ڪلھوڙا دؤر جا نامور حڪمران: غلام محمد ڀٽي
ڪلھوڙا پنھنجو نسب حضرت عباس جي چاچي حضور پاڪﷺ کان ڇڪين ٿا. سندن ڏاڏو ميان اوڍاڻو خدا پرست انسان هو. پھريان مڪران ۾ پيري مريدي جو سلسلو شروع ڪيو هئائين. پوءِ مڪران منجھان پنھنجي ڀائرن سان ڪاوڙجي مريدن سميت مڪران کان نڪري سنڌ ۾ سڪون اختيار ڪري رهيو ۽ اوڍيجا قوم ۾ رهڻ لڳو هو. هن سنڌ جي ڏيپلي تعلقي جي ڪانگڙي جي زميندار بلاول سمي جي ڌيءَ دهرا سان شادي ڪئي. ان مان پٽ محمد نالي ڄائو. جيڪو ڪلھوڙن ۽ دائودپوٽن ۾ شمارٿئي ٿو. چنيا بن بھليل بن گل بن ميان اوڍاڻي سنڌ جي ستن راڻن جي ڌيئرن سان شاديون ڪيون هيون. بعد ۾ روهڙي تعلقي جي پريالو وٽ چينہ ٻيلي ۾ ڪجهہ وقت رهيو. 1220ع ۾ کنڀات جي سانڪره ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين، جت ان کي دفنايو ويو ۽ گل قاهره ٻيلي، لس ٻيلي جي گوجر قوم کي شڪست ڏيڻ بعد لس ٻيلي تي قبضو ڪيو هو ۽ عيسوي 13 صدي تائين ڪلھوڙن جو فقط ايترو بيان تحفة الڪرام مان ملي سگهي ٿو.
محمد بن چينا بن بھليل بن گل بن ميان اوڍاڻي جي نائين پيڙهي مان آدم شاھہ ڪلھوڙو لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي هٽڙي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪري مھدي فرقي جي تبليغ ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ تہ ميان صاحب شيخ، الياس لنڪراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي جي ٻن واسطن سان سيد ميران محمد مھدي جونپوري جو مريد هو. هٽڙي جي ڳوٺ ابڙو ۾ پنھنجي قبيلي سميت سندس مريد ٿيو. ميان آدم شاھہ پنھنجي وقت دوران وڏو درويش ٿي گذريو ۽ ملتان جي سهروردي مشائخن سان سندس دوستانہ رستو هو، انھن ڏينھن ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي ڪاهيندو ٿي ويو ۽ ڏس ملڻ تي ميان آدم شاھہ کان دعا گهرڻ آيو ۽ ان موقعي دوران کٻڙ ابڙي وجهہ ڏسي فقيرن جي خرچ لاءِ مرزا کان چانڊڪي جھڙي پرڳڻي علائقي جي گهر ڪئي. مرزا خان اهو عرض قبول ڪيو. اهو علائقي ملڻ بعد ميان جا مريد زور وٺندا ويا ۽ آسپاس جي زميندارن کي هيسائڻ لڳا. جڏهن چانڊڪي پرڳڻي جي زميندارن ميان غلام شاھہ خلاف ملتان جي حاڪم کي شڪايتون ڪيون، جنھن تي مغليہ سپاهي ميان کي قيد ڪري ملتان وٺي ويا. جت قيد جي حالت ۾ ملتان جوڪوٽوال آقا شاھہ محمد سندس مريد ٿيو. اتي ميان غلام شاھہ قيد دوران ئي وفات ڪري ويو. سندس جي وصيت موجب مريدن ان جي جنازي کي سکر لڳ الھندي وارين ٽڪرين مان هڪڙي مٿان دفنايو ويو. جيڪا اڄ بہ آدم شاھہ جي ٽڪڙي سڏجي رهي آهي.
ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو جي وفات بعد ان جي پٽ ميان دائود پيءُ جي گادي وسائي پر ان ڪوبہ اهڙو ڪارنامو نہ ڏيکاريو دائود جي وري پٽ ميان الياس مريدن ۾ گهڻو مقبول ٿيو ۽ ان گهڻي کان گهڻو واڌارو ڪيو ۽ مگر اهو بہ ستت ئي وفات ڪيائين جنھنجو مقبرو تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ انڙآباد ۾ موجود آهي ۽ ميان الياس کان پوءِ ميان شاهل محمد بن دائود بن آدم شاھہ پيري مريدي جي مسند تي ويٺو ۽ سندس ان جي هوشياري ڪرڻ سان زمينداري ۽ مريدن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. جڏهن شاهل محمد جا ابڙامريد هئا ۽ ميان صاحب گهاڙ واھہ کوٽايو ۽ پنھنجي مريدن ابڙن جي زمين تي قبضو ڪيو، جيڪي گهاڙ واھہ جي ٻني ڪپن تي موجود هيون. اهي زمينون مائٽن ۾ ورهايون تنھن کان پوءِ ابڙن جو وڏيرو جلال خان بکر جي مغل نواب وٽ دانھن کڻي ويو. آخر مغلن جي لشڪر سان گڏجي ابڙن ميان سان جنگ جوٽي، جنھن ۾ ميان صاحب شھيد ٿي ويو. جنھن کي قمبر کان 6 ميل اتر طرف گهاڙ واھہ جي ڪپ تي دفنايو ويو جنھن مٿان سن 1188ھہ (1774) ۾ ميان غلام شاھہ عاليشان مقبرو اڏرايو هو. جڏهن تہ ميان شاهل محمد ڪلھوڙي کان پوءِ وري ميان الياس جي پٽ ميان نصير محمد سن 1048 (1657ع ۾ گادي وسائي. انھي وقت پيري مريدي گهڻي هئي پر تر جا زميندار ساڻس وڙهڻ لڳا. لڪ بک کان مغليہ لشڪر جو وڏو ڪٽڪ وٺي مٿان ڪاهي آيا. ميان صاحب راتو رات گهڻن مريدن سميت ريگستان ڏانھن ڀڄي ويو، پر ان جو گذران تنگ ٿي ويو. پوءِ دادو تعلقي جي پنھور ڳوٺ ڏانھن موٽيو ۽ فقيرن جي لئہ پنھورن بکر جي نواب کان مدد گهري، جنھن سيوي جي حاڪم مير خان کي لشڪر جو اڳواڻ ڪري موڪليو هو. جڏهن تہ مير خان حڪمت سان ميان صلح ڪري پنھنجي چاچي سان گڏجي ميان عالمگير جي درٻار ڏياري موڪليو ۽ اتي ميان صاحب کي قيد ڪيو ويو. بعد ۾ اهو قيد مان چوري ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ پنھورن جي ڳوٺ ۾ نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺو.
ميان نصير محمد چانڊڪي پرڳڻي واري جاگير جي آبادي ۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. ان دوران بکر جي نواب مير يعقوب کي ميان صاحب هڪڙي جنگ ۾ ڏاڍي شڪست ڏني ۽ ساهتي پرڳڻي تي قبضو ڪري هن سيوهڻ جھڙي زرخيز پرڳڻي کي ٺيڪي تي کنيو ۽ سندن فقيرن مان فيروز نالي هڪڙو فقير ساهتي پرڳڻي ۾ نوشھروفيروز جو شھر تعمير ڪرايو ۽ ميان نصير محمد 25 سال حڪومت ڪئي. سن 1103ھہ مطابق 1696ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو خيرپور ناٿن شاھہ ضلعي دادو ۾ موجود آهي، ان کان پوءِ مان دين محمد ولد نصير محمد جي ڏينھن ۾ ڪلھوڙا فقير (سرائي) جي لقب سان سڏجڻ لڳا ۽ گهڻو زور آور ٿيا ۽ پنھور جي هڪڙي شھر فتح پور تي سرائين قبضو ڪري ورتو، جنھن ڪري پنھور دهليءَ دانھن کڻي ويا، جتان هڪڙو امير شيخ جھان سرڪاري حڪم سان سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ سخت جنگ لڳي، جنھن ۾ شيخ جھان مارجي ويو. سرائين جي سوڀ ٿي ۽ لکي جي ڀرسان شڪارپور تي قبضو ڪيو نئين سر وري شڪارپور کي 1026 هجري مطابق 1617ع ۾ تعمير ڪيو ۽ ميان دين محمد سنڌ جي سرحد جا قلعا قلات جي بروهين کان کسيا ۽ شھزادي معزالدين ميان دين محمد کان شڪارپور کسي ورتي ۽ جڏهن شھزادي شڪارپور ۽ ڀروارن پرڳڻن جي سنڌ دائود پوٽن کي لکي ڏني. ملتان پھچڻ کانپوءِ شھزادي سن 1111ھہ (1700ع) ۾ سرائي دين محمد کي مارائي ڇڏيو.
