الطاف شيخ ڪارنر

ارائونڊ دي ورلڊ

الطاف شيخ جو هي ڪِتاب سندس شروع جي ڪجهه ڊگهن سامونڊي سفرن جو آهي جيڪي هن ڪراچيءَ کان ڊئنمارڪ ۽ ناروي تائين ۽ عربي سمنڊ، هندي وڏو سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبئن سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي بندرگاهن بالٽيمور، نيويارڪ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي پھتو. ۽ ٻئي طرف خليج بنگال، ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ لتاڙي جپان جي بندرگاهن ۾ پھتو. ان کان علاوه بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) لتاڙي مصر ۽ سئيز ڪئنال ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي لنڊن ۽ لورپول، راسٽڪ (ايسٽ جرمني) جھڙن بندرگاهن ۾ جھاز کي لنگر انداز ڪيو ٿي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۾ ڪولمبو (سري لنڪا) ۽ چين جي بندرگاهن جو پڻ احوال آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ارائونڊ دي ورلڊ

ٽرنڍام_ ناروي

• مختيار جون مزيدار ڳالهيون

ناروي ۾ رهندڙ، هڪ جيڪب آباد پاسي جي همراهه کان ڏاڍو متاثر ٿيس. آخري ڏينھن، جڏهن ناروي کان Sailڪرڻ جي تياري ۾ هئاسين ته هن سان ملاقات ٿي.
وهنجي سھنجي، بيڊ روم مان ڪپڙا مٽائي، آفس ۾ اچي ويٺس. ڪئپٽن کان فون تي Sailing جي خبرچار ورتم ۽ انجڻ جي تياريءَ لاءِ سيڪنڊ انجنيئر کي ٻڌائي رهيو هوس ته سئلون بئاءِ اچي ٻڌايو ته هيٺ هڪ جيڪب آباد جو همراهه ويٺو آهي، توهان وٽ اچڻ چاهي ٿو. مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ته سڄي دنيا جو، گذريل ٻارهن تيرهن سالن کان، سفر ڪري رهيو آهيان_ بلڪ رُلي رهيو آهيان، پر هي پھريون موقعو آهي جو جيڪب آباد ضلعي جو ڪو همراهه ولايت ۾ ملي رهيو آهي. ٺٽي ۽ دادو جھڙن ڏتڙيل ضلعن جا غريب مزدور سڄي عرب دنيا ۾ پکڙيا پيا آهن: بندرگاهن تي، رستن ۽ عمارتن ٺاهڻ تي، حجامڪي کان سونارڪي ڌنڌي تائين. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، خيرپور، سکر پاسي جا شاگرد ۽ نوڪرين وارا به ڪيترا آمريڪا کان وٺي يورپ،انگلنڊ، ويندي جپان تائين، ٿورا يا گهڻا نظر اچن ٿا. پر هي پھريون همراهه جيڪب آباد جو سو به ناروي_ جيڪو يورپ جو ٿرپارڪر سمجهڻ کپي، ۾ ملي رهيو آهي.
اڳئين دفعي ناروي ۾ آيو هوس ته ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر ڪاليج جو هڪ ليڪچرار عبدالقادر چانگ مليو هو جو ڇھن مھنن جي ٽريننگ بعد واپس وڃي چڪو هوندو ۽ ٻي حيدرآباد يونيورسٽي جي ساجده شيخ ڪيمسٽري جي اعليٰ تعليم لاءِ هتي آيل هئي. تڏهن ته ڪنھن به هن جي ڳالهه نه ڪئي، شايد تازو آيل هجي.
