آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اَلستي – مَن مَستي

دڙي شھر ۾ جنم وٺندڙ سماج سڌارڪ فقير عبدالغفور ”الستي“ سڄي زندگي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رھيو. ھو ڪھاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ انگريزي ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪندڙ ھيو. ڪتاب ۾ سندس ٻاروتڻ، سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ شعور، ون يونٽ خلاف تحريڪ جون يادون، الستي فقير جي شاعري، ملير ڊائجسٽ جاري ڪرڻ، نئين پاڪستان ۽ آئين، شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي، عالمي امن جي تحريڪ ۽ الستي، سنڌ جي تعليم ۽ الستيءَ جو ڪردار ۽ جدوجھد، يادن جا شيشائان ٽُڪرا، خط ۽ فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَلستي – مَن مَستي

فقير عبدالغفور الستيءَ جو انٽرويو

هي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو انٽرويو آهي جو فقير ماڻهو آهي. سنڌ جي محفلن ۾ جيڪڏهن وڃي ته مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي وڃي ۽ ائين لڳي ڄڻ ٻهراڙيءَ جو ٺُپ ڄٽ آهي ۽ پاڻ کي به هڪڙو ڄٽ ئي سڏائي، ڪجهه مهينا اڳ جڏهن جسٽس قدير الدين جي گورنريءَ واري زماني ۾ هوٽل انٽرڪانٽينيٽل ڪراچيءَ ۾ ”آل سنڌ سماجي ڪانفرنس“ ٿي هُئي، تڏهن هن شخص ان ساڳئي ڄٽاڻي نموني سنڌي اجرڪ جو وڏو پٽڪو ٻڌي جڏهن انگريزيءَ ۾ اچي تقرير ڪئي ته ڪراچيءَ جي گهڻن ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا ته هي ڪير آهي. اسٽيج تي گورنر کان سواءِ سنڌ جا چار وزير ٻه صلاحڪار ويٺل هئا ۽ حاضرين ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کانسواءِ ڪراچي ۽ سڄي سنڌ جا سوين وڏا پڙهيل لکيل ماڻهو هئا. پر جڏهن هن پنهنجي مسڪيني طريقي سان اچي مائيڪ تي بيهي انگريزيءَ ۾ تقرير شروع ڪئي، پهرين ته اعتبار ئي ڪو نه ٿي آيو ته اهڙو ڪو سنڌي ڄٽ به ايڏي سٺي انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو. ۽ وري شاهه جي سُر ڪاموڏ تي سندس تقرير اهڙي هئي جنهن سندس گونا گون علميت تي به سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هي ماڻهو مختلف قلمي نالن سان هميشه گمنام رهڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي. پر سنڌ ۾ جيڪو هن علمي ادبي ڪم ڪيو آهي ۽ ساڳي وقت بنيادي سياسي ۽ سماجي، تنهن جو جائزو وٺبو ته اُن هوندي هُن پنهنجي پذيرائي نه ڪرائي آهي، ان ڪري جو هو عملي خدمت ۾ ئي ويساهه رکندڙ آهي ۽ لٻاڙي خدمت ۾ نه، جيئن اڄڪلهه هر ڪو اخباري بيانن ذريعي ڪندو وتي. هاڻي اوهان کي وڌيڪ تجسس ۾ وجهڻ کان سواءِ پهريان اوهان کي سندس اهي سڀ قلمي نالا ٿا ٻڌايون، جيڪي هُن پهنجي علمي زندگيءَ ۾ بدلايا آهن. گمناميءَ ۾ رهڻ لاءِ، پوءِ سندس انٽرويو جون ڪي خاص ڳالهيون ٿا ڏيون، پر انهن ۾ به جتي... خال آهي، اُهي ڇڏي ٿا ڏيون. هر هڪ پڙهندڙ کي پنهنجي اندازي موجب ڀرڻ لاءِ، انهن ۾ ڪي تمام ڇرڪائيندڙ ڳالهيون به هُن چيون آهن. جيڪي اسان پنهنجي ايڊيٽريءَ جو حق استعمال ڪندي حذف ٿا ڪري ڇڏيون. اُن لاءِ کانئس معافي ٿا وٺون. سندس قلمي نالا ھي رهيا آهن. اياز قادري ( موجوده اياز قادري صاحب کان پهرين) پروانو سنڌي (موجوده پرواني ڀٽي صاحب کان پهرين) ع غ سنڌي، عبدالغفور سنڌي، عبدالغفور ميمڻ (ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ٻيو آهي) عبدالغفور آف دڙو. عبدالغفور الستي. هن وقت سندس ادبي نالو اهو آهي، اڳتي خدا کي خبر! [يوسف سنڌي]

سوال: اوهان ادبي نالا ايترا ڇو بدلايا آهن؟
جواب: مَن ڪنهن هڪڙي جو کوڙو لڳي وڃي!

سوال: ڇا کي؟
جواب: وطن کي وري ٻيو ڇا کي؟ يار ماڻهو ته چهرا بدلائيندا آهن، مون ته رڳو نالا بدلايا آهن.

سوال: انهن جو ضرور ڪو ڪارڻ هوندو؟
جواب: سنڌ جي انفارميشن کاتي کي چڪر ۾ وجهڻ، اهي سنڌي اديبن تي پاڪستان گورنمينٽ وٽ هميشه جُوڻيون هڻندا رهيا آهن. سو جيترو انهن کان ڀڄي جان ڇڏائجي، اوترو سُٺو، نه ته خدمت ڪو نه ٿيندي، رڳو جيل لوڙبو.

سوال: سو توهان ان ۾ ڪامياب ٿيا؟
جواب: گهڻن ۾ ته ڪامياب ٿيس، پر هڪڙي نالي ۾ ڊڙي وڌائون. عبدالغفور ميمڻ واري نالي ۾، جنهن سان آئون ”ملير ڊائجسٽ“ ڪڍندو هوس. اهو ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو دور هو پاڪستان ۾ ۽ ممتاز علي ڀٽي صاحب جو سُنڌ ۾.

سوال: پوءِ توهان انهن ٻنهي صاحبن کان اڃان تائين رنج هوندو؟
جواب: نه نه پنهنجي لاءِ رنج وري ڇا جو، اُن وقت فقط سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گُهٽو ڏيڻ ڪري اهو رنج ٿيو، جو ڪيترا سنڌي رسالا اخبارون بند ٿيا. انهن جا ايڊيٽر، ڪارڪن جيلن ۾ پيا، پر پوءِ مٿن ئي رنج ٿيو، جو اهڙا سنڌي رسالا اخبارون ئي ڪو نه بچيا، جي سندن لاءِ ئي لکن. ڏکئي وقت ۾ کين ڪم اچن. سنڌي اديبن قلم مٿن موڙي ڇڏيا!

