ اهم ڳالهه جي نشاندهي ڪيل آهي، يعني الست ۽ الستيءَ جي ڪوششن سان در ملوڪ شاهه ۽ آسپاس جي ڳوٺاڻن کي پنهنجي ڳوٺن جون سندون مليون.
”ٻه مهينا کن ٿيا آهن ته سيد ممتاز علي شاهه الست جا ٻه اسڪول وزٽ ڪرڻ جي لاءِ چيئرمين سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جناب امام علي قاضيءَ سان گڏجي آيو. قاضي صاحب انهن ڇوڪرين ۾ يونيفارم جو ڪپڙو ورهايو ته پاڻ چيائين ته آئون انهن جي سلائيءَ جا پئسا خود ڀريندس. پر ان کان وڏي ڳالهه جيڪا ٻي ڪيائين، اُها اِها ته غريب ڳوٺاڻا جيڪي انهن هنڌن تي صدين کان ويٺا هئا، پر انهن کي اڃا تائين انهن ڳوٺن جون پَڪيون سَندون نٿي مليون، تن کي ڳوٺن جون پڪيون سَندون ڪري ڏنائين. هيءَ هڪ بنيادي خدمت هئي، سنڌي ڳوٺاڻن جي، جيڪا اڳي ڪنهن به آفيسر نه ڪئي، پر هن سيد سائين اچي ڪئي، جنهن ڳالهه سڄي تر ۾ سندس لاءِ محبت جي لهر اٿاري ڇڏي، اهو ئي ان محبت جو اثر هو، جو جڏهن عبدالغفور الستي اهوتجويز ڪيو ته قاضي امام علي صاحب جنهن اهي سندون ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سيد ممتاز علي شاهه جنهن اهي سندون پنهنجي هٿن سان ڏنيون، انهن ٻنهي کي سنڌي الف ب جي سلامي ڏجي.” (6)
فقير عبدالغفور الستي جي ڪوشش سان انهن ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق مليا. جيڪي حق کين سالن کان ڪوبه وزير، ايم پي اي، يا ايم اين اي به ڏياري نه سگهيو.
مالڪاڻن حقن کانسواءِ فقير عبدالغفور الستي، جسٽس امام علي قاضي کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ته سجاول سب ڊويزن ۾ ڪيترائي پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آهن، تن کي پاڻ نوڪريون وٺرائي ڏي، جسٽس امام علي قاضي، فقيرعبدالغفور الستيءَ جي ڳالهه کي اهميت ڏيندي، سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي خان کان پرائمري ماستريءَ جا پنجاهه آرڊر ورتا. جيڪي پوءِ جسٽس صاحب پاڻ اچي غريب ۽ بيروزگار نوجوانن ۾ ورهايا ۽ دعائون کٽيون.
شروع شروع ۾ يونيسيف پاران الست تنظيم کي تجرباتي طور تي نياڻين جا ڏهه اسڪول هلائڻ لاءِ ڏنا ويا، في اسڪول ۾ ٽيهه نياڻيون داخل ڪيو ويون. اسڪولن لاءِ فرنيچر ۽ ٻيو گهربل تعليمي سامان به ڏنو ويو ۽ هر اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ هڪ مقامي ڇوڪري، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ پنج درجا پڙهيل هئي، ماسترياڻي طور رکي ويئي. انهن اسڪولن جو مقصد هو ته ٽن سالن جي اندر نياڻين کي پنج درجا پاس ڪرايا وڃن، ان کان پوءِ انهن جو تعداد وڌائي 30 ڪيو ويو. پوءِ اسڪولن جي ڪارڪردگي ڏسي يونيسيف پاران اسڪولن جو تعداد وڌائي 330 ڪيو ويو. جيڪي سڄي ضلعي ٺٽي [هاڻوڪن ٺٽي ۽ سجاول ضلعن] ۾ کوليا ويا، انهن اسڪولن لاءِ يونيسيف پاران ننڍيون ڪاٺ جون لانڍيون به ٺاهي ڏنيون ويون ۽ فرنيچر ۽ اسٽاف به مهيا ڪيو ويو.
هي پروجيڪٽ هڪ مثالي پروجيڪٽ هو. جنهن رستي هُن تعليم پکيڙڻ لاءِ غير رسمي تعليم جو پاڪستان ۾ بنياد رکيو. يونيسيف پوءِ پوري پاڪستان ۾ اهڙا اسڪول کولڻ جي لاءِ ٻين تنظيمن کي هي پروجيڪٽ گهمايو، جيئن هو پنهنجن علائقن ۾ اهڙا اسڪول قائم ڪن، نيٺ ان پروجيڪٽ کي رول ماڊل بنائي اڳتي هلي، (NCHD) ۽ ٻين تنظيمن هزارين اهڙا اسڪول کوليا.
يونيسيف پاران 1995ع تائين الستيءَ کي اهي اسڪول هلائڻ ۾ مدد ڪئي ويئي، ڇو ته الست سان سندن ٽن سالن جو معاهدو ختم ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ الست ڊگهي عرصي تائين اهي اسڪول ٻين ادارن ۽ مخير حضراتن جي مدد سان هلايا.
الستي آخري سالن تائين پنهنجي ان مقصد لاءِ پتوڙيندو رهيو.
ان لاءِ پاڻ سال 2008ع ۾ سائين محمد ابراھيم جويي سان گڏجي، ”سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ پنجن سالن جي رٿا“ نالي ھڪ اسڪيم تيار ڪيائين ۽ ان جو ھڪ پڌرنامون جاري ڪيو ويو. ان تحريڪ کي ست تحريڪ جو نالو ڏنو ويو. ان تحريڪ جي پڌرنامي ۽ پروگرام لکڻ جو ڪم محترم محمد ابراھيم جو يي ڪيو ۽ ان ست تحريڪ جي وڌيڪ وضاحت لاءِ فقير عبدالفقور الستي ”سنڌ جي سڀني رھواسين کي ھڪ پڪار“ جي نالي سان ھڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ ان سنڌ تعليمي تحريڪ جي وضاحت ڪندي فقير الستي لکي ٿو:

”ھن ست تحريڪ جا بنياد وجهندڙ جتي ڪٿي، ھر واھڻ، ڳوٺ / ننڍي وڏي شهر ۾. انهن جون سوين ھزارين شاخون کلي وڃن ۽ ھو سڀ گڏجي اھو قوم اڳيان ھُجن جهد ڪن ته اھي سنڌي ٻارن کي پنهنجو خدائي فرض سمجهي پڙھائيندا، ائين سنڌ جو قرض لاھيندا. اڄ سنڌ جي ٻهڙاين ۾ 5 سيڪڙو مشڪل سان تعليم آھي، ھو ان کي پنجن سالن اندر وڌائي 75 سيڪڙو ڪندا. ننڍن کي به پڙھائيندا ته وڏن کي به پڙھائيندا، جيئن ھيءَ سنڌي قوم ڪر موڙي جاڳي ۽ چوي:
منهنجو ملڪ مليرَ قيدن ۾ آءُ ڪيئن گذاريان؟
وڏيرن جي قيدن ۾، ميرن جي قيدن ۾، پيرن جي قيدن ۾، آمرن، جابرن دھشتگردن جي قيدن ۾!
ھن تحريڪ جا روح روان، سنڌي نوجوان ھوندا. سڄيءَ سنڌ جا ساڃ هوند استاد، اديب، شاعر، بي لوث سماجي خذمتگار. اُھي ست تحريڪ جو منشور گڏجي ٺاھي، ان سنڌي استادن جي ھٿن ۾ ڏيندا. اھو منشور نه صرف تعليمي ھوندو، پر تعميلي به ھوندو، علمي به ھوندو. سنڌ مان علمي: سڄيءَ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ھوندو، لکيل لفظ رستي سنڌ مان امن محبت يا ڀائيچاري جو پيغام ۽ عملي: انهيءَ امن محبت ڀائيچاري جي پيغام لاءِ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ سڀني سنڌين جي طرفان جدوجهد ۽ جدوجهد جو پيغام، ظاھر آھي ته اھڙو پيغام محبت ميٺاج ۽ دلربائي وارو ھوندو. ڪنهن به ڪلفت ڪوڙاڻ ۽ پاڻ وڏائيءَ وارو نه ھوندو.
ھن منهنجي تقرير جو مقصد ھو ته توھان تائين اھا ڳالهه پهچايان ته ھيءَ ست تحريڪ رڳي سنڌي تعليمي تحريڪ ڪانهي، پر سنڌ تعليمي تحريڪ به آھي، يعني سنڌ جي طرفان دنيا کي امن جو پيغام پهچائڻ جي تحريڪ جيڪو پيغام اسان کي آدجڳاد کان مليو آھي.
ھاڻي ھن ھيڏي وڏي ڪم لاءِ ڀٽ شاھه ئي ست تحريڪ جو ھڪه وڏو مرڪز ھوندو. ڇاڪاڻ ته اھو پيغام اُتان ئي اسان کي نئين سر سيکاريو ويو. ست تحريڪ لاءِ، جيڪا پڻ دنيائي تحريڪ ٿي اڀرندي، ان لاءِ ھڪ وڏو فنڊ به ھوندو، اِھو ۽ ٻيا نقصيل اُن منشور ٺاھڻ وارا ٺاھيندا جيڪي اُن جا بنيادي ميمبر آھن ۽ اھي ٺاھڻ وارا به اڄ اوھان جي اڳيان ويٺا آھن.“ (67)