۽ جڏهن جيڪب آباد ضلعي جي ٺلهه شھر جو مختيار مغل مليو ته هن ٻڌايو ”جڏهن به پاڪستاني جھاز اچي هلي ويندو آهي تڏهن مون کي سڀ يار ٻڌائيندا آهن، مون کي ته هتي آئي به ٽي سال ٿي ويا آهن. منھنجو مامو ۽ سندس فئملي ته ان کان به اڳ جا آيل آهن. مون ته جھاز (Ship) ئي اڄ پھريون دفعو ڏٺو آهي. در اصل آئون سڀني کان الڳ ٿلڳ پري رهان ٿو. هفتي جا ڇھه ڏينھن، گڏهه وانگر، هتي ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ آچر جي ڏينھن، موڪل ۾ گهر جي صفائي، ڀاڄي ڀُتي، سڀ ڪجهه هفتي لاءِ، پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. تڏهن وڃيو ٿي ڪجهه بچت ٿئي.“
ناروي ۾ جيڪي به سوين مزور پيشه پاڪستاني نوجوان مليا، انهن ۾ هي همراهه سچار ۽ زبردست حقيقت پسند هو. اجائي لٻاڙ، ڪوڙي لئه ۽ کوکلي وڏائي نسورو نه هيس. پاڻ ٻڌايائين: ”سائين مان پنھنجي ڳوٺ ٺلهه ۾ پرائمري اسڪول جو ماستر هوس. نو سال گذري ويا جو سو کن رپيا به بچائي نه سگهيس. اهو ئي سوچيندورهيس ته نه گهر ٺھرائي سگهيو آهيان نه ڪا بچت ڪئي اٿم. اڳتي هلي ٻارن جي پڙهائي، پنھنجي ۽ مائٽن جي اگهائي سگهائي رسم و رواج تي ايندڙ خرچ پکو ڪٿان آڻيندس. مان تمام گهڻو حساس آهيان ۽ هر وقت اهي خيال منھنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪندا رهندا هئا.
”منھنجو مامو اڳھين هتي ناروي ۾ هو، هو پنجاب پاسي جو آهي. تنھن چيو : ”تڪليف آهي جو پورهيو ڪرڻو پوندو. سيءَ به ٻارهوئي سخت رهي ٿو. سياري جا ڪجهه مھينا ته سج بلڪل نظر نٿو اچي، اوندهه ۽ برف باري لڳي رهي ٿي. گهڻو پڙهيل به نه آهين. بھرحال همٿ جي ڪري سگهين ته آمنا صدقنا. الله جو نالو وٺي هليو اچ!“ ۽ آئون هليو آيس. انهن ڏينھن ۾ هتي ناروي ۾ حالتون بھتر هيون. جلدي رهائش ۽ نوڪري ملي وئي. اڄڪلهه وارو گند ۽ بدنامي مور نه هئي، ڀاڳ ڀلا هيم. دل ۾ اچي ويو جو اچي هتان نڪتس. پھرين هتي سٺي نوڪري نه ملي. بس سمجهه ’آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ کان به ڏکيو حال هو. پر پوءِ اسان به پئي ڳن ڏنا. ڦاٿي ته ڦٿڪڻ وري ڪھڙو. هاڻ مڙيئي چڱي نوڪري آهي. هتي جي حساب سان ته ان کي به سٺو يا چڱو نٿو چئي سگهجي، جنھن ڪارخاني لاءِ هي جيڪو توهان ’ڪارگو‘ : گُوار، کڙ ۽ سڪل مڇيءَ جو ٻورو آندو آهي، ان فئڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهيان. هتي برف باري ڪري پوک نه برابر ٿئي ٿي. هي ماڻهو پاڪستان، هندستان ۽ ٻين ڏورانھن ملڪن کان ان قسم جو سامان سستي اگهه ۾ گهرائين، جنھن جو پاڻ وٽ گهڻو قدر ناهي. پوءِ هي دماغ کي استعمال ڪري، سائنسي اصولن تي انهن ۽ ٻين شين ۽ گاهن کي ملائي پنھنجي ڍڳين، گهوڙن، ڪڪڙن لاءِ چارو ۽ داڻو ٺاهين ٿا ۽ ٻاهر به ايڪسپورٽ ڪن ٿا. ان کان علاوه دوائون پڻ ان مان ٺاهين. ڍڳيون وري آسٽريليا کان گهرائيندا آهن. پوءِ اسان وانگر مال کي گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ پھرائڻ بدران هڪ ئي هنڌ وڏن وٿاڻن ۾ رکن. مشينن سان هنن جي مالش ڪن. کير هنن جو اهڙو ته سٺو ٿئي جو ڇا ڳالهه ڪجي. يورپ جي ته ڪيترن ملڪن ۾ تازو کير هومو جينائيزڊ ۽ پئسچورائيزڊ ڪري موڪلين پر ايشيا ۽ عرب ملڪن ڏي به پائوڊر جي شڪل ۾ موڪلين.“

