ڪلھوڙا دؤر جا مخطوطات: ڊاڪٽرھدايت پريم
ڪلھوڙا حڪمران پاڻ بہ عالم ھئا تہ علم پرور بہ ھئا. سندن پاران ڪيل علم ۽ ادب جي سرپرستيءَ جي باري ۾ غلام رسول مھر ”تاريخ ڪلھوڙا“ ۾ لکي ٿو ”ڪلھوڙا پنھنجي عھد حڪومت ۾ ادب ۽ شعر جي سرپرستيءَ ۾ حت الامڪان ڪابہ ڪثر ڪانہ ڇڏي. بي شڪ ڪلھوڙن جي دؤور ۾ مغل شھنشاھن يا عبدالرحيم خان خانان جھڙو داد ۽ انعام ڪونہ ڏنو ويندو ھو. ان جو ھڪ سبب ھيءُ ٿي سگهي ٿو تہ ڪلھوڙن وٽ مغل شھنشاھن ۽ اميرن جھڙا وسيلا ڪين ھئا. ھڪ سبب ھيءُ بہ ٿي سگهي ٿو تہ ان وقت سرپرستيءَ جو تصور مختلف ھو. ھڪ سرپرستي ھن طرح جي آھي تہ ڀلوڙ اديبن ۽ شاعرن جي قصيدن ۽ ادب پارن تي وڏيون وڏيون رقمون انعام طور ڏنيون وڃن ۽ ھڪ سرپرستي ھيءَ بہ آھي تہ ڀلوڙ شاعرن ۽ اديبن جي گذر سفر جو بندوبست ڪيو وڃي، تہ جيئن ھو فڪرات کان آجا ٿي تخليق جي ڪم ۾ مصروف رھن. ڪلھوڙن جي سرپرستي بہ ھن ٻي قسم جي ھئي، جنھن کي سرپرستي ئي سمجهيو وڃي ٿو. ”ڪلھوڙن جي دؤر ۾ اھڙا تمام گهڻا ئي عالم اديب ھئا، جن کي ڪلھوڙن جي سرپرستي حاصل ھئي.(2)
ڪلھوڙن جي دؤر جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو گهڻو ئي ذڪر غلام رسول مھر ڪيو آھي. ڪلھوڙن جي دؤر جي مکيہ عالمن ۽ شاعرن جا نالا ھن طرح آھن. مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم ضياءَالدين، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، ملوي عبدالخالق، مولوي محمد حسن، مخدوم محمد ابرھيم ڀٽي، محمد شريف راڻيپوري، قاضي عبدالڪريم، مخدوم عبداللھ نرئي وارو، مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي، مخدوم غلام محمد بگائي، ميون عيسيٰ، مخدوم عبداللھ واعظ، شاھہ عنايت رضوي، مخدوم سليمان، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لواري شريف، سيد محمد بقا، روحل فقير، صاحبڏنو فاروقي ۽ جلال کٽي وغيرہ.
ڪلھوڙن جي دؤور ۾ فارسي عالم ۽ شاعر جن جا نالا ۽ ڪلام ملي ٿو سي ھي آھن. ابوالفتح قابل خان، منشي عبادلرؤف، محسن، مير علي شير قانع، محمد پناھہ رجا، مير مرتضيٰ الھام آزاد، چتر ڀوڄ، شوقي، احسن، اشرف اڪسير، ابرھيم، اسراه، سرشار، سرخوش، محمد صادق، عالي، مير حازاللھ شاھہ مير، قويطالع، آخوند فياض اللھ طپش منشي شيوڪ رام عطارد ٿاريو مل بينا. (3)
ڪلھوڙا دؤر جو وڏي ۾ وڏو شاعر حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، (1102ھه- 1165ھه) آھي. شاھہ جو رسالو سندس حياتيءَ ۾ ئي لکيو ويو، پر اھڙو ڪوبہ نسخو محفوظ نہ رھي سگهيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاھہ جو رسالو ترتيب ڏيڻ دوران اوائلي دؤر وارا قلمي رسالا پنھنجي اڳيان رکي تن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي. اوائلي دؤر جا رسالا شاھہ جي وفات 1165ھہ کان بعد چاليھن پنجيتاليھن سالن واري دؤر ۾ لکيا ويا. ھن ريت اھڙن رسالن جا نالا رکيا ويا آھن.
