سئم ڪانگ _ چين
• ٿولهه گهٽائڻ جا جَتن
سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه ڏينھن ترسڻ بعد اسان جو جھاز چين هن بندرگاهه سئم ڪانگ ۾ آيو. چين جي ڪنھن به شھر ۾ نه سنگاپور، هانگ ڪانگ جھڙا شاپنگ سينٽر ۽ نه آمريڪا يورپ جھڙيون سئنيمائون ۽ رونقون. ڪلب يا بازاريون ته آهن ئي ڪونه، جتي گهمجي. چين ۾ وڌ ۾ وڌ جھازين لاءِ هڪ فرينڊ شپ اسٽور نالي دڪان، ۽ ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۽ مائوءَ جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ سي_ مين ڪلب آهي.
سو جڏهن ٻيو ڪو ڪم ڪار نه هوندو آهي ته ڪئپٽن، چيف آفيسر، سيڪنڊ انجنير ۽ آءٌ شام جو گڏجي واڪ لاءِ نڪرندا آهيون. رستي جي ٻنهي پاسن کان پِتائي گجر، مٽر، پالڪ ۽ ميٿي جھڙيون ڀاڄيون، پري پري تائين پکڙيل نظر اينديون. رستي جي ڪپرن تي چيني ٻار، ڪڪڙيون، بدڪون ۽ اڇي ۽ ڀوري رنگ جا سوئر. ٻارن جون چڍيون پوري وچ تان ڪتريل جيئن هنگڻ مٽڻ مھل چڍي خراب نه ٿئي. ننڍو ٻار اسان ڌارين کي وائڙن وانگر ڏسي ٿو ۽ اسان هن کي.
ميل ٻه اوٽ موٽ پنڌ ڪري پنھنجو پاڻ کي خوش رکڻ_ يا دوکو ڏيڻ لاءِ، پنڌ جون تعريفون ڪندا آهيون.
”جيڪو ماڻهو روز ٻه ميل پنڌ ڪري ٿو،“ ڪئپٽن خالد علي خان انڪشاف ڪيو، ”اهو پيريءَ تائين چاق چڱو ڀلو رهي ٿو. ڊوڙ جھڙي ٻي سٺي ۽ سولي ورزش ته آهي ئي ڪانه. خاص ڪري پيٽ کي اندر رکڻ لاءِ.“
”پيٽ جي کل کي آڱوٺي ۽ آڱر ۾ جهلي ڏسجي. جي اڌ انچ کان ٿولهه وڌيل نظر اچي ته معنيٰ خطرو آهي ۽ ورزش وڌائڻ کپي.“ سيڪنڊ انجنير ٻڌايو.
”جھاز تي پيٽ گهٽائڻ جي بھترين وزرش هئچ ۾هيٺ لھڻ چڙهڻ آهي يا ڏنڊ ڪڍجن،“ چيف آفيسر چيو، ”پر امتحانن تي لھڻ وقت، سڄو سڄو ڏينھن هڪ هنڌ وهڻ ڪري ماڻهو بي ڊولو ٿيو وڃي. پاڻ وٽ اهڙا بندوبست ڪونه آهن نه ته روز شام جو وڃي سئمنگ ڪجي، يا جمناسٽڪ ڪجي. بس هڪ ڊوڙ ئي آهي.“
”يار اسان ته ان ڊوڙ لاءِ به ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿياسين.“ مون چيو ۽ کين Apprentice واري دور جو چرچو ٻڌايو ته اسان سان ان ڊوڙ ڪھڙي تعدي ڪئي هئي. ”پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي ۾ لڳاتار پي ٽي پريڊ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڇڙواڳن واري زندگي مليسين ته ڪجهه ڏينھن کانپوءِ اسان سوچيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته رڳو All work no play وارو حساب رکجي. ٻيو نه ته صبح جو سوير اٿي ڪجهه ميل ڊوڙجي. اسان سڀ، هاسٽل بدران، ڌار ڌار، شھر جي مختلف هنڌن تي رهندا هئاسين. مون سان گڏ هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ چيف انجنير سيف الرحمان، نارٿ ناظم آباد جي حيدري علائقي ۾ رهندو هو. چڍيون ته اڳھين رکيون هيون باقي صدر مان وڃي رٻڙي بوٽ وٺي آياسين ۽ اهو پھه ڪيوسين ته صبح جو سوير منھن اونداهيءَ ۾، حيدري جي بس اسٽاپ کان وٺي ايل بلاڪ تائين_ اٽڪل ٻه ميل کن، اوٽ موٽ ڊوڙنداسين.