• ناروي جا پگهار ۽ خرچ

”آئون جنھن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو آهيان،“ مختيار ٻڌايو، ”اها وهٽن لاءِ ڏارو ٺاهيندي آهي. اتي مون کي ڪلاڪ جي حساب سان ويهه ڪرونا_ يعني پنھنجا چاليهه رپيا پگهار ملي ٿو. روز اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، سو ٿيا ٽي سو ويھه رپيا. سڄي مھيني ۾ اوورٽائيم ملائي ڪڏهن ڪڏهن ڏهه يارهن هزار رپيا ٿيو وڃن. هتي ٽئڪس تمام ڳرو، ضروري ۽ سڀني لاءِ آهي، جو پوءِ نوڪري جي نه هجڻ جي حالت ۾ سرڪار بي روزگار کي هر هفتي خرچ پکي لاءِ پئسا ڏئي ٿي. جيئن هو چوري يا اوڌر وٺڻ بنا، گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ جون بنيادي شيون؛ اٽو، لٽو ۽ اجهو حاصل ڪري سگهي. بيماريءَ ۾ به، نه فقط مفت علاج ٿئي ٿو پر انهن ڏينھن جو پگهار به ملي ٿو. باقي ٻي هتي هر شيءِ مھانگي آهي. کاڌو پيتو، گندي ڪپڙو_ ۽ جيڪڏهن ڪو شراب يا سگريٽ جو ٻاڙي آهي ته ان لاءِ ته نسورو ئي عذاب آهي. عام سگريٽ جو پاڪيٽ به پنجويھن روپين کان گهٽ ناهي. رڳو بيئر جو گلاس، عام هوٽلن ۾، ٽيھين رپئي آهي. پوءِ اهڙي جي بچت ڪيئن ٿيندي. هتي جا رهاڪو نارويجن ته بچت مان ڄاڻنڪونه، جو هو ڪنھن لاءِ بچائين؟ مائٽن توڙي ٻارن کي پيو سرڪار طرفان ملي. سو اهي ڀلي عيش ڪن. پر اسان ماڻهو ته هتي فقط پاڻ لاءِ نه آيا آهيون، پر اسان هڪ مقصد ڪارڻ آيا آهيون، جيئن پورهيو ڪري بچت ڪري پنھنجي والدين ۽ اولاد کي اسان پاڻ کان وڌيڪ سکيو ۽ بھتر شھري بڻائي سگهون. پر افسوس جو هتي رهندڙ اسان جا ڀائر اها ڳالهه سمجهن ئي نٿا. هڙ خرچيو، ڦڪڙ ٿيو ويٺا آهن. چي هي ولائت آهي، هتي به عيش نه ڪبو ته ٻيو ڀلا ڪٿي ڪبو!
”ڪيترا هتي، هاڻ ورچي به پيا آهن جو ڏينھون ڏينھن اسان لاءِ حالتون ڏکيون ٿينديون وڃن، پر واپس رڳو ان ڊپ کان نٿا وڃن جو پنھنجن مائٽن مٽن ۽ دوستن يارن کي رڳو ڪوڙ لکيا اٿن ته اسان هتي هھڙي لئه ۾ آهيون، هيڏو پگهار اٿئون. ظاهر آهي ته هو اهي اميدون رکي ويٺا هوندا ته اسان جو ”هيرو“ ولائت ۾ الائي ڇا آهي. ڪا وڏي ڳالهه آهي. اها خبر ئي نه ته اهو ٺڪر ٿيو پيو وقت گذاري ۽ سالن کان رولاڪن وانگر رلندو رهي. ان رد عمل کان اسان جو همراهه به چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته لئه خراب ٿي ويندي. ماڳھين جو پيئڻ، سڄي سڄي رات شراب خانن ۽ بارن ۾ گذارڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهي ويٺو آهي، سو ڪٿي ٿو هن کي پنھنجي ملڪ موٽڻ ۾ مزو اچي. هاڻ ته ملڪ ۾ ميخانن سان گڏ مي تي به بندش پئي آهي سو مني بيگم جي رڪارڊ:
اس کے پیتے ہی طبیعت میں روانی آئے
پینے والے تجھے آ جائے گا پینے کا مزا۔
اُس کے ہر گھونٹ میں ہے پوشیدہ جینے کا مزا
جام اٹھا لے۔ منہ سے لگا لے،

بدران، صابري قوال جووڄي رهيو هوندو:

۔۔۔۔ پینے والے یہ حقیقت ہے کہ نادان ہے تو
آج سے چھوڑ دے پینا جو مسلمان ہے تو
شیشہ ساگر توڑ دے پیارے۔۔۔۔۔وغيره.