سوال: ڪيترو وقت اوهان جيل ۾ هئا؟
جواب: آئون ۽ منهنجا ٻه ٻيا ڪارڪن، اٽڪل ٻه مهينا کن! باقي ٻين ڀڄي جان بچائي! رسالو ته هونئن ئي بند ڪري ڇڏيائون.

سوال: پوءِ توهان ڇا ڪيو؟
جواب: پوءِ آئون وڃي اُتي پهتس جتان پاڪستان گورنمينٽ جا سنڌي رسالن تي وار ٿيندا هئا. يعني پير علي محمد راشدي صاحب وٽ، اُن کي فرياد سنڌ ٻڌايم، هي سندن ئي ڪتاب هو، جو پاڪستان کان اڳي لکيو هئائون. چيائون ته هاڻي فرياد ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي... اُهو پاڪستان ٻيو هو، هي پاڪستان ٻيو آهي، سنڌين جو. تنهنڪري تنهنجو رسالو ڪو نه نڪرندو! باقي غريب آهين پنهنجي سڄي موڙي رسالي ۾ ٻوڙي اٿئي، سو توتي رحم ٿو اچي. ڪتابن جو ڪم ڪرينءَ ته توکي اهو ڏيان. سو مون کي سندس ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ ۾ چئن سالن جي معاهدي تي نوڪريءَ ۾ رکيائين. منهنجو ڪم هوندو هو ڪتاب خريد ڪري پاڪستان سينٽر کي پهچائڻ. پنهنجي عرصي ۾ سنڌ اندر چار سينٽر کولايم، هڪڙو دادو، ٻيو ٺٽو، ٽيون سکر، چوٿون ميرپورخاص ۾ ۽ موبائيل يونٽ ان کان سواءِ ۽ سنڌ سينٽرن کي ڪتابن سان ڀري ڇڏيم. اهو ڄڻ ته گورنمينٽ کان پنهنجو وير پي ورتم. مون کي جيڪڏهن لفظ لکڻ نه ٿي ڏنئون ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ وارن کي ته آئون لکيل لفظ جو خزانو ته ڏئي ڇڏيان. اها آرزو هيم. هزارين سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب انهن ۾ پهچائي ڇڏيم. 1978ع ۾ چئن سالن ۾ اڃا هڪ سال باقي هو ته استعيفيٰ ڏئي واپس اچي پنهنجي ٻي ڪرت ڪيم. ٻارن جي گَل ڳچيءَ ھئي، پئسو به ڪو نه هو. ڪو گهر گهاٽ به ڪو نه هو، پر جنهن جا ڪم ڪريم تي اُن کي لهر نڪو لوڏو. اُن کي اَلائي هو ڪيئن ٿو مدد ڪري اِها ڳالهه اڃان تائين سمجهه ۾ نه آئي اٿم!

سوال: پوءِ ڪِٿ اچي رهيا، ڪهڙي ڪِرت ڪيوَ؟
جواب: استعيفيٰ ڏيئي اچڻ شرط، ڪراچيءَ ۾ هڪ نئين ٺهي راس ٿيل بنگلي جي مٿينءَ حصي ۾ اچي مون ٽپڙ رکيا. چون ٿا ته اُڄ جي اڃايل لاءِ ڌڻيءَ ڪالهه ئي پاڻيءَ جو وٽو ڀرائي رکيو هو. ۽ ايندي سان نوڪري به هڪڙي ستن هزار ماهوار مهيني سان ملي ويم، جڏهن ته پاڪستان سينٽر وارا رڳو ٻه هزار مهينو ڏيندا هئا.

سوال: اهو نوڪري ڪهڙي هُئي؟
جواب: آئون بنيادي طور پراڻو سول انجنيئر هوس. هڪڙي ڪمپنيءَ کي بلوچستان ۾ ايئرپورٽ ٺاهڻ جو وڏو ٺيڪو مليو هو. هو مون جهڙي ماڻهوءَ جي تلاش ۾ هئا. آئون پهتس ته وري کڻي منهنجي تريءَ تي هڪ مهيني جو پگهار اڳواٽ رکيائون ۽ مون کي تقرريءَ جو آرڊر ڏيئي اُتي جو انچارج انجنيئر ڪري رکيائون. اُن ڏينهن جنهن ڏينهن هُنن مون کي ائڊوانس ست هزار ڏنا، تنهن ڏينهن منهنجي وڏي نياڻي نور جهان، جيڪا هاڻي ڊاڪٽر آهي ۽ اُن وقت ڊاڪٽريءَ ۾ پڙهندي هئي، چيائين ”بابا باقي گهر ۾ وڃي ڏهه روپيه بچيا آهن. منهنجن فين لاءِ به پئسا ڪونهي، پر گهر جي خرچ لاءِ به ڪونهي“. هُن اهو چئي بس ڪيو ۽ مون کي اُن ڪمپنيءَ جي ٽيليفون آئي. توکي عجب لڳندو، آئون انهن جي آفيس تائين ڀاڙو نه هئڻ ڪري پنڌ ويس، پر موٽيس وري انهن جي ئي ڪار ۾، گهر آيس ست هزار روپيا کڻي! اُهي اچي پنهنجي گهر واريءَ جي تريءَ تي رکيم ۽ چيو مانس هاڻي تون گهر جو ۽ ٻارن جو پئي خرچ هلائج. پاڻ وڃون ٿا نوڪري تي اورماڙا. (هي بلوچستان جو هڪ بندر گاهي شهر آهي) اورماڙا جي نالي سان هُن کي ڊپ وٺي ويو، پر پوءِ جڏهن سمجها مانس ته وڃي ساهه پيس! ڏٺي نه ڌڻيءَ مونسان ڪيڏي خاص مهرباني ڪئي، رڳي اها به نه پر ٻيون به گهڻيئي. اهو هر ڪنهن الستيءَ سان ڪري ٿو. جنهن جو رڳو مٿس ڀروسو هجي! ٻي ڪنهن تي شايد گهٽ، مَڱ تنهن کان مڱڻا جو ڏهاڙي ٿو ڏي!.... مون به اُن کي شاهه جي رسالي پڙهڻ کانپوءِ ڪو نه ڇڏيو ۽ مون سان به وڏا ڀال ڀلائين، جڏهن ته آئون گهڻن جو لائق به ڪو نه هوس، جيئن شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو، جيڪو هُن مون کان ڪرايو. نه ته آئون رڳو مئٽرڪ پاس ۽ ٽي سال سول انجنيئرنگ پڙهيل هوس! اهو ڪيئن ويهي اهڙو ترجمو ڪري سگهان ها!