گادي تي ميان يار محمد ويٺو. ان جي ويھڻ سان ئي درٻيلي ۾ شھزادي معزالدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان کي شھزادي معزالدين اورنگزيب جي پٽ کي ميان يار محمد خان کي خدا يار خان جو لقب ڏنو ويو ۽ ڪلھوڙا گهراڻي جي حڪومت جو مڪمل بنياد ميان يار محمد خان وڌو ۽ ميان يار محمد خان 1701 هجري مطابق 1113هجري ۾ مغلن جي درٻار منجھان پروانو مليو. جڏهن تہ ڪلھوڙا سمن جي گهراڻي کان پوءِ سنڌ جا حڪمران بڻيا آهن ۽ سمن ۽ ڪلھوڙن وچ ۾ 1520ع کان 1701ع تائين اٽڪل هڪ سئو ايڪاسي سال وچ ۾ گذري چڪو هو ۽ ميان يار محمد خان جي دؤر کي ڪلھورن جي ڪاميابيءَ جو دؤر سڏيو وڃي ٿو. ميان يار محمد خان پنھورن جي سردارن قيصر خان کان منڇر تائين علائقو فتح ڪرايو هو. بعد ۾ اورنگزيب عالمگيري جي ايلچي خواجه حسين ميان يار محمد کي سيوي کان ڪنڊياري تائين علائقو حوال ڪيو هو. ميان يار محمد پنھنجي تخت دوران خداآباد نئون شھر جوڙايو هو، جيڪو دادو ضلعي کان ست ميل ڏکڻ طرف واقع آهي ۽ جڏهن خداآباد تخت گاھہ بڻيو، تڏهن کان سيوهڻ جي حيثيت گهٽجڻ لڳي هئي.
خداآباد ڪلھوڙن جي دؤر ۾ 1701ع کان 1768ع تائين اٽڪل اٺهٺ سال تختگاھہ رهيو، جنھن سنڌ هڪ هٿ ۾ ڏاٽو ۽ ٻئي هٿ ۾ ترار کڻڻ حاصل ڪئي هئي ۽ ڪلھوڙن جي حڪومت دوران فوجي ٽالپرن ۽ بلوچن جي مريدن حوالي واڳون ڪيون هيون ۽ ميان يار محمد فوج جو سربراھہ مير الورو خان ٽالپر ۽ مسعود خان کي بڻايو هو ۽ انھن مٿان ويتر مير شھداد خان کي سپھہ سالار مقرر ڪيو، جيڪو عقيدتمندن مريدن منجھان هو ۽ مير شھداد خان کي پٽ باران جنھن کي ديره جات بہ سڏيندا هئا. اها شھدادپور ۽ ڪونيرا جي وچ تي هئي. اها جاگير مليل هئي. ميان يار محمدخان اتر سنڌ ۾ مھرن کان لکي ۽ دائود پوٽن کان شڪارپور جھڙا شھر کسي ورتا هئا ۽ ميان يار محمد سنڌ تي 1701ع کان 1718ع تائين اٽڪل 18 سال حڪومت ڪئي هئي. ميان يار محمد خان فوت ٿي ويو، جنھن کي دادو ضلعي جي شھر خداآباد ۾ دفن ڪيوويو ۽ سندس جو مقبرو جوڙايل اٿس.
ميان نور محمد ڪلھوڙي جون شروعات ۾ اقتدار لاءِ پنھنجن ٻن ڀائرن ميان غلام حسين ۽ ميان دائود سان جنگون ٿيون پر بعد ۾ انھن سان صلح ڪيائين. ۽ ميان نور محمد دائود پوٽن کي هميشھ لاءِ شڪارپور کان بيدخل ڪيو هو. جڏهن تہ ميان نور محمد سنڌ تي 1718ع کان 1755ع تئين اٽڪل 37 سال حڪمران رهيو هو ۽ سبي جي ويجهو ڪلھوڙن ۽ بروهين جي لڙائي 1736ع ۾ ڪئي وئي. ان جنگ ۾ ميان نور محمد کي فتح نصيب ٿي ان بعد بلوچسان جا علائقا ملتان جي هيٺائين حصي