ڪلھوڙن جي دؤر ۾ چانڊڪا پرڳڻي جون سياسي ۽ سماجي حالتون: منظور علي ”پيارو“ عباسي
ميان نصير محمد:
ميان نصير محمد جي شھرت ۽ سندس جماعت جي مقبوليت تي ماڻھن جي حسد سبب بکر جا مغل اُٿيا جنھن ڪري هو لاچار ٿي ٿر ڏانھن هليو ويو پر ٿورن ڏينھن کان پوءِ، پوک پلاھہ جا انسان جي قوت گذراڻ لاءِ ضروري آهي جي ذريعن نہ هجڻ ڪري، موٽي اچي پنھورن جي حد ۾ رهڻ لڳو. پنھورن جو سردار مير پنھوار بکر جي حاڪم سان صلاحو ٿي، هڪ زبردست لشڪر جنھن ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني پڻ شامل هو وٺي آيو. ٿوريءَ ٺڪا ٺڪيءَ کان پوءِ مرزا خان کيس صلح سان گهرائي پنھنجي چاچي محبت خان هٿان عالمگير جي درٻار ۾ ڏياري موڪليو. هيءُ ميان نصير محمد جو مختصر حال احوال هيو پر ميان دين محمد جي وقت ۾ ميان يار محمد قلات ۾ ٻہ سال پريشانيءَ جي حالت ۾ گذاريا. اڪثر سرائي سردار پڻ پاسڙو وٺي ويھي رهيا ۽ سندس ملڪ جي گهڻي ڀاڱي تي مرزا خان جي پٽ بختاور خان جي ماڻھن قبضو ڪري ورتو. ٻن سالن کان پوءِ 1113ھہ ۾ ميان يار محمد، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي مريدن کان بيعت وٺي التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾ کڻي، پنھنجي موروثي زمين ڏانھن رخ رکيو. پھريائين زيدي کان لنگهي منزل ڪندا منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ سانوه ڳوٺن ۾ پھتا. جن کي زالون ساڻ هيون سي اُتي رهجي پيا، پاڻ اڳتي وڌي پھريائين قيصر پنھور کان سامتاڻي وٺي پوءِ ڳاهن ۾ اچي ڇانوڻي هنيائين. تنھن کان پوءِ، پنھنجي ڀاءُ مير محمد کي سرائي سردارن سان گڏ اڳتي موڪليائين، جنھن وڃي مارکپور ۾ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري، فتحپور جو قلعو ڇڏايو. هن فتح کان پوءِ ميان يار محمد پاڻ بہ اچي سرائين سان مليو. التماس خان بروهي بخت جي ههڙي يا وري ڏسي چيو تہ ”توهان جو اللھ تعاليٰ مددگار ڪافي آهي منھنجي ضرورت ڪانہ آهي.“ اهو چئي ميان يار محمد موٽي ويو.
هاڻي ٽڙي پکڙي ويل سرائي هر طرف کان اچي گڏ ٿيا ۽ هيءُ گچيرو فتح ڪري، پھنورن جي گادي شڪارپور جو نالو ڦيرائي ”خدا آباد“ رکي، اُنھيءَ ۾ رهڻ لڳو پوءِ هيڏي هوڏي فوجون موڪلي گهاري ۽ ڪديارہ، لشڪر جي مدد سان آزاد ڪرائي لاڙڪاڻو بختاور خان جي ڀاءُ اللھ بخش جي هٿ مان ڇڏايائين. بختاور خان لاچار ٿي ملتان جي شھزادي معزالدين جي خدمت ۾ عريضو موڪليو تہ ”دين محمد جي ڀاءُ وري شورش مچائي آهي ۽ هي وقت واهر ڪرڻ جو آهي.“ اگرچ هن شھزادي کي پنھنجي مطلب لاءِ گهرايو هو ليڪن ”مَن حَفَرَ بِيراً الاَخيہ وَقَعَ فِيھِ“ (کر کڏ کڻي ٻئي جي ڪاڻ ڪِري پاڻ) جي مقتضا موجب، نتيجو اُبتو نڪتو. اتفاقاً جڏهن شھزادي سڌو سندس ملڪ جي رستي سان رخ ڪيو، تڏهن ملڪ جي برباديءَ جي خوف کان عرض ڪيائين تہ ”هن رستي کان نہ اچڻ گهرجي.“ شھزادي کي هي مختلف عريضا ڏسي انھيءَ ۾ خلل ڏسڻ ۾ آيو، ۽ انھيءَ پاسي روانو ٿيو. هن کي کٽي کنيو بيٺي هئي تنھن ڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ سخت مقابلي ڪرڻ کان پوءِ قتل ٿي ويو.