”هونءَآئون مڃان ٿو ته اسان ڌارين پورهيتن جو هتي ناروي ۾ گهڻو پگهار ناهي. جيئن منھنجو ٽئڪس ڪٽجڻ کانپوءِ ست اٺ هزار رپيا هٿ ۾ ملي ٿو، جيڪو هتي جي حساب سان گهڻو ناهي، پر ساڳي وقت اسان جھڙن غريب ملڪن جي رهاڪن لاءِ جن جون گهرجون، سَڌون ۽ ضرورتون غريباڻيون آهن، تن لاءِ ته گهڻو ئي ٿيو. آئون هر مھيني انهن مان هزار رپيا زال کي موڪليان ٿو. پنج سئو رپيا امان بابا ڏي، باقيءَ مان سگريٽ شراب جھڙا شوق نه ڪري سگهندو آهيان، پر کاڌو پيتو، ڀاڙو ڀتو، جاءِ جي مسواڙ، لائيٽ، پاڻيءَ جو بل ڏيڻ بعد به ڪجهه بچت ٿيو وڃي_ جنھن مان ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ڳوٺان به ٿي آيو آهيان. اڌ لک رپين جي، پاڪستان ۾ ڪچي پڪي جاءِ به ورتي اٿئون ۽ هاڻ زال ۽ ٻارن کي ٻئي مھني هتي گهرايان پيو ۽ پوءِ اڃان به بچت ٿي ويندي، جو ناروي جي حڪومت شادي شده همراهه کي پگهار به گهڻو ڏئي ٿي، جاءِ لاءِ قرض، ٻارن جي پڙهائي ۽ سندن دوا درمل پڻ مفت آهي. هڪ جاءِ هتي ناروي ۾ هڪ لک رپين واري ڏٺي اٿم، جنھن لاءِ منھنجي ڪمپنيءَ کان قرض منظور ڪرايو آهي ۽ ڪجهه سرڪار به مدد ڏيندي. ڪمپني اهو قرض هڪ هزار رپيا ماهوار قسط تي وٺندي، جيئن مون کي موٽائڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.“

