شاھه جي رسالي انگريزي ترجمو
پنهنجي گرفتاري ۽ جيل ۾ پوڻ جو قصو بيان ڪندي هو لکي ٿو:
“... راشدي (پير علي محمد) صاحب اڃا تائين نئين پاڪستان ۾ ڀٽي صاحب جو صلاحڪار هو. مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي جيل ۾ وجهائڻ ۾ هڪڙو اُن جو هٿ هو، جو مون هن پاڪستان ٺهڻ جي خلاف هڪڙو سخت ايڊيٽوريل لکيو هو ۽ سندس تقرير به ملير ڊائجسٽ ۾ ڇاپي، جيڪا هن 1957ع ۾ ون يونٽ ٺهرائڻ وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪئي هئي. مون لکيو هو ته هي نئون پاڪستان به پراڻو ساڳيو ون يونٽ آهي. وغيره وغيره ۽ ٻيو هٿ هڪ اهڙي سنڌي تعليمي منسٽر (در محمد اوستي) صاحب جو هو، جنهن تي مون وڏي جهل ڪئي هئي ته هو سنڌين جي تعليم جي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري.” (44)
سنڌ جي تعليم واري وزير در محمد اوستي کي مخاطب ٿي پاڻ ملير ڊائجسٽ جي ھڪ پرچي ۾ ”سنڌي تعليم يا تقدير“ جناب در محمد اوستا هي ڇا؟” جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو هو. جنهن ۾ سنڌ جي پرائمري تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي نه سڌارڻ جو ذميدار وزير تعليم کي قرار ڏنو ويو هو ۽ آخر استعيفى جي گهر ڪئي ويئي هئي.
جيل مان ضمانت تي نڪرڻ کان پوءِ حالتون ڪجهه اهڙيون بيٺيون، جو پاڻ ”ملير ڊائجسٽ“ جي اشاعت جاري رکي سگهيو. اهو ڏسي ڪجهه دوستن ساڻس رابطو ڪيو ته هو کين ملير ڊائجسٽ جا حق ۽ واسطا ڏي ته هو اهو جاري رکي سگهن.
“آئون جيل مان نڪتس ته هفتي ڏيڍ اندر محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، ابن حيات پنهور ۽ سندس هڪ ٻيو ساٿي مون وٽ آيا ۽ مون کي چيائون ته ملير ڊائجسٽ جا حق ۽ واسطا کين ڏيان ته جيئن هو ان کي جاري رکي سگهن. جنهن تي مون سوچڻ لاءِ کانئن مهلت گهري. ان کان ڪجهه وقت پوءِ مون وٽ خان محمد پنهور آيو ۽ هن به اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ملير ڊائجسٽ ان جي حوالي ڪيو.” (45)
خان محمد پنهور ۽ سندس دوست ملير ڊائجسٽ جو هڪئي پرچو شايع ڪري سگهيا، ترت پوءِ سنڌ حڪومت سنڌي رسالن ۽ اخبارن تي پابندي وجهڻ جو اعلان ڪيو، انهن ۾ ”ملير ڊائجسٽ“ به شامل هو.
اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته ايندڙ وقت ۾، جنهن پير علي محمد راشديءَ کي عبدالغفور ميمڻ، سنڌ جو وڏو دشمن قرار ڏيئي، سندس ون يونٽ جي حمايت ۾ ڪيل تقرير ملير ڊائجسٽ ۾ ڇاپي هئي، ان جو مٿس وڏو اثر رهيو.
جيل مان نڪرڻ ۽ ڪجهه وقت واندو ويهڻ کان پوءِ هن پير علي محمد راشديءَ کي هڪ خط لکيو، جيڪو ان وقت پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو صلاحڪار هو. جنهن کيس حيدرآباد ۾ ملڻ جو وقت ڏنو. ان ملاقات جو ذڪر ڪندي عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو:
“.... ملاقات ۾ مون کي چيائين هن حڪومت مان ڪجهه ڪو نه ورندو، ڇو ته حڪومت بُري بلا آهي. جڏهن ماڻهو ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ته پوءِ ان لاءِ وطن توڙي ٻولي ڪابه معنى نٿا رکن. ماٺ ڪري ويهي ٻچن لاءِ گذر سفر ڪر.... تون شريف ماڻهو آهين، تنهنڪري توسان اها ڀلائي ڪري سگهان ٿو ته توکي تنهنجو جهان موٽرائي ڏيان....” (46)
ان ملاقات کان پوءِ پير علي محمد راشديءَ کيس ‘ پاڪستان نيشنل سينٽر اسلام آباد’ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪري رکيو. جنهن جو ڪم هو ته سڄي ملڪ ۾ سينٽر پاران لئبرريون قائم ڪرڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ.
