سئيز ڪئنال
هينئر هينئر اسان جو جھاز سئيز ڪئنال پار ڪري ٻئي طرف ٻاهر نڪتو آهي. سئيز ڪئنال، ڳاڙهي سمنڊ ۽ ميڊيٽرينن سمنڊ کي ڳنڍڻ لاءِ هٿرادو کوٽايل واءُ آهي. سندس ڊيگهه سو ميل آهي. ڪئنال جي اوڀر پاسي سنائي ريگستان آهي ۽ اولھه پاسي مصر جو سر سبز علائقو، جتان نيل ندي وهي ٿي. سنائي ريگستان اڃان اسرائيلين جي هٿ ۾ آهي پر امن قائم رکڻ لاءِ سنائي ۾، سئيز ڪئنال سان لڳو لڳ بارڊر خاطر هڪ “ بفر زون” ٺاهي وئي آهي، جتي غيرجانبدار فوجون، يو اين او طرفان، پھرين جنوري 1974ع کان پھرو ڏين ٿيون.
ڪئنال جي وچ ۾ اسماعيليه وٽ هڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ آهي جنھن ۾ پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ، قديم مصرين نيل نديءَ مان هڪ واهه کوٽي، هستائين آندو هو. اهو واهه ڪڏهن بند ٿي رهيو ته ڪڏهن کاٽي کنئي ٿي وئي. نيٺ اٺين صديءَ ۾ هميشه لاءِ بند ٿي ويو. هاڻ وري هڪ دفعو، حڪومت ان جي کوٽائي جو ڪم هٿن ۾ کنيو آهي.
سئيز ڪئنال اڄ کان سوا سؤ سال کن اڳ نومبر 1869ع ۾ کوٽجي راس ٿيو هو. افتتاح فرانس جي راڻيءَ Empress Eugenie ڪيو. ڪئنال جي کوٽائيءَ جو ڪم فرينچ ڊپلومئٽ فرڊيننڊ ڊي ليسبس شروع ڪرايو هو ۽ ان جي موڪل، تن ڏينھن جي حاڪم پاسا کان 1845ع ۾ ورتي وئي هئي. هن هڪ انٽرنيشنل ڪمپني ٺاهي ۽ ڏهه ڪروڙ ڪيوبڪ وال مٽي کوٽي ڪڍڻ لاءِ پنجويھه هزارن کان به مٿي مزورن کي کوٽائي جي ڪم تي لڳايو.
انهن ڏينھن کان ڪئنال جي ويڪر ٻه سؤ وال ۽ اونهائي اٽڪل پنجاهه فٽ آهي. پر هاڻ 1975ع کان، وري کلڻ بعد، هن جي ويڪر وڌائي 350 ڪئي پئي وڃي ۽ اونهائي 77 فٽ_ جيئن اڄڪلهه جي دور جا ماڊرن جهاز پڻ لنگهي سگهن.
سن 1965ع ۾ هي ڪئنال، مرحوم جمال عبدالناصر نئشنلائزڊ ڪيو ۽ ڪئنال جي سالياني ڪمائي اٽڪل 277 ملين ڊالر مصر کي ملڻ لڳي. 1967ع جي ڇھن ڏينھن واري لڙائي بعد هي ڪئنال نو سال کن بند رهيو پر هاڻ، سواءِ اسرائيل جي، دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ عام جام کليل آهي. بس مقرر مسواڙ ڏيو ۽ جھاز اڪرايو.