• ڇا ناروي Sex فري ملڪ آهي!؟

مختيار لڳاتار پنھنجيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. رات جي مانيءَ جو وقت به اچي ٿيو. هيٺ ڊائننگ هال ۾ وڃڻ بدران ماني مٿي ڪئبن ۾ گهرائي کاڌيسين. ان دوران هن اهو به ضروري نه سمجهيو ته مون کان اهو پڇي ته ڪٿي جو آهيان. مون کي سندس ڳالهين ۾ مزو اچي رهيو هو. نيٺ ماني کائيندي کيس خيال اچي ويو، سو ڏاڍو لڄي ٿي پڇيائين: ”سائين توهان ڪٿي جا آهيو. اهو ته توهان ٻڌايو ڪونه. يار اسان جو ڳوٺ ته اهڙو مشھور ناهي ۽ پڪ اٿم ته ”ٺلهه“ جو نالو ئي نه ٻڌو هوندانوَ.“
کيس ٻڌايم ته اهڙي ڳالهه ناهي. ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سنڌي فرمائش ۽ سنڌي اخبارن ۾ ’اوهان جي ٽپال‘ ڪالم باقاعدگيءَ سان پڙهندو آهيان، سو نه فقط تنھنجي ڳوٺ ٺلهه کان پر ڌنڱاڻو بوزدار، ڇلگريون، چوهڙ جمالي، پيچوها، ٻٻرلوءِ، جهٽ پٽ جھڙن ڳوٺن کان به واقف آهيان، ۽ ساڳي وقت تنھنجي ناروي جي اترادي ڳوٺن: تانو، وادسا، ناروڪ کان وٺي لاڙي ڳوٺن: دالتين، ڪانگس ونگر، ڪرسٽين سئنڊ تائين ڄاڻ اٿم، جو اتي جا ماڻهو وري ڳالهه ڳالهه تي Time ۽ نيوز ويڪ رسالن ۾ خط لکڻ جا شوقين آهن.“
مختيار کي چيم،”يار هڪ ڳالهه ته ٻڌ. هتي جيڪي به اسان جا جوان اچن ٿا سي پھريون ڇوڪرين جي قصي کان وٺي بيھن ٿا ته وڃي ان جي ئي ذڪر تي خاتمو ڪن ٿا. پر توکي ٻه ٽي ڪلاڪ ٿي ويا آهن پر اهي خبرون ماڳھين سينسر ڪيو ويٺو آهين. توهان جي اسڪينڊينيون ملڪن: ڊئنمارڪ، سويڊن ۽ ناروي لاءِ ته چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اتي Sex Freedom آهي. ايتريقدر جو هڪ ڪارٽون ڏٺو هوم ته ڪو ڌاريون سئيڊن ايئرپورٽ تي پھچڻ سان معلومات واري ڊيسڪ ڏي، جيئن ئي وڌي ٿو ته هن کي اتي به اگهاڙي ڪلرڪ ڇوڪري نظر اچي ٿي. ان بابت تنھنجي ڇا راءِ آهي؟“
”نه ادا اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي. اهو ائين آهي جيئن ڪو پاڪستان ۾ اچي فقط لاهور جي انارڪلي ۽ ڪراچيءَ جو نيپئر روڊ جو چڪر هڻي سڄي ملڪ بابت خراب اثر وٺي. يا ڪو نيويارڪ جي فقط فارٽي سيڪنڊ گهٽي ڏسي، سڄي آمريڪا جي ماڻهن کي اهڙو سمجهي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هنن ملڪن ۾ ڇوڪرين کي سماجي ۽ جنسي آزادي آهي. بنا شاديءَ جي ٻار ڄڻڻ به خراب نٿو سمجهيو وڃي. ڪتاب ۽ رسالا به هر قسم جا ڇپجن ٿا، پر اهي تمام محدود دائري اندر. فقط ويران گهٽين جي الڳ ٿلڳ دڪانن تي اهڙا اگهاڙا فوٽو۽ ڪتاب ملندا. پر ڏٺو وائٺو رکڻ کي هرڪو خراب سمجهي ٿو ۽ سوسائٽيءَ جو فقط هڪ خاص حصو، جيڪو ذهني طرح پست سمجهيووڃي ٿو، ان جي پٺڀرائي ڪري ٿو. نه ته ٻين ملڪن کي بيوقوف بڻائي، ان قسم جي لٽريچر مان فارين ايڪسچينج ئي ڪمائي وڃي ٿي. Sex جي آزادي آهي پر هتي جون ڇوڪريون، ٿائلنڊ، ڪوريا، انڊونيشيا جھڙن غريب ملڪن جي ڇوڪرين وانگر پئسي جون به بکيون نه آهن، جن اڳيان هرڪو ٽِلُو ٽوپڻ هڏي اڇلي، کين پنھنجو ڪري سگهي. هتي جون ڇوڪريون چاهي نوڪريءَ ۾ نه هجن تڏهن به هنن کي سرڪاري ٻڌل پگهار گهر ويٺي ملي ٿو، جو هتي لٽي ۽ اجهي جوذمو سرڪار تي آهي. باقي رهيو دل لڳڻ جو سوال، سو ته اسان وٽ به ستن ڪوٽن ۾ رهندڙ ڇوڪريءَ جي ڪنھن سان لڳي سگهي ٿي. هنن جا پنھنجا ناروي جا ڇوڪرا ڇا گهٽ آهن_ اسان کان وڌيڪ سھڻا ۽ صحتمند آهن. پوءِ ڇو هو ڌارين