ايتري ۾ هن طرف جي وڪيلن حاضر ٿي (بادشاھہ زادي جي) دل تي پنھنجي غلاميءَ ۽ اخلاص جي خاطر خواھہ اثر وهاريو. شھزادو بختاور خان کي قتل ڪري ڪجهہ وقت اچي بکر ۾ رهيو. سيويءَ جو دڙو بختاو خان جي انتقال ڪرڻ کان پوءِ غازي خان دودائي کي عطا ٿيو، پر هن کان جوڳو انتظام ڪونہ ٿي سگهيو، جنھن ڪري ڦيرائي بختاور خان جي ڀاءُ اللھ بخش خان کي ڏنو ويو، تنھن کان پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان نھارن کي مليو، پر ڪوبہ پورو انتظام رکي ڪونہ سگهيو ۽ نيٺ ميان يار محمد جي وڪيلن جي حوالي ٿيو، تہ وڃي پنھنجي موڪل (اَصيل) کي پھچائين. انھيءَ سان گڏ هي بہ حڪم ٿيو تہ ”هن سرفرازيءَ جي عيوض ميان يار محمد حضور ۾ حاضر ٿي دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪري.“ طلب موجب ميان يار محمد درٻيلي ۾ پھتو، تہ خواج حسين خان گهڻين نوازشن سان هن حڪم جي منسوخيءَ جو فرمان کڻي آيو، ۽ ديري جي نگراني سندس حوالي ڪيائين. اُتان کان شاهي غلامن جي قطار ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا ٿي، ۽ ”خدا يار خان“ جو خطاب سندن طره امتياز بڻيو. هن کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد، ”خدا يار خان“ جي لقب سان، پيءُ جو ملڪ سنڀاليو، صاحبزادو دائود خان ٽي سال هن جو مخالف رهيو، پر پوءِ نيٺ اچي ڀائپيءَ جو ناتو رکيائين.
حڪومت جي چوٿين سال مطابق (I.V) 1135ھہ ۾ دائودپوٽا لڙائيءَ لاءِ اُٿيا، ۽ ملا جيئندو ابڙو، جو بکر تعلقي جي جتوئي پرڳڻي ۾ ڪن زرخريد ديھن جو سنڀاليندڙ هو، تنھن سان جهڳڙو ڪيائون. شڪارپور ۽ خانپور جي سرزمين ۽ آسپاس جي ديھن سميت مير عبدالواسع خان جي جاگير هئي، هنن انھيءَ ۾ پڻ دخل ڪري مٿئين خان کي ڪوبہ جواب ڪونہ ٿي ڏنو، تنھن ڪري ٺاري خدمتگار کي حضور ۾ موڪلي مٿينءَ، جاگير کي پنھنجي حوالي ڪرڻ جي گهر ڪري هنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ متوجهہ ٿيو ۽ ڪجهہ لڙاين کان پوءِ کين شڪارپور جي قلعي ۾ گهيرو ڪري آڻ مڃايائين.
