سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ڪلھوڙا دؤر ۾ سنڌي ادب جي اوسر: پروفيسر موهن لعل ”پريمي“

ڪلھوڙن جو دؤر (1782ع-1719ع) سنڌي بولي ۽ ادب جو سونھري دؤر ليکيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ علمي ۽ ادبي زبان جودرجو حاصل ڪيو. ڪلھوڙا حڪمرن عالمن جي قدرداني ۽ سرپرستي ڪرڻ ۾ اڳڀرا هوندا هئا. مولانا غلام رسول مھر لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙن تقريباً سڀني علمي صنفن جي سرپرستي ڪئي ۽ انھن منجھان ڪيترائي علم و فضل جا صاحب هئا، ڪيترن تہ مختلف علمن ۾ امتيازي حيثيت ماڻي هئي.“(1) ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ڪيتريون ئي نيون ادبي صنفون وجود ۾ آيون ۽ سنڌي علم و ادب ۾ اضافي جو باعث ٿيون. پروفيسر لطف اللھ بدوي اظهار خيال ڪندي لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙن جي دؤر ۾ گيتن کان سواءِ وائيءَ گهڻي ترقي ڪئي. مداح، مولود، معجزو،داستان ۽ واقعات ٻي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيا. ڪتاب تصنيف ۽ ترجمو ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. مذهبي عقيدن، فقه ۽ تصوف تي رسالا تصنيف ٿيندا رهيا.“(2)
ڪئپٽن هملٽن (جيڪو 1699ع ۾ ٺٽي آيو هو) جي بيان سان بہ هن دؤر جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حالت واضح ٿئي ٿي. هو لکي ٿو ته: ”شھر ٺٽو دينيات، لسانيات ۽ سياسيات جي تدريس ۽ تعليم جي سلسلي ۾ خاص شھرت رکي ٿو. هتي چار سئو ڪاليج (3) آهن، جتي شاگردن کي انھن علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي.“(4)
هن زماني ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ علمي درسگاهون موجود هيون. اڪثر درسگاهن کي حڪومت طرفان مالي مدد پڻ ملندي هئي. هن دؤر ۾ مذهبي تعليم تي خاص توجهہ ڏنو ويو. ڪلھوڙن جي علم دوستي ۽ قدردانيءَ جي ڪري سنڌ جي ادبي محفل پنھنجو هڪ خاص رنگ ڄمايو. رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”سنڌي شاعرن جي بزلھ سنجين ۽ جادو ڪلامين جي ڪري سنڌ جي ادبي محفل اهڙي رونق ورتي، جو موجوده ترقيءَ جو دؤر شاندار ماضيءَ جي ان زرين عھد اڳيان ڦڪو پيو لڳي. اهو ڪلھوڙن جي صاحبيءَ جو زمانو هو، جڏهن شعراءِ ڪرام سنڌي زبان کي حيات جاويد جو جامو پھرايو.“(5)

ميان نور محمد جو ڪتب خانو
ميان نور محمد اهل علم جو قدردان هو. نادر شاھہ جي حملي کان اڳ ميان نور محمدوٽ هڪ وڏو ڪتب خانو موجود هو، جنھن کي پڻ نادرشاھہ ٻئي ساز و سامان سان گڏ لٽيو ۽ هتان کڻائي ويو. بقول مولانا غلامرسول مھر.
”ميان صاحب جي وصيت نامي ۾ هن ڪتب خاني جي کسجي وڃڻ جو ماتم بہ هڪ جاءِ تي ڪيل آهي.“(6) مولانا غلام رسول مھر وڌيڪ لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙا پنھنجي دؤر حڪومت ۾ علم،ادب ۽ شعر جي سرپرستي ڪرڻ ۾ڪڏهن بہ پٺتي نہ رهيا.“(7)

ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ٻہ وڏا تصوف جا مرڪز:
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ تصوف جا ٻہ وڏا مرڪز موجود هئا، جن پوءِ تحريڪن جي صورت اختيار ڪئي ۽ صوفياءِ ڪرام جا ٻہ وڏا مرڪز بڻيا.

