الطاف شيخ ڪارنر

ارائونڊ دي ورلڊ

الطاف شيخ جو هي ڪِتاب سندس شروع جي ڪجهه ڊگهن سامونڊي سفرن جو آهي جيڪي هن ڪراچيءَ کان ڊئنمارڪ ۽ ناروي تائين ۽ عربي سمنڊ، هندي وڏو سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبئن سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي بندرگاهن بالٽيمور، نيويارڪ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي پھتو. ۽ ٻئي طرف خليج بنگال، ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ لتاڙي جپان جي بندرگاهن ۾ پھتو. ان کان علاوه بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) لتاڙي مصر ۽ سئيز ڪئنال ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي لنڊن ۽ لورپول، راسٽڪ (ايسٽ جرمني) جھڙن بندرگاهن ۾ جھاز کي لنگر انداز ڪيو ٿي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۾ ڪولمبو (سري لنڪا) ۽ چين جي بندرگاهن جو پڻ احوال آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ارائونڊ دي ورلڊ

مھاڳ: سنڌ جو ڪولمبس

حياتيءَ جي هن ڊگهي سفر ۾ ماڻهو هونئن ئي سيلاني آهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي حياتي محدود چڪر ۾ گهارين ٿا، جيئن اسين، گهر کان آفيس، آفيس کان گهر، وڌ ۾ وڌ موڪلن ۾ ڳوٺ يا وڏو چڪر ته سکر لاڙڪاڻو، پر ڪن جي نصيب ۾ وري سڄي دنيا آهي. جھڙا نصيب الطاف جا آهن. هر دفعي نئون سفر نامون، ملڪن جا نالا اهڙا کڻندو جو هيانءُ ڏڪيو وڃي. شروعات ئي ايئن ڪندو، ”هتان يورپ، ناروي، ڊئنمارڪ، اسپين وڃڻو آهي. ان بعد ڪئناڊا ۽ آمريڪا_ پوءِ جي خبر ناهي_ ضرور ڪجه جدي، بصري، ڪولمبو يا چٽگانگ وڃڻو پوندو_ پر اهو به شڪر جو سئيز ڪئنال کليل آهي نه ته ڇڙو آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ ۾ ويھه ڏينھن چٽ. بھرحال هينئر هتان عربي سمنڊ مان سڌي گهُت هڻندسين ته سامهون ڳاڙهو سمنڊ جنھن جي هڪ پاسي عدن، يمن، سعودي عرب ته ٻئي پاسي سومالي لئنڊ، حبش، سوڊان ۽ مصر.“ ڏٺَو. هڪ سٽ سان گهڻن ملڪن ۽ کنڊن جا نالا کڻي ويو. رعب ويھارڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين. اڃان صفحو اٿلايو ته اجهو سمونڊ شروع:
”اڄ جي ماڊرن جھاز لاءِ ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ۽ هندي وڏي سمنڊ کي ڇڏي ٻيا سڀ سمنڊ ڄڻ حوض! ڪارو سمنڊ، جپاني سمنڊ، ڏکڻچيني سمنڊ، افوسڪ سمنڊ، اڊرياٽڪ سمنڊ، بالٽڪ سمنڊ، عرفورا سمنڊ....!!“
بس بابا، اسان بس ڪئي. تنھنجي اڳين سفرنامن گهٽ ڏهڪايو هو جو هن ۾ اٿندي ئي اسان کي احساس ڪمتري ۾ متبلا ٿو ڪرين. رک ڌڻيءَ تي، تو جي اهي پار ورتا ته ڪو نه ڪو ٻيو تنھنجي ٽڪر ۽ مقابلي جو ضرور پيدا ٿيندو جيڪو توکان وڌيڪ ملڪ ۽ سمونڊ ڏسي اسان جو ته ٺھيو پر تنھنجو هيانءَ ڏڪائيندو. ڇاڪاڻ ته هاڻي گهڻن ئي انھي نوڪري جي ڪڍ مسين مسين بندر بندر، ملڪ ملڪ، سمنڊ، سمنڊ چونڊي گهر ڇڏيا آهن.