پٺيان لڳن. باقي اهي سڀ ڪوڙيون ڳالهيون آهن ۽ اسان جي غلط فھمي آهي، جيڪا اسان پاڪستان، هندستان، سلون، بنگلاديش جا پنھنجي وطن، دوستن کي لکندا رهندا آهيون ته هتي جون ڇوڪريون اسان جي ڪارن وارن تي مرن ٿيون، يا اسان ۾ Sex-power وڌيڪ آهي يا هندو مئٿالاجي جا اسان کي سڀ آسڻ اچن ٿا، وغيره. اهي سڀ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون سوين سالن کان، دنيا جون رنڊيون، هند سنڌ جي هٿ ٺوڪين راجائن، مھاراجائن، نوابن، وڏيرن، رئيسن کي ٻڌائي غريب عوام جو پئسو منجهائن ڇڪينديون رهيون. ۽ هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي اهو ساڳيو عالم، پئسي جي اچڻ ڪري عربن سان ٿي رهيو آهي. ڇا Sex-Power ڪو Political Power آهي جو جاگرافيءَ جون منزلون طئي ڪندو Shiftٿيندو رهي ٿو!
”بھرحال مون کي هتي ناروي ۾ ٽي سال ٿي ويا آهن پر ڪنھن به ڇوڪريءَ دوستي نه رکي آهي، جيتوڻيڪ گهڻن کان سھڻو ۽ سگهارو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون ڪوشش به نه ڪئي آهي ۽ نه انهن شوبازين جو شوقين آهيان. پر هتي ٻيا جيڪي سڄو ڏينھن پيا نوس نوس ڪن، تن کي به هتي جون کنگهن ئي ڪونه ٿيون. ويتر اسان جي ماڻهن خون، زوري زنائون ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي ڌتاري غلط راهه تي آندو آهي ته انهن ڳالهين ماڳھين نفرت پيدا ڪري وڌي آهي. اهي سڀ، جيڪي هتي اچي پنھنجن ڳوٺن ڏي ڪوڙيون ٻٽاڪون لکن ٿا، تن سان هتي جي نارويجن ڇوڪري ته ورلي ڪا سنگت رکڻ چاهي ٿي_ جو هي سياڻيون ٿي ويون آهن. باقي پاڪستان کان ايندڙ دوشيزه ۽ ٻيا ان جھڙن رسالن پڙهڻ واريون اٻوجهه ڇوڪريون، ”آسماني اکين واري شھزادي،“ دور دنيا ۾ رهندڙ اجنبي، جيڪو منھنجون معصوم خواهشون پوريون ڪري“، ”ويڪري سيني وارو جوان جنھن جي وارن ۾ منھن لڪائي سگهان،“ جھڙن Ideas جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون ۽ سندن شريف مائٽ، هنن جي چنڀي ۽ ڊاڙن ۾ اچي ويندا آهن. انهن پاڪستاني ڇوڪرين جي ڌيان ۾ اهو ئي ويٺل آهي ته هرڪو ولائت ۾ رهندڙ ذهين، امير، جوابدار ۽ سکيو ستابو آهي. ولائت جو چار پنج هزار رپيا پگهار پاڪستان سان ڀيٽي خوش فھمي ۾ مبتلا ٿيو وڃن. پوءِ سٺن سٺن گهرن جون ڇوڪريون جڏهن هتي پھچن ٿيون ته هنن جون وايون بتال ٿيو وڃن ته اهو پگهار ته ڪجهه به نه آهي ۽ هتي مڙس سان گڏ کين به ڍور وانگر پورهيو ڪرڻو پوندو _ تڏهن ٻه ويلا مانيءَ جا ٿي سگهندا.
”هتي ناروي جي هن ڳوٺ ۾ هڪ ٻن همراهن هتي جي نارويجن ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي. اهي ڇوڪريون پورهيو ڪري پئسو ڪمائين ۽ کين جي نوڪري ملي ته به رڳو ميڊيڪل لِيو تي زور. بس زال جي ڪمائي کائين. زالون به صفا ڪي گهٽ ذهنيت واريون ملي ويون اٿن، کين ذاتي نوڪر ڪري کانئن گهر جو ڪم وٺن. ٻار سندن حوالي ڪري پاڻ گهمنديون رهن ٿيون، ٻين سان ڊانس ڪن ۽ سڄو ڏينھن بارن ۾ شراب پيئن. هنن مردن جو هنن تي هلي به ڇا ٿو. کين زالن جي هر ڳالهه ۾ خوش رهڻو پوي ٿو. ناراضگي سبب مڙس طلاق ڏئي يا چاهي زال گهري_ ٻنهي صورتن ۾، هتي جي قانون موجب مڙس کي هر شيءِ زال جي حوالي ڪري، ٻن وڳن ۾ گهر ڇڏڻو پوي ٿو _ چاهي گهر جي هر شيءِ مڙس خريد ڪئي هجي. بس هاڻ جي هي همراهه کين طلاق ٿا ڏين ته کين مٿو لِڪائڻ لاءِ به ڪو اجهو نه ملي سگهندو.“