(الف) درازا (ضلعو خيرپور)
هن مرڪز جو باني سنڌ جي منصور ثاني حضرت سچل سرمت رحه جو ڏاڏو ميان صاحبڏنو فاروقي رحه هيو. هتان ”همہ اوست“ ۽ ”وحدت الوجودي“ فلسفي جي تعليم ۽ تبليغ عروج تي پھتي، جنھن سنڌ اندر تصوف جي صورت ئي بدلائي ڇڏي. جڏهن حضرت سچل سرمست رحه وحدت الوجود جو پرچار کليل لفظن ۾ ڪيو تہ پوءِ ٻيا صوفي بزرگ ۽ شاعر بہ انھيءَ راھہ جا پانڌيئڙا ٿيا.

(ب) ڪنڊڙي (ضلعو سکر)
هن مرڪز جو بانيڪار روحل فقير هو. هتان اسلامي تصوف ۽ ويدانت کي گڏي هڪ تحريڪ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو انھن ٻنھي مرڪزن بقول پروفيسر لطف اللھ بدوي: ”هن افراتفريءَ واري دؤر ۾ انسان ذات کي امن بخشيو ۽ مذهبي اختلافن کي وساري انسان ذات کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏنو.“(8)

لسٻيلي جا شاعر:
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ لسٻيلو هڪ جدا رياست هئي ۽ انھيءَ جو بانيڪار مير ڄام مير خان (اول) هو. هتان جا ٻہ شيخ پيءُ ۽ پٽ مشھور شاعر ٿي گذريا آهن. هڪ شيخ حمر ۽ ٻيو سندس فرزند شيخ ابراهيم، ”اٿل“ شھر ۾ شيخ حمر جو مدرسو هو. ان کان سواءِ ”اٿل“ جو سيد ڪبير شاھہ بہ ناليوارو شاعر ۽ شيخ ابراهيم جو همعصر هو. لسٻيلي جي ٻولي بہ سنڌي ٻوليءَ جوئي هڪ لھجو آهي. شيخ حمر جي بيتن ۾ سونھن، سينگار ۽ حقيقي عشق جو بيان آهي. شيخ ابراهيم هر فن مولا شاعر هو. هن ڏوهيڙن ۽ قصيدن جي فن ۽ لوڪ ادب ۾ جوهر ڏيکاريا آهن. ڪبيرشاھہ بہ بلند پايہ شاعر هو.

ڪجهہ ٻيا شاعر
ڪلھوڙن جي دؤر جي ڪجهہ اهڙن شاعرن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا جن جو ذڪر سرسري طور تي ملي ٿو:
1. ڄام: شاھہ عنايت رضوي رحه جو مريد هو.
2. شاھہ شريف: شاھہ عنايت رضوي رحه جو فرزند هو.
3. بنگو گوپانگ: خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جومريد هو. درٻيلي لڳ ڳوٺ ”وايون“ جو ويٺل هو.
4. سيدفقير محمد شاهه: نصرپور جو ويٺل هو.
5. عنايت ڏيرو: شاھہ لطيف رحه جو صحبتي هو.
6. خليفو تماچي فقير: شاھہ لطيف رحه جو مريد ۽ خاص خليفو هو.
7. تمر فقير: شاھہ سائين رحه جي پيارن مريدن مان هو.
8. صالح فقير گوهري: شاھہ سائين رحه جو طالب فقير هو. سندس ڳوٺ جو نالو گوهر هو.
9. عارف ڪلھوڙو: آخري ڪلھوڙي حڪمران ميان عبدالنبيءَ جو فرزند هو.
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون ۽ عروضي شاعريءَ جو رواج وڌيو. هن دؤر ۾ سنڌيءَ جا اهم نمائنده شاعر پيدا ٿيا. شاعريءَ جي صنفن ۽ گهاڙيٽن ۾ تبديليون آيون. هن دؤر ۾: ”مخدوم عبدالرحيم ڀٽي جا ڪجهہ مولود اسان کي عروض جي پابنديءَ ۾ لکيل ملن ٿا. سندس شمار هالا جي مخدومن ۾ ٿيندو هو. هن بزرگ جي وفات 1752ع ۾ ٿي. مولود مان مراد نعتيہ شاعري آهي ۽ مخدوم عبدالرحيم ڀٽي هن صنف جو پھريون موجد هو.“ (9) هن دؤر جي اهم شاعرن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحه، ميان صاحبڏنو فاورقي، سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لواريءَ وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ روحل فقير جا نالا خاص طور تي قابل ذڪر آهن.
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ٻيون بہ اهڙيون صنفون آهن جن جو مختصر ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو.

