سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ڪلھوڙا دؤر جون جنگيون: گوهر سنڌي

سرزمين سنڌ دنيا جي قديم مذهبن، تمدن ۽ ملڪن مان هڪ آهي. ان دنيا جي عام دستور موجب گهڻائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، هن جي قديم عظمت جا نشان آمري- ڪوٽ، ڪوٽڏجي، رني ڪوٽ ۽ موهن جي دڙي کان علاوه سوين تاريخي ماڳ هزارن سالن جو يادگار اوچي ڳاٽ سان بيٺا آهن. سنڌ ديس تي ڪڏهن ملڪي حاڪمن حڪومت ڪئي آهي، تہ ڪو وقت ڌارين جي قبضي هيٺ اچي ڏکيا ڏينھن گهاريا آهن. اسان جا وڏا ڪشمير ڀونچ ۽ رجستان ۽ اتر ايران تائين حاڪم هئا. عربن جي ڪاهن کان پوءِ ٽي سئو سال غلام رهيا، آخر جند ڇڏائي. پنھنجي راڄڌاني قائم ڪيائون. انھيءَ کان پوءِ غزنوي، تغلق، ارغون، ترخان، (مغل) پٺاڻ حملا ڪندا رهيا ۽ اسين لڙندا وڙهندا رهياسين، پر پنھنجي ديس لاءِ محبت ۾ ڪمي نہ آئي ۽ ڌارين سان مھاڏو اٽڪائيندا رهياسين. اهڙيون حالتون رڳو سنڌ لاءِ نہ پر پوري برصغير جي سڀني قومن سان رهيون آهن.
آفريڪي ۽ مشرقي قومن جي حملن کان جند ڇڏائي سين تہ وري يورپي قومن هلائون ڪيون. انھن سان وڙهندي انھن کي نيٺ ڌڪي ڪڍيوسين، تہ پاڙي سري قومن ڪنڌ اچي ورتو. سنڌي ماڻھو بھادريءَ سان وڙهندا رهيا آهن. سنڌ جي نامياري محقق دادا سنڌي جي تحقيق مطابق تہ ”ڪلھوڙا سنڌ جي اصل رهاڪن جو هڪ مک قبيلو هئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جهڙن مک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ويرين، ڌارين خلاف پنھنجي منھن وڙهندا رهندا هئا. سندن وڏو ”ڄام چنو“ ستن مک قبيلن، ڪوريجن، سهتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏهرن جو پڳدار هو. هن سيوهڻ کان ڇھہ ڪوھہ پري جھانگارا باجارا جا شھر ٻڌايا. هو هڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار هو ۽ وڏي ساک وارو، سخي پھلوان مڙس هو. هن 1220ع ۾ وفات ڪئي. هن قبيلي مان ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو پيدا ٿيو، جنھن جا ڪافي مريد هئا. هو اللھ وارو ۽ درويش صفت انسان هو. سندس ڏينھن ۾ خان خانان سنڌ تي ڪاھہ ڪئي. هن ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، پنھنجن مريدن کي منظم ڪري ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ لکيل آهي تہ ”علائقي جي زميندارن ملتان جي حاڪم وٽ ميان صاحب جي شڪايت ڪئي جنھن تي مغل سپاهي کيس قيد ڪري ملتان وٺي ويا ۽ ملتان جي گورنر هن کي بغاوت جي الزام ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو.“ سندس وصيت مطابق سکر شھر جي اتر، اولھہ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا آدم شاھہ جي ٽڪري جي نالي سان مشھور آهي.
ڪتاب سر ۾ سانجهيءَ وير جي خالق محترم عبدالواحد آريسر سنڌين جي جنگ جي حڪمت عملي بابت لکندي چوي ٿو تہ ”سنڌ ۾ ڪنھن مرڪزي حڪومت نہ هئڻ سبب سنڌي عوام جنگ جي باقاعدي صفبنديءَ واري صورت ڇڏي ڇڙ وڇڙ جنگ ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. اهڙي قسم جي جنگ کي اسان موجوده دؤر جي (گوريلا جنگ) سان ڪنھن حد تائين ڀيٽي سگهون ٿا“ پر گوريلا جنگ ۾ جنھن ترتيب تنظيم ۽ منصوبي بنديءَ کي مدنظر رکيو ويندو آهي. هن جنگ جو نہ هڪ هيڊ ڪواٽر هوندوآهي، نہ هڪ سربراھہ ۽ نہ ئي هڪ تنظيم ملڪ جوهر محب وطن ماڻھو وٽس موجود معمولي هٿيار بہ دشمن جي خلاف استعمال ڪرڻ جو موقعو هٿان نہ وڃائيندو آهي. ملڪ جي وسيع ايراضيءَ ۾ پکريل هزرين لکين ڳوٺ انھيءَ جنگ جا مرڪز ۽ هيڊ ڪواٽر هوندا آهن. ۽ لکين عوام مان هرهڪ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي مڪمل مورچو ۽ سپھہ سالار هوندو آهي. اهڙي قسم جي جنگ جيڪا ڇڙ وڇڙ صورت ۾ لڙي ويندي آهي سا ڪامل فتح جا نتيجا پيدا ڪري نہ ٿي سگهي. پر ان جنگ سان حاڪم ٽولن کي آرام سان حڪومت ڪرڻ ۽ مفتوح ملڪ جي دولت محفوظ جاين ڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ سخت دشواريون پيش اينديون آهن ۽ هو ڏينھون ڏينھن وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رهندو آهي. سنڌين بہ مخالف حاڪمن خلاف اهڙي ئي جنگ وڙهي اها سنڌي عوام جي ڇڙ وڇڙ جنگ ئي هئي، جنھن مغل شاهيءَ کي ايترو تہ ڪمزور ڪري ڇڏيو جو ان ڪمزوريءَ مان فائدووٺي نہ صرف سنڌي عوام ڪلھوڙن جي دؤر ۾ آزادي حاصل ڪئي، پر پنجاب، بنگال، دکن ۽ ميسور جي عوام بہ مغل آقائيت کان پنھنجي جان آزاد ڪرائي ورتي.
آدم شاھہ جي شھادت کانپوءِ سندس پٽ ميان دائود گادي سنڀالي. ان جي وفات کانپوءِ ميان الياس گادي تي ويٺو، ميان الياس جي وفات کان پوءِ ميان شاهل محمد پنھنجن مريدن کي گڏ ڪري مغلن جي خلاف جدوجهد ڪئي. هو هڪ زرعي سڌارڪ انسان هيو، هن چاهيو پئي تہ گهاڙ واھہ جي ڪپن سان پيل زمين آبادڪرائجي، ان ڪري هن هڪ طرف گهاڙ واھہ جو سڌارو آندو تہ ٻئي طرف زرعي زمينون آبادگار هارين ۾ ورهايون، جيڪي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا، پر اها ڳالھہ مغل حاڪميت کي راس نہ آئي، جنھنڪري کيس شھيد ڪيو ويو.
آريسر صاحب سَر ۾ سانجهيءَ وير ڪتاب جي 96 صفحي تي وري لکندي چيو تہ، ”سنڌ جي ممتاز اديب محمد ابراهيم جويي جي تحقيق مطابق ڪلھوڙا سنڌي آهن، جن سنڌ ۾ قومي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ شاندار جدوجهد ڪئي هئي. سنڌ جي انھيءَ نامور گهراڻي جي عظيم فرزندن مان ميان نصير محمد ڪلھوڙو آهي.“ ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي تہ ”ميان شاهل جي شھادت کان پوءِ سندس ڀائٽو ميان نصير محمد 1068ھہ ۾ پنھنجي بزرگن جي مسند تي ويٺو. هيءُ پنھنجي بزرگن کان بہ گوءِ کڻي ويو. سندس همعصر هن جي جماعت ڏسي ساڙ کائڻ لڳا، نيٺ مقامي ماڻھو جنگ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ بکر جي مغلن کي سنڌ جي هنن فقيرن تي چاڙهي آيا.“ ان ڪري فقير نصير محمد ٿر ڏانھن هليو ويو، پر اتي پوک جو انتظام نہ هئڻ ڪري هو وري موٽي پنھورن جي علائقي ۾ آيو. مير پنھورن جو سردار فقير صاحب کي تڙي ڪڍڻ لاءِ بکرجي حاڪم جي صلاح سان وڏي لشڪر سان ڪھي آيو. ان لشڪر ۾ تپي پٺاڻ سبيءَ جو حاڪم مرزا خان بہ شريڪ هو. ڪجهہ جهڙپن کانپوءِ اهو پٺاڻ حاڪم صلح جي بھاني سان فقير صاحب کي قيد ڪري، بادشاھہ عالمگير وٽ وٺي ويو. فقير صاحب اتي ڪافي عرصو قيد رهيو. پٺيان سندس فقيرن تي ڪيترا ڀيرا مغلن حملا ڪيا تہ جيئن هيءُ مذهبي روپ ۾ قومي سنڌي تحريڪ بلڪل ختم ٿي وڃي. انھيءَ وچ ۾ ميان نصير محمد بہ مغلن جي قيد مان ڀڄي نڪتو ۽ پنھنجي وطن پھچي ويو. اهي حالتون ڏسي، سنڌي ماڻھو سندس چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا. فقير نصير محمد پنھورن جي اهڙي علائقي ۾ اچي رهيو، جنھن جي هڪ طرف جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي هو، اتي هن شھر ”گهاڙي“ آباد ڪيو. پنھنجو اصلي علائقو ”فوج فقير“ ۽ ڪاڇو عنايت فقير کي ڏنائين. سندس اهي فقير جيڪي اڳي تاجو دواري زندگي گذاريندا هئا، سي شاديون ڪري عيالدار ٿي پيا. ملڪ ۽ زمين وڌائڻ جو فڪر ڪرڻ لڳا. مير يعقوب بکر جي حاڪم کي زبردست شڪست ڏنائون. اهڙي ريت مغلن جي اقتدار جي حامين سان ڪيترين جنگين ۾ فقيرن کي سوڀ نصيب ٿي. نيٺ هنن لاکاٽ پرڳڻو مغلن کان مقاطعي تي ورتو ۽ ساهتي پرڳڻي تي طاقت سان قبضو ڪري ورتائون. انھيءَ پرڳڻي ۾ ڪلھوڙن جي هڪ فقير ”فيروز ويرڙ“ نئون شھر ٻڌايو، جيڪو اڳتي هلي نوشھري فيروز جي نالي سان مشھور ٿيو. انھيءَ ريت ميان نصير محمد جي مريدن سنڌتي هڪ قسم جو اقتدار حاصل ڪري ورتو. هن سن 1103 هجريءَ 1692ع ۾ وفات ڪئي.