هر روز ڳاڙهي سمنڊ ۾ پورٽ توفيق بندرگاهه وٽ ٻئي طرف ميڊيٽرينن سمنڊ ۾ پورٽ سعيد بندرگاهه وٽ، دنيا جي ملڪن جا جھاز اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ روز آڌي رات تائين، جيڪي جھاز اچي ويندا آهن انهن جو قافلو ٻنهي پاسن کان ٻئي ڏينھن فجر مھل نڪرندو آهي. هر جهاز تي سئيز ڪئنال جي رستي جي ڄاڻ رکندڙ پائلٽ چڙهندوآهي جنھن جي چوڻ مطابق جھاز هلايو ويندو آهي. هر هڪ جھاز جي وچ ۾ اڌ ميل کن جي وٿي ڇڏبي آهي. سئيز ڪئنال جي وچ ڌاري ٻه ٽي ڍنڍون آهن. ٻه ننڍيون ڍنڍون: اسماعيليه ڍنڍ ۽ بحرتِ مراتل صغرا. ۽ ٽين وڏي ڍنڍ بحرتِ مراتل ڪبيرا. (Great Bitter Lake) انهن ۾ هڪ طرف کان آيل قافلو، لنگر ڪيرائي، ٻي طرف کان ايندڙ قافلي کي لنگهڻ ڏيندو آهي. سئيز ڪئنال ايترو ويڪرو ناهي جو آمهون سامهون ايندڙ جھاز، جتان ڪٿان لنگهي سگهن. سڄي ڪئنال ٽپڻ ۾ تيرهن چوڏهن ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ڪٿي بيھڻو پوي ٿو ۽ ڪٿي تمام آهستي هلڻو پوي ٿو. اڄ ڪلهه سؤ کن جهاز روزانو لنگهن ٿا پر ڪئنال جي وڌيڪ ويڪري ٿيڻ کانپوءِ وڏا جھاز ۽ ٽئنڪر به لنگهي سگهندا.
سئيز ڪئنال مان لنگهڻ وقت
جھاز جو قافلو هلڻ کان اڳ، هر جھاز کي سئيز ڪئنال مان هلڻ لائق بنايو ويندو آهي. هڪ ته جھاز لاءِ پائلٽ هجڻ ضروري آهي، جنھن لاءِ ۽ ٻين ڳالهين لاءِ، مصري بندرگاهه اٿارٽي، الڳ پئسا وٺندي آهي. سئيز ڪئنال لاءِ ٻه کن اليڪٽريشن پڻ چڙهندا آهن. جي جھاز جي يا پاڻ سان آندل سرچ لائيٽ، جھاز جي منھن وٽ جهلي وهندا آهن، جيئن رات جو چڱي طرح نظر اچي. هر جهاز تي ٻه ننڍيون ڪاٺ جون ٻيڙيون (چپوءَ تي هلندڙ)، چاڙهيون وينديون آهن، جيئن متان ڪئنال ۾ ڪو جھاز خراب ٿي پوي ۽ پوين جو رستو بند ڪري ته اهي ٻيڙين وارا ٻيڙيون هيٺ لاهي، جھاز جا رسا، ڪئنال جي ڪپرن تي ٺھيل ڪلن ۾ ٻڌي سگهن. جيئن جھاز وچ تان نڪري پاسي تي بيھي ۽ ٻين جھازن جي لنگهه ۾ رڪاوٽ نه ڪري. پر اهڙي ڳالهه، ڪا ورلي هفتن بعد، ڪڏهن ڪنھن هڪ اڌجھاز سان ٿيندي هوندي، نه ته بقول جھازين جي انهن ٻيڙين وارن مصرين جي نوڪري ڪي ۽ واهه جي آهي.
جھاز جي ڪرينن رستي سندن ٻيڙيون ۽ کين، مٿي چاڙهيو ويندو آهي. مٿي چڙهڻ سان، مانيءَ جو وقت هوندو ته جهاز جي ماني کائي، لت کوڙي سمهي رهندا آهن. ڪلاڪ ٻه ننڊ ڪري پوءِ آرام سان اٿندا. پاڻ سان آندل وڪڻڻ جو سامان: اُٺ جي کلن جا گاديلا، تسبيون، قديم مصري راڻي نفرتيتي جا پُتلا، نيل ڪٽر، چمڙي جا ٻٽون (جن تي پرئمنڊ ٽڪيل هوندو آهي يا قديم تصويرن جو نقل)، اگهاڙن فوٽن جا ڪارڊ، پلاسٽڪ جا ردي هار ۽ منڊيون، لفافا ٽڪليون، ڪتل وغيره ٻيڙين مان ڪڍي، جھاز جي هڪ ڪنڊ ۾ ، مصر جي بازار لڳائيندا آهن . ۽ بسم الله ته اهڙي اگهه سان ڪندا جو ٻڌڻ وارو جيڪر بيھوش ٿي وڃي، پر پوءِ ايندڙ ويندڙ خلاصي ۽ آفيسر، سندن وکر کي چڱي طرح ڏسي، ساڻن قيمت جي والي بال ڪندا آهن.