ٺ. عبدالڪريم طبيب ٺٽوي جو قلمي نسخو
ٺ. عبدالڪريم طبيب ٺٽوي جو ٻيو قلمي نسخو
ڪيپٽن اسٽئڪ وارو قلمي نسخو، جيڪو 1844-1849ع) سالن دوران سندس ملڪيت ھو.
ط. برٽش ميوزم لنڊن وارو قلمي رسالو
ف. انڊيا آفيس لنڊن وارو قلمي رسالو
ص. درسگاھہ منصوره وارو قلمي رسالو
ع. مير علي احمد خان ٽالپر وارو قلمي رسالو
ڻ. آڳاٽو اڻپورو قلمي رسالو.
نوٽ: ”گنج“ 1207ھہ ۾ لکايو ويو يعني هيءَ تہ ڪلھوڙا دؤر کان پوءِ ٽالپورن جي دؤر ۾ تيار ڪرايو ويو ھو، شاھہ جي رسالي جو ھڪ قلمي نسخو 1169ھہ ۾ تيار ڪيل آخوند فضل علي نصرپوريءَ جو سنڌالاجي لائبريري ۾ محفوظ آھي، ھن رسالي جي ھڪ صفحي جو فوٽو ضميمي ٻئي طور درج ڪجي ٿو. ڪلھوڙن جي دؤر جي مشھور عالمن ۽ اسڪالرن جي تصانيف جو ذڪر ڪجي ٿو. جيڪي تصنيفات ان دؤر ۾ تہ قلمي نسخن تي مشتمل ھيون انھن مان ڪيترائي مخطوطات سنڌ جي ڪتب خانن ۾ موجود آھن.
علامہ مخدوم محمد معين ٺٽوي (1161-1093ھه)
علامہ مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو سندس والد جو نالو محمد امين هو. مخدوم محمد معين وڏو صوفي بزرگ ھو، فارسي شاعريءَ ۾ ”تسليم“ تخلص اختيار ڪيائين. جڏھن تہ ھندي شاعريءَ لاءِ ”بيراگي“ تخلص ڪم آندو اٿائين. علامہ مخدوم جا ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ آھن، جن جو موضوع تصوف، منطق وغيرہ آھي. سدا رنگاڻيءَ مخدوم صاحب جي 14 ڪتابن جا نالا درج ڪيا آھن.(4) مخدوم صاحب جو لطيف سائين سان نينھن جو ناتو ھو، شاھہ ڀٽائي ھڪ ڏينھن پنھنجن مريدن کي فرمايو ”ھلو تہ ٺٽي هلون ۽ پنھنجي دوست سان آخري ڀيرو ملي اچون. شاھہ صاحب مريدن ساڻ ٺٽي آيو. راڳ جي محفل منعقد ڪئي وئي. مخدوم صاحب تي وجد طاري ٿيو ۽ اُٿي اندر ھليو ويو ۽ اندر ئي وفات ڪئي. لطيف سائين جنازي نماز پڙھي موٽي ڀٽ تي آيو. فرمايائون تہ پنھنجي دوست خاطر ٺٽي وڃڻ ٿيندو ھو. وري ڪڏھن بہ ٺٽي نہ ويا. مخدوم محمد معين 1160ھہ ۾ وفات ڪئي. سندس ھڪ ڪتاب ”درسات اللبيب“ عربي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آھي.
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي
مخدوم ابوالحسن ٺٽي جو ھڪ وڏو عالم ۽ استاد ھو. ھن پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو درس ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريو. مخدوم ابوالحسن جي تصنيف مقدمــﺒ الصلواة“ 1700ع جي آھي، يعني ڪلھوڙن جي دؤر جي آھي. جڏھن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا مستند الف بي مقرر ڪانہ ھئي ۽ عربيءَ جا فاصل ان ڏانھن ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي رھيا ھئا. ھر ڪو ان کي پنھنجي نموني پيو لکندو ھو ۽ ان کي اوٽ تي پيو پڙھبو ھو. مخدوم صاحب نج سنڌي آوازن لاءِ حرف مقرر ڪيا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جون تقاضائون پوريون ڪري سگهن پيا. سچ پچ تہ ڪي حرف اهڙا بنيادي ٺاھيائين، جن تي 1853ع واري ڪاميٽي غور ڪيو ۽ اھي حرف جيئن جو تيئن منظور ڪيا. ان نئين جوريل صورتخطيءَ ۾ ابوالحسن پنھنجو ڪتاب ”مقدمــﺒ الصلواة“ لکيو. اهو ڪتاب پاڻ پنھنجي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ جڏهن مخدوم محمد هاشم پنھنجو ڪتاب ”فرائض الاسلام“ پَڙهائڻ گهريو، تڏهن مخدوم ابوالحسن جي جهونن شاگردن اعتراض اٿاريو ۽ ان ڪري مخدوم محمد هاشم مجبور ٿي ڪن ترميمن ۽ اضافن سان وري ”مقدمــﺒ الصلواة“ مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. ابوالحسن پنھنجي ڪتاب ۾ هيٺين معاملن تي نظم ۾ لکيو آهي نماز جي ضرورت، وضوءَ جا فرض، وضوءَ جون سنتون، وضوءَ جا مستحب، غصل جو بيان، تيمم جو بيان، ميت جو غسل، نماز جو وقت، فرض، واجب ۽ سنتون نماز جا ڀڃندڙ وغيرہ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي فرزند عبدالعزيز جو نانءُ آڻيندي هنن مسئلن جي سکڻ جي تاڪيد ٿو ڪري، پنھنجي نجات لاءِ مناجات ٿو ڪري.