ملڪ کي چار حصا ڪري ٻہ حصا جاگير جي مالڪ کي ۽ هڪ حصو دائودپوٽن کي ڏيئي، چوٿون حصو پنھنجي هٿ ۾ رکي، ضمانت وٺي موٽي آيو. هيءَ قوم بار بار عھد شڪني ڪري ملڪ ۽ زمين کان دربدر ٿي ويئي. آهستي آهستي خدا يار خان 1139ھہ ۾ شڪارپور ۾ منزل ڪري، دائودپوٽن جي بيخ ڪنيءَ لاءِ لشڪر روانو ڪيو، جنھن وڃي ”دهلي“(1) جي قلعي ۾ کين گهٽيو. آخر سيدن جي منٿ ڪرڻ تي کين امان ملي، ۽ فساد جو خيال بلڪل دل مان ڪڍي ڇڏيائون. هن وقت ”نھاران“ جي زمين، جا انھيءَ بدانتظاميءَ واري زماني ۾ دائودپوٽن کي هٿ آئي هئي، سا پوريءَ طرح مالڪن کي موٽي ملي آهي ۽ دربدر ٿي وڃي ڏوراهين ملڪ ۾ پيا ۽ وڃي ملتان جي پرڳڻن جھڙوڪ ”پھلي“ ملڪ امام الدين جويہ (1) ۽ فريد خان لکهديره، تاين (2) بھاولپور، هانسي (3) سمي جو مڪ، افغانن جي سرحدن جي ويجهڙائيءَ واري زمين، بابا فريد جو پٽن ۽ صبر ۾ رهيا آهن. نيٺ ٻن سالن کان پوءِ پنھنجي ڪئي تي پشيمان ٿي نوڪريءَ جي التجا ڪيائون، جنھن تي لائق گذران عطا ڪري کين بکر تعلقي واري زمين ۾ جا سرائين کي تازي هٿ آيل هئي جاگيرون ۽ گهر ڏيئي رهايو ويو. ساڳيءَ طرح ملتان جي آسپاس جا مشھور زميندار شيخ حميد ۽ شيخ عثمان روتڪ پڻ ٻارين ٻچين اچي ملازمت ۾ داخل ٿيا.
1142ھہ ۾ مراد ڪليري عرف گنجو سيويءَ تي مقرر ٿيو ۽ گنجا وه جي زميندار قيصر مگسي، محال شورن جي سردار ميرو گواري رند، محال سنيءَ جي سائيس گهرام لاشاريءَ جي اولاد، محال ڪچيءَ جي مالڪ ميرو بليدي محال، ڀاڳ ناڙيءَ جي زميندارن هرهڪ ميان اَميري ۽ لھپا ماڇيءَ ڍاڍار جي مالڪن، بازوئي قوم جي ڪالا خان ۽ ٻين ڪوهستان جي بلوچ زميندارن، ۽ ڪنکانيءَ جي محالدار بھار خان عمراڻيءَ کي جو هرهڪ هزارين لشڪر جو سردار هو، ماري مات ڪري قلات جي خان عبداللھ بروهيءَ سان جو پاڻ کي ”ڪوهستان جو شھباز“ سڏائيندو هو وڃي هٿ ڳنڍيائين. آخر 1143ھہ ۾ پنھنجي سر چڙهائي ڪري، گهيري ۽ جنگ سان ڪرتہ جو قلعو مبارڪ خان کان ورتائين، ۽ لشڪر اڳتي وڌي اسماعيل خان بروهيءَ کي شڪست ڏيئي ڪاڪر بروهيءَ کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو.
هن واقعي کان پوءِ مير عبداللھ خان پنھنجون ٻہ نياڻيون صاحبزادن کي ڏيئي صلح ڪيو. اتفاقاً سال 1144ھہ ۾ بروهين جي هڪ قوم عھد شڪني ڪري فريد آباد جي ڀر واري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنھن تي ميان پاڻ پنھنجي سر انتقام وٺڻ جي خاطر وڃي لاڙڪاڻي ۾ منزل انداز ٿيو، ۽ نامور سردارن کي امير عبداللھ خان سان جنگ ڪرڻ واسطي موڪليائين.