کان وٺي سمنڊ، ڪڇ، ڀڃ ريگستان، ڪوهستان، لاٽ، ٺٽي تائين سمورا قبضي ۾ هئا ۽ ميان نور محمد جي حڪمراني دوران نادر شاھہ، افشار جنھن جو اصل نالو نادر قلي هو، ا سنڌ تي هندوستان ۽ سنڌ جي مٿان 1152هجري مطابق 1739ع ۾ آفت جيان ڪڙڪي پيو. هن ان وقت سنڌ ۾ فصل ساڙايائين. نادر شاھہ جو مختصر ذڪر هي آهي تہ نادر شاھہ ستر سالن جي عمر ۾ پيءُ سان گڏ ازبڪن جي هٿان گرفتار ٿيو هو ۽ نادر شاھہ قيد منجھان ڀڄي بابل بيگ نالي وٽ نوڪر بيٺو ان وقت امير کي قائل ڪري انھي جي ڌيءَ ڀڄائي ويو. ۽ ٽولا ٺاهي ڌاڙا هڻڻ لڳو ۽ نادر شاھہ ايران جي بادشاھہ سلطان اشرف غلزئي کا 1735 ۾ آزادي ڪرايو ۽ 1736ع ۾ ايراني سردارن ۽ اميرن هن جي مٿي تي تاج رکي هڪ لک ايراني سردارن ۽ اميرن کي تسليم ڪيو هو ۽ نادرشاھہ ڪابل کي 1733ع ۾ فتح ڪيو ۽ قابل فتح ٿيڻ بعد هندسان جي تخت دهليءَ ڏانھن رخ رکيو ۽ هن کي ايشا جو فاتحن ۾ ٽيون نمبر ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ۽ هن کي وري دهليءَ مان اٽڪل ويھہ ڪروڙ نقد، شاهجھان جو طائوسي تحت، زر ۽ جواهر جن ۾ ڪوھہ نور هيرو سميت ذخيرو هٿ آيو ۽ بعد ۾ سنڌ جا مختلف علائقا مھراڻ دريا جا الھندي ڪناري وارا قبضي ۾ ڪيا. ان دوران ميان يار محمد کي پيرن ۾ زنجير ٻڌائي نادر شاھہ مير محبت خان حوالي ڪيو ويو هو. ۽ وري مير محبت خان ڪڇي جو علائقو کسي آزاد ڪيائين ۽ نادر شاھہ وٽ ڇٽيھہ هزار جن منجھان بلوچن جو تعداد ڇھہ هزار ۽ هڪ هزار بلوچ جوان هن جا باڊي گارڊ هئا. نادر شاھہ سنڌ کان واپس وڃڻ کان پوءِ وري 27 نومبر 1739ع ۾ ڪابل کان سنڌ تي ڪاھہ ڪئي ۽ ميان نور محمد نادر شاھہ هن جي اچڻ جو ٻڌي عمرڪوٽ نڪري ويو، نادر شاھہ هن پٺيان عمرڪوٽ جي ديوارن هيٺيان خزانو هڪ ڪروڙ نقد ۽ ٻيو خزانو هٿ ڪرڻ بعد ۾ يار محمد کي گرفتارڪري لاڙڪاڻي ۾ آڻي نور محمد بکر وارو پرڳڻو ۽ شڪارپور وارو علائقو افغانستان ۽ ايران سان ملائي پنھنجي قبضي ڪيائين ۽ ساليانو ويھہ لک نذرانو رکڻ واروعھد ڪيو. بعد ۾ نادر شاھہ، نور محمد ڪلھوڙو جا ٻہ پٽ محمد مرادياب ۽ ميان غلام شاھہ ضمانت طور ساڻ ورتا ويا. ڪڪرالي ۽ ڌاريچن جي ڄام راڻي کان ميان نور محمد لس ٻيلي ۽ نصيرپور وارا علائقا هٿ ڪيا. بدين پرڳڻي کي ميان نور محمد 1743ع ۾ فتح ڪيو ۽ لاڙ جي سموري علائقي کي ميان نور محمد اتر سنڌ جي شھر شڪارپور، بکر ۽ ان جي آسپاس وارا علائقا قبضي ۾ ڪيائين. جڏهن تہ نادر شاھہ کي سندس فوج جي قزلباش امير صلح بيگ ترڪمان سان گڏ جي 1747 مطابق 1160 هجري ۾ قتل ڪيو ويو.