هو ان خوش فھميءَ ۾ ته جھازين وٽ پئسو کوڙ آهي، انهن مان ڪڍجي ۽ جھازي_ جيڪو هر وقت سستي جي ڳولا ۾ رهندو آهي، اهو اها ئي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪو چوريءَ جو مال يا ڪنھن لاوارث جو سامان سستو وڪامي ته سودو چڪائجي. خير ڪڏهن ڪڏهن ٿورو سامان وڪامين ته ڪڏهن گهڻو. پوءِ ڪجهه سامان ڊالرن پائونڊن ۾ ته ڪجهه سگريٽن، صابڻ وغيره جي بدلي ۾، بارٽر پڻ ڪن. آمريڪن جھازن تي چڱو سامان وڪامين ٿو_ خاص ڪري چمڙي ۽ پتل جا سووينيئر ۽ ٻيون مصري سوکڙيون.
مٿين ٻيڙي وارن چئن همراهن مان هڪ يا ٻه ڄڻا وري جھاز جي چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ انجنير کان ٿورو گهڻو رنگ روغن پِني، اچي پنھنجي ٻيڙيءَ کي هڻندا آهن. پر جي ويجهڙائي ۾ ان کي رنگ هڻي چڪا هوندا آهن ته پوءِ صابڻ سان ڌوئي چلڪائين ۽ رنگ وڪڻڻ لاءِ گڏ ڪري رکن.
هن دفعي ته ساڻن اهڙي بدقمستي ٿي جو اڃان ڪلاڪ اڌ ننڊ جو ڪو مس ڪيو هوندائون ته اسان جي اڳيان وارو جھاز خراب ٿي پيو ۽ احتياط خاطر، اسان جي پائلٽ کين به جاڳائي چيو ته جلدي ڪريو. ٻيڙيون هيٺ لاهي اڳين جي مدد ڪريو. منھن ڦلڙو ڪري، دل ئي دل ۾ گاريون ڏيندا، ٻيڙين سوڌا هلندڙ جھاز مان هيٺ لٿا. اڳين ته پنھنجي جھاز کي پاسيرو ڪري ٻڌي ورتو ۽ ان جھاز کان اسان گهڻو اڳيان ٽپي وياسين، پر پائلٽ ۽ ڪئپٽن، کين چيوته ٻيلي هاڻ هيٺ ئي جھاز جي رسي کي جهلي، هلندا اچو. ٿي سگهي ٿو وري اڳتي ڪجهه ٿئي. بس پوءِ ته سندن حالت ڏسڻ وٽان هئي. ڪچي ننڊ مان اٿي ويل، منھن به نه ڌوئي سگهيا. هر ٻيڙيءَ جو هڪ همراهه جھاز جي رسي کي سوگهو جهلي ويٺو_ جيڪو ڇڏائڻ تي ٻيڙيءَ سوڌا پٺيان هليا وڃن ۽ پوءِ اسان جي جھاز تائين پھچي به نه سگهن. ٻيو همراهه Rudder جي ڳَن ۾ ٻئي هٿ وجهي سڌو ڪندو رهيو ۽ ٽيون ٻيڙيءَ جي چپن کي قابو ڪري ويٺو ته متان ٻيڙيءَ مان ڪري پيا ته جھاز جي الوداع کان پوءِ ٻيڙي ڪيئن هلندي. جھاز جي تکي رفتار سان گڏ ڄڻ Water-Skiing ڪري رهيا هجن. ٻه چار ڪلاڪ ريگستاني ڪاڙهي ۾ گاريون ڏيندا رهيا، پوءِ کين ڊيرڪ ذريعي مٿي جھاز تي چاڙهيوسين. جھاز جي ڊيڪ تي پھچڻ سان، فنا ٿي ڪري پيا. پر پوءِ ڏاڍي ماني بيضا کائي ڏنڊم ٿي، دڪان کولڻ لڳا. جهاز تي سامان کڻڻ لاءِ جيڪا ننڍي ڪرين ٿئي ٿي، اها ڊيرڪ سڏجي ٿي.