• هر مورچي تي رول ڪتا
”ٻئي ڏينھن، صبح ساڻ، باک ڦٽڻ کان چڱو اڳ، وڏي شوق مان رٻڙي بوٽ ۽ چڍيون پائي ڊوڙڻ لاءِ نڪتاسين. سڀ ڪجهه صحيح ٿيندو رهيو. پر ايل بلاڪ جي چوواٽي کان ٿورو اڳ ڏامر جي خالي ڊرمن ۾ ٽي چار ستل ڪتا، اٿي ٿا اسان جي ڪڍ لڳن. پوءِ ته سائين اسان سان حالت هجي. ايل بلاڪ جو مقرر هنڌ به پٺيان رهجي ويو پر اسان سڌو نيو ڪراچي ڏي ڊوڙندا وياسين. اهي ڪتا ٿورو ڊوڙي، ٿڪا ئي مس ته ٻين ڪتن وارو وٺاين. اسان کي پنھنجو پاڻ تي رحم پئي آيو ته ڪتا آهن سو `Relay – Race` پيا ڪن ۽ اسان `Country-Cross` ڊوڙ جي مصيبت ۾. بھرحال ’سخي حسن‘ جي قبرستان وٽ پھچائي پوءِ ڪتن جان ڇڏي. تن ڏينھن ۾ نارٿ ناظم آباد اڃان ايترو آباد نه ٿيو هو. فقط ڪجهه گهر ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان حيدريءَ وٽ هئا، ٻيو مڙيئي خير. اسان سان جٺ ته ڏاڍي ٿي. آڀا ساهه کڻي هڪٻئي کي چيوسين ته يار ڪجهه عقل جي ڊوڙ ڪيون ها ۽ سڌو ڀڄڻ بدران پويان پير ڪيون ها ته هيستائين گھر ڀيڙا به اچي ٿيون ها ۽ ڪتن جي به فقط هڪ بٽيلن سان مقابلو ڪرڻو پوي ها_ پر هاڻ گهر تائين ڪيئن موٽجي. هر مورچي تي رول ڪتا منھن ڪڍيو ويٺا هوندا.
”خير سائين، پرهه ڦٽي. پوءِ جڏهن سورج شاخون ڪڍي صبح جو اعلان ڪيو تڏهن هڪ کٽارو بس ماڻهن سان ٽٻ، نيو ڪراچي کان ايندي نظر آئي. منجهس ويھڻ يا بيھڻ جي جڳهه ته نه هئي، پر ٻاهر ڏنڊي ۾ ئي هٿ وجهي، لڙڪندا اچي گهر نڪتاسين. واٽ تي اسان رستي تي بيٺلن کي ۽ رستي وارا اسان کي ڏسندا رهيا ته هي چڍين ۽ گنجين ۾ ڪھڙا مسخرا، سرڪس جا ڪرتب ڪندا وڃن.
”سيف الرحمان کان، گهر اچي پڇيم ته جيڪي ٿيو سو ٿيو پر هاڻ هنن رٻڙي بوٽن جو ڪو ”فيوچر“ نه هجي ته ڀلي پاڙي جي ٻارن کي ”پريزنٽ“ ڪري ڇڏيون ته پائي ڪرڪيٽ کيڏن.“
”هن خواري کانپوءِ اڃان به ڪا سڌ يا شونق ڊوڙڻ جو باقي رهيو آهي ڇا_؟“ سيف الرحمان سڙي کامي ورندي ڏنيهئي. سو اهي آهن ڊوڙ جون خبرون.