نادر شاھہ کان پوءِ سنڌ تي وري احمد شاھہ ابدالي ڪاھہ ڪئي، جيڪو نادرشاھہ جو خدمتگار هو جڏهن ميان نور محمد 20 لک خراج ڏيڻ بند ڪيو. تہ ان وقت 1168 هجري مطابق 1754ع ۾ وري ڪاھہ ڪئي هئي. ميان نور محمد احمد شاھہ ابدالي جو ٻڌي ريگستان، ٿر ڏانھن هليو ويو. جڏهن تہ ميان نور محمدانھي سال ريگستان ۾ 1755ع ۾ وفات ڪري ويو. تنھن کان پوءِ نور محمد جي تخت جو والي سندس پٽ محمد مرادياب جنھن خراج ڏئي احمد شاھہ ابدالي کي قبول ڪيو. احمد شاھہ ابدالي ميان محمد مرادياب کي سربلند خان جو لقب ڏنو ۽ ميان محمد مرادياب سنڌ جي حڪومت سندس ڀاءُ ميان غلام شاھہ کان 1758ع مطابق 1172 هجري ۾ کسي ورتي. احمد شاھہ ابدالي روجهاڻ کان وٺي مديجي تائين سکر، بکر ۽ شڪارپور جا علائقا قبضي ۾ رکيا هيا. اهو دؤر ٽيون هو. (1) هندوستان جي مغلن جي ماتحت. (2) ايرن. (3) افغانستان ڪلھوڙون جو لکيو وڃي ٿو. جڏهن ڪلھوڙا حڪمرانن سڀ کان وڌيڪ سهڻي حڪومت هلائڻ جو اعزاز ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي کي آهي. غلام شاھہ ڪڇ ۽ ڀڃ جو سبت ۽ لکپت جا بندر کسيا هيا ۽ ڪڇ جي راجا کان هن ٻيو ڌيءُ جو سڱ پاڻ لاءِ ورتائين. ۽ دائودپوٽن کان بھاولپور جو قلعو وٺي سنڌ ۾ داخل ڪيائين ۽ بعد ۾ ڪراچي توڻي آسپاس وارا علائقا قلات جي خان کان کسيائين.
جڏهن احمد شاھہ ابدالي 1764ع ۾ ميان غلام شاھہ کي عصام ابدول جو خطاب ۽ شاھہ وردي خان جو خطاب ڏنو. بعد ۾ ان ديري غازي ۽ ديري اسماعيل خان وارا علائقا حوالي ڪيا. وري خداآباد کي ڦيرائي پنھنجي درالحڪومت حيدرآباد کي بڻايو ويو. غلام شاھہ تخت تي ويھڻ کانپوءِ شاھہ بندر تعميرڪرايائين ۽ اتي قلعو بہ ٻڌرايائين ۽ ان وقت هندوستان جي حڪومت شاھہ عالم جي هئي. جڏهن تہ حيدرآباد جي قعلي کي تعميرڪرايو، ان وقت ٺٽي ۽ نصرپور ۽ سيوهڻ جو اوج گهٽجي ويو. ۽ ٿر کي آباد ڪرائڻ لاءِ موري وٽ بند ٻڌرايو هيو ۽ هن لس ٻيلي جي ڪلمتين ۽ برفتن جي طاقت ختم ڪرڻ لاءِ جوکيا قوم جي ماڻھن کي زور وٺرايو، ان مھل جوکيا قوم جو اڳواڻ ڄام بجار خان جوکئي قتل ڪري سندس ميان غلام شاھہ جي حوالي علائقا ڪيا. ديره جات وارو سڄو علائقو ٽن سئون ميلن جي ايراضي ۾ پکڙيل هيو. ان وقت ديره جات جي علائقن ۾ ناهر، نومڙيا ۽ ڪلمتي جيڪي سڀ بلوچ هئا. اهي قومون رهنديون هيون. ان دوران اهو علائقو 1768ع ۾ غلام شاھہ فتح ڪيو ۽ غلام شاھہ انگريزن کي سنڌ ۾ واپار جي اجازت 1760ع ۾ ڏني. آخر ۾ ميان غلام شاھہ کي مختلف بيمارين فاليج، لقوه ۽ غشي حملو ڪيو، جيڪو 1186 هجري مطا بق 1772ع ۾ گذاري ويو. ميان غلام شاھہ کي ڪلھوڙن جي گهراڻي ۾ ان ڪري وڏي اهميت ڏيندا هيا، جو وڏي مڙسي سان ۽ خودمختياري سان سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ سنڌ کي تمام وسيع بڻائي ويو. ميان غلام شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ميان سرفراز خان ڪلھوڙو تخت تي ويٺو. ان وري طريقو بلڪل پيءُ جي ابتڙ هو. احمد شاھہ ابدالي 1187 هجري ۾ مطابق 1773ع ۾ وفات ڪئي. پر احمد شاھہ ابدالي ميان سرفراز کي خدا يار خان جو لقب ڏئي ويو.