ميان دين محمد، پنھنجي پيءُ نصير محمد جي فقيريءَ واري مسند تي ويٺو. هن پنھنجو آبائي طريقو جاري رکيو، اهي زميندار جيڪي ميان نصير محمد جي زماني ۾ ناڪام ٿي خاموش زندگي گذاري رهيا هئا سي موقعو ڏسي، ميان دين محمد سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. مير پنھور جنھن جو شھر ”فتح پور“ فقيرن جي قبضي ۾ هو، سو دهليءَ جي بادشاھہ وٽ فريادي ٿي ويو ۽ مرزا خان پني پٺاڻ جي نالي شاهي حڪم وٺي آيو تہ اهو مير پنھور جي مدد ڪري، پر مرزا پني فقيرن جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهيو. آخر درٻار شاهيءَ مان انھيءَ مھم لاءِ امير شيخ جھان مقرر ٿيو تہ اهو فقيرن کي ختم ڪري، ان حڪم پٽاندڙ امير شيخ جھان، مير پنھور جي ڏس تي فقيرن تي حملو ڪيو. ڪلھوڙن طرفان سندن مريدن، ڏيري جي قلعي مان نڪري مغليہ لشڪر جو مقابلو ڪيو ۽ ڳوٺ ڳيريلي وٽ مغليہ فوجن تي راتاهو هنيو، جنھن مغليہ لشڪر جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. هيڏانھن ميان دين محمد گهاڙيءَ مان هڪ لشڪر فقيرن جي مدد لاءِ موڪليو. ٻنھي لشڪرن گڏجي امير شيخ جھان جي لشڪر تي سخت حملو ڪيو، جنھن ۾ امير شيخ جھان مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم اللھ يار ڀڄي جان بچائي. ٻئي دفعي قنبر بروهين وڏو لشڪر وٺي فقيرن تي ڪاهي آيو. ليڪن ان کي بہ سخت ناڪاميءَ جو منھن ڏسڻو پيو.
امير شيخ جھان جي قتل ۽ بکر جي حاڪم اللھ يار جي ڀاڄ جي خبر ٻڌي شھزادي معزالدين (جيڪو عالمگير جو پوٽو لاهور ۽ ملتان جو گورنر ۽ سنڌ جو نگران هو) سڌو سنڌ جو رخ ڪيو. جڏهن ميان دين محمد شھزادي جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن ميان صاحب پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي ٻن وڪيلن سان گڏ بکر موڪليو، جن شھزادي کي سڀ حالتون سمجهائي، سندس دل صاف ڪري ڇڏي، جنھن ڪري هو مطمئن ٿي، لاهور واپس روانو ٿي ويو. پر اوچتو ئي اوچتو، انھيءَ وچ ۾ عجيب واقعو پيش آيو. ٿيو هيئن جو شھزادي جي واپس وڃڻ کانپوءِ ڪلھوڙا خاندان جي نامياري سپھہ سالار شاھہ بھاري جي وڏي ڀاءُ مقصود فقير جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو تہ شھزادي اسان جي بھادريءَ جا جوهر تہ ڏٺا ئي ڪونھ. ان ڪري کيس پنھنجي طاقت جو اندازو ڏيکاري اهو خيال ايندي ئي هن لشڪر تيار ڪري ميان دين محمد کي ٻڌائڻ کان سواءِ ماٿيلي تي حملو ڪري ڏنو ۽ پوءِ اڳتي وڌي اُچ ۾ مغليہ ماڻھن جو قتلام شروع ڪري ڏنائين.
شھزادي معزالدين کي جڏهن ڪلھوڙن جي لشڪر جي هن ڪاروائي جي خبر پئي تہ هو سخت ڪاوڙ ۾ واپس آيو. شاهي فوجن سيوهڻ ۾ ترسي ميان دين محمد جي علائقن ۾ لٽ ما شروع ڪري ڏني، مغل فوج ڇھہ مھينا سيوهڻ ۾ رهي. نيٺ ميان دين محمد صلح جي لاءِ درخواست ڏني ۽ پاڻ شھزادي وٽ هلي آيو. شھزادو معزالدين، ميان دين محمد کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. باقي ميان صاحب جي رهيل ماڻھن جي نگراني لاءِ هڪ فوج ڇڏي ويو تہ اها باقي ماڻھن کي گرفتار ڪري وٺي.
ميان دين محمد جو ڀاءُ ميان يار محمد سندس جي غير موجودگيءَ ۾ قائم مقام هو، سو ان ڳالھہ لاءِ تيار نہ ٿيو تہ ڪو پنھنجي ماڻھن ۽ واسطيدارن کي مغل فوج جي حوالي ڪيو وڃي. هن مغل فوج سان جنگ جو اعلان ڪندي انتهائي ثابت قدميءَ سان مغل فوج جو مقابلو ڪيو. ٻنھي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي، جنھن ۾ تاريخدانن جي تحقيق مطابق رت جون نديون وهي هليون. ميان يار محمد جي طرفان تاجي فقير، جدي فقير ۽ بختيار فقير پنھنجن پنھنجن جٿن سان گڏجي واھہ جو پاڻ ملھايو، انھيءَ جنگ ۾ مغل فوج جا ٻہ زبردست بھادر راجه گجه سنگھہ ڀٽي ۽ سورج مل اوڌپور واري ميدان جنگ ۾ مارجي ويا ۽ نئين گاج جي ڪناري تي ڪلھوڙن جي لشڪر مغل فوج کي زبردست شڪست ڏني. اها جنگ 1799ع ۾ ٿي. شھزادي انھيءَ شڪست کان بي پرواھہ ٿي، ميان دين محمد ڪلھوڙي کي شھيد ڪرائي ڇڏيو.“
”شاھہ، سچل، ساميءَ جي مصنف سائين ابراهيم جويي جي تحقيق جي حوالي سان تہ ”ميان نصير محمد جي پٽ ميان دن محمد دشمنن خلاف پھنجي جنگ جاري رکي ۽ اورنگزيب جي پٽمعزالدين ۽ان جي نوابن ۽ سپھہ سالارن کي ڪيترن ئي هنڌن تي شڪستون ڏنيون پر نيٺ هو دشمن جي فريب ۾ اچي ويو ۽ قرآن شريف جي ضمانت تي پنھنجن ٻن قريبي عزيزن سميت ڳالھين لاءِ معزالدين وٽ پھتو، جنھن وعده شڪني ڪري، کيس گرفتار ڪيو ۽ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي، چيچلائي سنڌَ کان سنڌَ الڳ ڪرائي مارائي ڇڏيو. ميان دين محمد ۽ سندس ساٿين جي شھادت جو هيءُ واقعو 1700ع ۾ پيش آيو.