اها نوڪري ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي هئي. پهرين کيس ٽن سالن لاءِ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي رکيو ويو ۽ پوءِ ٻن سالن لاءِ ان جو مدو وڌايو ويو. پاڻ اها نوڪري 1974ع کان 1978ع تائين ڪيائين، ان وچ ۾ 5 جولاءِ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو جنرل ضياءَ الحق تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏي. حڪومت جي خاتمي سان گڏ پير علي محمد راشدي جي صلاحڪاري به ختم ٿي ويئي. حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به پاڻ ڇهه مهينا وڌيڪ ان عهدي تي رهيو، پر پوءِ ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي استعيفى ڏيئي ڇڏيائين ۽ واپس سنڌ اچي پنهنجي پراڻي ڪرت سول ٺيڪيداري شروع ڪيائين.
پير علي محمد راشديءَ سان پنهنجي ان ويجهڙائپ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
“هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ٻياگُڻ به هوندا آهن، هن ۾ وڏي ۾ وڏو گُڻ اهو هو ته علم جو عاشق هو. ڪتاب ۽ قلم ڪنهن وير به سندس هٿن کان جدا نه ٿيو.” (47)
جيل، عبدالغفور ميمڻ کي اُجاري اڇو ڪري ڇڏيو. جيل ۾ رهڻ واري مختصر عرصي دوران کيس نه رڳو ڪتابن پڙهڻ جو موقعو مليو، پر منجهس انسان ذات جي لاءِ محبت به پيدا ٿي. اها محبت آفاقي هئي، جيڪا الاهي ڪتابن ۾ هئي. ڪتابن ۽ اکر سان ته کيس اڳ ۾ ئي الفت ۽ محبت هئي. شاهه جي رسالي کي هن اڳ ۾ ئي سنڌ جي ڇوٽڪاري جو ذريعو ٿي سمجهيو ۽ ملير ڊائجسٽ ۾ “شاهه جي رسالي جا چونڊ بيت” معنى سان ڏيڻ شروع ڪيا هئائين. جيڪي پوءِ “شاهه جا چونڊ بيت” نالي سان ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپائي ورهايائين.
”هاڻي ويتر نيئر منهنجو نينهن اُجاري اڇو ڪيو، اڳي هڪڙي ماڻهوءَ سان نينهن هو، هاڻ گهڻن سان ٿي ويو، جيڪي مون سان قيد ۾ گڏ هئا. جدا جدا ذاتين، ٻولين، ڪلچرن ۽ ملڪن وارا ماڻهو. ڪي قيد کان ٻاهر منهنجي مارن جا مارو به هئا. پر سڀني جي هنن ديوارن جي اندر بي ڪسي ڏسي، خود پنهنجي به ڏسي، حيراني پي ٿي. وري سڀني ۾ محبت، ڀائيچارو ۽ هڪٻئي جي لاءِ قرباني، هيءَ ڪهڙو جهان هو؟ آئون ڪٿي اچي نڪتو هوس؟
....خدا تو مونکي ڪٿي اچي پهچايو هو؟ جتي نڪو وير نه وروڌ، نه نفرت نه دشمني، پاڻ هڪٻئي لاءِ محبت ۽ قربان قربان... رڳو انسانيت ۽ محبت انساني.... ٻُڏي ويس سهڻي سان گڏ سير ۾.... سُڪي ٻڏن جي ساهڙ ساڻ تنهنجو....