1. بيت: ڪلھوڙن جي دؤر کان اڳ سنڌي بيت ”هندي دوهي“ وانگر فقط ”دوبيتي“ تائين محدود هو. پر هن دؤر ۾ بيت جي مصرعن ۾ اضافو ٿيو ۽ هي اضافو ڪڏهن ڪڏهن تہ ست مصرعن تائين بہ پھچي ويو. ان ڪري بيت ۾ مضمون کي تفصيلي بيان ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿي وئي. بيت بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙا دؤر ۾ بيت ترقي ڪري عروج تي رسيو ۽ فڪري لحاظ کان گهرن جذبن ۽ انساني زندگيءَ جي اعليٰ مقصدن جي تشريح و توضيح جو ذريعو بڻيو. حُسن و عشق ۽ فراق و وصال جي رنگين، دلڪش، دلچسپ ۽ پراثر حڪايتن جي بيان ۽ قلبي واردات جي اظهار جو وسيلو بہ ٿيو. فني لحاظ کان انھيءَ ۾ اڃا بہ پختگي آئي ۽ مصرعن ۾ واڌارو ٿيو. شاھہ عنايت رضوي ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌي بيت کي سنواري سينگاري نزاڪت ۽ لطافت پيداڪئي، جنھن سان بيت وڌيڪ اثرائتو ٿعي ويو.“ (10) انھن کان سواءِ مخدوم سليمان پيرو کٽي، خواجه محمد زمان، سيد محمد بقا، روحل فقير، صاحبڏنو فاروقي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، جلال کٽي، صابر موچي، سيد فاضل شاھہ، ميون عيسيٰ ۽ مراد فقير وغيرہ هن دؤر جا بيت جا اهم ۽ نمائنده شاعر آهن.

2. وائي ڪافي: وائي هن دؤر جي مقبول ترين صنف آهي. پروفيسر لطف اللھ بدوي لکي ٿو ته: ”هن دؤر ۾ هڪ ٻي صنف ايجاد ٿي، جنھن کي ”وائي“ جو نالو ڏنو ويو. وائيءَ جي معنيٰ آهي نرالي ڳالھه. هن جي ترتيب هندي ڀڄن وانگر آهي ۽ مضمون جي لحاظ کان غزل جي تمام ويجهو آهي.“(11) شاھہ عنايت رضوي ۽ شاھہ لطيف جون وايون تمام مشھور آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: ”ڪافي بہ قديم زماني کان سنڌ ۾ رائج آهي. سمن جي شڪست ۽ ارغونن جي فتح کان پوءِ ”پاٽ“ جا ڪي بزرگ لڏي وڃي هندستان جي شھر برهانپور ۾ وڃي ويٺا. انھن جي محفلن ۾ شيخ لاڏ جيو، ڪافي ڳائي پنھنجن ڳوٺاڻن کي وندرائيندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ ڪافيءَ جو رواج پراڻو آهي، پر قديم دؤر ۾ڪافيءَ جا ڪي بہ نمونا ڪونہ ٿا ملن.“(12) درحقيقت ڪافيءَ جي صنف پھريون ڀيرو ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ملي ٿي. شاھہ لطيف، ميان صاحبڏني فاروقي ۽ روحل فقير جي ڪلام ۾ ڪافيون موجود آهن. هن دؤر جي وائي ۽ ڪافيءَ جي سٽا ۾ تقابلي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ انھن ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي. هن دؤر ۾ جلال کٽي ۽ خليل لاشاريءَ (سرائيڪي ۾) جون ڪافيون بہ ملن ٿيون.