ميان دين محمد کان پوءِ سندس وچون ڀاءُ ميان يار محمد گاديءَ تي ويٺو پر حڪمت عملي تحت پنھنجي اهل عيال ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو علائقن ۾ پناھہ ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين جي فوج سان جنگ جاري رکي ۽ ان کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ هو جبلن تان هيٺ لھي آيو ۽ نئينگ کان ٿيندي منڇر ڍنڍ ڪناري وارا شھر، سامتاڻي ۽ ڳاهن جي ايراضي، فتح پور، شڪارپور، (خداآباد) گچير، کاري ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ آندائين. ترت ئي پوءِ مغلن پنھنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي پھريائين سبي ۽ ڍاڍر جو انتظام، بطور رشوت جي ۽ پوءِ بحالت مجبوري سڄي بکر ۽ سڄي سيوهڻ جي علائقي جا اختيار ميان يار محمد جي حوالي ڪيا، کيس ”خدا يار خان“ جي لقب سان گڏ خلعت ۾ سونيءَ جڙت واري ڪلنگي، ترار، گهوڙو ۽ هاٿي بہ هن جي پذيرائي طور ڏنا. سرزمين سنڌ جي هڪ حصي (اتر سنڌ) جي اقتدار جي هيءَ منتقلي 1708ع کان 1711ع تائين عمل ۾ آهي. هن خدا آباد کي پنھنجو تختگاھہ بڻايو. ”جنت السنڌ“ ۾ لکيل آهي تہ ”سمن کان پوءِ ڪلھوڙا پھرين سنڌي قوم هئي، جنھن جي سردار ميان يار محمد کي مغليہ درٻار کان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو مليو. هيءُ ڪلھوڙن جي ڪاميابيءَ جو پھريون دؤر هو.“
محترم داد سنڌي، سنڌين جي فوجي مھارت“ ۾ لکندي چئي ٿو تہ ”ڪلھوڙن جي فوج هڪ طرف بھادر ۽ بيباڪ هئي تہ ٻئي طرف تربيت يافتہ بہ هئي. هي فوج هر وقت تيار رهندي هئي. ان وقت سنڌي فوجن جي طاقت جو اندازو ”آئين اڪبري“ ۾ هن ريت ڏيکاريل آهي. ڪلمتي بلوچ لکيءَ وارا ويھہ هزار سوار ميدان ۾ آڻيندا هئا، نومڙيا سيوهڻ جي تر ۾ سئو سوار ۽ ست هزار پيادل فوج جي طاقت رکندا هئا. مزاري بلوچ هڪ هزار جوان هر وقت سر ميدان ۾ آڻيندا هئا.“ ميان يار محمد ڪلھوڙي جي فوجي طاقت اعليٰ پائي جي هئي. هن جي فوج ۾ بلوچ ۽ سنڌي سپاهي هئا. هن سنڌي بلوچن کي دعوتون ڏئي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ سندن سردارن کي جاگيرون ڏنيون. هن بلوچن جي مدد سان سڄي سنڌ واري حڪومت قبضي ۾ ڪئي. هن پنھنجي آرمي فورس جي طاقت ۽ سورهيائي سان ئي مغلن کان سنڌ آزاد ڪرائي.“ ميان يار محمد سال 1719ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مقبرو خدا آباد (ضلعي دادو) کان هڪ ميل تي آهي. ميان يار محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد تخت ڌڻي ٿيو، جنھن لاڙ ۾ ڪڪرالو ۽ سري ۾ شڪارپور ۽ سيوي تائين قبضي هيٺ رکيو. 1736ع ۾ دهلي سسرڪار کان بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽو فتح ڪري ساري سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو.
محترم عبداللھ خان مگسي جي تحقيق مطابق تہ، ”ميان نور محمد جي دؤر حڪومت کي سنڌ جي تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي تاريخ ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي جي شخصيت ۽ ڪارنامن بيروني دشمنن سان مقابلن، داخلي سازشن کي ختم ڪرڻ، سنڌ جي مادي ۽ پيداواري وسيلن کي ترقي ڏيارڻ سبب ان وقت جي سياسي شعور ۽ سماجي وجود جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ ثقافتي اتحاد جي علامت پئي رهيا آهن.“ سنڌي قوم مغل دؤر حڪومت جي غلاميءَ جا جيڪي سور ۽ سختيون پئي سٺيون آهن، تن جي تذڪرن سان تاريخ جا باب ڀريا پيا آهن. مغلن سنڌ جي مادي پيداواري قوتن کي جنھن نموني سان پائمال ڪيو، تنھنجو مثال پڻ ڪنھن دؤر ۾ نظر نٿو اچي.
”ميان نور محمد والي سنڌ ايراني سلطنت کي اهو احساس ڏياريو تہ سنڌ، هنڌ جي ماتحت نہ آهي، ان ڪري ميان نور محمد نادر شاھہ جي انھيءَ حڪم ڏانھن ڪوبہ توجهہ نہ ڏنو تہ هو (نور محمد) ڪابل اچي ساڻس ملاقات ڪري ۽ کيس خراج ادا ڪري. ميان جي انھيءَ بھادريءَ واري رويي مان ثابت پئي ٿيو تہ سنڌ ان وقت سياسي طور تي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان صدين کان پوءِ سياسي، ثقافتي، تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت حاصل ڪري چڪي هئي. ان ڪري مغلن طرفان سنڌ کي ايراني سلطنت جي ماتحت ڏيڻ وارو عمل هڪ غير آئيني، غيرقانوني، غير اخلاقي ۽ غير فطري عمل هو. انھيءَ آئيني بحران ۾ ميان نور محمد جو برتاءُ منصفانہ هو. ڇاڪاڻ تہ هو قومي ۽ سياسي خودمختياري، اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي بچاءَ جي لڙائي لڙي رهيو هو. اهڙي طرح سفاق رهزن نادر شاھہ جارحيت ۽ ڏاڍ جي غير منصفانہ لڙائي لڙي رهيو هو.
جيئن هر راند جا ڪي (اصول هوندا آهن، ساڳي طرح هر لڙائي جا ڪي اصول ۽ قسم هوندا آهن. سنڌ پنھنجي بچاءَ ۾ جيڪي اصول ڪم آندا آهن، تن ۾ سڀ کان پھريون اصول هو، (Declarration of war) يعني ”جنگ جو اعلان“. بحوالھ: مقالو (ميان نور محمد ڪلھوڙي جي جنگي حڪمت عملي ۽ نادر شاھہ جو حملو) مصنف: عبداللھ خان مگسي.
”تاريخ ڪلھوڙا“ جو مصنف غلام رسول، مھر، لکي ٿو تہ جڏهن مير متاري سان گڏ نادر شاھہ جو سفير مير محمد علي بيگ ميان سان ملاقات ڪري کيس نادر شاھہ جي طرفان خراج جي ادائگي جو مطالبو ڪيو تہ هن کيس جواب ۾ چيوتہ مون مان پئسن جي اميد رکڻ فضول آهي. منھنجي هٿ ۾ فقط هڪ خزانو آهي ۽ اهو خزانو آهي تلوار، ان ڪري مان ڪنھن بہ لشڪر کان نٿو ڊڄان.“ نادر شاھہ جي حڪم عدولي کيس خراج جي بدران طاقت جي استعمال وارو جواب موڪلڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جنھن کي سنڌ جي طرفان اعلان جنگ سمجهيو ويو. ميان نور محمد گنجا بہ کي پنھنجو دفاعي علائقو قرار ڏئي پنھنجي هڪ بھادر سالارمراد ڪليري کي مقرر ڪيو تہ جيئن نادر شاھہ قنڌار کان دره بولان مان گذري سنڌ تي حملو ڪري تہ کيس گنجابہ ۾ روڪيو وڃي. يعني گنجابہ جنگ جو پھريون مورچو يا محاذ هوندو. مگر نادر شاھہ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي، تنھن مطابق هو دره گومل مان گذري ديره اسماعيل خان کان ٿيندو ديره غازي خان پھتو، جتان دائود پوٽن جي تعاون سان درياھہ سنڌ وسيلي لاڙڪاڻي پھتو. نادر شاھہ جي انھيءَ غير متوقع رستي کان ڦري اچڻ ڪري ميان نور محمد ٻئي دفاعي مرحلي طور طويل لڙائي (Protracted war) جي تياري ڪئي. يعني جڏهن جارح قوت تمام مضبوط حالت ۾ هوندي آهي، ۽ حريت پسند قوتون ڪمزور هونديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي آهي، تہ جيئن دشمن کي وڌ ۾ وڌ نقصان پھچائي سگهجي. هن مرحلي ۾ اڳرائي پسند قوتن جي طاقت ٽيڻي هوندي آهي تہ پوءِ ان جي مقابلي ۾ محب وطن قوتن جي نسبت هڪ هوندي آهي. ان وقت اڳرائي پسند جارح جي خلاف مختلف داءَ يا گُر استعمال ڪندي، ڪڏهن اڳتي وڌڻ تہ وري ڪڏهن پوئتي هٽڻ يعني (Advance Retreat) واري حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي آهي، تہ جيئن دشمن کي منجهايو وڃي. انھيءَ وچ ۾ مواصلات سرشتي (Line of communication) ۽ جنگي ڦهلاءُ وارو گُر استعمال ڪندي دشمن کي وسيع علائقي ۾ ڦهلايو ويندو آهي، تہ جيئن سندس فوجي قوت کي گهڻن حصن ۾ تقسيم ڪري سندس مرڪزي قوت کي ڪمزور بڻائي تہ ٻئي طرف وري پاڻ کي محدود ڪري پنھنجي مرڪز کي سگهارو بڻايو ويندو آهي.