ميان سرفراز، ميان غلام شاھہ جي وفات کان پوءِ حيدرآباد کي بدلائي هالن جي ڀرسان هڪ نئون شھر خداآباد جي نالي سان ٻڌايائين ۽ ان کي وري تختگاھہ بڻائين. هن اهو شھر 1777ع ۾ تعمير ڪرايو. جڏهن ميان سرفراز تخت تي ويٺو، ان وقت فوج جو سربراھہ مير بھرام خان ٽالپر جيڪو مير شھداد خان جو پٽ هيو ۽ ميان سرفراز خان بھرام خلاف ڪلھوڙن جي حڪومت جو درٻاري جو راچو سکو جا، ڪن ڀرڻ لڳو. ان وقت بھرام خان جا پٽ مير صوبدار خان ۽ مير بجر خان وڏا عھدا رکندا هئا. ميان سرفراز کي ديوان گدو مل جيڪو هن جو صلاحڪار هو. ان جهيڙي نہ ڪرڻ جو سمجهايو، ويتر ميان سرفراز دل منجھان بغض تہ نہ ڪڍيائين ۽ وري مير بھرام خان کي مارائڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو ۽ ڪچهري ۾ گهرايائين ۽ خط پڙهڻ لاءِ ڏنائين، جيئن خط پڙهڻ لڳو تہ اشاري سان سندس سر ٻہ اڌ ڪرايائين، انھي وقت مير بھرام خان جا پٽ ميرصوبدار خان ۽ ٻيو پٽ حج تي ويل هئا. جڏهن ان کي اها پيءُ جي قتل جي خبر پئي تہ تلوار کڻي اٿيا، ٽن ماڻھن سان ملي ميان سرفراز خان جا ٻاويھہ ماڻھو قتل ڪيائين ۽ انھي وقت ميان سرفراز ماڙي جي ڇت تي چڙهي لڪي گم ٿي ويو. ان دوران ميان صوبدار خان کي بہ سخت زخم رسيا ۽ وڙهندي وڙهندي قتل ٿي ويو. صوبدار خان کن پوءِ بلوچ سردار مير علي خان وٽ گڏ ٿيا ۽ کيس اڳواڻ بڻايائون. ان وقت مير فتح علي بلوچ چيو تہ اڄ ڏسو مرشدن کي ڪلھوڙن طرفان مريدن کي جيڪو فيض پھتو آهي. اهو اوهان ڏسي رهيا آهيو. ان بعد مير فتح علي خان هڪ وڏو لشڪر کڻي خداآباد تي ڪاھہ ڪيائين تہ ان وقت وري ميان سرفراز خان ڀڄي راتو راھہ ٻيڙين وسيلي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناھہ ورتي.
جڏهن ڪلھوڙن جي درٻارين ۾ اهو ڪجهہ ڏسي تڪڙو قدم کنيو ۽ ٿورڙو وقت ميان محمد ابا خان کي حڪومت جي تخت تي ويھاريو. ان بعد وري ميان غلام نبي کي 1777ع ۾ تخت تي ويھاريو. جڏهن ميان غلام نبي خان جي قلات ڏانھن ڀڄي وڃڻ کان پوءِ ڪجهہ وقت ميان صادق علي خان درويش حڪومت ڪئي هئي. جڏهن تہ ميان غلام نبي ۽ مير بجر خان جي شھدادپور تعلقي جي ليناريڳوٺ ۾ جنگ لڳي، ان دوران ميان سپھہ سالار فيروز خان پتافي مارجي ويو ۽ ميان خود زخمي ٿيو ۽ گرفتار ٿيو ۽ مير بجر جي اڳيان زخمن سبب دم ڏنائين. جڏهن تہ مير بجر خان خداآباد آيو تہ تڏهن بلوچ سردارن ڪارن لباس سان استقبال ڪيو ۽ جڏهن وري مير بجر خان جو لاچو ٻڌي خودڪشي ڪيائين. جڏهن ميان غلام نبي جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ عبدالنبي کي تخت تي ويھاريو ويو. جڏهن تہ ميان عبدالنبي سنڌ تي 1782ع کان 1783ع تائين حڪومت ڪئي. ۽ ان وقت حيدرآباد جي قلعي جو مالڪ هو. جڏهن تہ مير بجر خان پنھنجي ڀاءُ ۽ والد جوڪھڙي طريقي ميان محم اجا خان،ميان سرفراز ۽ سندس ٻن پٽن عطر خان ۽ مير محمد خان کي قتل ڪري پلاند ورتائين. جڏهن ميان عبدالنبي کي مير بجر خان تخت تي ويھاريو هيو ۽ ميان عبدالنبي تخت تي ويھڻ شرط مير بجر کي پنھنجو وزير مقرر ڪيائين.
