مرتب پاران
ھي ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو“ ڪلھوڙا دؤر حڪومت جي انھن اھڙن اھم حالتن، واقعن تي ڪئي آھي، هن ڪتاب ۾ ڪلھوڙا دؤر جي تاريخ کي چونڊ مقالن ۽ مضمونن جي صورت ۾ ڪتابي صورت ڏني وئي آھي. ھي مقالا ۽ مضمون سنڌ جي نامور اسڪالرن، محققن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نثر نگارن جا تحقيقي انداز ۾ لکيل آھن، جيڪي عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ لاڙڪاڻو پاران پھرئين کان ستين تائين ھر سال منعقد ٿيندڙ ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ لاءِ ڪلھوڙا دؤر جي مختلف عنوانن تحت تنظيم پاران ايوارڊ جي موقعي تي گهرايا ويا هئا. سنڌ جي برک اديب، محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي جي وفات بعد سندس ادبي مڃتا طور تي تنظيم جي روح روان ۽ پڳدار حاجي منور عباسي پاران ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ باقاعدہ سان منعقد ٿيندو رهي ٿو. ھن جي علاوه نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جي حوالي سان پڻ عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ پنھنجيون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.
ھن ڪتاب ۾ شامل مضمون ۽ مقالا ”تنوير عباسي ايوارڊ“ لاءِ نامزد ٿيل آھن، جن کي ڪتابي صورت ۾ حاجي منور علي عباسي شايع ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ھو. مجموعي طور تي ستن ايوارڊ دوران تنظيم کي ”ڪلھوڙا دؤر حڪومت“ بابت ڪل 23 مضمون ۽ مقالا وصول ٿيا، جن مان 13 چونڊ مقالا ۽ مضمون هن ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو“ جي عنوان سان مرتب ڪري اٺين ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ جي موقعي تي پڌرو ڪجي ٿو. ھن جي علاوه تنظيم ”سومرا دؤر“ تي بہ مختلف ليکڪن ۽ محققن کان مضمون ۽ مقالا گهرايا ھئا، جيڪي ڪنھن ايندڙ ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ جي موقعي تي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويندا.
ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو“ ۾ مقالن جي ترتيب ۾ ھن ڳالھہ کي لازمي اھميت ڏني وئي آھي تہ ڪلھوڙا دؤر جي سڀني پھلوئن جي مناسبت سان مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا وڃن، جيئن ان دؤر جو مڪمل احاطو ڪرڻ سان گڏ ”ڪلھوڙن جي دؤر وارن واقعن، حالتن ۽ تبديلين کي بھتر تاريخي، سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪندڙ منظور علي پيارو عباسي ۽ سڪندر عباسي جا لکيل مقالا ۽ مضمون آھن نامور محقق ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جو، محترم نذير احمد ”شاڪر“ ۽ محمد پنھل ڏھر جا دقيق مقالا شامل آھن. سپھہ سالارن، جرنيلن، اڳواڻن ۽ بھادرن جي متعلق ڊاڪٽر بدر ڌامراھو ۽ جھانگير عباسي ۽ غلام محمد ڀٽي جا مضمون ۽ مقالا آھن. جنگي حالتن جي تاريخ گوھر سنڌي، نھري ۽ آبپاشي نظام تي محترم منظور سولنگي جا مقالا شامل آھن. اھڙي طرح ديني عالمن، مدرسن ۽ مخطوطن بابت وري ڊاڪٽر ھدايت پريم سرڳواسي.... پروفيسر موھن لعل پريمي، پروفيسر شريف شاد سومرو ۽ شمن ڪلوڙ جا مقالا رکيا ويا آھن.
سنڌجي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. انھيءَ لحاظ کان ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو“ ھن دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن، ادب جي شاگردن سان گڏ عام پرھندڙن کي پڻ ڪارائتو لاڀ ڏيندو، جنھن ۾ شامل مجموعي مقالن ۾ ڪلھوڙن جي صاحبيءَ وارن سڀني پھلوئن کي سموھڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آھي.