ميان نور محمد جو پنھنجي مرڪز خداآباد کي خالي ڪري عمرڪوٽ ۾اچڻ جو مقصد بہ اهو هو تہ اهڙي نموني هو هڪ طويل لڙائي (Protracted war) لڙي سگهجي. ڇاڪاڻ تہ ميان نور محمد اهو اندازو لڳايو تہ نادر شاھہ گاديءَ واري شھر خداآباد ڏانھن ايندو، اتان پوءِ سيوهڻ واري ڏکئي ۽ خطرناڪ جابلو لڪ کان لنگهي سندس پيڇو ڪندو. انھيءَ دوران سندس فوجي سگھہ ڪمزور ٿي ويندي. انھيءَ صورت ۾ يا هو موٽي ويندو يا وري شڪست کائي ويندو. ميان نور محمد خداآباد مان ويندي ملڪ جي سڀني عاملن ۽ ڪارندن کي حڪم ڪيو تہ رسد جو جيترو بہ سامان هجي، تنھن کي ساڙيو وڃي ۽ باقي جيڪو بچي تنھن کي زمين ۾ دفنايو وڃي. ٻئي طرف وري نادر شاھہ پنھنجي جنگي حڪمت عملي تيز حملي (Surprise attacke) واري تدبير اختيار ڪئي ۽ هو جڏهن لاڙڪاڻي پھتو تہ کيس سندس جاسوسن اطلاع ڏنو تہ ميان نور محمد عمرڪوٽ ڏانھن روانو ٿي ويو آهي. جنھنڪري نادر شاھہ خداآباد سيوهڻ جي جابلو لڪ واري رستي بدرا ن درياھہ ٽپي نوشھري واري ميداني علائقي واري رستي سان شھدادپور پھتو. شھدادپور پھچڻ تي اهڙن ايجنٽ فوتن نادر شاھہ کي عمرڪوٽ ڏانھن ويندڙستن ۽ ٻين جنگي اهميت وارن رازن کان واقف ڪيو، جنھن ڪري نادر شاھہ کي عمرڪوٽ پھچڻ ۾ فقط هڪ ڏينھن لڳو.
اهڙن ديش دروهين ضمير فروشن ۽ ڌرتي غدارن لاءِ اديب انقلابي پنھنجي ڪتاب ديش دروهي ۾ لکندي ٻڌائي ٿو تہ، ”ڌرتيءَ جي گولي تي وسندر ملڪن ۽ قومن ۾ وقت بوقت محب وطن، سورهيھ، سرويچ، سچا، پچا ڌڳ، غدار، انل وقت، وطن ويڪائو، ڌارين جا دلال ڇسا ۽ خوشامدڙيا پيدا ٿيندا رهيا آهن. اهو هڪ عجيب اتفاق آهي تہ وقت جي وير ۾ ڪڏهن، ڪڏهن انقلابي جدوجهد جا مھرا بہ ترڪيو گپ ۾ گچي ڊپ، لالچ ۽ احساس ڪمتريءَ مرض وچان ٺڳجي ملڪ مٿان نادر شاھہ عذاب آڻي وجهندا آهن.“
ماهوار نئين زندگي 1971ع واري شماري ۾ ڪريم بخش خالد پنھنجي مقالي (سنڌ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد) ۾ لکندي چوي ٿو تہ، ”ڪلھوڙن ايشيا جي ٻن عظيم ڦورن ۽ ڌاڙيلن نادر شاھہ ايراني ۽ احمد شاھہ ابداليءَ سان جيڪي جنگيون جوتيون سي سندن ملٽري فورس ۽ عسڪري نظام جو زندھہ ثبوت آهن.“ چون ٿا تہ جڏهن نادر شاھہ عمرڪوٽ وڃي رهيو هو، تڏهن ماڇي قبيلي جي فوج جو هڪ دستو نادري لشڪر جي سامھون رستو روڪي بيھي رهيو ۽ وڏي بھادريءَ سان وڙهيو. اها جنگ اڃا جاري هئي تہ رڻ پٽ جي پاسي کان هڪ ٻي فوج نمودار ٿي،اها مھيري قبيلي وارن جي فوج هئي جنھن ۾ فقط نو سئو سوار هئا پر انھن اهڙي تہ تيزيءَ سان حملو ڪيو جو ايرانين جا پير اکڙي ويا. پر وطن جي ويرين نادر کي ڪامياب ڪرايو.
ميان نور محمد صاحب پنھنجي دفاعي پوزيشن جو جائزو ورتو. هن محسوس ڪيو تہ عمرڪوٽ جو قلعو، جيڪو بارود کان اڳ جي دؤر جو قلعو هو ۽ بعد ۾ منجهس توپن رکڻ لاءِ ٿلھي جو واڌارو ڪيوويو. سو نادري توپخاني آڏو ڪمزور هو. ان کان سواءِ اتي وڌيڪ اناج ۽ پاڻي جي ذخيري گڏ ڪرڻ جي گنجائش موجود ڪانہ هئي جو دشمن جي گهيري وقت ڊگهي عرصي تائين پنھنجو بچاءُ ڪري سگهجي. ان ڪري هن خزاني کي زمين ۾ دفنائي پاڻ ٿر جي جي رڻ پٽ يا سامونڊي علائقي ڏانھن نڪري وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو. پر نادر بہ هڪ تجربيڪار جنرل هو ۽ هن ميان جي انھيءَ حڪمت عملي کي ڄاڻي ورتو. تنھن ڪري هن اڳرئي پسند قوت طور سڀ کان پھريائين اها ڪوشش ڪئي تہ ميدان جنگ ۾ مقابلي کان اڳ ۾ عوامي سگھہ کي ختم ڪري ۽ عوام ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ لاءِ هن وڌ ۾ وڌ تشدد ڪيو ۽ سڄي علائقي ۾ ڦرلٽ، قتل و غارت مچائي ڇڏي تہ جيئن حڪمران پنھنجي عوام کان ڪٽجي ڌار ٿي وڃن. ٻيو طريقو هن تيز حملي (Surprise attack) جو اختيار ڪيو ۽ تيزيءَ سان شھدادپور مان هڪ ڏينھن اندر اڳتي وڌي ميان نور محمد کي عمرڪوٽ جي قلعي مان ٻاهر نڪرڻ ئي نہ ڏنو. ميان نور محمد هٿيار اڇلائڻ جي دوران پسپائي واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ هن نادري ڪئمپ ۾ پنھنجو سفير موڪلي صلح جي درخواست ڪئي، جيڪا نادر شاھہ قبول ڪئي.
ميان نور محمد ۽ نادر جي شاھہ صلح کان پوءِ ٻنھي ڄڻن ۾ ملاقات ٿي، جنھن ۾ ميان صاحب جنگي تاوان طور هڪ ڪروڙ رپيا نادر کي ادا ڪيا ۽ باقي ويھہ لک رپيا ساليانو خرچ ادا ڪندو رهيو. پنھنجن ٻن پٽن کي ٻن هزار گهوڙ سوارن سان گڏجي پنھنجي مرڪزي سرڪار جي حوالي ڪيا تہ جيئن سنڌ جي مرڪز ۾فوجي نمائندگي ٿي سگهي. اهڙي طرح ميان فوجي طور تي پسپائي حاصل ڪئي پر سياسي طور وري بہ فائدي ۾ويو.
نادر شاھہ سنڌ کي ٽن حصن ۾ورهائي ڇڏيو. يعني سبي ۽ ڪڇي پرڳڻا عبداللھ خان جي پٽ صحبت خان بروهيءَ کي ڏنائين، شڪارپور جو علائقو دائود پوٽن جي رئيس صادق محمد خان جي حوالي ڪيو ويو ۽ باقي سنڌ تي ميان نور محمد کي ”شاھہ قلي“ جو خطاب ڏئي کيس پنھنجي سلطنت ۾ داخل ڪيو، پر داخلي طور تي سنڌ خودمختيار حاصل رهي. ميان نور محمد سياسي طور تي ڳالھہ ٻولھہ ذريعي سنڌ ملڪ کي وڏي پيماني تي قتل و غارت کان بچائي ورتو.
جڏهن نادر شاھہ واپس هليو ويو تہ ميان نور محمد سنڌ ديس جي اندروني بدامنيءَ کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. هن ڪانجيءَ جي قلعي تي حملو ڪري ان کي فتح ڪري ورتو. ميان صاحب سنڌوندي ۽ عربي سمنڊ جي ڊيلٽائي علائقي ۾ ننڍين، ننڍين رياستن ۽ جاگيرن، جن مغلن جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيوهو. تن ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ ڌاريجن ۽ ڪڪرالين کي شڪست ڏئي مطيع بڻايو. هوڏانھن نادر شاھہ فتح جي نشي ۾ هر طرف حملا ڪندورهيو، مٿس قاتلانہ حملا بہ ٿيا، جنھنڪري هو وڌيڪ ظالم بڻجي ويو. ايتريقدر شڪي ٿي پيو جو پٽ جون بہ اکيون ڪڍائي ڇڏيائين. نيٺ امير ۽ سپھہ سالار سندس ظلم کان بيزار ٿي پيا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون. نادر شاھہ سنڌ ۾ آمد وقت جيڪو ظلم ۽ تشدد، قتل و غارت ڪئي، تنھن لاءِ ”بياض کهڙوي“ (قلمي نسخو) ان کي ”مثل القيامت“ ورتي آهي، جنھن مان مراد آهي تہ نادر شاھہ سنڌ ۾ سن 1739ع ۾ آيو، اهڙي طرح نادر شاھہ جي قتل ٿي وڃڻ تي اهل سنڌ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سندس وفات جي تاريخ لاءِ ”جن خراب“ شد جا اکر ڪم آندا آهن، جن جو ابجد جي حساب مطابق نادر شاھہ جي وفات جي تاريخ 1190ھہ مقرر ٿيل آهي.