... اُتي رسالي جو روزانو پيو دور ڪندو هوس... مون ڏٺو ته هنن ڪافين ۾ درد هاڻي گهڻو ڀرجي ويو هو. انهن ٻُڌندڙن کي به شايد اهو درد عشق جاڳائي ويو. جو اهي راڳ ٻُڌندي حسرت سان آهون ڀريندا رهندا هئا. راڳ عشق جي زبان آهي، جنهن سڀني دلين تي اهڙو اثر ڇڏيو هو. وري اهو خدا جي زبان به آهي. جو اوچتو مارئيءَ جو هي ابدي آواز منهنجي ڪن تي ٺڪاءُ ٿيو:
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
چوڌاري ڏٺم ته اهي ويڙهيچا ڪهڙا هئا؟ اهي بدن به ڪونه هئا جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ مون کان الڳ، پر بدن جي قيد ۾ مون سان گڏ هئا.... يقينن اهي ٻيا ڪي هئا. پوءِ ويهي مارئي جو سرچ پڙھيو، پڇاڙيءَ ۾ شاهه چيو: مَ ڪي روء. مَ ڪي رڙ... تو تان بند بدا ٿيا... آئون حيران ٿي ويس. ٻي ڏينهن آزاد ٿي اچي گهر پهتس.” (48)
رسالي جي سُر مارئي کيس اهڙو ته متاثر ڪيو، جو هاڻ ’شاهه جو رسالو‘ ساڻس گڏ رهڻ لڳو. ان جي سُر مارئي مان کيس روح جي راحت ملندي هئي.... ڪتابن جو ته اڳ ۾ ئي ڪيڙو هو. سو دل جي پياس ٻُجهائڻ لاءِ دنيا جي وڏن وڏن اديبن، شاعرن ۽ روحاني ماڻهن جي ڪتابن ۾ رسالي جو تفسير ڳولهڻ لڳو. ان جدوجهد ۾ سڀني تڙن تان ٿورو ٿورو پاڻي پيتائين، نيٺ هڪ ڏينهن تلڪ چاڙهي حيدرآباد، تي پراڻن ڪتابن جي هڪ دوڪان تان جڳ مشهور روسي ليکڪ ليوٽالسٽاءِ جو هڪ انگريزي ڪتاب هٿ چڙهيس، جنهن کي پڙهڻ سان سندس چواڻي:
“ڪتاب پڙهڻ ڇا هو، ڄڻ ته مون کي اُن اَڀري سُر جو ڪو ڏس پتو ملي ويو. هن ۾ حضرت عيسى جي تعليم جو تجزيو ٿيل هو.” (49)
ٽالسٽاءِ جي ڪتاب جو مٿس وڏو اثر ٿيو ۽ پوءِ پاڻ بائبل جو مطالعو به ڪيائين ۽ ان سان گڏ بائبل جون ڪيتريون تشريحون به پڙهيون. سندس چواڻي، “حضرت عيسى عليه السلام جي تعليم منهنجون اکيون کوليون ته واقع انساني محبت ئي وڏي شئي آهي، ٻيو سڀ ڌوڙ.” (50)
حضرت عيسى جي ان تعليم جي روشني ۾ پاڻ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ لڳو:
“پوءِ رسالي کي ان معنى ۾ پڙهيم ته رڳو محبت ئي محبت هو. انسان جي لاءِ، خدا جي لاءِ، وري خدا رستي انسان جي لاءِ، مارئي هڪ اهڙو روح هو، جنهن سڀني روحن کي سڏ ٿي ڪيو انهيءَ محبت لاءِ! سندس پهرينءَ بيت ۾ وري خدا سان الست جو اهڙو وچن ڪرڻون هو. سندس سڀني مارن سان خدا جي هن ملير ۾.” (51)
شاهه جي رسالي جي مطالعي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو هن ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شاهه جي تعليم کي دنيا مٿي پڌرو ڪيو. شاهه جي پيغام جو اهو اثر ڪا نئين ڳالهه نه هئي. سنڌين ته پنهنجي جاءِ تي، پر شاهه کي جنهن ڌارينءَ پڙهيو، اهو به سندس پيغام جي مُند ۾ منڊجي ويو.
شاهه جي رسالي کي پهريون ڀيرو ڇاپي جي صورت ۾ جرمن عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ آندو. جنهن 1866ع ۾ جرمني جي شهر “لپزگ” مان اهو وڏي اهتمام سان شايع ڪرايو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ عيسائي مشنري هو، پر هن سنڌ تي وڏو احسان ڪيو.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کان پوءِ جرمنيءَ سان ئي واسطو رکندڙ خاتون ايلسا قاضيءَ شاهه سائين جي ڇهه سؤ بيتن جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو. جيڪو 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران Risalo of Shah Abdul latif (selected peoms) جي نالي سان شايع ٿيو. اهڙي طرح شاهه جي رسالي جا ڪيترائي انگريزيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن جن ۾ ”جي الانا“ پاران چونڊ بيتن جو ترجمو جيڪو سندس ڪتاب: Four classical peots of Sindh ۾شامل آهي. ان کانسواءِ جي الانا جو ٻيو ڪتاب: Selection from Risalo پڻ ڇپيل آهي. ان کانسواءِ امينه خميساڻي، آغا محمد يعقوب، آغا سليم ۽ ٻين پڻ شاهه جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ آندو آهي. پر ڇاڪاڻ ته پنهنجو موضوع شاهه جي رسالي جا ترجما ڪونهي، تنهنڪري پاڻ ان موضوع تي وڌيڪ لکڻ جي بدران اڳتي ٿا وڌون.