• جھازين کي تنگ ڪرڻ
مصري ماڻهو، سڀ کان وڌيڪ بيزار، سئيز ڪئنال اڪرڻ وقت، پورٽ توفيق ۽ پورٽ سعيد ۾ ڪن ٿا. ننڍين ٻيڙين، لانچن ۽ اسپيڊ بوٽن ۾ جھاز وٽ اچي، جھاز تي چڙهي پوندا. پوءِ ”يا رفيق بزنيس!“ چوندا رهندا. هڪ هڪ کي ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ چوندا يا ڪجهه وڪڻڻ لاءِ. ڪيترا چوريءَ جا به واقعا ٿيا آهن. يورپ وارا جھازي ته منجهائن ڏاڍا بيزار آهن ۽ کين جھاز تي مٿي چڙهڻ نه ڏيندا. اسان به فقط جهاز جو ايجنٽ يا لوڪل آفيس جو ڪو ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ ايندو آهي ته چڙهڻ ڏيندا آهيونس. نه ته ٻين کي گئنگ وي (ڏاڪڻ) تان ئي موٽائيندا آهيون. پوءِ گهڻو ئي پيا چونداآهن ته، ”يا رفيق! يو مسلم. مي مسلم.“ ڪڏهن ته عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڳاٽي ٽوڙ گاريون به ڏيندا آهن. خاص ڪري جھاز تي چڙهڻ کانپوءِ هيٺ لھڻ تي اهڙي گهوپي ڪندا جو بس. جھاز جو سُکاڻي_ جنھن جي بندرگاهه ۾ يا ائنڪريج تي گئنگ وي (ڏاڪڻ) وٽ ڊيوٽي ٿئي؛ کي اها خبر نه پوندي آهي ته هيترن ۾ ڪھڙو اسان جو ايجنٽ يا آفيس جو ماڻهو آهي؟ هر مصري ٻيڙيءَ وارو، ايجنٽ يا آفيس جي ماڻهوءَ جو ڏيک ڏيڻ لاءِ بريف ڪيس ۽ فائيل هٿ ۾ کڻي مٿي چڙهندو ۽ چوندو ته توهان جي آفيس جو ماڻهو آهيان. ڪو جھازي دريءِ مان منھن ڪڍي پڇندس: Any Mail? ڪو خط پٽ اسان جو آندو اٿئي. ته ان کي به راضي ڪرڻ لاءِ وڏي هائوڪار ڪندو. پوءِ ڏاڪڻ ٽپي جھاز جي ڊيڪ يا Crew Accommodation ۾ پھچڻ سان واپار شروع ڪندو. پوتڙي مان ڪتل يا پتل جا رانديڪا ڪڍي وڪڻڻ لڳندو. ۽ پٺيان ڪوٻيو ”حلوا ملوا_ تربوز“ جا هوڪا ڏيندو چڙهندو. هڪ کي هيٺ لاهبو ئي ڪونه ته ايتري ۾ ٻي ٻيڙي هارن وڄائيندي اچي گئنگ وي سان لڳندي. منجهس ٽيڪ ڏئي ويٺل همراهه وڏي لانڍ سان ”اسلام عليڪم_ يا رفيق!“ چئي اهو محسوس ڪرائيندو ته پاڻ سڀ مسلمان آهيون. اهي جَهلون پَلون ۽ پابنديون وري ڇاجيون.