نادر شاھہ جي سپھہ سالارن مان احمد شاھہ ابدالي بہ هڪ هو. نادر شاھہ جي قتل کان پوءِ سندس نظرون بہ سنڌ ڏانھن هيون ۽ خواهش هئس تہ نادر شاھہ وانگر سنڌ جو خزانو حاصل ڪري. احمد شاھہ جڏهن هندستان آيو تہ هن ميان نور محمدجي نالي فرمان جاري ڪيو تہ هو خراج ادا ڪري. ميان صاحب کيس ديوان گدو مل جي هٿان تحفا موڪليا ۽ کيس خوش ڪيو.
جڏهن نادر شاھہ سنڌ تي حملو ڪيو هوتہ هن ميان نور محمد جي پٽن کي پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکيو هو ۽ بعد ۾ ٽئين پٽ کي بہ پاڻ سان وٺي ويو هو. جڏهن ايران ۾ هنگاما شروع ٿيا تہ ميان صاحب جي پٽن، جيڪي تهران ۾ نادر شاھہ جي ڀائٽي ابراهيم وٽ هئا. تن فيصلو ڪيو تہ اسان مان هر هڪ کي هر حالت ۾ سنڌ پھچي پنھنجي پيءُ جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهوفيصلو ڪري محمد مرادياب خان هڪ هزار لشڪر وٺي سنڌ ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ۽ خزاني مان نقد رقم ۽ جواهرات کڻي ڪاشان ڏانھن روانا ٿيا. اهي سن 1162ھہ ۾ سنڌ پھتا. ميان غلام شاھہ اٺ سال ۽ عطر خان چار سال پيءُ کان ڌار رهيا. محمد مراد جيڪو انھن ٻنھي کان پھرين روانو ٿيو هو، سو ڪنھن سبب ڪري سنڌ پھچي نہ سگهيو. بھرحال جڏهن پيءُ کي پٽ جي مسقط اچڻ جواطلاع مليو تہ گهڻو خوش ٿيو. هن پٽ کي آڻڻ لاءِ جهاز روانا ڪيا ۽ ان جي موٽڻ تي حڪومت سندس حوالي ڪري، پاڻ احمدآباد ڏانھن هليو ويو.
جڏهن احمد شاھہ جي اچڻ جو اطلاع مليس تہ پاڻ ريگستاني علائقي ڏانھن هليو ويو ۽ گدو مل کي پنھنجي سفارت لاءِ احمد شاھہ جي خدمت ۾ موڪليائين. ميان صاحب ريگستاني علائقي ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مڙھہ کي محمد آباد ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. سنڌ جي اقتصادي تاريخ: (1592ع-1842ع ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي جي تحقيق مطابق 1754ع ۾ احمد شاھہ ابدالي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪاھہ ڪئي ۽ ميان نور محمد ڀڄي ويو. ان ئي (ريگستان) علائقي ۾ وفات ڪيائين. ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ سنڌ جي اميرن اتفاق راءِ سان سندس وڏي پٽ مرادياب خان کي تخت تي ويھاريو. هن جي ڪڪرالي ڄامن سان لڙايون ڪري زور ڀڃي ڇڏيو. پر چوٿين سال هن اهي قدم کنيا جو سمورو انتظام درهم برهم ٿي ويو. هو رعيت سان ظلم ڪرڻ لڳو. ان ڪري اميرن پاڻ ۾ صلاح ڪري هڪ رات سندس حويليءَ کي گهيرو ڪري کيس پٽن سميت قيد ڪيو ۽ ملڪ جون واڳون ميان غلام شاھہ جي حوالي ڪيون. مرادياب خان ڪجهہ وقت بعد آزاد ٿيو ۽ پنھنجي موت مري ويو.
مرادياب سن 1757ع ۾ معزول ٿيو تہ ميان غلام شاھہ سنڌ جو حاڪم بڻيو. ساڳي سال جي سيپٽمبر مھيني ۾ درياھہ جي آبڪلاڻيءَ ”مراد آباد“ جو شھر ختم ٿي ويو. تڏهن غلام شاھہ هڪ نئون شھر ”الھہ آباد“ جي نالي سان اڏايو ۽ ان کي سرڪاري مرڪز طور ڪتب آندو. غلام شاھہ نئون شھر ٻڌي اڃا مس مسند نشين ٿيو، جو افغانن طرفان سنڌ لاءِ عطر خان جي نالي حڪومت جو پروانو جاري ٿيو. ان ريت هن ڀيري کيس صرف اڍائي مھينا (ذي الحج 1170هه- 25 صفر 1171هه) سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن فيصلي بعد غلام شاھہ ٿر ڏي هليو ويو. عطر خان کي پروانو تہ مليو پر سنڌ تي حڪومت ڪرڻ سندس وس ۾ نہ هو. ظلم ۽ ستم وڌي ويو تہ غلام شاھہ ٿر کي ڇڏي اتر سنڌ ڏي راهي ٿيو. آخرڪار ٻنھي ڀائرن ۾ جون 1758ع رمضان (1171هه) ۾ روهڙي وٽ سخت جنگ لڳي. عطر خان جنگ هارائي قلات ڏي هليو ويو ۽ غلام شاھہ سوڀارو ٿيو.
ڪتاب (تاريخ سنڌ) مؤلف مشتاق ”مسرور“ باريچي جي تحقيق مطابق تہ ”ڪجهہ عرصي کانپوءِ عطر خان افغان درٻار ۾ پھتو، جتان هڪ افغان سردار جي مدد وٺي افغان لشڪر سميت سنڌ ۾ آيو ۽ ڦرلٽ شروع ڪري ڏنائين. ميان غلام شاھہ سندس مقابلو ڪيو ۽ عطر خان صلح جي ڪوشش ڪئي، ميان غلام شاھہ صلح ڪيو. جنھن مطابق حڪومت ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي. يعني غلام شاھہ، عطر خان ۽ احمد يار خان ۾ حڪومت تقسيم ٿي، پر بعد ۾ صلح برقرار رهي نہ سگهيو، جنھنڪري غلام شاھہ سنڌ تي پنھنجو ڌاڪو ڄمائي پوري ملڪ (ديس) تي قبضو ڪري ڇڏيو. انھيءَ کانپوءِ عطر خان ۽ احمد يار خان بھاولپور جي سردارن جي پناھہ ۾ رهيا. جتان احمد يار هندستان هليو ويو. جڏهن تہ عطر خان دائود پوٽن سان گڏجي سنڌ تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳو. غلام شاھہ جهيڙي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ويڙھہ کان سواءِ چارو نہ ڏسي اوٻاوڙي ۾ دائود پوٽي سردار بھادر خان جو مقابلو ڪيائين، جنھن ۾ بھادر خان مارجي ويو ۽ عطر خان ڀڄي ويو. ميان غلام شاھہ جي غير حاضري ۾ ڪڪرالي ڄام شورش ڪئي پر هن کين ختم ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن کي افغان درٻار مان ”شاھہ وردي“ جو خطاب مليو ۽ حڪومت جي سند عطا ڪئي ويئي. اهوسڀ ڪم ”ديوان گدو مل“ جي ڪوشش سان ٿيو، جيڪو ان وقت سنڌ پاران افغان درٻار ۾ وڪيل هو. سال 1762ع ۾ ميان غلام شاھہ ڪڇ تي پھريون حملو ڪيو، واٽ تي لکپت کان ٽيھن ميلن جي مفاصلي تي سندريءَ جو قلعو فتح ڪيائين. ڪڇ جي ڇھہ هزار فوج جاره جبل تي گڏ ٿي. هنن ميان غلام شاھہ جو رستو روڪڻ لاءِ سمورا کوھہ پٿرن سان ڀرائي ڇڏيا تہ جيئن سندس لشڪر کي پاڻي نہ ملي، پر ميان غلام شاھہ رستي جيتري تڪليفن کي سهندي اڳتي وڌيو پر سيٺ پونجي جي معرفت ڪڇ جي راءِ کي صلح لاءِ پيغام موڪليائين، جنھن جا شرط هي هئا.
1. بستہ بندر ۽ لکپ بندر غلام شاھہ جي حوالي ڪيا ويندا.
2. ڪڇ جي راءِ جي ڀيڻ جي شادي ميان غلام شاھہ سان ٿيندي. وقتي طور تي ٻنھي ۾ صلح ٿيو ۽ ميان غلام شاھہ واپس موٽي آيو.
ميان غلام شاھہ جي واپس ٿيندي ئي راءِ اهي شرط مڃڻ کان نٽائڻ لڳو. سيٺ پونجي گهڻو ڊيجاريس ۽ ڌمڪايس پر هن نہ مڃيو ۽ موقعو ملندي ئي سيٺ پونجي کي زهر ڏيياري مارائي ڇڏيو. ميان غلام شاھہ کي جڏهن اها خبر پھتي تہ هن وري سال 1764ع ۾ ڪڇ تي حملو ڪيو. هن پنجاھہ هزار لشڪر سان لکپت مان نڪري ”مورو“ قلعي تي حملو ڪري، ان کي فتح ڪيو. هن ڀيري راءِ کوهن ۾ زهر وجهائي ڇڏيو، پر ميان صاحب ٿورڙو ڦيرو کائي ڀُڄ ڏانھن پيش قدمي ڪئي. ڪڇ جي راءِ جڏهن ميان صاحب کي ويجهو ايندو ڏٺو تہ صلح جي درخواست ڪيائين ۽ پنھنجي سئوٽ ايسوجيءَ جي ڌيءَ ميان صاحب جي نڪاح ۾ ڏنائين، جنھن کي ميان صاحب ”سنڌ راڻي“ جو لقب ڏنو. انھيءَ ڪاميابيءَ تي افغان درٻار مان کيس ”صمصام الدولھ“ جو خطاب مليو.