ابول عبدالعزيز پٽ پڇي پڙهين کان
هي مسئلا نماز جا ساري سنڌي واءُ
مقدمــﺒ الصلواة جو خاتمو هن مصرع تي ٿئي ٿو.
موليٰ مرهي تن کي ڪلمو جي چون.
ڪتاب مقدمـہ الصلواة نھايت ئي اهم ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نئين صورتخطي ۾ لکيل پھريون ڪتاب آهي. متاخرين لاءِ هي ڪتاب مشعل راھہ بڻيو.(5)
مقدمــﺒ الصلواة جي باري ۾ بيگم خديجه بلوچ هڪ ڪتاب لکيو آهي، هن ڪتاب جا ڪيترائي نسخا سنڌ جي ڪتب خانن، مدرسن ۾ موجود آهن.
مخدوم ضياءَالدين (1091ھہ -1171هه)
مخدوم ضياءَالدين بن مخدوم هارون بن مخدوم عجائب بن مخدوم الياس 1091ھہ سنڌ جي قديم شھر جوڻ ۾ ڄائو هو. حضت شيخ شھاب الدين سھروردي جي اولاد مان هو. سندس پڙ ڏاڏاو مخدوم الياس سومرن جي دؤر ۾ عراق کان ترڪ وطن ڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. مخدوم ضياءَ الدين ٺٽي جي مشھور عالم ۽ فاضل مخدوم عنايت اللھ کان تعليم حاصل ڪئي. مخدوم محمد معين بہ مخدوم ضياءَالدين جو هم سبق ۽ دوست هو. علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ مخدوم ضياءَ الدين پنھنجو مدرسو کولبو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سندس شاگردن جي زمري ۾ اچي شامل ٿيو. مخدوم ابوالحسن جي سنڌي جي طرز تي مخدوم صاحب جو سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب آهي. مخدوم ضياءَالدين جي سنڌي سندس اسلوب ۽ انداز بيان ابوالحسن جي انداز بيان کان ڪي قدر سلجهيل آهي. (6)
مخدوم ضياءَالدين جو شعر الف اشباع جي طرز جو آهي، جنھن جو هڪ مثال هت پيش ڪجي ٿو.
جي نہ رسين امام کي تہ ڇڏج سنتا
ڪج اقتدا امام سين فرض کي رسجا
ري فرض سنت کي قضا ناھہ روا
ڏني انھم قول تي عالمن فتوا
مخدوم ضياءَالدين جي ڪتاب مخدوم ضياءَ الدين جي سنڌي ڪلھوڙا دؤر کان ڪيترن ئي مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. هن ڪتاب جا ڪجهہ نخسا سنڌ جي ڪتب خانن ۾ موجود آهن.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪلھوڙا دؤر جي سنڌ جو هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس نالو اڄ تائين عام توڙي خاص ۾ مشھور ۽ معروف آهي. مخدوم صاحب 1104ھہ ۾ ميرپور بٺوري ۾ ڄائو. سندس والد بزرگوار جو نالو عبدالغفور هو. ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم ٺٽي وڃي مولوي محمد سعيد مخدوم ضياءُالدين کان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ڏيڍ سؤ کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي. مخدوم صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ ڪتاب لکيا آهن. محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري مخدوم صاحب جي ڪتابن جو تعداد هن ريت ڄاڻايو آهي. عربي ڪتاب 94، فارسي 21، ۽ سنڌي 10 ڪتاب پر مخدوم امير احمد جي حوالي سان لکي ٿو تہ ”مخدوم محمد هاشم جي تصنيفات جو تعداد ٽن سون کان بہ وڌيڪ آهي ۽ مختلف مسائل ۾ هزارن کان وڌيڪ تحريرون انھن کان سواءِ آهن.“
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي پونيئرن مان عورتن کان سواءِ ڪوبہ ڪونہ هو تہ ٺٽي ۾ زيردست مينھن وسيو، عورتون اهي هزارين ڪتاب محفوظ ڪري سنڀالي نہ سگهيون. اهڙي حالت ۾ جهنڊي وارن پيرن مان ڪو پير صاحب اهي ڪتاب ان جاءِ مان ڪڍرائي پاڻ سان اُٺ ڀرائي کڻي ويو. اهڙي طرح ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جا ڪتاب محفوظ رهي نہ سگهيا.(7)
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا تصنيف ڪيل ڪيترائي ڪتاب سنڌ جي ڪتب خانن ۾ محفوظ آهن. سنڌ الاجي جي لائبريري ۾ بہ ڪجهہ نسخا موجود آهن. ڊاڪٽر عبدالرسول قادري بہ مخدوم صاحب جي سوانح ۽ تصنيفات جو گهڻو ئي احوال پنھنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر بلوچ وٽ بہ ڪيترائي نسخا محفوظ آهن.