عبدالغفور ميمڻ کي ننڍي هوندي کان ئي شاهه جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ ترجمون ڪرڻ جو شوق هو، سندس چواڻي:
“ننڍي هوندي جو خواب هو ته ”شاهه جو رسالو“ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪريان.” (52)
پوءِ عبدالغفور شاهه جي رسالي کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ لڳاتار ست سال اهو ترجمو ڪندو رهيو جيڪو 1986ع ۾ Celescial Sunrise from Sindh [سنڌ مان بهشتي سوجهرو]جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پاڻ ان رسالي جي مهورت به عجيب نموني ڪرايائين. 16 سيپٽمبر 1986ع تي، جيڪو عالمي امن جو ڏينهن به آهي. ڀٽ شاهه تي وڃي دوستن سان گڏ امن مارچ ڪري، ان جي پهرين ڪاپي وڃي لطيف سرڪار جي سري کان نظر ڪيائين. ان مارچ ۾ ساڻس گڏ ڪيترائي دوست شامل هئا، جن ۾ راقم الحروف به شامل هو.
هڪ انٽرويو ۾ جڏهن کانئس ان جو باقاعده مهورت نه ڪرائڻ جو سبب پڇيو ويو ته وراڻيائين: ”ڪنهن کان (مهورت) ڪرايان ها! هڪ آمر (جنرل ضياءَ الحق) جي حڪومت هئي ۽ وزير اعظم ان وقت وري ان آمر جو ترجمو (محمد خان جوڻيجو) هو. سو، شاهه جي رسالي جو ڪنهن آمر کان افتتاح ڪرايان ها؟ اهو ته ائين هو ڄڻ اونداهيءَ کان روشني جو افتتاح ڪرائڻ يا تلوار کان قلم جو. (53)
هن جو خيال هو ته شاهه جي رسالي جي سندس ان ترجمي جي مهورت پاڪستان جي وزير اعظم کان گهٽ ڪو ماڻهو نه ڪري. ٻن سالن کان پوءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ته ان کان به نه ڪرايائين، ان جو سبب بيان ڪندي ساڳئي انٽرويوءَ ۾ چيائين:
”اها عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان جي سڀني ولين جي درگان تي پهرين سلام تي ويئي، پر شاهه جي درگاهه تي رڳو ميلي وقت آئي ۽ تمام دير سان. ان ڪر ان جي شاهه سان محبت سمجهي ويس. ان هوندي به کيس لکيم ۽ چورايم، پر شاهه جي تعليم سندس تازو ٿيل سياسي معاهدي جي ابتڙ هئي، ڪو جواب ئي نه ڏنائين.” (54)
رسالي جي مٿان پاڻ مترجم طور نالو “عبدالغفور آوَ دڙو” لڳايو ۽ اهو سڄو ايڊيشن دوڪانن تي وڪري لاءِ رکڻ جي بدران سڄي جو سڄو هزار ڪاپيون سنڌ، پاڪستان توڙي سڄي دنيا ۾ تحفو ڪري موڪلي ڏنو. رسالي جي پهرينءَ صفحي تي انگريزيءَ ۾ لکيل هو ته: ”هي ڪتاب عام وڪري لاءِ ڪونهي، پر سنڌ جون لئبرريون اهو ڪتاب ٽي سؤ روپيا ڏيئي خريد ڪري سگهن ٿيون.“
اُن ئي صفحي تي لکيل باقي عبارت به دلچسپ هئي:
”آستان لطيف ويلفيئر هائوس پاران هيءَ ڪتاب اوهان جهڙن پيارن کي سوکڙي طور ڏيڻ جي لاءِ آهي ته جيئن پاڻ پڙهي، وري پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي شخص کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيو ۽ ائين هي ڪتاب سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي پڙهڻ جي لاءِ ملندو (هي جنهن به شخص کي هي ڪتاب ملي ته مهرباني ڪري پاڻ وٽ گهڻو وقت نه رکي ۽ ٻين جي حوالي ڪري ڇڏي. جو اها اوهان جي هٿن ۾ انسانذات جي امانت آهي.) اُن ئي صفحي