سوال: سائين اها ته ڳالهه ٻڌا ايتري ٿوري پڙهائي هوندي، ايڏو وڏو رسالي جي ترجمي وارو ڪم ڪيئن ڪيوَ ۽ سو به انگريزي شاعريءَ ۾ ساڳئي تڪ بنديءَ سان؟
جواب: ڇڏ يار اهڙو ته مون کي نه پَڏائي جو سنڌ يونيورسٽي تي دعويٰ داخل ڪريان ته انهن ڇو اڃان تائين مون کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪو نه ڏني آهي، جڏهن ته ڀاءُ ڳالهه اها آهي ته لکيل لفظ سان مون کي قدرتي محبت رهي آهي. ننڍي هوندي ته مارُن سان پڙهيس، پر وڏي هوندي پنهنجن هم ڪلاسين کي به ٽيوشن ڏيندو هوس. وري شاهه سان محبت تي ڪنهن اڻاسيءَ کي ئي هوندي. هو وٿاڻ ٺاهي منهنجي دل ۾ وهي رهيو. چيائين ته سڄي دنيا ۾ جڏهن منهنجو پيغام عام ڪرڻو آهي ته توکي ڪرڻو آهي! پوءِ اُن لاءِ مون کي انهيءَ عالمي ٻولي انگريزيءَ ۾ ڏاڍو پڙهڻو پيو. اُن جو سڄو وڏو وڏو ادب ۽ سڄي دنيا جو اُن ۾ ترجمو ٿيل خزانو به. ويهن سالن جي عمر کان پنجاهه سالن جي عمر تائين رڳو ائين ڪندو رهيس. انگريزيءَ ۾ ادب ۽ شاعري پڙهندو رهيس. اهو ايڪونجاهين سال ۾ هو جو شاهه جو رسالو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيم ۽ ستن سالن کانپوءِ ستونجاهه سالن جي عمر ۾ وڃي اُهو پورو ڪيم.

سوال: اخبارن ۾ پڙهيو هوسين ته توهان 16 سيپٽمبر 1985ع ۾ اُن جي پهرين ڪاپي وڃي ڀٽ شاهه تي ڀيٽا ڪري رکي هئي؟
جواب: ها، اهو اقوام متحده طرفان عالمي امن جو ڏينهن به هو، پر منهنجي لاءِ اُهو ڄڻ عيد جو ڏينهن هو. ان ۾ منهنجا ڪيترائي دوست به امن مارچ ڪري مون سان گڏ ڀٽ شاهه تي هليا هئا، اهو پهريون رسالو اُتي رکي مون سڄي سنڌ جي ماڻهن کي اهڙو عام سڏ به ڏنو هو. اتفاق سان اهو ڏهين محرم الحرام جو ڏينهن به هو، دنيا ۾ وڏي سچائيءَ جي علمبردار جو ڏينهن. تنهنڪري اهو نذرانو يقينن ڀٽائي گهوٽ کي قبول پيو هوندو.

سوال: پر ٻڌوسين ته اُتي ماتم ڪرڻ وارن ۽ توهان ۾ ڪو اختلاف ٿيو هو؟
جواب: اهو اسان جو ئي قصور هو، پر اسان کان وڌيڪ اقوام متحده جو، جنهن اهو ڏينهن عالمي امن لاءِ مقرر ڪيو هو. ۽ مون کي رسالو به اُن ڏينهن شايع ڪرڻو پيو. اسان کي اڇا امن وارا ڪپڙا هُئا، جڏهن ته ماتم ڪرڻ وارن کي لازمي طور ڪارا، تنهنڪري هُنن اسان کي رڳو ٿورو روڪيو ته جيئن اهي درگاهه کان ٿي وڃن. سو اسان تيستائين ترسياسين، جيستائين اهي ٿي وڃن ۽ پوءِ ئي وڃي اُتي رسالو رکيوسين.

سوال: اوهان جي رسالي لاءِ عالمن جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت ڪانهي. ڪير به پڙهي ڏسي، دنيا جي گهڻن عالمن کي ته آئون رسالو موڪلي ڪو نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته اُن تي گهڻو خرچ ٿو ٿئي. پر تڏهن به جن کي موڪليم انهن جا ته رايا سڀ مون وٽ آهن، ساڳي طرح پاڪستان ۽ سنڌ جي عالمن جا به، پر عالمي طرح ان ترجمي جو وڏو قدر ٿيو. اُهو ان مان ظاهر آهي ته بڪنگهام پيلس جي لئبرري ۾ خاص طور ان رسالي جي هڪڙي ڪاپي رکي ويئي آهي. پرنس چارلس جي حڪم موجب، ۽ سنڌ ۾ ان جو قدر جوھري ئي ڪندا، سو محمد ابراهيم جوئي کان وڌيڪ ٻيو ڪو جوهري هتي ڪونهي. اُن وٽ ته جيڪو به ماڻهو ويندو آهي، پنهنجو يا پرايو اُن کي چوندو آهي ته عبدالغفور جو رسالي نه هجيئي ته وڃي ان کان وٺ، سندس ئي حوالي سان ڪيترائي ماڻهو مون وٽان اُن جي ڪاپي گهرڻ يا خريد ڪرڻ آيا.

سوال: ڇا توهان ان کي دڪانن تي وڪري لاءِ رکيو آهي؟
جواب: سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي، جيسين باقاعدي اُن جو ڪنهن کان افتتاح نه ڪرايان.
سوال: سو هنن ٽن سالن ۾ توهان اڃان ڪنهن کان هن جو افتتاح نه ڪرايو آهي؟
جواب: ملڪ جي پريزيڊنٽ يا وزيراعظم کان گهٽ اُن جو افتتاح ڪرائڻ آئون رسالي جي گهٽتائي ٿو سمجهان، سو جڏهن 1986ع ۾ اهو شايع ٿيو ته ان وقت صدر هڪ آمر [1] هو ۽ وري اُن جو وزيراعظم ٿيو سو به ان آمريت جو ترجمو [2]، سو اُن آمريت جي ترجمي کان ڪهڙو انساني محبت جي ترجمي جو افتتاح ڪرايان. اهو ته ائين جو اونداهيءَ کان روشنيءَ جو افتتاح ڪرائڻ يا تلوار کان قلم جو!