چين جو بندرگاهه شنگهائي
ٻن ڏينھن جي لڳاتار سفر کانپوءِ، رات جھاز ڪنھن وقت شنگهائي بندرگاهه جي ٻاهران، لنگر اچي ڪيرايو. صبح جو اٿيس ته ڪنھن جو آواز ڪن تي پيو ته اسان جو جھاز ”يوانگستي“ نديءَ جي ڇوڙ وٽ بيٺوآهي. ”يوانگستي_!“ اهو نالو ٻڌڻ سان مون کي ائين لڳو ڄڻ کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو. يوانگستي، نيل، اميزان، ڊئنيوب، ميڪانگ، وولگا، زئمبيزي، دجله،فرات، گنگا، برهمپترا،امُودريا، سنڌو دريا_ هي اهي ئي ته نالا آهن جيڪي ننڍي هوندي هر وقت زبان تي هوندا هئا، ۽ جن ڪري جاگرافيءَ ۾ هميشه مٿاهون نمبر کڻندو هوس.
ٻاهر نڪري يوانگستي نديءَ جو سنڌو ۽ نيل جھڙو ميرو ميٽوڙي رنگ جو گپ سان ڀريل پاڻي ۽ ويڪر ڏسڻ لڳس. دل ئي دل ۾ اهو سوچي عجيب محسوس ٿي رهيو هو ته اسان هن وقت چين جي حدن ۾ آهيون. صدين کان وٺي چين سونھن، نزاڪت، سينگار، حسن ۽ رونق جي علامت پئي رهيو آهي. ننڍي هوندي ڪھاڻين ۾ پڙهيل، جيڪا حسين شھزادي هوندي هئي، جنھن جو بدن ريشم جھڙو نرم ۽ گلاب جي ٽڙيل گل جھڙو سھڻو هوندو هو، اها چيني ئي هوندي هئي. الف ليليٰ جي داستان جو شھزادو، جڏهن ڀلجي ڪنھن نرالي ماڳ تي وڃي پھچندو هو ته اهو چين ئي هوندو هو، جتي سنگمرمر ۽ عاج تي ڪم ٿيل ڀتين ۽ ڇتين وارا گهر هوندا هئا. جتي سھڻيون ۽ نازڪ ڇوڪريون پاڻ کي پالڪين ۾ کڻائي بازارن جو نظارو ڪنديون هيون. عورتون ۽ مرد عام ڏينھن تي به اطلس ڪيمخواب، زري زربفت جا ڪپڙا پھري پسار ڪندي نظر ايندا هئا.
ڪا ڇوڪري پنھنجي محبوب کي ڏوراپو ڏيندي هئي ته به چيني ڇوڪريءَ جو_ ته اهڙو جي پاڻ کي سمجهين ٿو ته وڃي ڪنھن چيني ڇوڪريءَ سان شادي ڪر. فقط چيني ڇوڪريون ئي حسن ۽ سونھن، نزاڪت ۽ ناز جون ديويون سمجهيون وينديون هيون _ جن جي اڳيان پويان سوين خذمتگار هوندا هئا. اتي جون ٻيڙيون سون ۽ چانديءَ جي تارن ۽ ورڪن سان مڙهيل ۽ سينگاريل هونديون هيون، جيڪي کير جي ندين ۾ هلنديون هيون. عام ٻيڙيون به عاج، شاهه بلوط، ڪافور ۽ خبر ناهي ڪھڙن قيمتي ڌاتن ۽ ڪاٺن مان ٺھيل، ٻڌبيون هيون. پنھنجي ننڍپڻ جي اهڙي وڃايل حسين خواب کي آئون يوانگستي نديءَ جي آس پاس ڳولڻ لڳس. اوسي_ پاسي ۾ ٻيا به چار پنج ڌارين، ملڪن جا جھاز لنگر ڪيرائي اندر وڃڻ لاءِ پائلٽ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڪجهه ٻيڙين ۾ چيني مھاڻا ٻارن ٻچن سميت مڇيون ڦاسائي رهيا هئا_ يا ڦاسائڻ لاءِ ٻاهر کلئي سمنڊ ڏي وڃي رهيا هئا. تمام رواجي، ساديون (پر مضبوط) ڪاٺ جون ٻيڙيون هيون.مردن ۽ عورتن کي هڪ جھڙا پراڻا_ گهڻي ڌوپ ڪري ڦٽي ويل، بلو رنگ جا ڪپڙا ڍڪيل هئا، جن تي ڪيترن هنڌن تي ٻئي رنگ جي ڪپڙن جون چتيون لڳل هيون. اونهاري جي ساڙيندڙ سج ۾ مرد ۽ عورتون هٿن سان چپو هلائي رهيا هئا. ڪنھن ڪنھن ٻيڙيءَ ۾ ڪا عورت يا مرد وچ تي بيھي منجهيل رسا ۽ رڇ ٺاهي رهيو هو. اسان جي جھاز ڀرسان جنھن وقت اهي ٻيڙيون لنگهيون ٿي، ته ان ۾ ويٺل چيني مردن توڙي عورتن کي چتائي ڏٺو ته هنن جا هٿ ۽ جسم نرم ۽ نازڪ هجڻ بدران، اسان جي هاريءَ جي هٿن جھڙا سخت، کھرا ۽ سگهارا هئا _ هي چين سوين سالن کان قصن ۽ ڪھاڻين ۾ ٻُڌل چين کان مختلف، مائوءَ جو چين آهي، جنھن جي علامت پورهيو، محنت، سادگي ۽ ايمانداري آهي.