تي“ عبدالغفور آوَ دڙو جي صحيح سان اها آڇ ٿيل هئي ته ڪوبه مرد يا عورت هيءَ ڪتاب ڇپرائڻ ۽ ورهائڻ چاهي ته هڪ سؤ روپين جي اگهه سان هڪ سؤ ڪاپين جو آرڊر ڏيئي. اهڙي شخص جي تصوير به هن ڪتاب ۾ ڇاپي ويندي. ڪتاب ۾ شاهه 786 بيتن جو ترجمو ۽ سندس حياتي جو احوال شامل هو، جيڪو امن جي عالمي سال 1985ع ۾ سنڌي ٻولي جي محسن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي سؤ ساله ورسي (جنم 1828 ۽ وفات 1885ع) جي مناسبت سان ڇپرايو ويو هو. ارنيسٽ ٽرمپ جي باري ۾ پاڻ مٿي لکي آيا آهيون ته هن “شاهه جو رسالو” 1866ع ۾ لپزگ (جرمني) مان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. رسالي جي ٽائيٽل تي ڪتاب جو نالو: Celestial sunrise from sindh ۽ پوءِ ان جي هيٺيان هي بيت لکيل هو:
What you think to be verses
Are celestial signs of love
The will make your heart move
In the direction of love.
[جي توبيت ڀانئيان، سي آيتون آهن
نيون من لائين، پريان سَندي پار ڏي]
ڪتاب جي اندرينءَ صفحي تي شاهه لطيف جي امن جي آفاقي پيغام “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مِٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.” جو ترجمو ڏنل آهي.
My sir! Bring ever to Sindh
They plenty and Faison
O Thou!, all love, all Benison
Flourish all countries of world
جيتوڻيڪ، ’عبدالغفور آوَ دڙو‘ کي “شاهه جي رسالي” جي ان ترجمي تي ڪا وڏي مڃتا ۽ پذيرائي نه ملي سگهي، پر پوءِ به هو پنهنجي ان ڪم تي خوش ۽ مطمئن رهيو. 1986ع کان پوءِ ان رسالي جا ٻه ڇاپا ٻيا به ڇپيا، پر اهي به وڪري جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ڏنا ويا.
جيئن قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ عبدالغفور ميمڻ کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آهي، تيئن شاهه جي رسالي جي ترجمن بابت لکندي به عبدالغفور ميمڻ جي اُن ترجمي جو ذڪر شعوري يا لاشعوري نٿو ڪيو وڃي. جيئن ٽه ماهي مهراڻ جي اشاعت 3-4 /1994ع ۾ محترمه ماهتاب اڪبر راشديءَ پنهنجي مضمون “شاهه جي ڪلام جا ترجما” ۾ عبدالغفور آوَ دڙو جي ترجمي Celestial Sunrise from Sindh [سنڌ مان بهشتي سوجهرو] جو ذڪر نه ڪيو آهي.يا سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي جرنل سنڌي ٻوليءَ جي شماري ڏهين جون 1917ع ۾ ڇپيل محمد حبيب سنائي جي مضمون ”شاهه لطيف جي شاعري جي چونڊ انگريزي ترجمي جو مختصر جائزو“ ۾ ليکڪ عبدالغفور الستي جي ترجمي جو جائزو وٺڻ بدران امينه خميساڻي جو اهو حوالو ڏيئي اڳتي وڌي ٿو وڃي عبدالغفور الستي وارو ترجمو ڪافي محنت طلب ڪم هو، پر غلط انگريزي جي استعمال ڪري اهو اثرائتو نه رهيو، اصولي طور تي سنائي صاحب کي خود ئي ترجمي تي نظر ڦيرائي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي ها، پر شايد حبيب سنائي صاحب کي ڪو تعصب هو، يا سندس پنهنجي انگريزي ايڏي سٺي نه آهي جو الستي جي ترجمي جو جائزو وٺي سگهي.