• پاڻ نارويجن آهي ۽ اڪيلي


مون کي اچتو هتي رهندڙ هڪ همراهه ياد اچي ويو. اسان جو جھاز هتي منجهند مھل اچي لڳو هو. سڄي رات جي اوجاڳي ڪري، منجهند جي مانيءَ بعد گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ بدران کائي اچي سمهي رهيس. ڪلاڪ ڏيڍ به ڪو مسستو هوندس ته در تي ڊيوٽي واري سکاڻيءَ اچي ٺڪ ٺڪ ڪئي ته ڪا ڇوڪري هيٺ بيٺي آهي توهان سان ملڻ چاهي ٿي.
”آئون ته ڪنھن کي به نه سڃاڻان. ڪير آهي پاڻ؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
هيٺان ڏسي اچي ٻڌايائين ته ”توهان جو ئي نالو پئي وٺي، توهان کي سڏي پئي. پاڻ نارويجن آهي ۽ اڪيلي آئي آهي. مٿي موڪليانس” آئون کيس ”ها“ چئي وري ليٽي پيس. پنج ڇھه منٽ شايد انتظار ڪيو هجيم، ان بعد وري ننڊ کڻي وئي. شام جو ڇھين ستين وڳي اک کلي ۽ آهستي آهستي هوش آيا ته مٿين ڳالهه خواب ۽ حقيقت جي اڌ واٽي تي، دل ۾ هُرڻ لڳي. سکاڻِيءَ کي سڏائي کانئس ان بابت پڇيم. پاڻ ٻڌايائين: ”هڪ نارويجن ڇوڪري پنھنجي پاڪستاني مڙس کي ڳوليندي هتي آئي هئي. سندس مڙس جھاز جي هڪ خلاصي سان ملڻ لاءِ ان جي ڪئبن ۾ ويٺو هو. پر جيئن ته ان جو نالو پڻ الطاف آهي، سو پھرين دفعي ۾ آئون غلطيءَ ۾ توهان وٽ هليو آيس.“
ڪئپٽن به ان وقت مون وٽ آيو هو تنھن کي کلي چيم ته يار هن نڀاڳي پنھنجي سکاڻيءَ جا ڪم ٻڌا اٿئي؟ ۽ سکاڻي ان کان اڳ شرم کان ”آءِ ايم ساري“ چئي ڀڄي ويو.
ڏينھن جو ننڊون ڪندڙ رات جو چوريءَ تي ويندا آهن، يا بار ۾. جھاز جو چڪر ڏنم. ماٺ لڳي پئي هئي. ڪي سمهي رهيا هئا، ڪي ٻاهر گهمڻ ويل هئا. جھاز جي ڏاڪڻ لهي سامهون واري ”مارٽني ڊسڪوٿيڪ“ ۾ گهڙي ويس. رات جا ٻارهن ٿيا هوندا، ان وقت. ٻاهر گوڏي جيڏي برف لڳي پئي هئي ۽ هوا ’جهڪ ۽ طوفان‘ جي وچ تي هوندي. ڪاٽو پنڌرهن ڊگرين کان به گهڻي ٿڌ هئي. اندر ڊسڪوٿيڪ سڄو ماڻهن سان ڀريل هو_ باقي جڳهه سگريٽن جي دونھن سان. ڪجهه نارويجن ڇوڪريون پنھنجي نارويجن دوستن سان ڪَنَ ڦاڙيندڙ ڊسڪو ميوزڪ تي بمپ_ڊانس ڪري رهيون هيون. هڪ ٿلهي چيلهه ۽ دڏين واري، جھاز جي چيف ڪُڪ سان پڻ نچي رهي هئي. هونءَ به شراب جي نشي کان پوءِ نه ڪو بندو رهندو آهي نه ڪو بنده نواز. هڪ يوناني جھاز جو خلاصي گهڻي پيئڻ ڪري پَٽ تي ڪري پيو هو تنھن کي ”بارٽينڊر“ بيھارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر سڌو ٿيڻ سان وري هيٺ شپڪو ڪري ڪِري پيو ٿي. خالي ڳوڻ ۽ شرابيءَ کي ڪڏهن ڪو سڌو بيھاري سگهيو آهي_؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي. اوورڪوٽ ۽ مفلر ڪليءَ تي ٽنگي، چيف آفيسر سان گڏ، هڪ وچ واري ٽيبل تي اچي ويٺس. چيف آفيسر کي چيم ته تون ڀلي تيسين فلور تي هلي ڪنھن سان ڊانس ڪر ته آئون ڊرنڪس وٺي ٿو اچان.
پنڌرهن ويھه منٽ بارٽينڊر سان بحث ۾ لڳي ويا جو نارويجن زبان کانسواءِ ٻي ڪا به نٿي سمجهيو. ان بعد ڊالر مَٽي ناروي جا پئسا نه پئي ڏنائين. اهي مسئلا حل ٿيا ته ان ضد ۾ اچي بيٺو ته ڪوڪا ڪولا ۽ بوز ساڳي اگهه تي ڏيندس. آخر ٽيبل تي پھتس ته چيف آفيسر سرور موٽي چڪو هو. جنھن سان ڊانس ڪئي هئائين، تنھن اسان کي سندس ٽيبل تي هلي وهڻ لاءِ چيو، جت سندس بئاءِ فرينڊ پڻ هو. پاڻ پڇڻ لڳا ته آيا اسان سامهون واري پاڪستاني جھاز جا آهيون. مون خبر ناهي ڪھڙي خيال کان چيو ته نه، اسان ميڪسيڪن آهيون. اسان جو جھاز پري ٻئي هنڌ بيٺو آهي.
”هن سامهون واري جھاز جا ٽي ڪئڊٽ ٿوري دير اڳ آيا هئا“ ڇوڪريءَ ٻڌايو، ”ان مان هڪ تي، سامهون ڪاري اسڪرٽ واري ڇوڪريءَ، ٿُڪ کڻي اڇلائي. جي توهان ان جھاز جا آهيو ته هن پاران آئون معافي وٺڻ چاهيان ٿي، هو ڇا چوندا ته ناروي جا ماڻهو ڪھڙا آهن. پر ڏس ته هن ڇوڪريءِ جو به ڏوهه ناهي جو هوءِ گهڻي پيئڻ ڪري آئوٽ آهي.“