• آمريڪا جو جهونو پائلٽ چين ۾
ٽن ڏينهن بعد سڀاڻي شنگهائي ڇڏي رهيا آهيون. شام جو هتي جي سي_ مين ڪلب جي چيئرمئن، جھاز جي ڪجهه عملي کي چانھه پارٽي جي دعوت ڪئيهئي. صبح جو ڪو پروگرام نه هو سو باقي بچيل پئسا کڻي فرينڊشپ اسٽور ۾ خرچڻ لاءِ نڪتس. رستي تي ففٿ انجنير اسد ڀٽي مليو جو پڻ اوڏانھن وڃي رهيو هو. صبح جو وقت هجڻ ڪري ايترا گهڻا ماڻهو نه هئا. هڪ ڏينھن اڳ، جيڪي پي آءِ اي جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا سي به نظر نه آيا. شايد سندن اڏام هتان رواني ٿي وئي هئي.
بچيل چيني پئسن جي خريداري ڪري، ڀٽيءَ کي چيم ته هل ته Peace-Hotel هلون، جتي ڪيترائي انگريزي ڳالهائيندڙ هوندا. ٻيو نه ته ڪو انگريزي رسالو يا ڪتاب ئي انهن کان ملي وڃي جنھن ۾ ٻاهر جي خبر چار ملي سگهندي. ياد رهي ته هتي چين ۾ ڪنھن به ڌارئين ملڪ جو رسالو يا ڪتاب بڪ اسٽال تان نه ملي. سي مين ڪلب، فرينڊشپ اسٽور يا شھر جي ٻين اسٽالن تان فقط مائو، لينن، مارڪس جا، يا انهن بابت، مختلف زبانن: انگريزي، عربي، فرينچ، بنگالي، اڙدو، هندي، آفريڪن وغيره ۾ ملن. اسان جيئن ته يڪن ٽن چئن مھنن کان، پنھنجيملڪ کان ٻاهر هئاسين ۽ گذريل مھيني ٻن کان چين جي مختلف بندرگاهن: دهرين، شن تائر، سئم ڪانگ وغيره ۾ هئاسين، سو آندل ڪتاب ۽ رسالا سڀ ختم ٿي چڪا هئا ۽ ڪجهه پڙهڻ لاءِ ٻاتاڙا هئاسين.