تحقيق ھونئن بہ ڏکيو عمل آھي جنھن ۾ ڪابہ ڳالھہ ۽ آخري حتمي نہ ھوندي آھي. سو ممڪن آھي تہ ليکڪن جي لکيل ھنن مقالن ۾ پڻ ڪيتريون ئي ڳالھيون ۽ رخ رھجي ويا ھجن. ھي مقالا 15 سال اڳ لکيل آھن جن جي چونڊ ۽ ترتيب بيحد ان لحاظ کان ڏکي هئي تہ هڪ موضوع تي هڪ کان وڌيڪ مقالا موجود هئا پر ڪوشش اها ڪئي وئي آهي تہ موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان چونڊ ڪجي. بَطور مرتب نگار ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيو آھيان. انھيءَ جو فيصلو ھن ڪتاب جا پڙھندڙ ڪندا، پر آئون پنھنجي وس آھر ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي تہ ھڪ جامع ڪتاب پڙهندڙن آڏو مرتب ڪري پيش ڪري سگهجي. ڪجهہ مقالن ۾ غير ضروري حوالا، فارسي متن ۽ ضميما بہ ڏنا ويا هئا جن کي ڪتاب جي سھيڙ کي مدنظر رکندي شامل نہ ڪيو ويو آهي تہ جيئن ڪتاب ۾ وڌ کان وڌ موضوعن کي شامل ڪري سگهجي.
ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب دوران مان محترم مشتاق ڪلھوڙي جو بيحد ٿورائتو آھيان جنھن مسلسل 15 سالن تائين ھي سمورا مضمون ۽ مقالا پنھنجي ساھہ ۾ سانڍي رکيا. ھو عباسي ڪلھوڙا تنظيم لاڙڪاڻو جو ھڪ سچو، مخلص ۽ پراڻو ھڏ ڏوکي ڪارڪن پڻ آھي. جنھن جي صلاحن مان هن ڪتاب جي ترتيب دوران مون پڻ فائدو ورتو آھي. ڪتاب جي پبلشر محترم سڪندر ملاح جو بہ ٿورائتو آھيان، جنھن ھي ڪتاب شايع ڪري ڏيڻ واري ذميواريءَ سان گڏ پنھنجون نيڪ صلاحن سان پڻ نوازيو آھي. سڀ کان وڌيڪ مان تنظيم جي روح روان پڳدار حاجي منور عباسي جو شڪر گذار آھيان، جنھن جي ذاتي دلچسپي، ادب دوستيءَ جي طفيل ھي ڪتاب اوھان تائين پھتو آھي، مان حاجي صاحب جو بہ شڪرگذار آهيان، جن مون مٿان اعتبار ڪندي ھي عظيم ادبي پورھيو سرانجام ڏيڻ لاءِ بطور مرتب نگار مون کي هي ذميواري نڀائڻ جو موقعو ڏنو. سچ تہ پنھنجي عمل، ڪردار ۽ سوچ ۾ ھو ھڪ جديد ترقي پسند ۽ روشن خيال وڏيرو، ادب دوست ۽ عباسي ڪلھوڙن جو پڳدار آھي.
مان اميد رکان ٿو تہ ھي ڪتاب سنڌ جي تاريخ سان گڏ ڪلھوڙا حڪمرانن جي دؤر کي سمجهڻ ۽ نوان گس ڏيندي رھنمائي ڪرڻ سان گڏ سنڌي ادب ۾ پڻ منفرد مقام ماڻيندو. ڪتاب جي ترتيب ۾ جيڪڏھن ڪا غلطي يا ڪمي رھجي وئي ھجي تہ ان جو سمورو بار عباسي ڪلھوڙا تنظيم تي نہ پر مون مٿان رکيو وڃي.
جھانگير عباسي