3. مرثيو: هن دؤر جي مشھور، معروف ۽ عظيم شاعر حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ”ڪربلا جي قضيي ”ڪيڏارو“ ۾ ڪافي بيت چيا آهن، تنھن ڪري سندس اهڙي شعر کي ”مرثيو“ چئي سگهجي ٿو.

4. نعتيہ ۽ مدحيہ شاعري: ڪلھوڙن جي دؤر ۾ نعتيہ ۽ مدحيہ شاعري مولود، مدح، مناجات ۽ معجزي جھڙين صنفن جي صورت ۾ نظر اچي ٿي.
هنن کان علاوه ڪي ٻيون بہ صنفون هن در ۾ ملن ٿيون.

(الف) مولود:
مولود ۾ نبي ڪريمﷺ جي ولادت باسعادت جي مناسبت سان خوشيءَ جوا ظهار ڪيل هوندو آهي. اها درحقيقت نعتيہ شاعري آهي. شاھہ عنايت رضوي پھريون شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ اهڙو اظهار ملي ٿو. شاھہ لطيف جي رسالي ۾ بہ نعتيہ شعر موجود آهي. ان کان سواءِ مخدوم عبدالرحيم ڀٽيءَ جا مولود بہ مشھور آهن. مثال:
محمدﷺ ڏسي من ٺاريان، جنھن لءِ اڪنڊيو آهيان،
سيد ڏسي سڪ لاهيان، جنھن لءِ اڪنڊيو آهيان.

(ب) مدح:
مدحيہ شاعريءَ ۾ نبي صه سائينءَ ۽ ٻين بزرگ سڳورن جي صفتن جو بيان هوندو آهي، جمن چارڻ ۽ ميان سرفراز ڪلھوڙو هن دؤر جا با ڪمال شاعر آهن. مدح جا مثال:
نام خدا يا مصطفيٰ! يا پير پيران بادشاهه! (ٿل)
تو هئون مڱا صحت و شفا،
صحت و شفا، شرم و حيا،
تنھنجي مريدن سان وفا،
تنھنجي مڱئي سڀ ڪنھن نفعا،
يا پير پيران بادشاهه!
*
بسم اللھ، لڳ اللھ، محمد شاھہ، ڪر پناھہ پرين تون
منجهہ درگاھہ ڪيم آھہ، مٿي راه، رسين تون
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون،
مان جاهل ۽ ڪاهل، آهيان ڪچو ڪمينو
نہ مون حال، نہ مون قال، ڀلا ڀال، ڪرين تون
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون

(ت) مناجات:
مناجات ۾ شاعر اللھ جي بارگاھہ ۾ پنھنجو عرض پيش ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوال حضرت محمدﷺ يا ٻين بزرگن جي خدمت ۾ بہ عرض رکبو آهي. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ پھرين مناجات مخدوم عبداللھ عرف ميان موريي (وفات 1763ع) جي ملي آهي. ان کان سواءِ ٻين بہ ڪيترن ئي شاعرن مناجاتون چيون آهن. نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سچا سيد مرسلان عالم جا امام
واکاڻيل واحد جا اگهيا درعلامِ
اُڀن ڀويننِ پڌرا، خاصا خيراَنام
راهوسڀ روشن ڪيون نرمل انھن جي نام
لڳس اَهنجي لام، فرياد رس يا مصطفيٰ
(ميان موريو)

(ث) معجزو:
هن دؤر جي شاعرن نبي ڪيم صه جن جا معجزا شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آهن. سڀ کان پھرين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا چيل معجزا ملن ٿا جيڪي سندس ڪتاب ”قوت العاشقين ۾ ڏنل آهن.