سي مين ڪلب کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ قداور جوان، چند قدم اسان کان اڳيان ويندو نظر آيو. هڪ ٻئي کي ڏسي ’هيلو‘ چيوسين. شنگهائي جيتوڻيڪ چين جي وڏن شھرن مان آهي ۽ آدم شماري جي لحاظ کان ته ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جي مقابلي جو آهي، پر سياح نظر نه ايندا، جيڪي ڪجهه ملندا سي رڳو سي مين ڪلب، فرينڊشپ اسٽور ۽ ان پيس هوٽل اڳيان. چين ۾، ٻاهريون آيل کڻي هانگ ڪانگ، سنگاپور يا انڊونيشيا جو چيني هجي، پر ته به سندس اوچن ڪپڙن مان سڃاڻي سگهبو ته هي هتي جو چيني نه آهي. هتي جي چيني ماڻهن جي سادگي، ايماندري ۽ محنت سان ڪو به نه پڄي سگهندو. سو هتي آيل سڀڌاريان هڪ ٻئي لاءِ پنھنجا ئي محسوس ڪندا آهن. ان اصول تحت ان قداور گوري همراهه سان هيلو ڪندي پڇيومانس ته آمريڪن آهين؟ جيتوڻيڪ پڪ ڪانه ٿي جو چين جا آمريڪا سان اڃان هاڻ تعلقات ٺھيا آهن ۽ ايترو جلد آمريڪن جو چين ۾ ائين ڦرڻ گرڻ عجيب پئي لڳو ته هي ساڳيو چين آهي جنھن ۾ اسان گذيل چئن پنجن سالن ۾ ڪئين دفعا آيا آهيون پر آمريڪن ته ڪو دوا لاءِ به ملڻ مشڪل هو. بھرحال چپي چپي تي آمريڪن ۽ سامراجي راڄ خلاف لکيل مائوءَ جي چوڻين ۾ گهٽتائي، سندن موجودگي جو احساس ڏياريو ٿي.
منھنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو پيس هوٽل ۾ رهي ٿو.
آزاديءَ کان اڳ ان هوٽل جو نالو ”ساسون“ هوٽل هو. اسان واڪ ڪندا ان هوٽل تائين پھتاسين. مٿئين همراهه ٻڌايو: ”اسان ڪالهه بوئنگ جھاز آمريڪا مان اڏائي هتي آيا آهيون. چين آمريڪا کان اهڙا ڏهه هوائي جھاز خريد ڪيا آهن تن مان هي پھريون خير سان پھچايو اٿئون. توهان پاڪستاني آهيو.“
”ڪيئن ڄاتو؟“
”پاڪستاني چين ۾ گهڻا آهن. چين ۽ پاڪستان سٺو نڀائيندو اچي.“
مون کيس ڪرسي آفر ڪري وهڻ لاءِ چيو:
”نه. نه. آئون ته ويھي ويھي ٿڪجي پيو آهيان. يڪ ساهيءَ جھاز هلايو اٿم. ان بعد ٻاهرن تيرهن ڪلاڪ ننڊ ڪري اٿيو آهيان.“
سندس اعليٰ شخصيت ۽ بي تڪلف نموني جي ڳالهائڻ مان ڏاڍو متاثر ٿيس. پاڻ ٻڌائين ته هو بوئنگ جو پائليٽ آهي سندس عمر پنجونجاه سال ٿيندي ۽ لڳاتار ٽيھن سالن کان جھاز هلائيندو اچي، پنھنجي سوني واچ ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين ته اها خاص واچ، هوائي ڪمپنيءَ طرفان ان کي ملندي آهي جنھن جي نوڪري ٽيھه سال ٿئي. پاڻ پنھنجو نالو اين. جي.نيسٽ گارڊ ٻڌايائين. واشنگٽن (ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا) جو رهاڪو آهي. چين ۾ سندس پھريون دفعو هو. ڳالهين ڪندي چيائين، ”عجيب زندگي آهي منھنجي به. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. گذريل هفتي، هن ڏينھن تي اسان دنيا جي ٻي ڪنڊ ارجنٽائن ۾ ويٺا هئاسين ۽ هينئر چين ۾.“
”ڪراچيءَ ۾ به اچڻ ٿيو آهي توهان جو_؟“
”ها هڪ دفعو آيو هوس، پر اونهارو هو. سخت گرميءَ ڏاڍو تنگ ڪيو. ٻئي ڏينھن موٽڻ به ٿيو.“
• سڄي دنيا جو ڀلو چاهڻ وارا
”هتي ڪيترا ڏينھن هوندائو؟“ مون کانئس پڇيو.
”بس سڀاڻي واپسي آهي.“ هن وراڻيو.