جذ پھر ۾ جتي مير عبداللھ خان اڳرائي ڪري آيو هو ٻنھي ڌرين جو ٽڪر ٿيو. هو (مير عبداللھ) رستم جھڙي جنگ کان پوءِ مارجي ويو ۽ آئيندي لاءِ بروهين جو زور ٽٽي پيو. 1145ھہ ۾ صاحبزادي محمد مرادياب خان چونڊ سردارن سان گڏجي ”ڪھيارو“ ۽ ”نرڪار“ وڃي مير عبداللھ خان جي سئوٽ مراد عليءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. 1146ھہ ۾ صاحبزادو خداداد خان هنن ماڻھن مان شادي ڪري مراد مند ٿيو. هن کان پوءِ نادر شاھہ بادشاھہ جي اچڻ جا سبب پيدا ٿيا ۽ اوڏانھن وڪيل اچڻ وڃڻ لڳا. 1149ھہ ۾ بکر جو ملڪ هٿ آيو. سيوستان انھيءَ کان اڳ هٿ اچي چڪو هو. 1150ھہ ۾ ٺٽو پڻ جيئن مٿي بيان ٿيو قبضي ۾ آيو، ۽ اتي جي نائبيءَ جو شرف شيخ غلام محمد کي نصيب ٿيو. انھيءَ سال نادر شاھہ قنڌار فتح ڪري سنڌ جي رستي هندستان ڏانھن وڃڻ لاءِ نڪتو تنھن ڪري سرحدن کي مضبوط ڪرڻ خاطر (پاڻ) لاڙڪاڻي وڃي، صاحبزادي محمد مرادياب کي ٺٽي روانو ڪيائون.
اهو 1151ھہ جي ذوالقعد مھيني جي آخر ۾ ٺٽي پھتو، تہ ڌاراجا جو حاڪم راڻو اجمال ۽ ڪڪرالي جو ڄام ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳا ۽ سامونڊي آرماڙ مٺي درياءَ ۾ وٺي آيا جنھن ڪري پاڻيءَ توڙي خشڪيءَ تي ڪيئي جنگيون لڳيون. سندن جهازن ٺٽي جي گهاٽ وٽ پھچي نصرپور تائين ٻنھي ڪپن تي ڦرلٽ ڪئي. آخر جڏهن هن پاسي کان توبون آڻي ڪناري تي بيھاري ڇوڙيائون، تڏهن شڪست کائي موٽي ويا پر سرائين جي فوج پيڇو ڪري ٻنھي کي زبردستيءَ آڻ مڃائي. تنھن کان پوءِ نادري تفرقو پيدا ٿيو. محمد مرادياب خان شوال جي ابتدا ۾ ٺٽي مان وڃي پيءُ سان مليو. خدا يار خان عمرڪوٽ پھچي اهل و عيال کي تلھار روانو ڪيو ۽ جنھن رات جي صبح جو پاڻ کي پڻ نڪرڻ جو ارادو هوس انھيءَ جي صبح جو بادشاھہ پنھنجي سر ناگھاني آفت وانگيان عمرڪوٽ جي ٻاهران ڪڙڪيو. هاڻي جڏهن ڪم هٿان نڪري چڪو هو، تڏهن لاچار خدا يار خان گنھگارن وانگيان اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيو. بادشاھہ کيس پاڻ سان وٺي اچي لاڙڪاڻي منزل انداز ٿيو ۽ هڪ ڪروڙ روپيا وٺي، ملڪ وري بخشي، سيوي پٺاڻن ۽ شڪارپور دائودپوٽن کي ڏيئي، عزت افزائيءَ لاءِ ”شاھہ قلي خان“ جو لقب عطا ڪري صاحبزادہ محمد مرادياب خان ۽ غلام شاھہ کي ضمانت ۾ وٺي 11 محرم الحرام 1153ھہ ۾، لاڙڪاڻي کان واپس موٽي ويو.