(ج) غزل:
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ غزل جا آثار بہ مليا آحن. هن دؤر ۾ نور محمد خستہ، مرزا تقي، حافظ عالي ۽ ميان ڇتن جي ڪلام ۾ غزل جا نمونا ملن ٿا.

(ح) عوامي شاعري:
ڊاڪٽر وفا راشد لکي ٿو ته: ”عوامي شاعري بہ هن دؤر جي پيداوا آهي. طالب، حبيب، شاھہ حسين، هلال، مڱيل، سيد محمدو قطب جوڻيجو، بلاول، شريف، اڪسير، ٻڍو لکمير، کٽي، لطف اللھ ۽ قاسم نالي عوامي شاعرن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ رهندڙ ماڻھن جي دلين کي پنھنجي سريلي ٻولن ۽ روح کي متاثر ڪندڙ لطيف گيتن سان موهي وڌو.“(13)
عجيب ۽ عوامي شخصيت وتايو فقير بہ انھيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو. سندس دلچسپ، عجيب ۽ دانائيءَ جون ڳالھيون اڄ بہ عوام جي دلين تي اُڪريل آهن. هي عجيب انسان شاھہ سائينءَ جو همعصر هو.

مذهبي شاعري:
هن دؤر ۾ سنڌ جي مڪتبن ۾ ديني تعليم سنڌي زبان ۾ ڏني ويندي هئي. ان ڪري ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ويا. جيئن تہ انھيءَ زماني ۾ سنڌي نثر لکڻ جو رواج گهٽ هو، تنھن ڪري سڀ ڪتاب ”الف اشباع“ (14) جي قافيي سان نظم ۾ لکيا ويا، جن کي ”ڪبت“ جو هڪ قسم چئي سگهجي ٿو. انھن ڪتابن کي سنڌيون سڏيو ويو. انھن ۾ مذهبي مسئلا بيان ڪيل آهن. هن قسم جي شاعري ڪندڙ عالمن ۾ هيٺيان نالا ۽ ڪتاب قابل ذڪر آهن.