مخدوم عبداللھ نرئي وارو:
ڪلھوڙن جي زماني جو هي يگانو عالم ڪيترن ئي علمي ۽ ديني ڪتابن جو مصنف آهي. مخدوم صاحب ذات جو منڌرو هو. هو اصل بدين تعلقي جو ويٺل هو، سندس ڳوٺ جو نالو ماندر ڄاڻايل آهي. هن ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو شاگرد هو. مخدوم عبداللھ ڪن اڻٽر سببن جي ڪري سنڌ مان لڏي ڪڇ ڏانھن هليو ويو. اُتي نري ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. سندس قبر سري ۾ آهي. ڪڇ جو راجا بہ مخدوم صاحب جو معتقد هو. مخدوم صاحب جي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو سندس پوين وٽ ڪڇ ۾ محفوظ آهي. مخدوم صاحب جي سنڌي ڪتابن مان گهڻا ڇپجي چڪا آهن. هڪ اڻڇپيل ڪتابن مان خزانہ اعظم هڪ آهي، جيڪو اٺن جلدن ۾ قلمي صورت ۾ آهي، پير جهنڊي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي، مخدوم صاحب جي هيٺيان ڪتاب مشھور آهن:
ڪنزالعبرت، قمرالمينر، نورالابصار، هفت بھشت بدرالمنير، تفسير يوسف، غزوات ۽ خزانہ اعظم، مخدوم صاحب جي ڪتابن جا مخطوطات سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن.
ميون عبدالرحيم گرهوڙي
ڪلھوڙا دؤر جو هڪ وڏو صوفي شاعر هو، کپري تعلقي جي ڳوٺ واڙ ۾ 1152ھہ ۾ ڄائو، عبدالرحيم گرهوڙيءَ فقہ ۽ تفسير جي تعليم چوٽيارين ۾ وڃي ورتي، پنھنجي ذهن ۽ ذڪاوت، فھم و فراست طفيل ظاهري علوم مان سينگاري يگانو عالم ٿيو. لنواري شريف وڃي حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان صاحب جو مريد ٿيو. مرشد کان فيض وٺي واپس وطن موٽيو ۽ خلق کي فيض مان ورڇ ڏيڻ لڳو.(8)
گرهوڙي صاحب بہ پنھنجو ڪلام مخدوم ابوالحسن ۽ ٻين عالمن جيان مذهبي رنگ ۾ چيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ان ڪلام کي عبدالرحيم گرهوڙي جي سنڌي چئي ٿو، مذهبي يا صوفيانہ شاعريءَ کان علاوه گرهوڙيءَ صاحب جون مکيہ تصنيفون هن ريت آهن. فتح الفصل (عربي) هن ڪتاب ۾ حضرت سلطان الاوليا جن جا اقوال عربيءَ ۾ سمجهايا ويا آهن.مڪتوبات (فارسي) هي امام رباني جي مڪتوبات جو اختصار آهن.