سال 1761ع ۾ جڏهن احمد شاھہ ابداليءَ هندستان تي حملو ڪيو ۽ هن پاڻي پٽ جي ميدان ۾ مرهٽن کي شڪست ڏني تہ انھيءَ جنگ ۾ بلوچ ۽ بروهي سردار بہ احمد شاھہ سان گڏ هئا. انتظام کي بحال ڪرڻ لاءِ هن پنجاب جا ڪي علائقا پنھنجي اعتبار جوڳن ساٿين جي حوالي ڪرڻ گهريا. احمد شاھہ ميان غلام شاھہ جو بھتر انتظام ڏسي ديره جات جو ٽن ميلن جو علائقو سندس حوالي ڪيو، ميان غلام شاھہ پاڻ اوڏانھن ويو ۽ سرڪش بلوچ سردارن کي مطيع ڪري پنھنجو انتظام ڪري واپس آيو، ڪجهہ وقت اتي سرڪشي رهي، پر 1769ع ۾ ساڳيو علائقو وري ميان غلام شاھہ جي قبضي ۾ آيو ۽ ملتان جي حڪومت بہ سندس حوالي ڪئي ويئي.
ميان غلام شاھہ ڪلھوري سنڌ تي 16 سال حڪومت ڪئي ۽ 2 آگسٽ 1772ع ۾ لقوي ۽ اڌ رنگ (فالج) جي بيماريءَ ڪري وفات ڪيائين. کيس ٻہ پٽ ميان سرفراز ۽ ميان محمود هئا. ميان غلام شاھہ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان سرفراز خان ڪلھوڙو تخت تي ويٺو، انھن ڏينھن ۾ احمد شاھہ ابداليءَ بہ وفات ڪئي، جنھن جي جاءِ تي سندس پٽ تيمور شاھہ تخت تي ويٺو، جيئن تہ سنڌ انھيءَ زماني ۾ افغان حڪومت جي ماتحت هئي. ان ڪري ميان سرفراز خان مير بھرام ٽالپر کي ان ڏانھن سندس پيءُ جي تعزيت لاءِ موڪليو، جتان ميان سرفراز کي خلعت ۽ حڪومت جي سنڌ ۽ ”خدايار“ جو خطاب بہ مليو. ڪجهہ وقت کانپوءِ کيس ديره جت جي حڪومت بہ ملي. هن ڪَڇَ تي حملا ڪيا، پھرين حملو آڪٽوبر 1774ع ۾ ڪيو. جيڪو ڪيترا مھينا جاري رهيو. جڏهن سندس لشڪر ڪنٽي ڪوٽ پھتو تہ هن اتان جي ٺاڪر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.
ديوان گدو مل، جيڪو ڪلھوڙن جو خاص معتمد هو، تنھن ميان سرفراز کي صلاح ڏني تہ هو ٽالپر سان اڻبڻت نہ رکي ۽ ڪوڙين شڪايتن ڏانھن ڌيان نہ ڏي پر آهستي آهستي ڳالھہ وڌي ويئي ۽ ميان سرفراز درٻارين جي چوڻ ۾ اچي مير بحرام خان ۽ سندس پٽ مير صوبدر خان کي شھيد ڪرايو. مير بھرام ۽ سندس پٽ جي شھادت ميرن کي ميان سرفراز کان جدا ڪري ڇڏيو. عام ماڻھن ۽ ميرن ۾ ميان صاحب جي وڏي عزت هئي. انھيءَ واقعي ٻين ميرن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ هنن هر طرف کان ميان سرفراز تي هلان ڪرڻ شروع ڪيون جن ۾ مير بھرام جو سئوٽ مير فتح خان انھن جو اڳواڻ بڻيو، جنھن پنھنجا ماڻھو وٺي خدا آباد تي حملو ڪيو.
ميان سرفراز پنھنجي جان بچائي، حيدرآباد ڏانھن ڀڳو. اهي ماڻھوجن جو مير بھرام جي قتل ۾ هٿ هو، تن ميان سرفراز کي ڀڄندي ڏٺو تہ اهي هڪدم مير فتح خان سان شامل ٿي ويا. مير فتح خان ميان سرفراز جي ننڍي ڀاءُ محمود خان کي تخت تي ويھاريو ۽ پاڻ ميان سرفراز جي پٺيان حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو ۽ حيدرآباد جو قلعو فتح ڪري، ميان سرفراز کي قيد ڪيائين. ميان سرفراز خان ڪلھوڙو قيد ٿيڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ ميان محمود تخت تي ويھاريو ويو. مير فتح پاڻ کي حاڪميت جي جهيڙي کان پري رکيو ۽ مير بجار خان جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. راڄي ليکي موقعي جو فائدو وتو ۽ پنھنجا پير مضبوط ڪرڻ لڳو ۽ ميان محمود بہ سندس هٿن ۾ کيڏي رهيو هو. ان کان پوءِ راڄي ليکي سياست ڪري ان کي تخت تان لاهي ميان نور محمد جي پٽ غلام نبيءَ کي تخت تي ويھاريو. اهڙيءَ طرح هن ٽالپرن خلاف هڪ نئون محاذ قائم ڪيو. مير بجار خان جي واپس اچڻ جو ٻڌي راڄي ليکي زهر پي خودڪشي ڪئي. ٻئي طرف ميان غلام نبي بہ مسقط جي حاڪم کي لکي موڪليو تہ مير بجار کي ختم ڪيووڃي يا کيس گرفتار ڪري مون ڏانھن موڪليو وڃي. مسقط پھچڻ تي سندس خط مير بجار کي ڏيکاريا ويا. مير بجار مسقط کان قلات پھتو. جتان خداآباد آيو، جتي سمورا ٽالپر اچي گڏ ٿيا ۽ بدلي وٺڻ جو فيصلو ڪيائون. مير بجار خان حالتن جو جائزو وٺي جلد ئي ويڙھہ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف ميان غلام نبيءَ وري تاجي ليکي، اللھ بخش جنجڻ، مھراب جتوئي ۽ فيروز پتافيءَ کي مير بجار جي مقابلي لاءِ تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ مير بجار کي خط لکيائين تہ سنڌ ڇڏي هليا وڃو. اهو خط ملندي مير بجار کي مصاحبن صلاح ڏني تہ جنگ ڪجي. پر هن ملڪ کي گهرو لڙائيءَ کان بچائڻ لاءِ عمرڪوٽ وڃي، اتان قلعو کوسن کان هٿ ڪيو ۽ اتي رهڻ لڳو. تاجي ليکي حرفت هلائي ۽ کيس صلح لاءِ چيو. مير بجار ان تي آماده ٿيو، پر جڏهن هن محسوس ڪيو تہ اهو فريب آهي، تہ هو لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو.
هوڏانھن ميان غلام نبيءَ جو سپھہ سالار فيروز پتافي شھدادپور تعلقي جي لنياري ڳوٺ ۾ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. مير بجار خان ڇھہ هزار لشڪر سان مقابلي ۾ آيو، جنھن ۾ فيروز پتافي وڙهندي مارجي ويو ۽ سڄي لشڪر ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. اها صورتحال ڏسي، ميان غلام نبيءَ پنھنجي خاص خدمتگارن هٿان مير صاحب ڏانھن قرآن پاڪ موڪليو ۽ چيائين تہ، ”آئون اصل کان لڙائي لاءِ تيار نہ هئس، پر مون اهو قدم ساٿين جي چوڻ تي کنيو. ان ڪري هن قرآن پاڪ کي شفيع سمجهو.“ حالانڪھ ميان صاحب اهو پيغام ڳجهيءَ طرح موڪليو هو، پر تاجي ليکي کي ان جي خبر پئجي ويئي. ان ڪري جوش ۾ اچي ميان صاحب وٽ پھتو ۽ تلوار سان کيس شھيد ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ هو پنھنجن ساٿين سميت ڀڄي وڃي شاھہ ڳڙھہ پھتو. سندس ساٿي اللھ بخش جنجڻ، محمد حسن ۽ محراب جتوئي گڏجي مير بجار وٽ پھتا ۽ معافي ورتائون. مير بجار خان ميان غلام نبيءَ جو لاش دفنائڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ۽ هڪ فوجي دستي کي تاجي ليکي جي پويان روانو ڪيائين.