فقير الستي جو اھو مضمون ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو.
سال 2010ع ۾ ايس، پي، او حيدرآباد پاران ھڪ ڪتابڙي ”سنڌ تعليمي تحريڪ“ جي نالي سان ڇپرايو ويو، جنهن ۾ ست تحريڪ جو جويي صاحب جو لکيل پڌر نامون ۽ پروگرام وغيره ڇپيو ويو. ان ڪتابڙي ۾ الستي جو ٿيون مضمون ڇپيو ويو. پر ان تي فقير الستي جو نالو نه ڏنو ويو، وڌيڪ بي ايماني اھا ڪئي ويئي ته ان تحريڪ جا بنياد وجهندڙ ۽ ھلائيندڙ: -1- محمد ابراھيم جويو (2) غلام مصطفيٰ بلوچ لکيا ويا. جڏھن ته ان سڄي ڪتابڙي مان فقير الستي جو نالو ئي گم ڪيو ويو، فقير الستي جڏھن اھو ڪتابڙو ڏٺو ته حيران ٿي ويو، ۽ چيائين ته ”اھو غلام مصطفيٰ بلوچ ڪير آھي، ؟ مون ته ڪڏھن ان جو نالو ئي نه ٻڌو، اھو پروگرام ته اسان ٻن ڄڻن مون (الستي) ۽ سائين محمد ابراھيم جويي گڏ جي سوچيو ۽ لکيو.“
پوءِ فقير الستي خاموش ٿي ويو.
ان ئي مضمون جي پڇاڙي ۾ پنهنجي ٻولي ۽ وطن جي خوشحالي لاءِ پنهنجي خواب جي پورائي لاءِ پاڻ لکي ٿو.
”ان خواب کي حقيقت ڪرڻ لاءِ سنڌ ڌرتيءَ کي، سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ، جيڪي پڻ اسان وٽ ٻيئي خدا جون امانتون آھن. انسان ذات جي ڀلائي لاءِ، تنهڪري ھاڻ اسانجو نعرو ھوندو.
ھيءَ ٻولي پنهنجي ٻولي آھي،
ھيءَ ڌرتي پنهنجي ڌرتي آھي.

ھيءَ به امانت الله جي
ھوءَ به امانت الله جي
اسان آدجڳاد کان ورتي آ
ھيءَ ٻولي پنهنجي ٻولي آ
ھيءَ ڌرتي به پنهنجي ڌرتي آ.

ٻئي سانڍينداسين ساھه ڏئي
ھيءَ به اسان جي سَرتي آ
ھوءَ به اسان جي سَرتي آ
ھيءَ ٻولي پنهنجي ٻولي آ
ھيءَ ڌرتي به پنهنجي ڌرتي آ.

اي ڀيڻ ھيءَ توکي پرتي آ
اي ڀاءُ ھوءَ توکي پرتي آ
اي پُٽ ھيءَ توکي پرتي آ
اي ماءُ ھيءَ توکي پرتي آ
ھيءَ پرتي آ، ھيءَ پرتي آ. [68]