پبلشر نوٽ
هن تنظيم جو سرپرست اعليٰ ۽ عباسي ڪلھوڙا قوم جو سردار پڳدار حاجي منور علي عباسي جي شخصيت ۽ ڪردار ڪنھن بہ تعارف جو محتاج نہ آھي جنھن ٻين سرگرمين ساڻ گڏ ادبي حوالي سان بہ سنڌي ادب جي اوسر ۽ عباسي ڪلھوڙاجي نمايان ڪم کي غير معمولي درجو ڏنو آھي. برک ليکڪ، شاعر، لطيف جي پارکو ڊاڪٽر تنوير عباسي جي وفات بعد ادبي مڃتا طور سندس نالي سان ”ڊاڪٽرتنوير عباسي ايوارڊ“ منعقد ڪندا رھيا آھن ۽ ھيل تائين ست ڊاڪٽر تنويرعباسي ايوارڊ تقريبون منعقد ڪري چڪا آھن. ھي ڪتاب انھن ايوارڊ تقريبن مان آيل چونڊ ۽ انعام يافتہ مقالن، مضمونن تي مشتمل آھي، جيڪي ڪلھوڙا دؤر حڪومت جي مختلف عنوان تحت تنظيم پاران گهرايا ويا ھئا.
ھن کان اڳ عباسي ڪلھوڙا تنظيم ڪيترائي ڪتاب، ڪيلينڊر شايع ڪرڻ سان گڏ هر مھيني اخبار ”آواز ڪلھوڙا“ مسلسل شايع ڪندي رھي ٿي. تنوير ايوارڊ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي تي لکيل مضمون ۽ مقالن جو ڪتاب ”مان تنوير آھيان“ کان پوءِ اٺين ايوارڊ جي موقعي تي ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو“ شايع ڪندي. نھايت سرھائي محسوس ٿي. ڪتاب جو مرتب سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جو ليکڪ، مترجم پروفيسر جھانگير عباسي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناھي جنھن وڏي جستجو ۽ لگن سان محنت ڪندي ھي ڪتاب ترتيب ڏنو آھي، جنھن لاءِ تنظيم سندس ٿورائتي آھي.
اسان ھيءَ اميد رکون ٿا تہ عباسي ”ڪلھوڙا تنظيم سنڌ“ لاڙڪاڻو پاران شايع ڪيل ھي ڪتاب، ادب ۽ تاريخ جي شاگردن، استادن، عام پڙھندڙن سان گڏ سنڌي ادب ۾ بہ پنھنجي موضوع جي اعتبار کان نمايان مقام حاصل ڪندو. مستقبل ۾ پڻ تنطيم ھن قسم جا ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب شايع ڪندي. ٻين شعبن جيان ادب ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رھندي. ھن سلسلي ۾ اسين ھر قسم جي تجويز کي دل سان ڀليڪار ڪنداسين. بقول شاھہ سائين
ٿورا نہ ٿورا مون تي ماروئڙن جا
خادم العلم
مشتاق علي ڪلھوڙو
انچارج شعبو ادب
عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ
لاڙڪاڻو
2 مارچ 2019ع