مٿئين سڄي حال احوال مان اهو ٿو معلوم ٿئي تہ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ چانڊڪا پرڳڻي جون سياسي ۽ سماجي حالتون پنھنجي جڳھہ تي پنھنجي اعليٰ معيار جون هيون. ڪلھوڙن جي دؤرِ حڪومت ۾ چانڊڪا پرڳڻي يعني هاڻوڪي لاڙڪاڻي جون سياسي سماجي حالتون تمام تعريف جي لائق آهن ڇاڪاڻ تہ ان وقت کجور ۽ چانورن ۽ ٻين شين جو واپار بلوچستان سان ۽ عربستان جي ملڪن سان تمام گهڻي پئماني تي هلندو هيو. لاڙڪاڻي جا چانور ۽ ٻيون چيزون ملڪان ملڪ مشھور هونديون هيون. ڪلھوڙن جي وقت ۾ گورنري راڄ قائم هوندو هيو ۽ لاڙڪاڻي اندر بلڪل امن و امان، ديني تعليم، نياز نوڙت ۽ علم و ادب تي بھترين خيال ۽ عمل هوندو هيو. ان وقت چانڊڪا پرڳڻي ۾ رهندڙ ماڻھو ڪلھوڙن جي حڪومت کان خوش ۽ پُرسڪون هوندا هيا. لاڙڪاڻي جا چانور ايترا تہ مشھور هوندا هئا جو فصلن مان زمين اندر ئي پري کان جنھن قسم جو فصل پوکيل هوندو هيو خوشبوءِ ايندي هئي. منھنجي خيال ۾ تہ ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت ۾ چانڊڪا پرڳڻي ۾ وڏين نوڪرين تي قابض وڏا ماڻھو هوندا هئا جيئن اڄڪلھہ تہ سڄي پاڪستان ۾ ساڳيو ئي حال آهي باقي هلڪيون ڦلڪيون ۽ وچوليون نوڪريون غريبن کي ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ چانڊڪا پرڳڻي ۾ تمام گهڻيون ۽ جام ملنديون هيون. تنھن ڪري غريب طبقو تمام گهڻو خوش هيو ۽ چانڊڪا پرڳڻي ڏانھن ٻاهريان ماڻھو خشڪي رستي ۽ وري دريا رستي مختلف جانورن تي سوار ۽ پيادا ايندا ويندا هئا.
چانڊڪا پرڳڻي ۾ پراڻي وقت کان وٺي چانورن جي لحاظ کان ڳوٺ گهوگهارو مشھور ٿيو جو اڄ تائين ان ڳوٺ جو نالو تاريخي لحاظ کان ڪتابن ۾ موجود آهي ۽ اهو ڳوٺ اڄ چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻو ضلعو) ۾ موجود آهي جو هن وقت نئين ٺاهيل قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت ۾ چانڊڪا پرڳڻي ۾ واپار جي ڪري سڀني ماڻھن وٽ ايترو تہ پئسو جام ۽ هيو جو منھنجي خيال ۽ اندازي مطابق لاڙڪاڻي وارو پھاڪو ”هجئي ناڻو تہ گهُم لاڙڪاڻو“ يقيناً پوءِ ئي مشھور ٿيو آهي جيڪو ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت جو جي شاهوڪاري واري دؤر کي ظاهر ڪري ٿو.
بھرحال ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت ۾ هاڻوڪي لاڙڪاڻي (پراڻي چانڊڪا پرڳڻي) جون حالتون سيسي، علمي ۽ سماجي لحاظ کان اهڙيون هيون جو هيءُ شھر بادشاھہ پرڳڻو هو ۽ هن وقت بہ لاڙڪاڻو يعني چانڊڪا پرڳڻو هر لحاظ کان بادشاھہ پرڳڻو آهي.