(1) مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي (1171-1091هه): ضياءُالدين جي سنڌي: هن ڪتاب ۾ وضو ۽ نماز جا مسئلا ۽ دين سان واسطو رکندڙ ٻيون ڳالھيون سمجهايل آهن. هي مقصديت وارو ڪتاب آهي. ٻولي عام رواجي ڪتب آندي آهي. نظم جي سٽا ۾ پختگي نہ آهي. فني سٽاءُ ۾ مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ جھڙي آهي.
(2) مخدوم محمد شريف راڻيپوري: محمد شريف جي سنڌي يا ملڪي سنڌي (سال: 1160هه)
(3) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1174هه- 1104هه): فرائض الاسلام- راحت المومنين- زادالفقير- تفسير پاره تبارڪ- تفسير پاره عم- قوت العاشقين. فني سٽا جي لحاظ کان ”فرائض الاسلام“ جو نظم سادو، ”قوت العاشقين“ جو رنگين ۽ دلڪش آهي. ”فرائض الاسلام“ کان ”زاد الفقير“ جو نظم وڌيڪ پختو ۽ ميٺاج وارو آهي. هن ۾ صحيح قافيي سان ڊگها بيت (ڪبتون) ڏنل آهن. هن ڪتاب جي بيتن ۾ صنعتن جو استعمال پڻ ٿيل آهي.
(4) مولوي علي اڪبر: الاموال و سجل الاموال (سال: 1162هه)
(5) مخدوم عبداللھ ٺٽوي: ڪنزالعبرت (1175هه) قصص الانبياءَ- خزانتہ الاسرار- تنيھہ الغافلين- خزانتہ الاعظم- خزانتہ الروايات وغيرہ.
(6) مولانا احمد: ترجمو روضتہ الاشھداءَ (1172هه)
(7) مخدوم عبدالخالق ٺٽوي: مطلوب المومنين (1175هه)
(8) مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي هالا ڪنڊي: محمد ابراهيم جي سنڌي (1177هه)
(9) مولوي عبدالسلام: شمائل نبوي (1097هه)
(10) مولانا محمد حسين: ترجمو قصص الانبياءَ- سيربستان (1177هه)
(11) مخدوم ابو الحسن ٺٽوي (ولادت:1661ع): مقدمتہ الصلوات (ابو الحسن جي سنڌي): هن ڪتاب ۾ نماز جا مسئلا سمجهايل آهن. هن ضخيم ڪتاب جي سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت آهي. ڇاڪاڻ تہ هي پھريون مڪمل منظوم ڪتاب آهي. فني سٽاءَ جي لحاظ کان هن ۾ ”الف-اشباع“ جي ڊگهن بيتن کان سواءِ صحيح قافيي وارا ڊگها بيت (ڪبت) ۽ ٻن مصرعن وارا دوها بہ شامل آهن.
(12) قاضي عبدالڪريم: سوره ياسين جو ترجمو ۽ تفسير ۽ دعائن جو ڪتاب.
(13) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1778-1739): قرآن ڪريم جي ڪجهہ سورتن جو ترجمو ۽ تفسير لکيائين.
(14) مخدوم غلام محمد بگائي: مداحون، مناجاتون، معجزا، مناقبا، مخدوم عبدالرحمان کهڙائيءَ جي شھادت تي مرثيہ نما نظم ۽ قصيده برده شريف جي شرح لکيائين.
(15) ميون عيسيٰ: ميون عيسيٰ جي سنڌي: هن ڪتاب ۾ معرفت جو راز سمجهايل آهي. مٿين سڀني ڪتابن جو موضوع اسلامي عقيدا، اسلامي مضمون، فقهي ۽ ديني مسئلا آهن. اِهي اُهي ڪتاب هئا، جيڪي درس و تدريس سان گڏ سماجي اصلاح ۽ علم و فن جي فروغ ۾ تمام گهڻو ڪم آيا. هي بزرگ اندرين سنڌ جا رهندڙ ۽ ڪلھوڙا دؤر سان واسطو رکندڙ هئا. انھن بزرگن جي ڪري سنڌي ادب کي بي بھا ڪتاب مليا. انھن سنڌي صورتخطي ۽ رسم الخط جو بنياد وڌو ۽ خالص سنڌي اکرن کي عربي آوازن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي.

زبان ۽ حب الوطني:
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ سنڌي زبان تمام گهڻي ترقي ڪئي. درس و تدريس لاءِ سنڌي ڪتاب لکيا ويا تہ جيئن شاگرد ديني علم کي عربي ۽ فارسي زبانن بدران پنھنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ پڙهي سولائيءَ سان سمجهي سگهن. هن زماني ۾ سنڌي زبان مدرسن ۽ مڪتبن ۾ داخل ٿي. فارسي، عربي ۽ هندي اکرن کي ملائي سنڌي لپيءَ جو بنياد رکيو ويو، جنھن جي سادي صورت ٽرمپ جي گرامر ۾ موجود آهي.(15)
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جي گهڻي استعمال بدران سنڌي ٻوليءَ جو جهول ٺيٺ سنڌي لفظن سان ڀريو. ان کانپوءِ ٻين شاعرن بہ ساڳي روش اختيار ڪئي. اهو ئي سبب آهي تہ هن شاعريءَ ۾ نہ سَرو جو ذڪر آهي تہ نہ صنوبر جو، نہ گلاب جو ذڪر آهي تہ نہ ڪنھن ٻئي اجنبي گل جو، نہ بلبل جو ذڪر آهي ۽ نہ ئي طائوس جو پر انھن جي جاءِ تي پنھنجي وطني وڻن ٻَٻُر ۽ نم، ڏُٿ ۽ سڱري، گول ۽ گگر (ٿر جا گل)، ڪانءُ ۽ تاڙي (برسات جو پکي) جو ذڪر ٿيل آهي. ڊاڪٽر وفا راشد لکي ٿو ته: ”هن دؤر ۾ اسلامي تصوف سان گڏوگڏ هندو ويدانت، حب الوطنيءَ جو جذبو ۽ عارفانہ مضمون شعر ۾ شامل ٿيا.“(16)
سنڌي شاعريءَ مان اسان کي حب الوطنيءَ جو هڪ نرالو ۽ منفرد جذبو حاصل ٿئي ٿو. انھيءَ جون تلميحون وطني آهن. مضمون ماحول مطابق آهن، جتي تصوف جو ذڪر اچي ٿو تہ اهو بہ حب الوطنيءَ کان خالي نہ آهي.

