راسٽڪ_ ايسٽ جرمني
• لوهي پڙدي Iron Curtain جي هن پار
اڄ هتان ڪوچ ڪري رهيا آهيون. راسٽڪ (اوڀر جرمني) بابت ڪجهه ڳالهيون:
سوشلسٽ ملڪ آهي. گھڻي آزادي ناهي. جھاز اچڻ وڃڻ وقت سخت چڪاس ته متان سندن ڪوماڻهو ڀڄي ته نٿو وڃي. پولينڊ،روس، بلغاريا وانگر هيٺ ڏاڪڻ تي به سنتري بيٺل، جيڪو چوويھه ئي ڪلاڪ هر ماڻهوءَ جي ايندي ويندي چڪاس وٺي ٿو ۽ وقت درج ڪري ٿو. شھر وڃڻ وقت ان کي پنھنجو پاسپورٽ (C.D.C) ڏئي وڃڻو پوي ٿو ۽ واپسي تي کڻڻو پوي ٿو. جھازين لاءِ بندرگاهه ۾ ”ڊيوٽي معاف دڪان“ آهي جتي هنن جي حساب سان شيون سستيون ڏنيون وڃن ٿيون. شھر ۾ سختيءَ جي باوجود ڪيترن هنڌن تي سولائيءَ سان ڊالر ٻيڻي اگهه تي مٽجيو ملن ٿا. سو ظاهر آهي جھازين جو گهڻو حصو، شھر مان بليڪ تي مٽائي. هتي جي ماڻهن جو ان سلسلي ۾ هڪ ئي جواب ته ڊالر پائونڊ گڏ ڪري هن ملڪ مان ڀڄڻ چاهيون ٿا.
هتي جي هڪ عورت مسز پاليڪ سان بس اسٽاپ تي ورتل انٽرويو جا ٽڪرا:
”... اسان ٻين ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ به نٿا وڃي سگهون، سواءِ سوشلسٽ ملڪن: بلغاريا، رومانيا، چيڪوسلاويڪيا وغيره جي. هتي اسڪولن ڪاليجن ۾ جرمن ۽ روسي زبان پڙهائين. انگريزي مون پنھنجي مڙس کان سکي آهي، جيڪو جھاز تي خلاصي آهي. هتي گهڻو تڻو سامان روس جو وڪامي ۽ اسان جي ملڪ جو ڪچو سامان به جھڙي تھڙي اگهه ۾ روس وٺي. (جيئن آزادي کان اڳ انگلنڊ ۽ ننڍي کنڊجو حساب ڪتاب هو) ٻين ملڪن جون شيون لڪ ڇپ ۾ ۽ بليڪ تي وڪامن.“
هتي، ويسٽ جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ۾ پگهار گهٽ، شيون مھانگيون ۽ اڻ لڀ آهن. مقابلو نه هجڻ ڪري هر شيءِ جو معيار ڪريل. شھر ۾ اشتھارن جون نيان بتيون ۽ جهرمر جهرمر گهٽ.
”ويسٽ جرمني کي سٺو ٿا سمجهو يا هن پنھنجي ايسٽ جرمنيءَ کي؟“ مون کانئس پڇيو.
”گهمڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ ويسٽ جرمني سٺو آهي پر رهڻ لاءِ ايسٽ جرمني. اسان جي ايسٽ جرمنيءَ ۾ اها ساڳالهه آهي ته برايون نه آهن. مثلاَ: چوري، ڌاڙا، غندا گردي کلي عام فحاشي وغيره بلڪل نه برابر آهن، جيڪي ويسٽ جرمني يا ٻين سامراجي ملڪن ۾ آهن.“
”پوءِ به توهان هتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا رهو ٿا. ڇو ڀلا؟“
”بس. شايد، ان هوندي به اسان ڪنھن شيءِ جي کوٽ محسوس ڪريون ٿا_ اها آهي شخصي آزادي. ان کان علاوه اسان جو هي ملڪ، جيڪو ظاهري طرح ته سوشلسٽ ملڪ سڏجي ٿو، پر حقيقت ۾ Police State هجڻ ڪري هر وقت خوف ۽ هراس جي زندگي بسر ڪيون ٿا.“
”باقي اڌ (مغربي) جرمني بابت تنھنجا احساس ڇا آهن؟“
”منھنجا مائٽ مغربي جرمني ۾ به آهن. ٻي جنگ عظيم دوران منھنجي ماءُ نانيءَ وٽ گهمڻ هِن پاسي آئي هئي. جتي آئون ڄايس. پوءِ پيءُ وٽ وڃڻ کان اڳ اسان Iron-Curtain ذريعي الڳ ٿي وياسين. ٻن ماڻهن کي ڌار رکي سگهجي ٿو پر هڪ جسم کي اڌ اڌ ڪرڻ ڪيڏو عذاب آهي. ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمني به هڪ ئي جسم آهن. هڪ ئي جان. پر خير وقت وقت ۽ قسمت قسمت جي ڳالهه آهي، سائين.“
ايسٽ جرمنيءَ جي هن شھر راسٽڪ مان، بلغاريا جو ٺھيل، بصرن ۽ ونگين جو آچار ورتم. ڪئميرا لاءِ روسي فلمي رول، پکين ڦاسائڻ لاءِ پولينڊ جو امپورٽ ٿيل ڪوڙڪو، رومانيا جو پلاسٽڪ مان ٺھيل بڪ_ شيلف ۽ هتان جا ڪيڪ پيسٽريون پڻ ورتم.
هڪ پاڻ جھڙو ڪارو ايشين نظر آيو. خبر پئي ته هو هندستان جو وڏو واپاري آهي. هتي مال جي بدلي مال موڪلڻ جي سلسلي ۾ واپاري دوري تي آيل آهي. پاڻ ٻڌايائين ته روس ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن جي سڪي جي دنيا ۾ ڪا به ساک ناهي، ان ڪري هنن ملڪن سان واپار ڪندي هرڪو ڪيٻائي ٿو پر هڪ اهو بارٽر طريقو ئي ڪامياب رهي سگهي ٿو. خاص ڪري اسان جھڙن غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن لاءِ.