سوال: پوءِ محترم بي نظير صاحبه کان ڪرايو ها جڏهن هوءَ آئي؟
جواب: اُن کي به لکي چڪو آهيان، پر ويچاريءَ کي حڪومت جي ڌنڌن مان واندڪائي ڪٿي ٿي ملي، جو شاهه جي رسالي جو افتتاح ڪري، سنڌ جي ڪلچر کاتي وارن کي ته هونئن ئي اوهين سڃاڻو ٿا ته اُهي... پر اسين فقير ماڻهو آهيون، شاهه به فقير ماڻهو هو. سو فقيراڻي ويس ڏين اُملهه اڻ توريا. اسان کي هُن ڌڻيءَ جي گنج مان گهڻيئي ڪجهه مليو. ڪنهن نالي جا متحاج ڪو نه آهيون. ڀانيوسين ته رڳو اهو سنڌ جو امن ڀائيچاري ۽ انساني محبت جو پيغام دنيا تائين پڌرو ٿئي. تنهنڪري وزيراعظم پاڪستان اهڙو افتتاح ڪري!

سوال: ڀلا سنڌ جي ڪلچر کاتي اوهان کان ڪجهه ڪاپيون خريد ڪيون؟
جواب: رڳيون پنج ڪاپيون، نه ته اهو ته سنڌ گورنمينٽ لاءِ اهڙو ڪتاب آهي جو هر ٻاهرين ايندڙ ممتاز شخصيتن کي تحفو ڪري ڏيڻ لاءِ ان کي هزارن جي تعداد ۾ مون کان وٺڻ کپندو هو. سنڌ جي سڀن کان وڏو تحفو ڪري ڏيڻ لاءِ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان گڏ شاهه جو اهو انگريزي رسالو به محبت جو پيغام به

سوال: ڀلا تعليم کاتي وارن اسڪولي ۽ ڪاليجي لائبررين لاءِ ورتو؟
جواب: تعليم کاتي ۾ ته رڳا جاهل ويٺا آهن، جن کي ڪتاب جي هڪڙي سٽ جي معنيٰ به ڪانه ٿي اچي. ٻيو وري اُن ۾ هڪڙا پراڻا گهاگه اديب ڇاپو هڻي اچي ويٺا آهن، جن کي اهو ترجمو عبدالغفور جو ڇا جي لاءِ اڳيان آڻڻ گهرجي؟ ڇو نه پنهنجا ڪتاب يا پنهنجن پُراڻن يارن جا ڪتاب، جن سنڌي ادب هميشه لاءِ ٺيڪي تي کنيو آهي. دوست! تعليم کاتي وارن هڪڙو ڪتاب به مون کان ڪو نه ورتو.

سوال: ڀلا فيڊرل گورنمينٽ توهان کان ڪي ڪاپيون خريد ڪيون؟
جواب: قاضي عبدالمجيد عابد کي شابس هجي، اهو جڏهن مرڪز ۾ وزير اطلاعات هو ته اُن ڪتاب ڏسڻ شرط 30 ڪاپيون هڪدم سرڪاري طرح گهرائي ورتيون ۽ انهن کي دنيا جي سڀني وڏن پاڪستاني سفارت خانن جي لئبررين لاءِ ڏياري موڪليو. ۽ هاڻي غلام مصطفيٰ شاهه به هڪ سؤ ڪاپيون ”نيشنل بوڪ ڪائونسل“ لاءِ پنهنجي ذاتي حڪم تي گهرايون آهن، نه ته ڪائونسل وارا ته پنهنجن مُنهن ائين عمل ڪو نه ڪن ها. رڳو پنهنجن جا پيٽ پيا ڀرين يا سندن! خدا ڄاڻي!

سوال: توهان جي رسالي ۾ ڀلا ڪهري خاص ڳالهه آهي، جيڪا اُن کي رسالي جي ٻين ترجمي ڪندڙن جي ڪتاب کان منفرد ٿي ڪري؟
جواب: هڪ ته اُن ۾ سڀني کان گهڻن بيتن جو ترجمو ٿيل آهي، ٻيو ته اڳوڻن ٽن مان ٻن جي مادري ٻولي سنڌي ڪا نه هُئي، تنهنڪري شاهه جي سنڌي سمجهڻ، سُوجهڻ انهن لاءِ ڏکي هُئي، جڏهن ته آئون ڄائو ئي شاهه جي ٻوليءَ واري مادري لهجي ۾ آهيان. اسان يا منهنجا وڏا اها ئي ٻولي ڳالهائيندا هئا يا آهيون. ٽيون ته مون هر بيت جي تفسير سڀني دنيا جي وڏن شاعرن ۽ صوفين جي تعليم سان ڀيٽي ڏٺي آهي، جنهن ۾ شاهه جي بيت جي معنيٰ انگريزي ترجمي مان بلڪل عيان ٿيو وڃي. چوٿون ته منهنجو هرڪو ترجمو بيت جي ئي آوازن جي لئي سان آهي. ائين نه ته بيت هڪڙي Rhythm سان پڙهجي ۽ ترجمو ٻي ردم سان، ۽ ترجمي ۾e Rhythm به آهي يعني قافيو، جيڪو اصلي بيتن ۾ آهي ۽ جيئن جو تيئن اهو قافيو به ترجمي ۾ موجود آهي. مون ٻڌايو ته مون ست سال ان ترجمي تي لڳايا. ان حساب سان هڪڙي بيت ترجمي ڪرڻ تي مون کي سراسر ٻه ڏينهن لڳا!

سوال: ڀلا هڪڙو نمونو ته پنهنجي ترجمي مان ٻڌايو؟
جواب: شاهه صاحب جو بيت آهي:

جا ڀوُن پيرين مُون، سا ڀونءَ مٿي سَڄڻين،
ڌِڱ لَٽبا دُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسُون،
ڏينهن مِڙيو ئي ڏوُن، اُٿي لوچ لطيف چئي.
ترجمو:
The earth that is under my feet
That earth is over body of my friend,
All great and mighy of the world,
We have seen into the earth deslscend;
Life is for two always comprehend,
So awake, Ostrive says Abdul Latif.
اهو بيت شاهه سندس سنگتي ميين ٺاري ٺٽي واري جي دفن ٿي وڃڻ کان پوءِ اُتي اچي سندس قبر تي چيو.

سوال: ڀلا مان توهان ٻيو ڪهڙو علمي ادبي ڪم ڪري رهيا آهيو؟
جواب: آئون هڪ ته انگريزي، سنڌي ڊڪشنري لکي رهيو آهيان، جيڪا تمام جامع هوندي، جنهن ۾ انگريزي لفظن جا استعمال به ڏنل هوندو. دبل ڊيمي سائيز جا هڪ هزار صفحا ٿيندي ۽ ٻيو هن وقت پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي رهيو آهيان، جيڪا ”صبح ٿيندو“ پندرهن روزه رسالي جي ٻي شماري کان شروع ٿيندي. ان ۾ وچ ۾ ڪي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مضمون به اخبارن يا رسالن کي لکي موڪليندو آهيان. ٻيو هڪ وتائي فقير جي حوالي سان شعري ڊراما به انگريزيءَ ۾ لکي رهيو آهيان جيڪو سال به سال ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ويندو، جيستائين حياتي اٿم.