رسالھ گل نما (فارسي) هيءَ هڪ مثنوي آهي، جنھن ۾ مصنف حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد جن جي مدح ۽ تعريف ڪئي آهي. شرح ابيات سنڌي (عربي) هن ڪتاب ۾ خواجه سلطان الاوليا جن جي سنڌي بيتن جي سمجهاڻي لکي وئي آهي. گرهوڙي صاحب جي قلمي نسخن کي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ پروفيسر علي نواز جتوئي پنھنجي اڳيان رکي پنھنجا ڪتاب لکيا. گرهوڙي صاحب جي قلمي نسخن جي وڏي اهميت آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي محفوظ آهن.
مخدوم ابوالحسن ڏاهري
مخدوم ابوالحسن ڏاهري نوابشاھہ ضلعي جو ناميارو عالم هو، سندس والد جو نالو بادل بن عبدالرشيد هو. سندس ولادت 1116ھہ ۾ ٿي. پاڻ علمي تحصيل ابوبڪر هالاڻي واري نورالدين محمد ۽ مرزا محمد خليل بدخشانيءَ کان حاصل ڪئي. طريقن ۾ عبدالرسول صديقيءَ کان نقشبندي سلسلي ۾ بعيت ڪري خلافت حاصل ڪيائين. مخدوم ابوالحسن ظاهري ۽ باطني علمن ۾ وڏو ماهر هو. ان سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جو بہ سٺو شاعر هو. سندس هيٺيان ڪتاب يادگار آهن (1) ينابيع الحيايٰ الايــﺒ (2) اساس المصلي (3) رفع الفريــﺒ والمريـﺒ (4) کچکول نامھ. علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ينابيع ڪتاب بابت لکي ٿو مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو ڪتاب ينابيع الحياې الابدې امام غزالي جي ڪتاب ڪيميائي سعادت جي پايي جو ڪتاب آهي. مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي وفات 1181ھہ ۾ ٿي. سندس مزار دوڙ شھر جي ويجهو ڳوٺ ابوالحسن ڏاهري ۾ آهي.
مخدوم جعفر بوبڪائي
مخدوم صاحب ڪلھوڙن جي دؤر کان اڳ جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪتاب حاصل النھج ڪلھوڙا دؤر ۾ 1126ھہ ڪتابت ڪيو ويو آهي.
مخدوم عبداللھ وعظ
مخدوم عبداللھ وعظ عرف ميان مورو ميان عبدالقادر جو فرزند هو، جو مخدوم ابوالحسن جو سؤٽ هو. تعليم مخدوم ابوالحسن کان حاصل ڪيائين، جنھن جو ساڻس ڏاڍو پيار هو. مخدوم ابوالحسن پنھنجي جيئري ئي کيس پيش اماميءَ جي پڳ ٻڌائي هئي. 1150ھہ ۾ سندس ولادت ٿي 1177ھہ ۾ وفات ڪئي. عام طور تي وعظ ڏاڍو سٺو ڪندو هو، تنھنڪري کيس ميان عبداللھ وعظ ڪري سڏيندا هئا.(9) هڪ ٽيھہ اکري ٺاهي هئائين، جا لوڪ ادب جي ڪتاب ٽيھہ اکريون“ ۾ شامل آهي. مخدوم عبداللھ وعظم حسين هڪ ڪتاب ”راهــﺒ المومنين“ جو هڪ قلمي نسخو سنڌ الاجي ۾ محفوظ آهي.
ڪلھوڙا دؤر سنڌ ۾ علم ۽ فضيلت جو دؤر هو. قرآن پاڪ جا نسخا، فقھ جا ڪتاب ۽ ٻيا جيڪي مذهبي ڪتاب، تصوف جي تشريح فارسي توڙي سنڌي شاعريءَ جا ڪتابي قلمي نسخن جي صورت ۾ لکيا ويا. گهڻا تہ ضايع ٿي ويا، ڪيترن ڪتابن ۽ مصنفن جا صرف نالا معلوم ٿي سگهيا آهن. مالڪ شل مھر ڪري، باقي بچيل ذخيرو سلامت رهي ۽ ايندڙ نسلن تائين علم ۽ عرفان جي روشني پھچي سگهي.
حوالا:
1. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ڪتاب خزينــﺒ المحفوظات. مرتب مخدوم سليم اللھ صديقي 2006ع. ص. 696.
2. غلام رسول مھر تاريخ ڪلھوڙا (اردو) جلد ٻيو، 1996ع، ص. 1023.
3. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌيون 1970ع، ص.44.
4. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص.51-44.
5. عبدالرسول قادري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 2006، ص.215.
6. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص. 89-88.
7. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص. 92.
8. عبدالرسول قادري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. 2006ع، ص 192.
9. ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو. 2002ع، ص.75.