آئون اهو سوچي رهيو هوس ته اسان سان ته اسلام عليڪم چئي هجت ٿا ڪن، پر ٻين ملڪن جي جھازين سان ڪھڙو سنڱ ڇڪيندا هوندا! ايتري ۾ هڪ ٻيڙي اچي اسان جي جهاز جي ڏاڪڻ سان لڳي ۽ اسان جي جھاز کي ”پاروتي“ (هندستاني جھاز جيڪو پٺيان بيٺو هو) سمجهي، ڊيڪ تي بيٺل خلاصين کي هندن وانگر هٿ ٻڌي وڏي واڪ ٿو چوي ”نمستي! رام رام!“ پوءِ جڏهن خلاصي وٺي کليا ته شڪي ٿي، غلطي محسوس ڪري، چيائين: ”نو. نو. انڊين نو گڊ. جيوز نو گڊ. پاڪستاني گڊ. ائني بزنيس؟“
هڪ همراهه چرچو ڪري چيس ته ٻين کي ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارا، يھودين نالي هاڻ ته ائين نه چئه. تنھنجو انور سادات بارڊر جي هن پاسي اسرائيل جي بئگن سان ”امن“ جون ڳالهيون پيو ڪري ۽ تون هليو آهين ڪنڊا پوکڻ. سکاڻيءَ جڏهن کيس به ڀڄائي ڇڏيو ته يونيفارم پاتل سکاڻيءَ کي ڪئپٽن سمجهي، ڊيڪ تي بيٺل جھازين کي چيو: ”يوئر ڪئپٽن نوگڊ. يوئر ڪئپٽن، سن آف بچ. يوئر ڪئپٽن جيو اينڊ سن آف جيو..“ ۽ ان وقت جھاز جو پوڙهو ڪئپٽن، انهن ڳالهين کان بي خبر پنھنجي ڪئبن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهيو هو.
هڪ ٻيڙيءَ وارو مصري همراهه، جھاز جي ڏاڪڻ تي ته اسان کي يا سکاڻيءَ کي گاريون ڏئي نه سگهيو، پر پوءِ پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ واپس ويھي، ڏاڍي مزي سان اڙدوءَ ۾ جملو ٺاهي، اسان کي آسيس ڏيڻ لڳو:
”انشاء الله تعاليٰ_ تم سڀ لوگ_ مر جائيگا.“ ان سان گڏ پنھنجي هٿ کي گُڪو ڪري، سمنڊ ڏي اشارو ٿي ڪيو_يعني مرندائو ته سھي پر ٻڏي مرندائو.
هڪڙو همراهه لفافا ۽ ٽڪليون وڪڻڻ لاءِ جھاز تي چڙهي به آيو هو. کانئس جلدي جلدي گئنگ وي وٽ ئي سڀني ٽڪليون ورتيون. چيائين ته پاڪستان لاءِ چاليھه مصري سينٽن جون ٽڪليون لڳنديون. جنھن جو اڌ ڊالر ٿو ٿئي پر سڄو ڊالر_ يعني ڏهه رپيا وٺندس. جھاز جي ڪيترن ئي ماڻهن ان اگهه تي به ورتيون ۽ خط لکڻ ۾ لڳي ويا. ٻئي ڏينھن ڪئنال ٽپڻ کان ٿورو اڳ، پورٽ توفيق مان چڙهيل اليڪٽريشن کي ڪجهه خط ڏنم ته پوسٽ ڪري. (ڪجهه ته ان ٽڪلين واري کي ان وقت ئي ڏئي چڪو هوس.)
اليڪٽريشن ”ابراهيم رشيد“ پڙهيل ڳڙهيل کڻي ٿورو هو پر سٺي خاندان سان تعلق ٿي رکيائين. عمر جو ٻاويھن، ٽيويھن سالن جو ٿيندو. خط مون کان وٺي، ان تي لڳل ٽڪليون ڏسي چوڻ لڳو: ”چيف انجنيئر صاحب! توهان هن تي تمام گهٽ ٽڪليون لڳايون آهن.“
”مون کي ته خبر ناهي پر ڪالهه هڪ ٻيڙيءَ واري کان اسان سڀني ڊالر ڊالر جي حساب سان ورتيون.“ مون ٻڌايومانس.
مٿي تي هٿ هڻي، ٿڌا شوڪارا ڀري، ٻيڙيءَ واري کي گاريون ڏنائين. پوءِ افسوس جو اظھار ڪندي چوڻ لڳو: ”سائين ھھڙن جاهل ماڻهن اسان جي ملڪ مصر کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جڏهن سڀني جا خط، گهٽ ٽڪلين جي ڪري پوسٽ آفيس وارا ڦاڙي ڇڏيندا ۽ منزل تي نه پھچندا ته لکندڙ سڄي عمر مصرين کي گاريون ڏيندا.“ سندس پڇتاءُ ۾ ڏاڍو درد هو. مون کانئس وڌيڪ ٽڪليون خريد ڪري لفافن تي هنيون.