سوال: اُن جو نالو ڇا رکيو اٿوَ؟
جواب: هرو ڀرو ٻڌايانءِ ڇا؟ جي ڳالهه اُپٽي ته ڇڏي ويندي واءُ، پر جيئن ته ”عبرت مئگزين“ لاءِ هي پيو انٽرويو ڏيان ته ڀلي اها ڳالهه به تيسين عبرت ئي رهي سندس نالو آهي:
Journey to global 2000
on donkey back by Watayo Fakir!

سوال: سائين ان جو موضوع ڪهڙو هوندو؟
جواب: انسان! انسان نه رڳو موضوع پيدا ڪندڙ آهي، پر خود سڀ کان وڏو موضوع به آهي. شاهه جي تعليم کانپوءِ خدا جي محبت ۽ اُن جي سُهڻي ۾ سهڻي صورت انسان خلق الآدم علي صورت يا پُرش پرشوتم آهي يا Man is created in the image of God سان محبت ڪرڻ کانسواءِ ڪير رهي نه ٿو سگهي. خدا ڪنهن به ڪو نه ڏٺو آهي، پر اُن جو پيرو صوفين ۽ يوگين ڏيکاريو ۽ شاهه صاحب به. اُهو انسان جي پيري مان ئي وڃي ٿو، جيئن شاهه چيو ته وڃان ٿي وڻڪار، پير لڌم پنهونءَ جو ۽ سڀني انسانن جي ساٿ سان ئي، ڇڄ مَ قطاران ساٿ چڙهندو لَڪئين! سو هاڻي منهنجي محبت هر انسان سان آهي. بنا رنگ نسل ٻولي، ملڪ، مذهب ۽ ٻي هر ڪنهن تفاوت جي.
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
منجهه ئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهه ئي لُڊاڻو
راڻو ئي راڻو، ري راڻي ٻيو ناهه ڪي.
هي شاهه جي تعليم جا ڪرشما آهن، جيڪي هر اُن ماڻهوءَ تي ٿين ٿا جيڪو اُن کي ڳوڙهو پڙهي ٿو، پر پُرجهي ٿو. مون رسالي تي ڏاڍو نور نچوڙيو، نه رڳو اُن تي، پر دنيا جي سڀني وڏن وڏن صوفين، يوگين، درويشن، رشين، مَنين ۽ وڏن وڏن شاعرن اديبن جي ڪتابن تي ۽ سڀني مذهبن جي ڪتابن تي به، مون کي رڳو اها سڀني ۾، سڄي انسانذات ۽ دنيا اندر سڄي زندگيءَ جي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي. اُن ۾ هر زندگيءَ سان محبت ڪرڻ جي ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي. شاهه جي تعليم اسان جي سنڌو ماٿريءَ جي ساڳي پراڻي اَدويت ويدانت جي تعليم آهي، يعني سڀ ڪجهه وحدت الوجوديءَ واري تعليم. جيڪا اول اول دنيا ۾ موهن جي دڙي کان شروع ٿي يعني خدا جي بستيءَ کان، جنهن کي هينئر سڀ ڄٽ موئن جو دڙو يعني مُئلن جو دڙو ٿا چون. ۽ اتان پوءِ سڄي دنيا ۾ جدا جدا رنگن، فلسفن ۽ مذهبن ۾ آئي، مختلف ثقافتن، ماڻهن ۽ ملڪن ۾ پنهنجو ويس بدلائي، پر بنيادي طور اُها ئي رهي ۽ اڃان تائين ڪٿي ڪٿي آهي. يعني خدا سان محبت ڪر ۽ هر زندگيءَ سان محبت ڪر! ڇاڪاڻ ته هر زندگي محبت مان پيدا ٿئي ٿي، تنهنڪري زندگيءَ کي پيدا ڪرڻ وارو يعني خالق خود محبت آهي. يعني نج محبت ۽ اُن جو سرچشمو، اِن ڪري هيءَ سڄي ڪائنات، اُن جي ارتقا، اُن ۾ هر شئي، هر زندگيءَ معنيٰ سڀ مخلوقات خود خالق آهي ۽ ٻيو ڪير به ڪونهي. شاهه جي تعليم ان سلسلي ۾ تمام گهڻي ڏنل آهي، پر هي بيت اِن جو تمام جامع اظهار ٿو ڪري:
پاڻ ئي پَسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
تنهنڪري دنيا ۾ محبت ۽ اهو محبت جو مالڪ ئي سڀ ڪجهه آهي ٻيو سڀ ڪجهه اُن جو اظهار.

سوال: پوءِ دنيا ۾ هي نفرتون، دشمنيون، جنگيون، قتل، ڌاڙا، ڦرون، استحصال وغيره سڀ ڇو آهن؟
جواب: اهو اهڙي تعليم نه هُئڻ ڪري ۽ دنيا ۾ بادشاهن ۽ مُلن جو، هن تعليم کي پنهنجي دنيا ئي عياشين خاطر، غلط رنگن ۾ وجهڻ ڪري ۽ اٻوجهه ماڻهن کي اهڙن قاعدن قانونن ۾ ٻڌڻ، جو اُهي سندن ئي ٻڌايل رستو وٺن، پر اهڙي نج مذهبي تعليم جو نه پر، جن اُها نج مذهبي يا روحاني تعليم حاصل ڪئي. اُنهن پوءِ اُهي سڀ مُلن جا ٻڌايل مذهب دور ڪري ڇڏيا، هڪڙو ئي مذهب ورتو محبت جو، خدا جو، شاهه جي لفظن ۾:
پڇيو ئي جان دوست، ته پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.