سنڌي صورتخطي ۽ نثر جو پھريون ڪتاب:
سنڌيءَ ۾ پھريون لکيل ڪتاب مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو نظم ۾ لکيل اسلامي رسالو ”مقدمہ الصلوات“ هو، جيڪو 1700ع ۾ نڪتو. هي رسالو مخدوم ابوالحسن جي ٺاهيل الف-بي ۾ هو. ان کان پوءِ 18 صديءَ جا پنجاھہ کن لٿو ۾ ڇپيل سنڌي نثر جا ڪتاب، جيڪي عربي ۽ فارسيءَ مان ترجمو ٿيل آهن. هٿ آيا آهن. اهي بہ مخدوم ابو الحسن جي جوڙيل 28 اکرن واري عربي ”آئيويٽا“ ۾ آهن. هن دؤر ۾ ٺيٺ سنڌي آوازن لاءِ نيون صورتون بہ مقرر ٿيون. مڪمل سنڌي ڪتابن لکڻ جو رواج بہ هن دؤر ۾ پيو. ڪيترن ئي عالمن مذهبي ڪتاب طويل نظم جي صورت ۾ لکيا، جن کي سندن نالن پٺيان ”سنڌيون“ ڪوٺيو ويو. اهڙن ڪتابن کي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻيءَ قافيہ دار نثر جا ڪتاب سڏيو آهي. يعني انھن جا نثري جملا قافين تي ٻڌل آهن. محمد صديق ميمڻ پنھنجي ادبي تاريخ ۾ انھن کي نظم جا ڪتاب ڪري لکيو آهي. جڏهن تہ منگهارام ملڪاڻيءَ جي نظر ۾ ”اهي ڪتاب گهڻي ڀاڱي هڪ جهوني ۽ اڻ سڌريل نظمي نموني ۾ لکيل آهي، جنھن ڪري بحر وزن جي ڪسوٽيءَ تي لڳڻ سان ڪري ٿا پَوَن، تنھنڪري انھن کي نثر ۾ نظم جوميل جوڙ شمارڪرڻ گهرجي.“ (17)
بھرحال 18 صدي ءَ جي وچ ڌاران پھريون سنڌي نثر جو ڪتاب لکيو ويو، جيڪو آخوند عزيز اللھ جو لکيل قرآن شريف جو ترجمو هو. (1746ع) آهي. ان کان سواءِ 18 صديءَ جي آخر ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا نثر ۾ لکيل ست گفتا پڻ مليا آهن، جيڪي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائوپوٽي پنھنجي مقالي ”قديم سنڌي نثر“ (1934ع) ۾ ڏنا آهن.

