سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

پيغام

عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ لاڙڪاڻو واحد تنظيم آھي جيڪا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان وٺي سماجي، سياسي، مذھبي، تاريخي، علمي ۽ عَملي شعبن ۾ پاڻ پتوڙي رھي آھي. مفت اکين جي ڪئمپ، غريبن ۾ عيد برات جي موقعن تي راشن ۽ ٻيو سامان ڏيڻ. تاريخي ماڳ مڪانن جي سار سنڀال خاص ڪري ڪلھوڙا دؤر جي حڪمرانن بابت سيمينار منعقد ڪرڻ، ديني خدمتون ڪرڻ ۽ ٻيا اھڙا ڪيترائي ڪم آھن، جن ۾ ھيءَ تنظيم پنھنجو ڪردار احسن طريقي سان سرانجام ڏيندي پئي اچي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو برک شاعر، نقاد ھو جنھن جي نالي سان تنظيم ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ ڪندي رھي ٿي. ھي ڪتاب انھن تي گذريل ايوارڊن ۾ آيل ڪلھوڙا دؤر جي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آھي، جن مان چونڊ مضمون ۽ مقالا جن کي ليکڪن کي تنوير ايوارڊ ڏنو ويو، ھاڻ ڪتابي صورت ۾ ڪلھوڙا دؤر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو جي عنوان سان شايع ڪندي سرھائي محسوس ڪري رھيا آھيون.
عباسي ڪلھوڙا تنظيم مستقبل ۾ پڻ ٻين سرگرمين سان گڏ ادب، ٻولي، سماجيات، تاريخ ۽ تمدن تي ڪم ڪندي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رھندي.

حاجي منور عباسي
پڳدار
عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ
لاڙڪاڻو