سوال: پر اهڙي تعليم اچي ڪيئن؟ اهو هوت ڏسجي ڪيئن؟
جواب: اندر ۾ پاڻ پيهي ڏسڻ سان جتي اُن جو جلوو آهي. ٻاهر به جتي اُن جي جلوي جو اظهار آهي هر ڪنهن شيءِ ۾، تنهنڪري ئي دنيا جي سڀني روحاني ماڻهن چيو آهي ته پاڻ کي سڃاڻو ته اوهين ڪير آهيو ۽ شاهه به ته چيو: ”نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو“ ۽ اهڙي تعليم هاڻي دنيا ۾ واپس ايندي وڃي. وڌندي وڃي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي ماڻهن ماديت ۽ ڪوڙي مذهبيت جا سڀ قهر ۽ ڪلور ڏسي ورتا آهن. انهن ٻنهي ڳالهين ڪري انسانذات جو جيڪو تاريخ ۾ وحشت ناڪ قتل غارت ٿيو آهي، اهو ٻين ڪهڙين به ڳالهين ڪري ڪو نه ٿيو. مثلن جدا قوميتن، ڪلچرن، نسلن يا ملڪن جي ڪري. انسانيت مادي ۽ منظم مذهبن جي ڄار مان نڪري هاڻي کليل معاشري ۽ روحاني فضا ۾ ساهه کڻڻ ڏانهن وڌي رهي آهي. مغرب ۾ به هڪڙي انساني معاشري جي تعليم وڌندي وڃي ۽ Mysticism جي به، جنهن کي مشرق جي مفهوم ۾ تصوف يا ويدانت چئجي ٿو. جيئن مون پهرين ٻڌايو، اهڙي اصلي عالمي روحاني تعليم سنڌ مان شروع ٿي هئي. هاڻي وري سنڌ کي ئي اهڙي تعليم کي عام ڪرڻو آهي. ان ڪري ئي ته اسان سڀ وڏن کان ٻُڌندا آيا آهيون ته سنڌ کي ئي دنيا کي امن، محبت ۽ انساني ڀائيچاري جو سبق ڏيڻو آهي ۽ سنڌين کي ئي اهو ڪرڻو آهي جتي به اهي آهن. سنڌ، هند يا دنيا ۾، انهن سڀني ڳالهين جي هاڻي هتي هن انٽرويو ۾ وڌيڪ وضاحت ڪو نه ٿي سگهندي. پر مون رڳو مکيه ڳالهين جي هتي اسان سڀني سنڌين لاءِ نشاندهي ڪئي آهي ۽ اسان سنڌي مسلمانن وٽ هن وقت شاهه جو رسالو ئي خاص طور اهڙي تعليم جو وسيلو آهي. جنهن کي اسان کي دنيا ۾ عام ڪرڻو آهي ۽ اُن رستي دنيا کي اهو خالق، مخلوق ۽ محبت جي مذهب جو درس ڏيڻو آهي:
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇلَ،
نڪا جهلَ نه پلَ، سڀڪو پَسي پرينءَ کي.
۽ اهڙي محبت جي دنيا جو شاهه نقشو اسان کي ڏيکاري ڇڏيو آهي:
نڪا جهلَ نه پلَ، نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گُل.
ماڻهو پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مُرڪڻو.
دنيا تي بهشت جو نظارو يعني اهڙي محبت ڀري انساني معاشري يا سماج جو نظارو آهي!

سوال: توهان ته اڄ اهڙيون ٻڌايون آهن جي اڳي رڳو اسان اشارن ۾ ٻڌندا آيا آهيون. پر هاڻي اسان کي پنهنجي گذريل سياسي زندگيءَ جي باري ۾ به ڪجهه ٻڌاءِ؟
جواب: هر انسان جو ذهن ارتقا ڪندو رهندو آهي، پر جيڪڏهن ننڍي هوندي هن جي صحيح رهبري ٿي ويئي ته هو صحيح رستي تي ئي هلندو، مون کي به ٻين سنڌي مسلمان ٻارن وانگي اها سياسي تعليم ملي ته پاڪستان اسان سنڌي مسلمانن لاءِ تمام سٺو رهندو، سو مون به چوڏهن سالن جي وَهيءَ ۾ پاڪستان لاءِ جهنڊا کنيا، جلسن جلوسن ۾ شامل ٿيس ته ”ليڪي رهينگي پاڪستان“، ”بٽ ڪي رهيگا هندوستان“ پر اها مون کي خبر هجي ها ته هندوستان جي تقسيم ڪري وڏو انسانذات جو قتل ٿيندو، اُن کانپوءِ سنڌي مسلمان جا اڳوڻي کان به وڌيڪ حق غضب ٿيندا ۽ ان کانپوءِ اهو پاڪستان به ختم ٿي ويندو، وري نئون پاڪستان ٺهندو، جنهن ۾ وري مسلمان، مسلمان کي ائين قتل ڪندا، جيئن عيد الاضحيٰ تي جانور قتل ڪُهن ٿا ته بنهه اهڙي جدوجهد ۾ حصو نه وٺان ها. پر پوءِ جڏهن جنهن پاڪستان لاءِ مون يا منهنجي ٽهيءَ وارن سنڌي مسلمانن جدوجهد ڪئي اهو ٽين پاڪ-هند جنگ کانپوءِ ختم ٿي ويو ته ايتري ساڃهه مون ۾ اچي ويئي جو علي الاعلان ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ اهو ايڊيٽوريل لکان ته ”هي وري نئون ۽ سخت ون يونٽ اسان سنڌ وارن تي مڙهجي رهيو آهي، اهو اسان کي هر گز نه کپي“. ان ڪري ئي ته منهنجو رسالو بند ڪيائون، مون کي جيل ۾ وڌائون! هي سڀ چوڻ جو مطلب اهو ته اسان سڀني ھنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين جي اسان جن اڳوڻن ليڊرن هندن يا مسلمانن صحيح رهبري نه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان ۽ مهاجر اڄ سڀ لوڙيون پيا. سڀ پاڪستان جا باشندا به ته هندوستان جا به، هي سڄو مُلن ۽ پنڊتن جو کيل هو، جنهن ۾ اسين اٻوجهه هندستاني ڦاسي وياسين. آزاديءَ جي خوشيءَ ۾! ۽ انگريزن هندوستان کي ٽڪر ڪري سندن حڪومت کي ان مان ختم ڪرڻ جو اسان کان انتقام ورتو. جيڪو اڃان تائين اسان ڏيندا رهون پيا، پر اسان جا نسل به ڏيندا رهندا.

سوال: پر آزاديءَ ته اسان کي کپندي هئي. اُهو اسان جو انساني حق هو؟
جواب: پر مذهب جي بنياد تي آزاديءَ جو اجهو اهو حال ٿيو، جيڪو اسان اڄ به. هِتي يا هُتي هندستان ۾ ڏسون پيا. گهڻو انهي ڪري مسلمانن ئي لوڙيو. ڇاڪاڻ اُهي هُتي هندستان ۾ مرن پيا، هِتي وري اسان پاڻهي پاڻ هڪٻئي هٿان مرون پيا. اسان جي ليڊرشپ دور انديش نه هئي، ۽ اسين به آزاديءَ جي چشڪي ۾ اچي وياسين. آزادي ته اسان جو حق هو. پر هر ڪنهن جو پنهنجي پنهنجي وطن ۾.