ميان غلام نبيءَ جي شھادت کان پوءِ حيدرآباد ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي جو پٽ ميان عبدالنبي موجود هو. انھيءَ زماني ۾ ميان سرفراز خان سندس پٽ محمد خان، ڀاءُ محمود خان ۽ چاچو عطر خان حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد هئا. ميان عبدالنبي ڪلھوڙو پنھنجي ڀاءُ غلام نبي جي آخري رسمن مان واندو ٿي، حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ پنھنجي دوستن سان صلاح ڪري قلعي ۾ قيد چئني قيدين کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف مير بجار خان پنھنجي وفاداريءَ جي خيال کان ميان سرفراز خان کي تخت ڏيڻ لاءِ سوچيو. هو اڃا انھيءَ خيال ۾ هو تہ کيس سندن شھادت جي خبر ملي. پر پوءِ هن ميان عبدالنبيءَ ڪلھوڙي کي حاڪم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻہ ماڻھو ان ڏانھن موڪلي، کيس هالا گهرايائي، جتي مخدوم نوح رحه، جي درگاھہ تي مسند نشينيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. ميان عبدالنبيءَ جي حڪومت سنڀالڻ وقت انتظامي بندوبست مير بجار خان جي هٿ ۾ هو، تہ انتظام کي درست ڪجي ۽ تباھہ ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير ڪجي. اهو خيال ڪري هو انھيءَ ڪم ۾ لڳي ويو. اڃا هو ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ لڳل هو تہ اوچتو هڪ نئين فتني ڪر کنيو. احمد يار خان جو پٽ عزت يار خان جيڪو افغانستان جي درٻار ۾ هو. تنھن درٻر ۾ سنڌ اندر افراتفري ۽ خراج جي ادائگيءَ جي شڪايت ڪئي. انھيءَ تي تيمور شاھہ کيس سڏائي چيو تہ وڃي سنڌ سنڀال. ان کان سواءِ محفوظ خان حڪيم شاهيءَ کي ڏھہ هزار لشڪر ڏئي کيس چيو ويو تہ عزت يار خان ڪلھوڙي سان گڏجي وڃي کيس سنڌ جو حاڪم بڻائي ديره جات جي حاڪم کي حڪم ڏنو ويو، تہ لشڪر کي خراج پھچاءِ.
مير بجار خان جڏهن هن جي اچڻ جو ٻڌو تہ مقابلي جي تياري ڪيائي، عزت يار خان کيس خط لکيو تہ عبدالنبيءَ کي تخت تان لاهي سندس اطاعت قبول ڪئي وڃي. مير صاحب جواب ۾ کيس چيو تہ، ميان عبدالنبي توهان جي والد بجاءِ آهي. ان ڪري اوهان اهو خيال لاهي ڇڏيو.
نيٺ ٻنھي ڌرين ۾ ٺاھہ نہ ٿي سگهيو ۽ شڪارپور ۾ لکيءَ غلام شاھہ جي وچ واري ميدان ۾ ٻنھي ۾ لڙائي ٿي، جنھن ۾ مير بجار ڪامياب ٿيو. جڏهن تيمور شاھہ کي اها خبر پھتي تہ هو پاڻ لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. مير بجار خان بہ روهڙيءَ طرف روانو ٿيو، جتي تيمور شاھہ وٽ پھچي سندس غلطي ختم ڪيائين ۽ ميان عبدالنبي کي حڪومت جي سندَ عطا ٿي. مير صاحب پنھنجي بھتر تدبر سان سنڌ ۾ اطمينان واريون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انھيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاميابي حاصل ڪئي. هو اڃا انھن ڪوششن ۾ رڌل هو تہ سندس حاسدن قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي ۽ انھيءَ ۾ ڪامياب ويا. مير بجار جي قتل جي خبر سڄي ملڪ ۾ تيزيءَ سان پکڙجي وئي. انھيءَ سان گڏ اهي افواھہ بہ پکڙجي ويا تہ سازش ۾ ميان عبدالنبيءَ جو هٿ آهي. انھيءَ افواھہ تي ڪنھن کي يقين نٿي آيو. ايتري قدر جو مير صاحب جي پٽ مير عبداللھ خان بہ اعتبار نہ ڪيو. ڪفن دفن ۽ سوڳ کان پوءِ مير سهراب، مير فتح علي ۽ مير عبداللھ خان ميان عبدالنبيءَ ڏانھن روانا ٿيا.
هوڏانھن مير بجار خان جي قتل ميان عبدالنبيءَ جي دل تي هيبت طاري ڪري ڇڏي ۽ ضمير کيس ملامت ڪندو رهيو. ميرن جي اچڻ جو ٻڌي راتو رات اهل عيال ساڻ ڪري قلات ڏانھن روانو ٿيو ۽ پٽن کي جوڌپور روانو ڪيائين. جڏهن مير عبداللھ کي ميان عبدالنبيءَ جي ڀڄڻ ۽ قاتل راجه وٽ وڃڻ جي خبر پئي تہ کيس افواھہ حقيقت لڳا. ان جي باوجود مير صاحب، ميان صاحب کي قرآن موڪلي کيس واپس اچڻ لاءِ چيو، پر سندس صلاحڪارن کيس واپس اچڻ نہ ڏنو. ميان عبدالنبيءَ کان پوءِ مسند نشينيءَ جو سوال پيدا ٿيو، تہ ٽالپر پنھنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي ڪلھوڙا گهراڻي جي درويش صفت تارڪ الدنيا فقير صادق علي خان کي مسند نشين ڪيو ۽ مير عبداللھ خان انتظامي معاملن جو سربراھہ ٿيو.
مير بجار جي شھادت ۽ ميان عبدالنبيءَ جي فرار سبب سنڌ جي سياسي حالت ۾ گهڻي تبديلي آئي. ملڪي انتظام ۽ امن امان ۾ خلل پيدا ٿيو. جڏهن هڪ فقير ۽ تارڪ الدنيا درويش حاڪم بڻيو تہ ڀرپاسي جي ماڻھن ۽ راجائن کي سنڌ تي قبضي جو خيال پيدا ٿيو. جوڌپور جي راجه لشڪر گڏ ڪري سنڌ تي حملي جو خيال ڪيو. مير عبداللھ خان مير صادق علي خان کي پاڻ سان وٺي وڏي لشڪر سان جوڌپور وارن جو اڳ اچي جهليو. ٻنھي ۾ لڙائي ٿي ۽ جوڌپور جي وڏي لشڪر هئڻ باوجود سنڌي فوج (جنھن ۾ نظاماڻي، لغاري ۽ جمالي شامل هئا) کي ڪاميابي حاصل ٿي.
هوڏانھن ميان عبدالنبيءَ کي خيال ٿيو تہ سنڌ جي حڪمراني وري هٿ ڪريان. سو هن مير نصير خان بروهي کي لالچ ڏئي، کانئس لشڪر ورتو ۽ پاڻ بروهي فوج جي سپھہ سالار زرڪ خان سان گڏجي سنڌ تي حملي لاءِ روانو ٿيو. لاڙڪاڻي پھچڻ تي محراب جتوئي، ڌگاڻو جتوئي، جنجڻ، کوسه ۽ نومڙيا قبيلن جا ماڻھو بہ شامل ٿي ويا. مير عبداللھ کي اهڙو اطلاع ملندي ئي هن پنھنجي لشڪر کي وٺي اچي چالڪ جي پل تي بروهين سان مقابلو ڪيو. جنھن ۾ محراب جتوئي ۽مير زرڪ خان بروهي جھڙا سردار مارجي ويا ۽ ميان عبدالنبي ڪلھوڙو وري قلات ڀڄي ويو ۽ سنڌي فوج کي فتح نصيب ٿي.
ميان عبدالنبي پوءِ بہ ماٺ ڪري نہ ويٺو ۽ نيون ڪوششون شروع ڪيائين، نيٺ هڪ ڏينھن تيمور شاھہ جي درٻار ۾ پھچي ان کان مدد گهريائين، جنھن تي کيس مدد خان نالي هڪ سردار جي مدد ڏني ويئي ۽ مير نصير خان کي بہ حڪم مليو تہ بروهين ۽ بلوچن جو لشڪر بہ سردار سان شامل ٿئي ميان عبدالنبيءَ جي مددڪري 1780ع ۾ مدد خان سنڌ تي حملو ڪيو، جنھن ڪري سنڌ جو امن ۽ سڪون تباھہ ٿي ويو. هو جتان بہ لنگهيو اتي آبادي ويران بڻجي ويئي، لڄون لٽجي ويون ۽ شرافت جو دامن تار تار ٿي ويو. ”جنت السنڌ“ مطابق بدين تائين سنڌ جا دولتمند ڳوٺ ۽ شھر افغانن ڦري ناس ڪري ڇڏيا. جوڻ ۽ فتح باغ جا وسندڙ ٻہ شھر جيڪي لاڙ ۾ باغن واري پيداوار جي ڪري مشھور هئا سي هن قيامت صغريٰ ۾ ناس ٿي ويا. سنڌي ڳوٺاڻا پري کان افغانن جا گهوڙا ڏسي ”گهوڙا گهوڙا“ ڪندا ڳوٺ خالي ڪري ڀڄڻ لڳا. ”لب تاريخ سنڌ“ جي ليکڪ جي تحقيق مطابق تہ ”سنڌ ۾“ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ جو رواج مدد خان جي ڪاھہ ڪري پيو. مٿينءَ آفت جي برپا ٿيڻ جي ڪري سنڌ ۾ سخت ڏڪار پيو.
هوڏانھن مير عبداللھ خان اها حالت ڏسي بي چين ٿيو ۽ هن پنھنجي عزيزن کي سڏائي صلاح ڪئي. مير فتح علي خان، مير غلام علي خان ۽ مير سهراب خان گڏجي، سنڌ دشمن مددخان پٺاڻ جي مقابلي لاءِ روانا ٿيا، پر واٽ تي ڪن ماڻھن ميڙ وجهي، مير فتح خان کي صلاح ڏني تہ اوهان اڳرائي نہ ڪريو، جنھن ڪري مير صاحب اتي ئي ترسي پيو، تہ ٻئي طرف افغان لشڪر کي جڏهن اها خبر پئي تہ انھن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي ۽ صلح جي ڪوشش ڪيائون. افغاني لشڪر کي مير عبداللھ خان جي بھادريءَ جي خبر هئي. ان ڪري مدد خان مير عبداللھ ڏانھن خط لکيو تہ هو ميان عبدالنبيءَ جي ظلمن کان واقف آهي ۽ هو رڳو خداآباد جي خزاني هٿ ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي آيوآهي.