پر اهو مڃڻ مراد آهي ته الطاف جنھن وقت ۽ دور ۾ اهي ڏورانھان پنڌ ڏٺا_ ان جو افرادي پھلو ڪولمبس وانگر انهي ويلي ڳولي ڪڍيو ۽ اڄ تائين سفرنامن جھڙوڪ: منھنجو ساگر منھنجو ساحل، وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، دنيا آهي ڪاڪ محل، سمونڊ جي سيوين وغيره ذريعي سنڌي ادب جي ٻيڙي جو سفر نامن وارو سکان جهليو سڙهه اوچو ڪندو پنھنجي وطن جو جهنڊو جهولائيندو اچي. تنھن ڪري في الحال ته اسين کيس سنڌي ادب جو سڪيلڌو اڪيلو سفرنامن جو ليکڪ مڃينداسين. مھنجي نظر ۾ الطاف پنھنجي سفرنامن لکندي ٻين اردو يا انگريزي سفرنامن لکندڙن کان مختلف پي رهيو آهي جو هر هنڌ هو پنھنجي وطن جي گهٽين، گهيڙن، پاڙن پتين، شھرن ۽ ڳوٺن کي ڏورانهن شهرن جي اُچن محلن ماڙين کان اتاهون ڪيو آهي، هر هنڌ کيس پنھنجي مٽي جو هڳاءُ اچي ٿو.
هڪ هنڌ چئي ٿو، ”ڪياماڙي، چاڪيواڙو ۽ موسيٰ لين به اسان کي پڪاڊلي، ٽائيس اسڪائر ۽ گنزا کان سھڻي لڳي.“
ڪٿي ڪٿي وري اجهو هيئن لکي ٿو، ”ٽرنڍام بندرگاهه به ائين هڪ نديءَ جي ڪپر تي آهي، جيئن اسان وٽ روهڙي، ٻڍاپور، هالا پراڻا ڊڀرو (درٻيله) سمجهڻ کپي.“ خاص ڪري ڪٿي سنڌي ٿو مليس ته ٻھڪي ٿو اٿي. ٽنڊو ڄام ائگريڪلچرل ڪاليج جي ليڪچرار عبدالقادر چانگ، سنڌ يونيورسٽي (محترم الطاف شيخ حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي واري درستي ڪري) جي ساجد شيخ، هدايت الله ميمڻ، ڊاڪٽر اسلم گهلو جو ذڪر ڏاڍي حب مان ڪيو اٿس. خاص طرح جيڪب آباد ضلعي ٺلهه شھر جي مختيار مغل جي آتم ڪھاڻي، جنھن انداز سان کنئي اٿس ايئن پيو لڳي ته سندس اڪير وطن لاءِ ور ور ڪيو پئي وري. کيس ڏورانھن ملڪن ۾ رهندڙن جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي پوري ڄاڻ آهي. جنھن ڪري هيءُ سفر نامو ننڍين ڪھاڻين جي ڪڙين کي ملائيندي هڪ تحقيقي تاثر ڇڏي ٿو. پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڀرپور انداز سان پڙهندڙ تائين پُھچائڻ هڪ وڏو فن آهي. جنھن ۾ هاڻ الطاف ڀڙ ٿو ڏسجي. جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن. پر هن سفرنامي ۾ سندس نطر چوڌاري ۽ گھري آهي. هتان جو ماڻهو اتي نوڪري ڇو ٿو ڪري، ڪيئن پنھنجي جيءَ کي تڪليف ڏئي پنھنجن ٻچن لاءِ، جيڪي وطن ۾ اٿس، لاءِ ڪمائي ٿو. ڪي وري وڃن انھي نظريي سان پر وڃيو عياشيءَ ۾ پون. سندس تکي ۽ تڪڙي نظر ڪافي ڪجھه جهٽيو آهي ۽ ان کي سھڻي نموني ۾ ڇنڊي ڇاڻي هڪ هنڌ سموهيو اٿس.
مون کي ته هن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ ڳنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز لڳي. الطاف جنھن نموني پنھنجي ذهن جي اوسر ڪئي آهي ۽ مِٺ محبت، سڪ قرب ۽ حب الوطني سان ڀرجي اڳتي وڌيو آهي ان لاءِ دل مان دعائون نڪرن ٿيون ۽ وڏڙن وانگر زبان وري ٿي (الطاف جي وڏو ٿيو آهي ته اسان به هاڻي ذري گهٽ پوڙها ٿيا آهيون) ”شال جيئن سدائين، مٺو کير پيئين سدائين.“


حميد سنڌي
2 ڊسمبر87
حيدرآباد.