سوال: توهان ڀلا سنڌ جي پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟
جواب: گهڻيون ڳالهيون آهن جن جو ذڪر ڊگهو ٿي پوندو. ائين سمجهو ته 1958ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ نوڪري ڇڏي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو هوس. هڪڙو مون سان مهاجر دوست به گڏ هو جيڪو مرڻ گهڙيءَ تائين مون سان رهيو ۽ اڄ به اسان جي اباڻي قبرستان دڙي ۾ دفن آهي. انهن ٻنهي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪو ٺيڪيداريءَ مان ڪمايو سين، اهو سنڌ جي حقن جي جدوجهد تي خرچ ڪيوسين. آئون ننڍڙا ڪتابڙا لکندو هوس، هو انهن کي ورهائيندو هو. پوءِ ته هڪڙو ننڍڙو اسٽال کوليوسين گاڏي کاتي ۾، ”ملير ڪتاب گهر“ جي نالي سان، جتي هو منهنجا ۽ ٻيا ڪتاب وڪڻندو هو. گاڏي کاتي ۾ ون يونٽ خلاف بک هڙتال به اسان شروع ڪرائي هئي. خالد سنڌيءَ کي حيدر چوڪ تي ويهاري، جتان پوءِ سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي ۽ نيٺ يحيٰ خان کي ون يونٽ ٽوڙڻون پيو، پوءِ ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي، جنهن جي ڳالهه آئون اڳئي ٻڌائي آيو آهيان.

سوال: اوهان ڀلا سنڌ جي تحريڪن لاءِ ڪهڙا ڪتابڙا لکيا؟
جواب: گهڻن ئي مختلف نالن سان لکيم. هاڻ ته مون کي به ياد نه آهن. پر هڪڙو سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏو نظم هو، جو اڃان ياد اٿم ۽ هڪ ٻيو ”هي بيت ستايل سنگين“ جا ۽ ٽيون” سنڌ جون عورتون اُٿو“. وغيره وغيره.

سوال: ڀلا اهو مهاجر دوست اوهان سان ڪيئن گڏ رهيو ۽ مطلب ته هُن جي باري ۾ ڪي خاص ڳالهيون.؟
جواب: هو هڪڙو عظيم انسان هو. 1957ع ۾ مون سان گڏ رهڻ لڳو ۽ 1988ع ۾ پنهنجي حياتي قدرتي طرح مون وٽ ئي پوري ڪيائين. حيدرآباد دکن جو هڪ مهاجر هو. يتيم هو، هو منهنجي ۽ آءُ هن جي محبت ۾ ٻڌجي ويس، پهرين هو ٽنڊو محمد خان ۾ پنهنجي ڪن مائٽن سان گڏ رهيو، پر پوءِ سڄي زندگي مون سان منهنجي گهر ۾ ئي رهيو. جتي به آئون هئس. وڏي عقل ۽ علم وارو ماڻهو هو. هڪ ٻئي سان اسان وڏيون وفائون ڪيون ۽ جفائون به گڏوگڏ ڏٺيوسين. هڪڙي رات هو منهنجي بدران جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ به سُتو، آئون لڪ چوريءَ رات جو وڃي پنهنجي گهران ٿي اچان، پنهنجي بيمار ماءُ کي ڏسڻ لاءِ، منهنجن ڀائرن مان به ڪير ائين منهنجي بدران جيل جي ڪوٺيءَ ۾ سُمهڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيو. هُن جي نالي مون هڪ ڪتابڙو لکيو آهي. انگريزي شاعري ۾ جنهن جو نالو آهي. A Story of a Muhajir and Sindhi in verse جنهن جو جلدي ڪنهن کان افتتاح ڪرائيندس، جيئن اُنکي پنهنجي محبت جا ڪي گل لفظن ۾ پيش ڪري سگهان ۽ سڀني کي اهو ٻُڌايان ته انسانيت سڀ کان عظيم قدر آهي. سڀني قوميتن، مذهبن ۽ مُلن کان.

سوال: سياسي تحريڪن ۾ ڀلا اوهان جو ڪنهن پارٽيءَ سان واسطو رهيو.؟
جواب: ڪنهن سان به نه، سڀني سنڌي سياسي ليڊرن سان ويجهو رهيس ته انهن کان دور به رهيس. سڀني سان سنڌ جي ناتي محبت هُئي، پر گهڻن سان سندن سياسي طريقن جي ڪري اختلاف، آئون ننڍي هوندي کان عدم تشدد يا اهنسا جو حامي رهيو آهيان. اها ڪا قدرتي سُتي مون کي پياريل هئي، هرڪو انسان منهنجي لاءِ عزت ۽ احترام جو لائق هو. پنهنجو جائز مقصد ڪنهن کان محبت رستي يا اُن جي اندر ۾ سچ ۽ انصاف جي قدر کي اپيل ڪري. حاصل ڪرڻو هو زور زبردستيءَ سان نه.

سوال: هن وقت ڀلا ڪهڙي سياسي پارٽي يا طريقي کي توهان سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سمجهو ٿا.؟
جواب: هينئر آئون سنڌ ۽ پاڪستان جي ڀلائيءَ لاءِ ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان وابسته نه رهي. فقط جمهوري طريقي کي صحيح ٿو سمجهان. آمريت ۽ قوميت جي رنگ کي غلط ۽ انسانيت جي ڀلائي واري هر طريقي کي صحيح.

سوال: سائين توهان جو سنڌ، ۾ علمي ادبي سماجي ۽ سياسي خدمتون رهيون آهن. اُها تمام ٿورن کي خبرن آهي پر گهڻن کي ڪونهي، اهي سڀ ڳالهيون تفصيل سان اوهان جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ شايد اينديون، پر پنهنجي اڌ صديءَ جي علمي ۽ عملي زندگيءَ مان اسان سنڌ وارن کي موجوده حالتن جي حوالي سان. ڪي صلاحون ڏيو. اهي تمام وڏيون قيمتي هونديون.؟
جواب: فقط ٻه ڏيندس وڌيڪ نه!


سوال: ٻه ئي ڏيو.
جواب: هڪڙي مهاجرن سان محبت ڪريو. انهن سڀني ماڻهن سان جيڪي سنڌ ۾ هميشه لاءِ اچي آباد ٿيا آهن، اُهي نه ڪن تڏهن به ڪريو ڳچيءَ ۾ ڳراٺڙي پائي! نيٺ اهي به اوهان سان ائين ڪندا. ڀُلي ڀُلي پاڻ آئي ته به ڀُلي نه چئجي!