مير عبداللھ خان قاصد کي عزت ۽ خط جي جواب ۾ لکيائين تہ، ”آئون ۽ منھنجا ساٿي شاھہ جا وفادار آهيون، پر مون قسم کنيو آهي تہ ڪيڏو بہ وڏو لشڪر هجي تہ مقابلو ڪندس.ان ڪري جيڪڏهن اوهان کي خداآباد وڃڻوآهي تہ دريائي رستي کان وڃو، اهڙي طرح منھنجو قسم پورو ٿي ويندو ۽ آئون عمرڪوٽ هليو ويندس.“
مير عبداللھ جي خط ملڻ کان پوءِ مدد خان دريائي رستي کان خداآباد پھتو. ميان عبدالنبيءَ کي دفن ٿيل خزاني لاءِ چيائين، جنھن پنھنجن ماڻھن کي موڪلي چوطرف ڦرلٽ ڪرائي ۽ جيڪي هٿ آين سو کڻي آيا. تاريخن جي کوجنا مطابق، تہ ميان عبدالنبي ۽ مدد خان جي ماڻھن سنڌ جي ماڻھن تي ايترو ظلم ڪيو جو انسان ۽ حيوان ۾ ڪو فرق نہ رهيو ۽ ماڻھن کي بدن تي ڪپڙو بہ نہ بچيو، ”شاهنامہ سنڌ“ مطابق پٺاڻ سنڌ کي ڦري ويران ڪري ڪابل ڏانھن موٽي ويا. نيٺ ڪجهہ وقت کان پوءِ مدد خان ميان عبدالنبيءَ کي اڪيلو ڇڏي پاڻ افغانستان هليو ويو. ميان عبدالنبي پاڻ کي اڪيلو ڏسي نواب بھاول خان وٽ بھاولپور ويو. جتي قرآن پاڪ تي لکي مير عبداللھ ڏانھن صلح لاءِ موڪليائين. مير صاحب سٺي موٽ ڏيندي صلح ڪيو.
ميان عبدالنبيءَ جي قسم تي مير عبداللھ خان سان ٺاھہ تہ ڪيو پر ميان عبدالنبي هرٺاھہ جي ڀڃڪڙي ڪندي غداري ڪندي مير عبداللھ کي قرآن پڙهندي قتل ڪرايو. انھيءَ حادثي ٽالپرن کي سخت ڪاوڙ ڏياري ۽ مير فتح علي خان مير سهراب غلام علي، باگو خان ۽ ٺارو خان گڏجي بدلي وٺڻ لاءِ نڪتا ۽ مختلف حملن بعد هالاڻيءَ جي ميدان تي ٻنھي ڌرين ۾ زبردست لڙئي لڳي، جنھن ۾ ميان عبدالنبي جا بھترين جوڌا مارجي ويا ۽ لشڪر ڀڄڻ لڳو. ميان عبدالنبي اها صورتحال ڏسي وٺي قلات ڀڳو. اهڙيءَ طرح سنڌ مان ڪلھوڙا گهراڻي جي 80 سالھ دؤر حڪومت جو خاتمو آيو.

مختصر جائزو:
ڪلھوڙا گهراڻو 1220ع جي دوران ئي شروع ٿئي ٿو. ڪلھوڙا سنڌ ڌرتي جا اصلي، نسلي سنڌي چنا ”چنيھ“ جي قبيلي مان ڏيکاريا ويا آهن. هنن جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنھنجي ذات عربن سان ڳنڍي پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو. (اڄ بہ هنن جون) ذاتيون يا پاڙا ڪلھوڙا، دائود پوٽا، عارباڻي، هيسباڻي، فيروزاڻي وغيرہ مشھور آهن. ڪلھوڙا گهراڻي جا حڪمران 80 سالن تائين حڪومتون ڪيون. هنن جي دؤر ۾ سياسي ثقافتي، سماجي، اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اهميت جا حامل آهن. هن خاندان جا ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ غلام شاھہ روشن ستارا هئا. هن دؤر ۾ سنڌ کي آزاد خودمختيار، سرسبز عوام جي خوشحالي، ڳوٺن، شھرن، واهن جا بنياد، زراعت جا سڌارا، ثقافت، تاريخ، ڪلچر تمدن جي پيروي ۽ بچاءُ ڪرڻ، فوجي مھارتون آڻڻ لاءِ پنھنجي محدود وسيلن کي ڪتب آڻڻ ۾ ڪابہ ڪوتاهي ڪانہ ڪئي.
هڪ پاسي هي صوفي، درويش، بزرگ، الھہ لوڪ فقير هئا، ٻئي پاسي بھادر، سرفروش، وطن پرست، جاٺا جوان ۽ جنگجو جوان هئا. اهڙي طرح هنن ۾ ڪي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد انتهائي لالچي، ڇسا، غدار، ابن الوقت، ڌارين جا دلال نڪتا، انھن جي غداريءَ جي ڪري سنڌ تي ڌارين (مغلن) پٺاڻن کي حملو ڪرڻ سنڌ کي برباد ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا رهيا. پوءِ تہ انھن غازين ۽ سرفروشن کان اهي ئي رڙيون نڪتيون

سوين آيا سنڌ ۾ نوان نادر شاهه
ڪانھي ڪا تاريخ ۾ ويڙھہ سوا ٻي واهه
متان سوچيو ساھہ، متان موٽو ماڳ کان

انھن غدار ماڻھن جي ڪري سنڌ تي نادر شاھہ، احمد شاھہ ابدالي، تيمور شاھہ ۽ مدد خان جھڙاسفاق لٽيرا، ڌاڙيل ڦورو اچي ڪڙڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. رت جون نديون وهائي ڇڏيون سنڌي ماڻھن (انسانن) کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگي ڪھندا ويا. پوءِ اهڙن مظلومن جون دانھو ايئن نڪتيون ته:

”تاريخ جي خوني ڳلين مان هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لھوءَ جي لاڙن ڏي ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ

80 سالن جي حڪومت ۾ خاص تيرهن حڪمرانن حڪومت ڪئي، جنھن ۾ ڪجهہ حڪمرانن کان سواءِ سڀ جو سڀ ڌارين ۽ پنھنجن جي دشمنيءَ ۾ شھيد ٿي ويا.
هنن جو دؤر ۾ سماجي، سياسي ثقافتي ادب شعر و سخن جو دؤر هو، جنھن ۾ قومي شاعر شاھہ لطيف جو جوڀن، سچل سائينءَ جو جنم، ساميءَ جو سلوڪ، سوشلسٽ عظيم انسان شاھہ عنايت جي شھادت جو اثر، اهي سڀ ان دؤر جو حصو آهن. ڪلھوڙن جو دؤر هڪڙو اهم دؤر آهي، جنھن بابت سڀني تحقيق ڪندڙن عالمن وضاحت سان لکيو آهي تہ ڪلھوڙا ڇڙ وڇڙ هئڻ ڪري قومي اتحاد ۽ مرڪزي وحدت کي وڏو نقصان پيو. پوءِ بہ ڪلھوڙن جو دؤر سنڌ جي عسڪري نظام جي لحاظ کان اعليٰ پائي جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جي زور ۽ قوت تي ڪلھوڙن، سنڌ کي دهليءَ جي مرڪزي تسلط کان آزاد ڪرائي نادر شاھہ، احمد شاھہ، مدد خان پٺاڻ ۽ تيمور شاھہ جي شورشن کي منھن ڏيئي هڪ خودمختيار ۽ پاڻ ڀرو (ملڪ) سنڌ ديس بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا:
1. ”سنڌين جي فوجي مھارت“ ليکڪ دادا سنڌي.
2. ”شاھہ،. سچل، سامي“ 1689عع – 1850ع. هڪ مطالعو: محمد ابراهيم جويو.
3. سَرَ ۾ سانجهيءَوير“ 1981ع ليکڪ عبدالواحد آريسر
4. ”سنڌ جي تاريخ جو حصو“ ”تختگاھہ الھہ آباد“(مھراڻ رسالو 3-1989ع) از: غلام محمد لاکو.
5. ”ميان نور محمد ڪلھوڙي جي جنگي حڪمت عملي ۽ نادر شاھہ جو حملو.“ مھراڻ رسالو 1987ع ليکڪ: عبداللھ خان مگسي
6. ”تاريخ سنڌ“ سال 99-1998ع مولف:مشتاق ”مسرور“
7. ”ديش دورهي“ ليکڪ: اديب انقلابي
8. ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ 1592ع- 1842ع، از: ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي
9. ”تاريخ ڪلھوڙا“ مصنف غلام رسول مھر.
10. ”سنڌ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد“ 1971ع ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد. ليکڪ: ڪريم بخش خالد.
11. جنت السنڌ، رحيمداد مولائي شيدائي
12. لب تاريخ سنڌ ۽ شاهنامہ سنڌ