”چين بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟“
ڪلهي تي هٿ رکي، هجائتو ٿي چيائين: ”يار پاڻ رولاڪ ماڻهو سڄي دنيا جا رهواسي. پاڻ ڇا ڄاڻون سياست مان.“
”اهو ته پاڻ سٺو. پوءِ ته پاڻ توهان جو رايو، چين بابت، سچيءَ دل وارو ۽ صحيح هوندو.“ مون چيومانس ۽ ساڳي وقت کيس پاڻ بابت به ٻڌايم ته انجنير هجڻ سان گڏ لکڻ منھنجي هابي آهي. ”سو پنھنجي مشاهدي ۽ معلومات سان گڏ توهان جھڙن پُرخلوص ماڻهنجا ويچار ۽ رايا معلوم ڪرڻ وڌيڪ سڦل ۽ ڪارآمد ثابت ٿيندو.“
”مان ته چين جي ترقي ۽ واڌاري مان ڏاڍو خوش ۽ متاثر ٿيو آهيان. آئون ته ان راءِ جو آهيان ته هر ملڪ کي پنھنجا پنھنجا مسئلا آهن، جن کي هو پاڻ ئي بھتر نموني سان منھن ڏئي سگهن ٿا. هڪ ملڪ جي مسئلن ۾ ٻئي ملڪ جو نڪ ٽنڀڻ سٺو ناهي. هتي جا سياستدان ۽ اڳواڻ بيحد سچار ۽ ايماندار ڏسجن ٿا، تڏهن ته هنن قربانيون ڏئي ملڪ کي هن حال تي آندو آهي نه ته چين جي حالت اڄ کان پنجويھه ٽيھه سال کن اڳ هڪ پساهه کڻندڙ مريض جھڙي هئي.“
منھنجي اڳيان وڏن کان ٻڌل ۽ پڙهيل، چين بابت ڳالهيون ڦرڻ لڳيون. هن چين ملڪ ۽ ماڻهن سان ڪيئن جپانين، آمريڪن، فرينچن، انگريزن ۽ ٻين قومن رڻ ڪيا، ڪيئن لٽيو_ هر لحاظ کان لٽيو ڦريو_ اخلاقي طرح توڙي مالي طرح. انقلاب وقت ته انهن اهوسوچيو به نه ته ڪو هي ملڪ هلندو يا بچندو. ڪنھن تسليم ئي نٿي ڪيس. پر ڪجهه به هجي، شاباس هجي انهن نيڪ ايماندار اڳواڻن کي جن ان ملڪ کي، جنھن کي ڌارين طاقتن هڻي چرسي، موالي ۽ ڪاهل بڻائي ڇڏيو هو، جنھن جي ڌرتي جي سپوتن ۽ ڌڃاڻين کي بيٺڪي راڄن نه فقط نيچ سمجهيو پر دنيا نشئي_ گهر ۽ چڪلو بڻائي ڇڏيو، اڄ ان ملڪ جو مقابلو دنيا جو ڪو به ملڪ نٿو ڪري سگهي_ ڪو عرب اسلامي ملڪ يا جمهوري ملڪ به نه. اخلاق، ايمانداري، انصاف، امن امان وغيره ۾ ڪو به ملڪ پڄي نه سگهندو. اڄ اهو چين جنھن کي ڪجهه نه هو سو دنيا جي ائٽمي طاقت آهي. هتي جي انگ اکرن موجب،جيتري اناج ۽ سامان جي پيدائش سال ۾ ٿيندي هئي سا هاڻ هڪ ڏينھن ۾ ٿي ٿئي. ۽ اتي بس ناهي، هو اڃان به اڳتي وڌي رهيا آهن، پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجي خوشحاليءَ ڏي.