سوال: ۽ ٻي صلاح؟
جواب: ۽ ٻي اها ته سڀني سنڌي ٻارن کي پڙهايو، انهن مان هڪڙو به بي تعليم نه ڇڏيو. گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ تائين انهن کي پڙهايو، هلندڙ نسل يا ايندڙ نسل. بُکن مري به سڄي سنڌ ائين ڪري ۽ اسڪولي عمر جي ڇوڪرن ڇوڪرين سڀني کي پڙھايو. سنڌ ۽ پاڪستان حڪومتن کي چئو ته اسان کي ٻي ڪا به تعمير نه پر رڳي سنڌي قوم جي تعليم جي تعمير کپي. اهو پڪو رستو سُٺو جنهن تان لکين انڌا لٺ تي هلن يا اُهو ڪچو سٺو جنهن تان سڀ اکين وارا ڏسندا واسندا هلن؟

سوال: اوهان به ته اهڙي تنظيم ٺاهي آهي، جيڪا اهو ڪم پئي ڪري، ٻهراڙين جي ٻارن کي تعليم جو.؟
جواب: 1985ع کان اسان جي اهڙي تنظيم آهي. اسٿان لطيف سماجي تنظيم جي نالي سان، پر نه سنڌ نه پاڪستان حڪومت اُن کي هڪڙي پائي ڏني آهي، اڄ تائين جو لکين غريب ٻارن کي ڪتاب سليٽون وٺي ڏي ۽ انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي. ڪن دوستن کان پني مڱي آئون ٻٽن هزار ٻارن کي جيڪڏهن پڙهايان پيو ته ڪا ڳالهه ڪانهي. هُتي ته ٻهراڙين ۾ سڄو لڏي جو لڏو غريب ٻارن جو لڏو آهي. جي ڪروڙ کن ۾ آهن. انهن کي آئون اڪيلي سر ڇا ڏيئي سگهندس. سواءِ دعائن جي ته شل پڙهي پَون. ۽ وقت جي حڪومتن کي سواءِ بددعائن جي، نٿيون انهن کي پاڙهين اَلائي ڇو، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ به ان ڳالهه کي نٿا سمجهن ته اکر ۾ الله آهي. علم ۾ ئي سڀ کان وڏي ۾ وڏي طاقت آهي دنيا ۾. پهرين لفظ هو، لفظ الله وٽ هو، لفظ خود الله هو! تُنهنجي رسالي جي يا تنهنجن مالڪن جي سڀني رسالن يا اخبارن جي يا اڃان سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن جي اها ڪيڏي نه وڏي خدائي خدمت ٿيندي، جو اُهي سڀ سنڌي ٻارن جي تعليم ڏانهن سرڪار جو زبردستي ڌيان ڇڪائيندا رهن ۽ اسان جي هن تعليم جي نعري کي به سندن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيندا رهن، سنڌي ٻارن، سندن مائٽن ۽ ٻين سڀني پڙهيلن تائين اهو نعرو جتي ڪٿي پهچائڻ لاءِ، اهو هڪ خيراتي اشتهار جي صورت ۾ ئي پنهنجين اخبارن رسالن جي هر شماري ۾ ڏيندا رهن. سندن اسان تي ۽ سڄي قوم تي وڏا احسان ٿيندا.
پڙهه! منهنجا جاني پڙهه ،
تُنهنجي مهرباني پڙهه،
پڙهڻ سان ئي ملندو سڀ،
ڏُڌ مَکڻ ماني پڙهه،
خدا پاڻ تي خوش ٿيندو،
ٿيندي هر آساني پڙهه.

سوال: سائين آئون اها ڳالهه پنهنجن مالڪن ۽ ٻين سڀني تائين پهچائيندس، پر آخري هڪڙو سوال. اوهان هي پاڻ تي آخري نالو الستي ڪيئن رکيو؟
جواب: ڇو ڀلا اُن مان ڪنهن پري واري ڳالهه جو اھڃاڻ ٿو مليئي؟

سوال: هائو سائين مڙئي الست وارو اُهڃاڻ.
جواب: يار اهو نالو مون پاڻهي پاڻ تي ڪو نه رکيو، الائي ڪيئن پئجي ويو ۽ جڏهن هيءَ مون تنظيم ٺاهي 1985ع ۾ اسٿان لطيف سماجي تنظيم جي نالي سان ته اوچتو مون کي خيال آيو ته اُن نالي جي لفظن مان پهريون اکر ملائڻ سان الست ٿي ٺهيو. اسٿان لطيف. اھو سماجي نالو ان ڪري رکيو هُئم جو رسالو ترجمو ڪري جڏهن پورو ڪيم ته مون کي ڄاڻ ملي ته هاڻي جيئن توکي لفظ جي روشني ملي آهي، تيئن تون به ٻين تائين اها روشني پهچائي. لطيف جي رسالي مان اها روشني ملي هُيم، سو اُن تنظيم جو نالي ۾ لطيف اچڻ ضروري ٿيو. هاڻي سڄي سنڌ لاءِ اُها تنظيم هُئي ۽ لطيف جو جيئن ته سڄي سنڌ اسٿان يا جاءِ هُئي، تنهن ڪري ان تنظيم تي اهو نالو رکي ڇڏيم.

سوال: اهو ته ٿيو اسٿان لطيف سماجي تنظيم (الست) جو نالو، پر اوهان تي الستي ڪيئن پيو؟
جواب: اسان رستن تي شهرن ۾ جتي ڪٿي لکڻ شروع ڪيو”ٻار پڙهايو “ ۽ ان جي هيٺيان الست دڙو لکيو، نيٺ هِن هُن کي جڏهن خبر پئي ته عبدالغفور طرفان اُها تنظيم آهي ۽ عبدالغفور سنڌي ادب ۾ ٻيا به هئا، تنهن ڪري مون کي ٻارن الستيءَ جي شناخت سان سڏڻ شروع ڪيو. مون به چيو اهو ڪو قدرتي اَمر هو، جيڪو مون تي اچي ويو، سو هاڻ پاڻ به اهو پاڙڻ شروع ڪيم. هيءَ ڪميڻي ڪير جا امر کي آڏو اچي. هاڻ پاڻ ائين سڏايان پيو، پر ڇا سنڌ جا اسان سڀئي سنڌي ماڻهو اَلستي ڪو نه آهيون؟ هن لطيف جي اسٿان وارا! يا هُن وڏي لطيف جي اسٿان وارا.
الست بربکم، جڏهن ڪَن پيوم
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تِتِ چيوم،
تنهين وير ڪَيوم، وڃن ويڙهيچن سين.
مَن ڪي اَن نالي ٻڌڻ سان اهو وچن ويڙهيچن سان جيڪو ڪيو اٿئون، اهو سڀن کي ياد پوي ۽ سڀن جي ڪن تي مارئيءَ جي هيءَ دانهن به پهچي ته!
اَلا ائين هوءِ جيئن آئون مران ڪوٽ ۾،
جُسو زنجيرن ۾ راتيان ڏينهن روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پُڄنِم ڏينهڙا!


[عبرت مئگزين 1992]