حوالا ۽ حاشيہ:
(1) مولانا غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ جلد ڇھون، عھد ڪلھوڙا حصو ٻيو( ادو)، ص-978
(2) پروفيسر لطف اللھ بروي، ”ڪلھوڙن جي ابتدائي تاريخ“، تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪسان و هند تيرهون جلد. علائقائي ادبيات حصو ٻيو، ص-531
(3) هتي ڪاليج مان هن زماني جو درسگاهوپن مراد آهي.
(4) مولانا غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ جلد ڇھون، عھد ڪلھوڙا حصو ٻيو، ص (اردو)،ص-972
(5) رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص-564
(6) مولانا غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ جلد ڇھون، عھد ڪلھوڙا حصو ٻيو، ص (اردو)،ص-976
(7) ساڳيو، ص- 1023
(8) پروفيسر لطف اللھ بدوي، ”ڪلھوڙن جي ابتدائي تاريخ“، تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان و هند، تيرهون جلد علائقائي ادبيات حصو ٻيو، ص-564
(9) ساڳيو، ص-512
(10) حافظ خير محمد اوحدي (اردو مترجم)، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ از ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ص-134
(11) لطف اللھ بدوي، ڪلھوڙن جي ابتدائي تاريخ، تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان و هند حصو ٻيو ص-512
(12) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص-85
(13) ڊاڪٽر وفا راشدي، اردوءَ جي ترقيءَ ۾ اولياءَ سنڌ جو حصو، ص-41
(14) الف- اشباع وارن نظمن يا شاعريءَ مان مراد آهي لڳاتار شعر يا نظم جيڪي عروض جي پابندين کان آزاد هجن ۽ شعرن جي مصرعن جي پڇاڙيءَ ۾ الف لڳائي لفظن کي هم قافيہ ڪيو ويو هجي.
(15) تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان و هند جلد تيرهو، حصو ٻيو، ص-531
(16) ڊاڪٽروفا راشد، اردوءَ جي ترقيءَ ۾ اولياءَ سنڌ جو حصو، ص-40
(17) منگا رام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ، ص-40

مددي ڪتاب:
(الف) سنڌي ڪتاب:
(1) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، حيدرآباد: زيب ادبي مرڪز، ايڊيشن ٻيو، 1983ع
(2) لغاري، عبدالجبار ”عابد“، ڊاڪٽر، سنڌي شاعريءَ جي مختصرتاريخ، شڪارپور: مھراڻ اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو 2001ع
(3) ملڪاڻي، منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد/ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، ٽيون ايڊيشن اپريل 1993ع
(4) مولائي شيدائي، رحيمداد خان، جنت السنڌ، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1996ع
(5) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، بيت (سٽا ۽ اوسر)، شڪارپور: مھراڻ اڪيڊمي، جنوري 2002ع
(6) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، 2002ع
(7) ميمڻ، محمد صديق،خان بھادر الحاج، سنڌ جي ادبي تاريخ، شڪارپور: مھراڻ اڪيڊمي، ڇاپو ٽيون، جون 2003ع
(8) آڏواڻي، ڀيرو مھر چند، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڄام شورو/حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پنجون 1998ع

(ب) اردو ڪتاب:
(1) اوجدي، خير محمد، حافظ، (مترجم)، سندهي ادب ڪي مختصر تاريخ از ڊاڪٽر ميمن عبدالمجيد سندهي، جام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سندھہ الاجي، جولائي 1983ع
(2) فياض محمود (مرتب)، تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان و هند، تيرهوين جلد علاقائي ادبيات مغربي پاڪستان، حصه دوم، لاهور: پنجاب يونيورسٽي، 1971ع
(3) مولانا غلام رسول مھر، تاريخ سندھہ، جلد ثثه، عھد ڪلھوڙا، حصه دوم، ڪراچي: سندهي ادبي بورڊ، 1958ع
(4) وفاراشدي، ڊاڪٽر اردو ڪي ترقي مين اولاءِ سندھہ ڪا حصه لاهور: مغربي پاڪستان اردو اڪيڊمي، اپريل 1994ع