سامهون، هوٽل جي مين گيٽ ٻاهران، رستي تي ٻه چار چيني عورتون ۽ مرد هلڪي آسماني ۽ خاڪي رنگ جي چتين لڳل ڪپڙن ۾ کِلندا، ڳالهائيندا، لنگهي ويا. انهن کي ڏسي مسٽر نسٽگارڊ چيو:
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چينين کي سادو لباس پائڻو پوي ٿو پر ڪو به بک کان ڪونه ٿو مري.“
”ڀلا چينين جي اختلاف بابت ڇا راءِ اٿانوَ؟منھنجو مطلب آهي، گهڻن يورپين، امريڪن ۽ ٻين ڌارين آيلن کي چين نه وڻندو آهي جو هتي ٻين ملڪن جيان عياشي ناهي، سھڻيون سھڻيون ميڪ اپ ۾ ٻڏل، نرم نرم جسمن واريون ڇوڪريون نه آهن جن جو ڪم ڌارين مردن جي کيسي جي رستي سندن دل اندر گهڙڻ آهي. هتي ته سڀ ڇوڪريون مردن جيئن پورهيت ميڪ اپ ۽ لالي سرخيءَ کان خالي، کُھرن هٿن واريون آهن. جن جو ڪم غير مردن، جي دل خوش ڪرڻ نه پر ڪوڏر سان ڌرتيءَ جو سينو ڦاڙي اناج پيدا ڪرڻ آهي، ٽيڪم سان جبل ڏاري ڌاتو ڪڍڻ آهي ۽ پنھنجي ٻچن ۽ حقيقي مڙس جو خيال ڪرڻو آهي.“
”بلڪل صحيح آهين. اخلاقي طرح چين تمام اتم آهي. آمريڪا جھڙي قانوني ملڪ ۾ به ڏينھن ڏٺي، هلندي به ڊپ پيو ٿيندو پر هتي چين ۾، آڌي رات جو اڪيلي، جهرجهنگ ۾ بي حساب پئسا کڻي، ٻار يا نوجوان ڇوڪري به هلي سگهي ٿي. جنھن ملڪ ۾ هر ماڻهو (عورت توڙي مرد) کي حق حلال جي نوڪري هجي جنھن مان هن جو سکيو وقت پيو گذري، اجايو هوس ۽ ريس نه هجي، ملڪ جو نالو ۽ ناموس رکڻ جو خيال هجي، ان ملڪ جي عورت ڪڏهن به گمراهه نٿي ٿي سگهي.“
اتي اسد ڀٽيءَ تن ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ هلندڙ واٽر گيٽ مسئلي تي خيال پڇيس:
”در اصل اسان جي آمريڪن قوم اهڙي چري آهي، جو شل نه هن کي ڪا ڳالهه هٿ اچي. ان جو روهه به رلائي رکندا. ’صحافت جي آزاديءَ‘ جو ڍونگ رچائي ان ڳالهه کي حد کان وڌيڪ Exploitation ۽ مبالغه آرائيءَ کان ڪم ورتو آهي. خير نڪسن ان ۾ ڪيترو به ڏوهاري هجي پر ان هڪ خرابيءَ جنھن آمريڪا جا ڪڏهن به نه ٺھندڙ تعلقات، روس سان ڳنڍايا، چين سان دوستي ڪرائي وغيره.“
”تنھن جي معنيٰ ته توهان به اهو محسوس ٿا ڪريو ته چين کي پري رکي، يا هنن جو هيستائين وجود نه مڃي، غلطي ڪئي.“
”خير بابا، مان سياستدان نه آهيان ۽ نه ڪو سياست ڏي لاڙو اٿم. پاڻ ته ٿياسين خانه بدوش ۽ رولاڪ، ڪڏهن ڪنھن ملڪ ۾ ديرو ته ڪڏهن ڪنھن ملڪ ۾ وٿاڻ. پاڻ جھڙن ماڻهن لاءِ ته سڄي دنيا هڪ گهر آهي. ڪو به ديس۽ وديس جو چڪر ناهي، سو پاڻ ته سڄي دنيا جو ڀلو چاهينداسين، شايد اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ان جو خواهان هوس ته چين سان دوستي به ضروري هئي_ پوءِ ان کي ڪو منھنجي فراخ دلي سمجهي يا امن ۾ اعتماد يا ڪمزوري.“
ايتري ۾ هڪ بس هوٽل جي در وٽ اچي بيٺي ۽ هنن آيل آمريڪنن جو چيني سونھون، کين بس ۾ وهاري ڪجهه گهمائڻ لاءِ وٺي ٿي ويو. اسان، بوئنگ جيٽ جي هن پوڙهي پائليٽ سان هٿ ملائي موڪلايو. بس چُرڻ لڳي ۽ اسان هٿ لوڏي کين الوداع چئي ۽ پوءِ، واه جو ڪپ ڏيندا اچي بندرگاهه ۾ جھاز تي پھتاسين.