• منھنجي زال وسڪيءَ جي شوقين

دل ۾ چيم ڏوهه نه هن جو آهي ۽ نه تنھنجو، جو گهٽ نشي ۾ تون به نه آهين. اتي هڪ هتي جو رهندڙ پاڪستاني ڇوڪرو پنجويھن کن سالن جو، هڪ پاڻ کان وڏي عمر جي نارويجن ڇوڪريءَ سان اندر گهڙيو. اسان جي ٽيبل تي ويٺل ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري ”الطاف الطاف“ چئي کيس سڏيو. هو به اچي اسان جي ٽيبل تي ويٺو. آئون سمجهي ويس ته هي اهي همراهه آهن جيڪي ڏينھن جو اسان جي جھاز تي آيا هئا. رسمي طرح ساڻس ۽ سندس زال سان تعارف ٿيو ۽ کين شام وارو واقعو ٻڌايم.
”منھنجي زال ان وقت نوڪريءَ تان موٽي هئي، کيس ٻڌايو هوم ته جھاز تي هوندس. کيس جھاز تي وسڪي پيئڻ جو شوق آهي، پر معلوم ٿيو ته توهان جي جھاز تي ليڪر (Liquor) جي بندش آهي.“ سندس زال ڪاوڙيل ڪاوڙيل پئي لڳي. وهڻ سان کيسي مان ٽي ڏهين ڏهين جا ڪرونا جا نوٽ ڪڍي مڙس کي اڇلي ڏنائين ته پيئڻ لاءِ وٺي اچ. هو ادب سان اٿيو ۽ هن لاءِ وسڪي ۽ پاڻ لاءِ هڪ سستي قسم جو جُوس وٺي آيو ۽ ريجو سندس اڳيان رکيائين جيڪو هن کڻي مڙس جي کيسي ۾ وڌو. لڳو پئي ته هوءَ اڳھين ڪٿان پي آئي هئي يا ڪو اهڙو شراب پي رهي هئي جنھن جي ٻي گلاس تي ئي چڱي خاصي حواسن ۽ هٿن مان نڪري وئي. ڳالهائڻ ۾ ٿاٻڙجي رهي هئي۽ ذري ذري سگريٽ به سندس ڏڪندڙ هٿن مان ڇڏائي پئي ويو. اسان هن کي بنھه نه وڻي رهيا هئاسين، جو جڏهن ته اسان سڀ هڪ ئي زبان انگريزي ڳالهائي رهيا هئاسين پر هن رکي رکي نارويجن زبان ۾ ٻين کي ڪجهه چيو ٿي، جنھن جو ترجمو ڪرڻ کان سندس مڙس به نٽائي رهيو هو. بھرحال اسان به ان ڳالهه کي درگذر ڪري هنڀوڇيءَجهڙي ميوزڪ ۾ اوٽ پٽانگ ڳالهيون ڪندا رهياسين. ڳالهين ڪندي، اوچتو ٽيبل تي پھرين ويٺل نارويجن ڇوڪريءَ چيف آفيسر کي ڀاڪر پائيندي چيو: ”توهان وٽ جھاز تي وسڪي يا ووڊڪا ته ضرور هوندي. مون کي پيارڻي پوندءِ.“ آئون سندس بئاءِ فرينڊ جي منھن تي جوار ڀاٽيا ڳولڻ لڳس پر درياءَ ۾ ڪو به لھر لوڏو ڪونه هو. هتي هر ڇوڪري آزاد آهي، سندس مڙس يا بئاءِ فرينڊ ڪجهه ڪُڇي به نٿو سگهي. يعني ڪھاڙين تي ڪٽ چڙهيل آهي. چيف آفيسر کي آهستي چيم ته في الحال ‘ها’ ڪري جان ڇڏاءِ، پوءِ هتان هلون ٿا. متان ڪو ذرو پرزو ڪنھن کي غيرت جو اچي وڃي ته ڪٽ لڳل ڪھاڙيون ته لاٿلن کان به ڏکيون.
چيف آفيسر جي ’ها‘ تي ڇوڪري خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳي. پاڪستاني همراهه جي زال وائڙي ٿي مس مس انگريزيءَ ۾ پڇيو : “What is the matter”__ ڇا ڳالهه آهي؟
”مون کي جھاز تي وسڪي پيئڻ جي دعوت ملي آهي، هنن جي جھاز تي وسڪي آهي.“
”آئون، هنن جي جھاز تي، ان سلسلي ۾، ٻه دفعا وڃي چڪي آهيان،“ هن خبردار ڪندي چيس، ”جھاز بلڪل dryلڳو پيو آهي “You can only get f….
ٿوري دير اڳ جو اسان جو هم وطني هتي جي ڇوڪرين جي تعريف ڪري رهيو هو ته هتي جون ڇوڪريون تمام گهڻيون سوشل آهن، دلير آهن، سوسائٽيءَ ۾ هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو طريقو معلوم اٿن... وغيره وغيره، انجو اعتراف ڪرڻو پيو.
۽ هاڻ مختيار جي ڳالهين تي اها ڳالهه وري ياد اچي وئي.