جڏهن تہ سن 1782ع ۾ ڪلھوڙن جو شھزادو ميان عبدالنبي جي خلاف ميان عزت يار خان افغانستان جي حڪمران تيمور شاھہ ڏانھن کڻي ويو. عزت يار خان تيمور شاھہ افغاني لشڪر ڏئي ميان عبدالنبي تي ڪاھہ لاءِ چيائين، اها جنگ شڪارپور جي ويجهو لڳي. ان جنگ کي ميان عبدالنبي جي لشڪر کي فتح ٿي ۽ ان جنگ کان پوءِ مير بجر خان وڏا ڪارناما ڏيکاريا ۽ ميان عبدالنبي جي مارڻ لاءِ مير بھرام وانگر پاڻ وٽ گهرائي خط پڙهڻ لاءِ ٻن راجپوتن جي مدد سان قتل ڪرايائين. زخمن کائڻ سبب انھي ٻنھي کي مير بجر خان ماريوڌو، اهو منصوبو ٿيو. ۽ مير بجر خان جي قتل ٿيڻ کن پوءِ راجا بجيسنگھہ عمر ڪوٽ تي قبضي ڪرڻ جو قدم کنيو ۽ مير بجر خان جي قتل کان پوءِ بلوچ پنھنجو سردار مير عبداللھ خان چونڊيو ۽ وري مير عبداللھ خان ميان عبدالنبي کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. اهو ڏسي ميان عبدالنبي پنھنجا ٻہ پٽن جو ڌپپور جي راجا بجيسنگھہ ڏانھن ڏياري موڪليا ۽ پاڻ رفيقن ۽ خزانن سميت قلات جي حاڪم محمد نصير خان وٽ لڪيو هيو.
ميان عبدالنبي جي مدد لاءِ قلات جي حاڪم هڪ وڏو لشڪر ڏيئي سنڌ تي ڪاھہ ڪيائين ۽ ميان عبدالنبي ۽ بلوچ جي لشڪر جي جنگ لاڙڪاڻي جي ڀر سان چالاڪ جي پل وٽ لڳي هئي. ان جنگ جو سپھہ سالار رزڪ خان جيڪو محمد نصير جو ناٺي هو. ان ئي جنگ ۾ فتح سنڌ جي بلوچن کي ٿي. مٿين ڇڪتاڻ منجھان محمد نصير خان اهو فائدو ورتو تہ هن ڪراچي جو بندر قبضي ۾ ڪري سنڌ کان ڌار ڪري قلات ۾ شامل ڪيو. سنڌ کان هن بندر جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ کي ڇھہ لکن جو نقصان پيو. ۽ قلات جي لشڪر جي شڪست کائڻ کان پوءِ سنڌ جي حڪومت ميان عبدالنبي، تيمور شاھہ جي سپھہ سالار مدد خان کان ورتي. جيڪو ان وقت افغانستان جي حاڪم جو سپھہ سالار کان مدد طلب ڪئي هئي. انھي وقت تيمور شاھہ جي سپھہ سالار مدد خان پٺاڻ انھي وقت بھاول پور تي ڪاهيو هو. انھي وقت مدد خان پٺاڻ، ميان عبدالنبي کي لالچ ڏني تہ سنڌ ۾ وڏا خزانا آهن. تنھنڪري انھن کي هٿ ڪرڻ لاءِ فائديمند صلاح ڏني هئي. ۽ مدد خان پٺاڻ سنڌ تي اتر سنڌ کان لاڙ ۽ بدين تائين سڀ جا سڀ ڳوٺ تباھہ ۽ برباد ڪيا. انھن آفتن ڪري ڏڪر پيو ۽ اهو سنڌ جي تاريخ جو چوٿون ڏڪر هو. انھي وقت ٽالپرن بلوچن جا سردار اهي غير جانبدار هئا ۽ شھدادپور جي قلعي ۾ رهيا ۽ بلوچن سان مير فتح علي خان ۽ مير باگو خان ، جيڪي عمرڪوٽ جي قلعي ڏانھن ناراض ٿي ويا. جڏهن تہ مير فتح علي خان پٺاڻ مدد خان عمرڪوٽ جي قلعي تائين ويا. ان قلعي تي حفاظت ڪرڻ لاءِ لغارين بلوچن، سوين پٺاڻ ماري وڌا هئا. ۽ مختلف واقعن کان پوءِ مير عبداللھ ٽالپر ڏانھن ويو ۽ قرآن شريف تي هٿ رکي ساڻس صلح ڪيائين. انھي صلح بعد ميا عبدالنبي کي ٻيھر تخت تي ويھاريو ويو ۽ ميان عبدالنبي انجام تي نہ هڪ ڏينھن عبداللھ مير فتح علي خان ميان عبدالنبي ساڻ ملڻ ويا تہ مير صاحب ٻنھي کي بنا هٿيارن جي اندر گهرايو ۽ گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو.
مٿين واقعي کان پوءِ ڪلھوڙن جو چوٿون دؤر هيو اهو سال 1783ع ۾ ٿيو. ان کانپوءِ وري هالاڻي جي جنگ لڳي ان جنگ دوران ميان عبدالنبي وٽ اٽڪل ڏيڍ هزار فوج هئي ۽ ميرن بلوچن جي طرفان مير بھرام خان جو پوٽو مير فتح علي خان، مير سهراب خان، مير ٺارو خان، مير باگو خان، ٻيڙو خان کوکر ۽ مير الھندو يار خان جنگي جوان هئا. ميان عبدالنبي جي طرفان ڌگاڻو خان جتوئي، آڍو ٻڍو، فيروز ڪليري ۽ محمد حسن کهاوڙ فوجي جوان هئا. انھي جنگ مير فتح علي خان جي لشڪر کي فتح نصيب ٿي. انھي جنگ جي شڪست کان پوءِ ميان عبدالنبي ٻيو دفعو ٽيھہ هزارن جي لشڪر سان ميرن جي مٿان حملو ڪيائين ۽ اها جنگ هالاڻي وٽ لڳي ۽ اها فيصلھ ڪن جنگ هئي. ۽ انھي جنگ ۾ مير فتح علي خان جي لشڪر کي فتح نصيب ٿي. ۽ فرمان وٺڻ کان پوءِ ڪلھوڙن جي صاحبي جو هميشھ لاءِ خاتمو ٿيو. ۽ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ مخدوم جلال محمد، مخدوم عبدالحمود، ابو رفتح ولد ضياءُ، اللھ حاجي فقيراللھ علوي شڪارپوري، محمد عابد سيوستاني رح. مخدود عبدالواحد رحه، مخدوم خواجه محمد زمان لواري وارو وغيرہ سنت جا مشھور اهل اللھ ٿي گذريا آهن ۽ جن جو تعليمي فيض اڄ بہ جاري آهي ۽ ڪلھوڙن پنھنجي دؤر ۾ پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، بيڃارو، گانگرو، مک رستا، بگهاڙ وارويجي، گهاڙ، امر ڪس ۽ نور واھہ سميت ٻيا واھہ کوٽيا ويا. ۽ شھر خداآباد، مراد آباد، الھہ آباد هلن جي ڀرسان، حيدرآباد ۽ شاھہ ڳڙھہ ٻڌرايا هيا. ۽ شاھہ بندر جي تعمير ڪرايو. ان وقت ميان يار محمد، ميان نور محمد، ميان غلام شاھہ جن فتحون حاصل ڪيون ۽ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ واپار اڪثر ڪري ٻاهرين سڀني مشھور ملڪن سان هو ۽ سنڌ جي شھرن ٺٽو ۽ شڪارپور جا واپاري ملتان جا صراف، حيدرآباد جا لوهاڻا، ڀائيند، ۽ ميمڻ ڪندا هئا. جڏهن تہ ڪلھوڙن جو دؤر 1782ع تائين جاري رهيو.
دنيا جي تاريخ ۾ هميشھ اقتدار تي ويڙهون ٿينديون رهيون آهن. اهي حڪمراني جا اقتدار ماڻيندا توڻي هار کائيندا رهيا آهن. سنڌ جي ماضي جي تاريخ ساز حڪمراني واري دؤر کان پوءِ سومرا، سما، ڪلھوڙا، ٽالپر ڪير بہ هجن. اڄ جو ۽ مستقبل جي سنڌ جو سوال بہ سنڌي ماڻھن جي اڳيان آهي. اڄ بہ ڪلھوڙا، سومرا، سما، ٽالپر حڪمراني واري يادگار کان علاوه سنڌواسي سنڌ جا خدمتگار ٿي، سڄي سنڌي قوم کي ساڻ ڪري آزاد ۽ خوشحال سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙين تہ سنڌ ماضي واري دؤر جيان سکي، ستابي، شاهوڪار ۽ مضبوط ٿي سگهي ٿي.
مددي ڪتاب:
1. صدين جو سفر: عطا محمد ڀنڀرو
2. سنڌ صدين کان: ممتاز مرزا
3. سنڌ جي تاريخ: محمد صالح کهڙو
4. سنڌي ادب جي تاريخ: سنڌي عبدالمجيد ميمڻ
5. رحيمداد مولائي شيدائي: جنت السنڌ.